چيز ٻٽ : ڪجي هِن جي ڪهڙي بات!
اهو وڏيرو امام بخش عرف چيز ٻُٽ هو. جهڙو نالو هئس اهڙي ئي چيز هو. سدائين ٻر ٻر ۽ ڦرياس ڦرياس پئي پوندي هيس ته ”ڦلاڻو منهنجي زمين کنيو ٿو وڃي، ان کي روڪيو نه ته ڌائين مڃين ڌار ڪري ڇڏيندومانس.“ سندس اهڙن ئي پرڪارن جي ڪري هن جو نالو چيز پئجي ويو، جنهن جي معنيٰ ٿيندي شيءِ، پر شيءِ به املهه.
چيز ٻٽ 1944ع ڌاري موهن جي دڙي کان 6 ڪلوميٽر پري درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ ٻٽ ۾ ڄائو. اهو ڳوٺ هاڻي پنهنجو وجود وڃائي ويٺو آهي. اهو تمام وڏو ڳوٺ هو، هتان جا رهواسي چئن پنجن قسطن ۾ ڳوٺ کي الوداع ڪندا نوان ڳوٺ قائم ڪري ويٺا. 1973ع واري ٻوڏ ۾ چيز به اتان لڏي درياهه جي ساڄي ڪپ ڳوٺ غلام حسين ٻٽ ڀرسان پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺو. سڄو ڳوٺ ڪچو ڇڏي ويو پر هن جھنگ جي جھانگي ڪچو نه ڇڏيو ۽ اتي منَهن ٺاهي ويهي رهيو. درياهه جي پاڻيءَ تي ٿوري گھڻي پوک ڪندو هو پر اصل ڪرت هئس ماکي لاهڻ. سدائين جست جي وڏي گھاگھر ساڻ هوندي هيس جيڪا ماکيءَ سان ڪنين تار ڪري درياءَ ٽپي ڳوٺ ورندو هو.
چيز ٻٽ ڏورانهون سفر ڪونه ڪيو پر تر جو سيلاني ضرور هو. پنهنجي سڄي جُوءِ کان واقف هو ته پاڻ وارو سڄو تر به چيز کي سڃاڻيندو هئي. ان ڪري رهائش ۽ مانيءَ جو مسئلو حل هوندو هئس. سندس واقفڪارن جو وسيع حلقو هو، جنهن ۾ هر قسم جا ماڻهو شامل هئا. چيز پپريءَ وارن پيرن جو مريد هو پر راڻيپور جي ميران سائينءَ سان به وڏي عقيدت رکندو هو ۽ سندس خدمت چاڪريءَ ۾ رهندو هو. تنهن ڪري ان جي مريدن جو دادلو هو. بگي ڳوٺ ۾ سندس ٿاڪ مولوي گل حسن ابڙي جو مدرسو هو. هي جڏهن مولوين وٽ هوندو هو ته ساڻن گڏ نمازون به پيو پڙهندو هو پر مان نٿو سمجھان ته ڪو چيز ٻٽ ڪڏهن وضو به ڪيو هوندو. 83-1982 ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ شروع ٿيو ته چيز پهرين سٽ ۾ باهه ڏئي پنهنجو منهن ساڙي ڇڏيو پر ڪچي کان ڪناره ڪشي هرگز نه ڪيائين ۽ ماکي لاهڻ واري ڪرت به جاري رکيائين. کيس پري کان ماکيءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي. هلندي هلندي ڪن هڻندو ۽ ڪجھه سنگھندو. چوندو هو ”هتي ماکي ويٺل آهي.“ واقعي اتي ماکي ويٺل هوندي هئي. ماکي ڏسي خبر پئجي ويندي هيس ته اها ڪيتري خالص ۽ ڪهڙي مند جي آهي. سڄو تر چيز کان ماکي وٺڻ لاءِ سڪندو هو پر هن وٽان ماکي ملڻ مشڪل هئي. هڪ ڏينهن مون هن کان پڇيو: چاچا چيز، اها ڪيئن خبر پوي ته هيءَ ماکي اصلي آهي يا نقلي؟ تڏهن جواب ۾ چيائين:” ٻي خبر توکي نه پئجي سگھندي، باقي جڏهن ليٽر واري شيشي ۾ ماکي وجھين تورين ۽ ان جو وزن پوڻا ٻه ڪلو بيهي ته سمجھه اها خالص ماکي آهي، ڇاڪاڻ جو ماکيءَ جي ملاوٽ ۾ پاڻيءَ کان وٺي جيڪي به شيون ڪم اچن ٿيون، انهن جو وزن ماکيءَ کان هلڪو هوندو آهي.“
