مامو رمضان : ڏور ڏُکندا ڀڄ، مِهريءَ منهن ڏيکاريو
مامي رمضان سارئي 1954ع ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ملان وريام جي گھر ۾ اک کولي، جيڪو به رڳو نالي جو ملان هو. فقط نمازي ۽ مسجد جو خدمتگار هو ۽ مسجد جي نالي ۾ ڪنهن به قسم جي ونڊ وٺڻ بدران حال آهر ان تي پاڻ خرچ ڪندو هو. کيس ننڍڙو دڪان ۽ ان جي ڀر ۾ ننڍڙي اوطاق هئي، جتي مسافر مڙي کي لسي پاڻي پياري سرهو ٿيندو هو.
1965ع ۾ مامو رمضان ساريو پنج درجا پرائمري پاس ڪري ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيو. هو پهرين ئي ڏينهن پنهنجي هم جماعتي دوست صالح شاهه سان گڏ سائيڪل تي اسڪول وڃي رهيو هو ته همراهه ڦورن جي هٿ چڙهي ويو، جن هن کان سائيڪل کسي ورتي. توڙي جو اهي ڦورو ڳوٺاڻن سائيڪل سميت پڪڙي ورتا، تڏهن به وڏڙن هن کي ايڏي پنڌ تي اسڪول وڃڻ کان منع ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت مامو رمضان ساريو رڪارڊ ۾ فقط پرائمري سرٽيفڪيٽ رکندڙ آهي پر هن صحت ۽ تعليم جي حوالي سان ايترو ڪم ڪيو آهي جو سوين ڊگريون رکندڙ گڏجي به ايترو ڪم نٿا ڪري سگھن.
ماما رمضان سارئي سماجي ڪمن ۾ تڏهن کان هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو، جڏهن 1988ع ۾ هو بيماريءَ جي بستري تي ڪري پيو. مڙس اڳ ۾ ئي نٻل ۽ ڪمزور، ويتر بيماريءَ نهوڙي ڇڏيس. همراهه جي مالي حالت به ٺيڪ نه هئي، گھر ۾ هڪ ننڍڙو ڀاءُ محبوب هئس، جيڪو هاءِ اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو. ان وقت لطف پيرزادي ۽ ٻين دوستن کيس جناح اسپتال پهچايو. اتي ئي مڙس واعدو ڪري ڇڏيو ته صحت ماڻڻ کان پوءِ هي ماٺ ڪري ويهڻ بدران اگھن کي سگهائي ڏيڻ وارو ڪم جاري رکندو. پوءِ هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. هي اڀري ڏيل وارو انسان علائقي جي هزارين ماڻهن کي بڇڙين بيمارين کان بچائي آيو آهي. مامو رمضان پاڻ ته نرڌن آهي پر هن کي ڪيترائي ڌنوان سڃاڻن، جيڪي خير جي ڪم ۾ پنهنجي حال سارو سندس مدد ڪندا رهندا آهن. مامو رمضان اڳ ۾ پاڻ مريض ڳوليندو هو، انهن کي دلاسا ڏئي آپريشن لاءِ راضي ڪندو هو ۽ هاڻ کيس مريض ڳولي لهن ٿا ۽ هي شهيد ڪنور ڀڳت وارو ٽولو ٺاهي اچي ڪراچيءَ جون اسپتالون ڀيٽيندو آهي. اهڙي ريت هڪڙا اگھا سگھا ٿي ايندا آهن ۽ ٻي ٽولي تيار ٿي ويندي آهي. مريض جي دوا کان وٺي ڀاڙي ڀتي ۽ کاڌي پيتي تائين سمورو خرچ مامو رمضان پاڻ ڪندو آهي ۽ مريض جو ٽڪو به خرچ نه ايندو آهي. مريض جي خدمت به ايئن ڪندو آهي جو سندن عزيز قريب به اهڙي خدمت نه ڪري سگهن.
مامي رمضان کي پاڙي وارا ڪوٺن به جاني دڪاندار. همراهه دڪان مان ڪڏهن نه ڪمايو. کٽيو ته پنهنجي جاءِ تي پر مور به نه موٽي سگھي. همراهه جي دڪان تي جيڪا به شيءِ هوندي ۽ ڪو گراهڪ اوڌر تي گهر ڪندس ته بنا چوڻ جي اها شيءِ سندس حوالي ڪندو ۽ اها ڳالهه ئي وساري ڇڏيندو. ڪڏهن به قرضيءَ کان قرض جي تقاضا نه ڪندو. پنهنجي مرضيءَ تي ڪنهن ڇهه ماهي يا سال تي ڏنو ته ڏنو، نه ته مڙيو ئي ٿيو خير.
