اڪن پيرزادو : جي هاڻُو هُونئي مِٽ
ڳالهائڻ جو انتهائي نرم ۽ مٺو. ملڻ جلڻ جو ڍنگ به نيارو هئس. ننڍي توڙي وڏي سان جھڪي ڳراٽڙي پائيندو هو ۽ ٻئي هٿ جوڙي هميشه هي شبد اچاريندو هو: ”ماما، مان تنهنجو ٻيلي!“ ان ڪري تر ۾ پاڻ به ”مامو اڪن“ سڏبو هو.
اڪن پيرزادو 1948ع ڌاري ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ڄائو ۽ ان ئي سال سندس پيءُ شاهه مراد پيرزادو پنهنجو نجھرو ناٺيءَ حوالي ڪري ٻلهڙيجيءَ کان 10 ڪلوميٽر اوڀر طرف درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي پنهنجي زمينن ۾ ٿي ويٺو. ڪچي ۾ چوراڻو راڄ هو، انهن ئي ڀاڳين جو مال محفوظ هو، جيڪي يا ته پاڻ چور هوندا هئا يا مٿن وڏيرن جو هٿ هوندو هو.
پيرزادا پنهنجي ٻني ٻاري ۽ مال رزق هئڻ باوجود شريف، سادا هوندي به وڏيرن جي سلامي ڀرڻ وارا نه هئا، ان ڪري سندن مال چورن کي سستو پوندو هو ۽ هي سدائين سندن نشاني تي هوندا هئا. ڪي ڍور نڪرڻ تي قرآن شريف گھمائيندا هئا ته ڪي وري سور سهي، ماٺ ڪري ويهي رهندا هئا. اڪن جو نانو عمر خان پيرزادو تر جو وڏو ڀاڳيو هو پر کيس همراهه نه هئا. هن جا پٽ ۽ ڏوهٽا ننڍڙا هئا، جن کي پنهنجي ٿيل چورين جا تفصيل ٻڌائيندو رهندو هو. سندس اهڙا احوال ٻڌي اڪن جي ڪچڙي ذهن، تڏهن ئي چور ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.
اڪن پيرزادي کي ننڍپڻ ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد قاسم سان گڏ پڙهڻ لاءِ ٻلهڙيجيءَ موڪليو ويو پر هيءُ ماءُ کان سواءِ رهي نه سگھيو ۽ نه ئي سندس ماءُ کي هن کان سواءِ قرار ٿي آيو. ان ڪري هن جو پڙهڻ بند ڪرائي ٻني ٻاري ۽ مال متاع جي ڪم سان لاتو ويو.
اڪن پهرين چوري 12 ورهين جي عمر ۾ ڪئي. هن، تر جي ٺاهوڪي چور جمال خشڪ جي وڇ ڇوڙي اچي اُن کٽ سان ٻڌي، جنهن تي سندس پيءُ ستل هو. وڇ جي ڇِڪائڻ تي همراهه جاڳي پيو، پوءِ ته کيس ٺاهوڪي سٽڪي ڪڍي وڇ ڌڻين کي واپس ڪري آيو... پر جڏهن ٽن ورهين کانپوءِ پيءُ وفات ڪئي ته هن ڌم چوري شروع ڪئي. اُن سان گڏ پنهنجي اوطاق به ٺاهي، جيڪا لاڙڪاڻي- خيرپور ميرس ۽ نوابشاهه (هاڻي نوشهرو فيرزو) جي دنگ تي فتحپور ۽ ڪنڀر ٻلهڙيجي پتڻ جي وچ تي هئي. ٻنهي پتڻن کان ايندڙ مسافر اچي اتي لسي پاڻي ضرور ڪندا هئا. سندس اوطاق تر جي واحد تفريح گاهه پڻ هئي، جتي ڀڳت، ڳائڻا، نٽ ۽ سازيندا محفلون مچائيندا رهندا هئا. سياري جي سڄي رات مچ تي ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ ڳالهير قصا ۽ نظير بيان ڪندا هئا. تر جا ڀوڳائي جھنڊو ممڻاڻي، چنگل ميربحر ۽ ٻيا به محلفن ۾ موجود هوندا هئا ۽ سڄي سڄي رات پيا ٽهڪ ٻُرندا هئا. عيد نماز به سندس اوطاق تي ٿيندي هئي، جتي سڄي تر جا ماڻهو اچي مڙندا هئا ۽ اتي سڀني جي مانيءَ جو بندوبست به ڪيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس اوطاق تي 100 ماڻهو به هوندا هئا. همراهه پتڻ تي ويندڙ ڄڃن کي روڪي کين ماني کارائيندو هو.