ڌاڙيلن جي آماجگاهه بڻجڻ تي ڪچي جي اڌ آبادي پڪي تي لڏي وئي. پتڻ تي پوليس ۽ ايف سيءَ جو پهرو لڳي ويو. بچاءُ بندن ۽ پتڻن تي ايف سي ۽ رينجرز وارن ڪئمپون قائم ڪري ورتيون. ايف سي ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ڪڏهن مقابلو نه ٿيو. ٻئي ڌريون پنهنجي حد ۾ رهيون، باقي ٻنهي ڌرين جو عوام سان ساڳيو آزار هو. چيز جا هيڻا حال ۽ ڪوجهي صورت ڏسي ايف سي وارا کيس ڪچي وڃڻ کان نه روڪيندا هئا ۽ ڌاڙيلن ۾ به ڪجھه اهڙا ماڻهو هئا جن جي موجودگيءَ ۾ ڪو به چيز جو نالونه پيو وٺي سگھي. انهن ڏينهن ۾ جھنگ ماکي لاهيندي چيز جي نظر وڃي ايف سي اهلڪارن تي پئي. هن کي پنهنجي سِر کان وڌيڪ ماکيءَ ڀريل گھاگھر جي ڳڻتي ورائي وئي. تنهن ڪري همراهه هڪ ڪُهڙ هيٺان سمهي پيو. ايف سي اهلڪار ته اتان هليا ويا. ڪجهه دير ۾ ملاح اتي اچي پهتا. جيئن ته اهي مڇي ماري پاڻيءَ مان نڪتا هئا. سو، جسم کي تئهُ ڏيڻ ۽ هٿ سيڪڻ لاءِ کڻي ڪُهڙ کي باهه ڏنائون. ڪاٺين کي باهه وڪوڙي وئي ته اوچتو چيز گوليءَ وانگر ڪُهڙ مان نڪتو. ملاحن کان رڙيون نڪري ويون: ”غيبات ڙي غيبات!“
انهن ڏينهن ۾ ڪن ماڻهن ايف سيءَ وارن کي اطلاع ڏنو ته ڌاڙيلن کي هٿيار ۽ ٻيو سامان چيز ڏئي ٿو وڃي. سو، ايف سي وارن چيز جي ڳولا شروع ڪري ڏني. هوڏانهن چيز روزانو سندن ڪئمپ تي ايندو هو ۽ اتي ٻه چار پاڻيءَ جون بالٽيون ڇنڪار ڪري، سندن سليماني چانهه پي ڪچي روانو ٿي ويندو هو. هن کان به ڪڏهن ڪڏهن چيز جو پڇندا هئا ته چوندو هئن: ”ڀائي چيز تو چيز هوتا هي!“
مٿي چيز جا افعال بيان ڪري آياسين. ڌڻيءَ کيس صورت به چڱيرڙي نه ڏني هئي پر جڏهن سندس عمر 50 ورهين کان چڙهي هلي، تڏهن اوچتو حضرت عشق اچي سندس مهمان ٿيو. 1994ع ۾ ٻلهڙيجيءَ جي سيد ملوڪ شاهه جي ميلي تي موت جي کوهه وارا آيا، جنهن جي مالڪياڻي هڪ بيوهه عورت هئي. چيز ٻٽ جيئن ته درگاهه تي ٻهاريءَ واري ڊيوٽي ڏئي رهيو هو. موت جي کوهه واري پوڙهي کيس سڏي 1000 رپيا سندس حوالي ڪري ٻه ڪلو کير آڻڻ جو چيو. چيز هن کي ٻڌايو ته ”منهنجو ڳوٺ ٿورو پرڀرو آهي ۽ مون وٽ کليا پئسا به نه آهن. هن مهل آئون ڳوٺ روانو ٿي ويندس ۽ صبح جو ٻانگ مهل تازي کير سميت واپس پهچندس.“