ڳوٺ ۾ بجلي، نالين جي صفائي توڙي بي پهچ ماڻهوءَ جو هر جائز ڪم مامي رمضان کي ڪرڻو پوندو آهي. مامي رمضان جو وڏي ۾ وڏو هٿيار ٻانهون ٻڌڻ آهي. هن نياز ۽ نوڙت ذريعي مسڪين ماڻهن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرايا آهن. هو جڏهن ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ اختيار ڌڻين ڏي ويندو آهي ۽ اهي ان ڪم لاءِ جيترا عذر ڏيندا، مامو رمضان هر عذر تي کين رڳو ٻانهو ٻڌندو ۽ نيٺ اهي هار مڃي مامي جو ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا آهن. مامو رمضان ملڻ جلڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هوُ نياز ۽ نوڙت سان ڪيترن ئي ماڻهن کي جڪڙي ڇڏيندو آهي. اهي ماڻهو مامي رمضان جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ارهائي بدران سرهائي محسوس ڪندا آهن. مامو رمضان ننڍي توڙي وڏي سان ڳراٽڙي پائي ملي، هٿ تي چمي ڏئي چوندو: ”ماما، صدقو وڃانءِ نانوَ تان!“
2001ع جي بلدياتي چونڊن ۾ مامو رمضان جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺو. سمورن اميدوارن ۾ مامو رمضان ئي اهڙو ماڻهو هو جنهن وٽ سوزوڪي ڀاڙي تي ڪري ورڪ ڪرڻ جيتري به سگھه نه هئي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيا اميدوار پاڻ ڀرا ۽ خوشحال هئا، جن جي حمايت لاءِ ايم اين اي ۽ ايم پي ايز به پئي چڪر ڪاٽيا پر مامي رمضان سڀن کي مات ڏئي ڇڏي. ان عرصي دوران هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سماجي ڪم ڪرايا، ماڻهن سان ڏک سک ۾ شامل رهيو ۽ جڏهن ٻيهر اليڪشن ۾ ساڳي سيٽ تي بيٺو ته ٻيا اميدوار جتي پنهنجي حمايت لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هئا اتي مامو رمضان ٻين ڳوٺن ۾ ماڻهن کي منٿون ڪري رهيو هو ته مون بدران ”ڦلاڻي“ کي ووٽ ڏيو، ڇاڪاڻ ته مونکي ڳوٺ مان ئي ايترا ووٽ ملندا جو وڌيڪ ووٽن جي ضرورت ناهي. ان جي باوجود مامي رمضان سڀني اميدوارن کي مات ڏئي ڇڏي. هن جيترا ووٽ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ مان کنيا، ان کان وڌيڪ ٻين ڳوٺن مان کنيائين.
مامو رمضان هيتري ڀڄ ڊڪ ۽ هڻ وٺ باوجود جتي مسجد جي جھاڙو ٻهاريءَ واري ڊيوٽي ادا ڪندو آهي، اتي ميلن، ملاکڙن، موسيقيءَ جي پروگرامن، صوفياڻي راڳ جي محلفن، 12 ربيع الاول جي عرس ۽ 10 محرم جي پروگرامن ۾ به شامل رهندو آهي. هي مذهبي ڀيد ڀاوَ جو قائل ناهي. هندو-مسلم کي ڌڻيءَ جو پرتوو سمجھي سندس سيوا ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھندو آهي.
مامو رمضان ساريو توڙي جو پاڻ گھڻو پڙهيل لکيل ناهي پر هوُ علم جي اهميت کان چڱي طرح واقف آهي. هن جي ڪوششن سان ڳوٺ جي ڪيترين ئي نياڻين کي تعليم نصيب ٿي آهي. مامي رمضان پنهنجي گھر جو هڪ حصو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران هلندڙ گرلز اسڪول کي ڏئي ڇڏيو آهي، جتي سڄي ڳوٺ جون نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ اچن ٿيون. جيڪڏهن اهو گرلز اسڪول ڪنهن ٻئي هنڌ تي هجي ها ته يقينن ايترو ڪامياب هرگز نه ٿئي ها پر اهو مامي رمضان تي ماڻهن جو اعتماد آهي، جو اهو اسڪول ٻارن سان ڀريل آهي ۽ مامي رمضان جي گھر واري مامي غلام سڪينه ڪڏهن به ٻارن جي گوڙ تي ارهي نه ٿيندي آهي ۽ اتي مقرر ماسترياڻين سان هر طرح جي مدد ڪندي آهي. مامو رمضان ساريو ايس اِي ايف جي قائم ڪيل توڙي سرڪاري اسڪولن جا دورا ڪري ٻاررڙن کي همٿائيندو آهي. مختلف اسڪولن وچ ۾ تقريري، تحريري ۽ ٻيا چٽاڀيٽيءَ وارا پروگرام ڪرائيندو آهي ۽ ٻارن کي انعام به ڏيندو آهي. مامو رمضان ٻارڙن جي غيرنصابي سرگرمين ۾ به مددگار رهندو آهي ته ساڳئي وقت والدين ۽ استادن کي به هٿ جوڙي ٻارڙن کي پڙهائڻ جي وينتي ڪندو آهي.
مامو رمضان نه رڳو زماني جي سڌ سماءُ لاءِ باقاعدي اخبارون پڙهندو آهي پر ايڊيٽوريل پيج جو به پاٺڪ آهي. مامي رمضان سوين ليکڪن جي مضمونن جون ڪٽنگس گڏ ڪري انهن جا فائيل ٺاهي رکيا آهن. شروعات ۾ مامي رڳو ڳوٺ جي ليکڪن جا اهي فائيل رکيا ۽ پوءِ سڄي سنڌ جي سٺن ليکڪن جي لکڻين کي سانڍڻ شروع ڪيو آهي. هاڻ ان ڪم ۾ به سندس دائرو وسيع ٿيندو وڃي ٿو. هُو سياسي پارٽين جو به رڪارڊ ٺاهي رهيو آهي.
مامو رمضان پُٽاڻي اولاد لاءِ سڪايل آهي پر هن پنهنجي نياڻين کي به پٽن جيترو پيار ڏنو آهي ۽ کين تعليم ڏياري آهي. هو هر ٻار کي پنهنجو پٽاڻو اولاد سمجھي ٿو. سندن مٿي تي هٿ رکي ڪاميابي جي دعا ڪندو آهي ته اوهان ئي منهنجو اولاد ۽ پٽ آهيو ۽ منهنجا وارث اوهان ئي هوندا. دعا آهي ته مامي رمضان کي رب پاڪ هر جهان ۾ صحت مند رکي ته جيئن هو عوام جي خدمت جاري رکي سگهي.