پير باغن : سيلاني، غيرسيد پير
باغ علي 1954ع ۾ ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ميان عبداللطيف عرف رتل پيرزادي جي گھر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هڪ ننڍڙو سرڪاري ملازم هئڻ سان گڏ لواري واري نقشبندي جماعت جو مک اڳواڻ هو. سندس ڏاڏو محمد صديق پيرزادو درگاهه لواري شريف جو خاص خليفو ۽ گادي نشين جو مقرب هو. هو تاريخدان به هو ۽ وٽس ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو موجود هو. پير باغ علي پنجون درجو پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي، ڇهين ڪلاس ۾ ڏوڪريءَ ۾ داخلا ورتي. همراهه جي نصابي سرگرمين سان گهٽ پوندي هئي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ تيز هو. ان ڪري نائين درجي جي امتحان ۾ رڳو سنڌي سبجيڪٽ ۾ پاس ٿي سگھيو. جڏهن گھر ۾ کانئس ان بابت پڇاڻو ڪيو ويو ته وراڻيائين:
”جيڪڏهن مان ٻيا سڀ سبجيڪٽ پاس ڪيان ها ۽ سنڌيءَ ۾ ناپاس ٿيان ها ته توهان کي سزا جو حق هو. مان پنهنجي ٻوليءَ وارو سبجيڪٽ پاس ڪيو آهي، توهان کي خوشي ٿيڻ کپي.“
پوءِ پڙهائي ڇڏيائين. اٺين درجي تي کيس هڪ سرڪاري کاتي ۾ جونيئر ڪلارڪ جي نوڪري ملي. اها ڇڏي ايئرپورٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ملازم ٿيو پر اها نوڪري به کيس ڀانءِ نه پئي ۽ همراهه پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. ٽريننگ مڪمل مس ڪيائين ته ان نوڪريءَ مان به دل کٽي ٿي پيس ۽ همراهه وڃي فوج ۾ ڀرتي ٿيو. پنج ست ورهيه فوج جي نوڪري ڪري ڪڪ ٿي پيو ۽ نيٺ اهڙو سرٽيفڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي ڪري ورديءَ مان سندس جند آجي ٿي ۽ 1983ع ۾ پي ٽي آءِ مقرر ٿيو. شروع ۾ پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، وڳڻ، ڊي سي اسڪول لاڙڪاڻو ۽ پوءِ هاءِ اسڪول موهن جو دڙو ۾ نوڪري ڪيائين. نوڪريءَ دوران ئي همراهه ميٽرڪ، انٽر ۽ بي اي ڪئي ۽ 17 هين گريڊ ۾ وڃي رٽائر ٿيو.
توڙي جو هيءُ همراهه پنهنجي پيءُ جو چوٿون نمبر پٽ هو پر پيءُ جي پڳ سندس حصي ۾ آئي جو سندس ٽي وڏا ڀائر جان محمد، ممتاز ۽ عبدالعليم عرف زادو پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي جواني جو موت ماڻي چڪا هئا، جن مان جان محمد ۽ ممتاز ته منهن تي موڙ ئي نه ٻڌا هئا، باقي ڀائو عليم کي پٽاڻو اولاد نه ٿيو. ميان عبداللطيف جي وفات بعد خانداني پڳ مٿس آئي. پيرزادن جي هڪ ويڙهي جي سمورن گھرن کي ٿورا ٿورا مريد آهن، جيڪي سڀ سخي شاهه جمال جا مريد هئا پر خليفي صديق کي پنهنجا ذاتي مريد به هئا. ان ڪري سڀني کان گھڻا مريد پير باغ وٽ آهن، جيڪو ساڻن ڏک سور ۾ شريڪ هوندو آهي. سندس دعا ڪو رنگ لائي ٿي يا نه، اها ته خدا کي خبر پر پير صاحب ساڻن ڳنڍيل آهي ۽ هو هر صلاح ساڻس ڪندا آهن.