صبح جو چيز ٻٽ مائيءَ کي کير ۽ بقايا پئسا آڻي ڏنا. پوڙهيءَ کي هن جي ادا ۽ ايمانداريءَ موهي وڌو ۽ ٻنهي ۾ پرت جا پيچ پئجي ويا. بلڪل ”سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي هووَس چٽڙي ڏاڙهي“ وارو ڪم ٿي ويو. ٻنهي ۾ قول قرار ٿي ويا ته ٻئي پوڙها (جن جا همسفر راهي ۽ اولاد جوان ٿي چڪو آهي) باقي زندگي هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ گذاريندا. جيئن ئي ميلو ختم ٿيو ته چيز ڳوٺ ورڻ بدران موت جي کوهه وارن سان گڏ روانو ٿي ويو. ڪجھه ڏينهن اندر چيز جي گمشدگيءَ جي خبر جھنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي. ماکين جا واپاري، طاقت جا ڪشتا ٺاهيندڙ حڪيم، ملان، مولوي، سندس دوست احباب پريشان ٿي ويا ۽ چيز جي ڳولا شروع ٿي وئي. هڪڙي ميلي تي ميران سائينءَ جي خليفن جيئن ئي موت جي کوهه تي بنا ٽڪيٽ چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته چيز کين روڪي بيهي رهيو، جيڪو ان وقت ٽڪيٽ چيڪر جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو هو.
همراهن کيس سڃاڻي چيو ”چيز ! تون هتي ڪيئن!؟“
تڏهن چيز کين ٺهه پهه جواب ڏيندي چيو”ڪهڙو چيز؟“
همراهن چيس: ”چيز انڌو ٿيو آهين جو اسان کي به نٿو سڃاڻين!“
تڏهن چيز کين سڌو ٻڌايو ته ”مان ڪنهن کي به نٿو سڃاڻان، جيڪو ٽڪيٽ وٺندو سو تماشو ڏسندو. بس!“
همراهه چيز جا تيوَر بدليل ڏسي پوئتي موٽيا ۽ ميلي ۾ موجود ميران سائينءَ کي ٻڌايائون ته چيز ٻٽ موت جي کوهه تي ٽڪيٽون چيڪ ڪري رهيو آهي. گھڙي نه گذري جو ميران سائين پاڻ هلي موت جي کوهه تي پهتو ۽ اتي ئي چيز کي ٺاهوڪي سٽڪي ڪڍيائين. ان وقت موت جي کوهه وارن ميران سائينءَ کي وڏيون منٿون ڪيون ته هو ٻن پکيئڙن جو پيار نه وڃائي پر ميران شاهه سندن هڪ به نه ٻڌي ۽ چيز کي پاڻ سان وٺي سڌو مسجد آيو ۽ اتي ڀلو سونهارو ڏيندي چيائين ته ”واعدو ڪر ته وري هنن (موت جي کوهه وارن) ڏانهن ڪڏهن به نه ويندين.“ هاڻ چيز مجبور ٿي پيو. مرشد ۽ قرآن جي خاطر پنهنجو پيار قربان ڪيائين پر مرڻ گھڙيءَ تائين کيس ساريندو ۽ هنجون هاريندو رهيو.
ان دور ۾ تر جي ڪجھه همراهن چيز جي گھر تي چڙهائي ڪري سندس پٽ کي اغوا ڪري، ڌاڙيلن وٽ پهچايو. چيز ان مهل به ساڻن مزاحمت ڪئي هئي. ان جھيڙي ۾ هڪ ڏوهاريءَ جو سڃاڻپ ڪارڊ سرزمين تي ڪري پيو. پوءِ ته چيز وڏا حيلا هلائي سڀني ڏوهارين جا نالا هٿ ڪيا، جن ۾ ڪو به ڌاڙيل نه هو. ڏوهه ۾ ملوث سڀ ڌريون چيز مان اهڙيون ڦاٿيون جو مالڪ ڏي پناهه. همراهن ميڙون منٿون ڪري ڏنڊ ڏوهه ڀري چيز مان جان ڇڏائي.