اسڪول واري وقت ۾ سندس لاڙو اداڪاريءَ ڏانهن هو، جو ان وقت ڳوٺ جا استاد غلام رسول منگي، عيدل خان سومرو ۽ عبدالرحيم پيرزادو اسٽيج ڊراما ڪندا هئا، جن سان پير باغ علي، علي مردان پيرزادو، سيد ولايت شاهه، شمن جيسر، بخشل جيسر ۽ ٻيا سندن ساٿ ۾ هوندا هئا. 1970ع ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ پير باغ ”وحشي وڏيرا ۽ رهزن ڌاڙيل“ جي نالي سان ڊرامو پيش ڪيو، جنهن کي ڪهاڻي، مزاح ۽ جاندار ڊائلاگن جي ڪري ڏاڍو پسند ڪيو ويو. پوئتي پيل علائقي ۾ اهڙين سرگرمين عوام کي سٺي تفريح ڏني. توڙي جو هن ڊرامي کي 45 سالن جو وقت گذري چڪو آهي پر اڄ به ڪيترن ئي ماڻهن کي اهو ڊرامو ياد آهي. ان کانپوءِ پير صاحب جي ڊرامن ۾ دلچسپي نه رهي.
1997ع ۾ فقير يارمحمد پيرزادي جي وفات کانپوءِ درگاهه سخي شاهه جمال جي سنڀال جي ذميواري مٿس وڌي وئي. ان وقت درگاهه جي حالت انتهائي زبون هئي. درگاهه هيٺاهين تي هئڻ ڪري مينهن وسڻ کانپوءِ ان جو آڳر پاڻي سان ڀريل هوندو هو. گپ چڪ سبب ايندڙ ويندڙ ماڻهو پيا ترڪندا هئا. پير باغن سڄي ميدان ۾ 6 فوٽ کن ڀنجھو وجھائي ان کي مٿي ڪري ڇڏيو. پيرزادا چوندا هئا ته سخي شاهه جمال روضي ٺهڻ تي ارهو آهي، ان ڪري جيڪڏهن ڪير روضو ٺاهيندو ته اهو نقصان ۾ ويندو. پير باغن ان کي چيلنج ڪري ورتو ۽ سخي شاهه جمال جو روضو ٺهرايو، جيڪو اڏاوتي فن جو شاهڪار آهي.هيءُ روضو مسڻ ڳوٺ جي ڪاريگر استاد رمضان مسڻ ٺاهيو. روضو هيٺ چوڪنڊو، وچ تي اٺ ڪنڊو ۽ مٿي گول آهي، جنهن جي مٿئين پڃري تي سنگ مرمر جو ڪم ٿيل آهي. اندر ملتان جي ميناڪارن کان شيشي جو عمدو ڪم ڪرايو ويو آهي. اهڙي نموني درگاهه جي آڳر تي هڪ مسجد ۽ فقراءُ جي رهائش لاءِ لانڍيون به ٺهرايون ويون. سخي شاهه جمال جي ٻارهي جا يادگار پروگرام ڪرايا ويا آهن.
پير باغن جو محبوب مشغلو سياحت ۽ سير سفر آهي. اڃا مڇن جي ساوڪ مس آئي هيس جو 1968ع ۾ لطف ۽ خان پيرزادي سان لاهوت لاءِ نڪري پيو. همراهن وٽ سفر جو سمر به نه هو. بس فقيراڻي انداز ۾ لاهوت ڪري موٽيا، جنهن کانپوءِ سندس سير سفر جو سلسلو شروع ٿيو. سنڌ جون سموريون درگاهون ته ڏسي چڪو آهي پر پنجاب، بلوچستان، پختونخواهه تائين درگاهون ڀيٽيندو رهندو آهي. هاڻ ته پنهنجون گاڏين اٿس پر جڏهن اهڙي سهولت کان وانجھيل هو، تڏهن به فقراء جو ٽولو وٺي موهن جو دڙو ريلوي اسٽيشن تي پهچندو هو، پوءِ ڪڏهن ڪهڙي پاسي ته ڪڏهن ڪهڙي پاسي نڪري پوندا هئا. ڪيترائي ڀيرا سيوهڻ جي لال باغ کان لاهوت لامڪان جو پنڌ ڪيائين، اهو پنڌ فقراء 12 کان 15 ڏينهن ۾ ڪندا آهن پر هي همراهه اهو پنڌ چئن پنجن ڏينهن ۾ پورو ڪري ڇڏيندو هو. پنڌ جو تيز آهي، ان ڪري هن جي پويان ايندڙ فقيرن جي وات اها وائي هوندي آهي ”ڌڪ قلندر-ڇڪ نوراني.