1994ع ۾ ٻلهڙيجي بچاءُ بند تي مقرر ايف سي اهلڪارن اصل تر تپائي ڇڏيو هو. ڦرلٽ ۾ ڌاڙيلن کي به مات ڏئي ڇڏي هئي. نيٺ مجبور ٿي صحافي عبدالحق پيرزادي سندن خلاف روزاني عوامي آواز اخبار ۾ خبر هلائي. خبر هلڻ جي دير هئي، اصل ممڻ مچي ويو ۽ ايف سي وارن ڳوٺ جو گھيرو ڪري تلاشي شروع ڪري ڏني. خبر پين ته صحافي عبدالحق ڊاڪٽر بشير جي اسپتال ۾ ويهندو آهي. پوءِ ته اهلڪار اتي پهچي ويا. ڊاڪٽر بشير صحافيءَ کي لڪائي ڇڏيو ۽ کين چيو ته ”ڀائي، صحافي عبدالحق تو پاگل هي، هم اس خبر ڪي ترديد چلائين گي، آپ فڪر نه ڪرين. باقي شام ڪو هم عبدالحق ڪي ساٿ آپ ڪي ڪئمپ پي آئين گي.“ اهلڪار جيئن ئي واپس ٿيا ته صحافي عبدالحق گھر وڃي ٿيلهو کنيو ۽ ڪنهن کي به ٻڌائڻ کان سواءِ ڪراچي هليو ويو. هاڻي ڊاڪٽر بشير کي اچي ڦڦڙي لڳي ته هي بددماغ آهن، انهن سان ٽائيم رکيو آهي. شام ڪئمپ تي نه پهتاسين ته وري مسئلو ڪندا. سائين علي مردان کي الائي ڇا سجهيو، چوڻ لڳو،”فوجين کي ٻڌايو اٿئون ته عبدالحق چريو آهي، سو چيز کي صحافي عبدالحق ڪري وٺي ٿا هلون. بس اتي هن کي ڪجھه گھٽ وڌ ڳالهائڻو پوندو.“ چيز به ان لاءِ تيار ٿي ويو. پوءِ سنگت چيز کي صحافي عبدالحق ڪري ايف سي جي ڪئمپ تي پهچي وئي. اتي اهلڪارن ڪجھه شڪوه شڪايتون ڪيون. ڏوراپا ڏنا. اسلام ۽ پاڪستان جي سربلنديءَ لاءِ سندن اداري جي ڪيل ڪوششن تي روشني وڌي ۽ آئنده اهڙي خبر هلائڻ کان اڳ ساڻن رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سلام آهي چيز کي جيڪو سنگت کي سختيءَ کان بچائڻ لاءِ ايف سي ڪئمپ تي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ سلام آهي عقلمند ايف سي اهلڪارن تي جن چيز جي اکين ۾ نه جر ڪجر ڏٺا، نه سندس ورهين جا ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا ڏٺا، نه ئي کين چيز جي منهن مان ناس بوءِ آئي ۽ هنن چيز کي صحافي سمجهي مفاهمتي انداز ۾ معاملو سلجهائي ڇڏيو!
چيز وڏي ڪهول وارو هو، کيس پنج پٽ ٿيا جن مان هڪ پپريءَ وارن پيرن وٽ رهندو هو، جتي سندن پير ڍنڍ ۾ وهنجندي ٻڏڻ لڳو ته هن کيس بچائڻ لاءِ ڍنڍ ۾ ٽپو ڏنو. پير کي ته بچائي نه سگھيو پر پنهنجو ساهه ضرور ڏنائين. حال حيات چئن پٽن: پريل، وزير، غلام اڪبر ۽ ڀائوءَ مان غلام اڪبر هوبهو چيز آهي.