“ همراهه سان ساٿ ۾ سمورا بي سمر گڏ هوندا آهن، جن جي ڀاڙي ڀتي، کاڌي پيتي جو سڄو بندوبست سندس بلي هوندو آهي. هن جي اهڙن ساٿين ۾ ميهر فقير انصاري، رضا محمد سومرو، غلام ماڇي، رياضت فقير ابڙو شامل هئا، جيڪي هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن. هي پنهنجي ساٿين کي ايران، عراق جون زيارتون به ڪرائي آيو آهي. ميهر فقير ۽ رياضت جي پاسپورٽ ٺهرائڻ کان وٺي ويزا ۽ ٽڪيٽ تائين سڀ خفا پاڻ کي ڪرڻا پيس. پير باغن توڙي جو پاڻ لواري واري جماعت سان لاڳاپيل آهي ۽ درگاهه جي گادي نشين مرحوم گل حسن صاحب جو دست بيعت آهي پر ان باوجود هن جا سڀني فقرائن سان به سٺا لاڳاپا آهن. قلندري طريقت جا داعي جلالي فقير هجن يا گيڙو ويس ڍڪيندڙ صوفي، هي سڀني سان اٿندو ويهندو آهي. ميهر فقير هن سان هر وقت گڏ هوندو هو پر منجھن اختلاف به چوٽان چوٽ هئا. جيئن ته اسان جي ڳوٺ کان لواري شريف جي درگاهه ڏکڻ طرف آهي، ان ڪري ناجي ان پاسي کٽن جا پير ڪڏهن به نه ڪن. پير جي اوطاق تي ڏکڻ پير نه ڪرڻ بابت ميهر فقير سوال پڇيو. جواب ۾ هن چيس ”ڀٽائي سرڪار جو چيو آهي ته لڳي ڏکڻ جي هير، مارو منهنجا مير...“ اهو ڏکڻ لواري شريف آهي. ان رات محفل ۾ ميهر فقير اها وائي هيئن پڙهي: ”گھُل اتر جي هير، مارو منهنجا مير، آءٌ هت بند ۾ بندياڻي...“
پير باغن لواري جماعت جي مخصوص مسجد جي به سنڀال ڪندڙ آهي ته برادريءَ ۾ ڀت ۽ مٺائي ورهائڻ وارو ڪم به سندس بلي آهي. 60 ورهين جي ڄمار ۾ شگر وارو مرض ٿيو اٿس، پر پوءِ به مٺي چانهه جي چسڪي ضرور هڻندو آهي. پير باغن هونئن ته سراسر سون آهي، البت وڏن جا ڪتاب ٻين کي ڏيکارڻ به ڏوهه سمجھي ٿو. اسان وڏا وس ۽ حيلا هلائي به خليفي صديق جا ڪتاب نه ڏسي سگھيا آهيون. ان کانسواءِ سخي شاهه جمال جي ٻارهن ۾ ڀريل راڳ جي محفلن جي ڪاپي ڏيڻ به کيس پسند ناهي.
پير باغن پن جي ٻيڙيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به نشو نه ڪري، البت فقيرن جي نشي پتي جو بندوبست ضرور ڪندو آهي. هن جي شاعري پنهنجي مرشدن ۽ پنجتن پاڪ جي شان ۾ آهي. سندس هڪ ڪافي لاهوت واري پنڌ تي ٺهيل آهي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ميهر فقير ڳائيندو هو:
موليٰ علي علي آ، ڏس يار آزمائي
محبت وارن کي موليٰ، لاهوت ٿو گھرائي.
جڏ لال باغ کان سڀ قافلا هلن ٿا
نادون جڏهن وڄن ٿيون، ڏونگر جبل ڏڪن ٿا
نادِ علي کي پڙهندي، چنگھڻ به سر نوائي
محبت وارن کي موليٰ، لاهوت ٿو گھرائي.
اهو پير باغن جو ڪارنامو آهي جو هو هڪ وقت صوفي راڳين جي محفل به مچائيندو آهي ته حافظ سڳورن کان قرآن جو ختمو به پڙهائيندو آهي. درگاهه جي صحن تي راڳي بلهي شاهه جا ٻول پيا ڳائيندا آهن:
وسر ڳَئي سڀ خيال
اساندا ڪيا مسيتان نال
هوڏانهن اندر روضي ۾ حافظ سڳورا قرآن پاڪ جي ورد ۾ مصروف هوندا آهن ۽ هي انهن کي چانهه پياري پاڻ صحن تي راڳ ٻڌڻ ويهي رهندو آهي.