چوريءَ ۾ سندس استاد قادر بخش ممڻاڻي هو پر اوطاقي هئڻ ڪري هن جو تر جي سمورن ڪلاسيڪل چورن خميسي بروهي، جمال خشڪ، گامڻ ماڇي، ولو پهنور، علي خان گبول، موسيٰ چهواڻ، سليمان گاڏهي، غلام رسول گاڏهي، يوسف موچي، گاجي شيخ ۽ ٻين سان واسطو ٿيو، جن جو اصول هو ته ڀلي ڀاڳيو بندوق هڻي ڪڍي پر کيس جواب ۾ بندوق هڻڻ بدران اتان ڀڄي نڪرڻو آهي، ڇو ته بندوق هڻڻ جو حق بهرحال ڀاڳئي کي آهي. قرآن پاڪ کڻڻ واري ڀاڳئي جي چوري به هرگز ناهي ڪرڻي ۽ اهو به ته چوري ٽين ڊوهيءَ مان ڪرڻي آهي.
اڪن پيرزادو چوراڻڪي ڌات جو ماهر هو. ڪيڏو به سرڪش ڍور ڇڏائي نه سگھندو هئس. بار کڻڻ ۽ پنڌ ڪرڻ ۾ هن جهڙو سڄي جوءِ ۾ ٻيو نه هو. رات جو 40 کن ڪلوميٽر پنڌ ڪندو هو تڏهن به ٿڪجندو نه هو. درياهه جو به شاهه تارو هو. سانوڻيءَ جو درياهه ٻانهن تي پار ڪندو هو. علائقي جي وک وک کان واقف هو. لئي لئي جي خبر هئس. پورو ڌڻ ڪاهيندو هو ته به ڀاڳين کي پيرا نه ڏيندو هو. سرت وند چور سمجھي ويندا هئا ته اهڙي واردات فقط اڪن ئي ڪري سگھي ٿو. چوندو هو: ”پنڌ ڪرڻ ۽ ترڻ لاءِ جنهن ورزش جي ضرورت آهي، اها منهنجي روز جي ڪرت هوندي هئي. مان صبح جو سوير اٿي ڏڌ ولوڙيندو هئس، جنهن منهنجي ٻانهن کي ٻل ڏنو. ان ڪري پاڻيءَ ۾ هڻندي هٿ ڪڏهن نه ٿڪا آهن. صبح شام ڪُتر واري مشين هلائيندو هئس، جنهن منهنجي ڄنگھن کي طاقت ڏني ۽ مان پنڌ ڪندي ڪڏهن ٿڪجي نه ويٺس.“
سڄي حياتي هنگامي حالتن ۾ گذريس، ڪڏهن چورن سان ملهالا هئس ته ڪڏهن ڀاڳين سان معرڪا. سندس اڌ عمر جيلن ۽ ٿاڻن ۾ گذري. هن کي ته ڪنهن به قسم جو اونو ڪونه هو پر سندس امڙ سڄي سڄي رات ڌڻيءَ در ٻاڏائيندي رهندي هئي. دورد تاج ۽ دعائن سان جهيڙو هوندو هئس. اڪن سامائجندي ئي پنهنجي مِٽن مائٽن ۽ پاڙي وارن کي چئي ڇڏيو هو ته: ”ڍور نڪرڻ تي نه ڀلو سونهارو کڻڻو آهي ۽ نه ئي وٿاڻ جو ڳلو بند ڪرڻو آهي.“
هن ٻه مينهون ثابت ٿيڻ تي خشڪن ۽ بڙدين جون پنجاهه مينهون ٻڌي تر جي چور کجي هُلئي جي حوالي ڪيون. خشڪن ۽ بڙدين جي فيصلي ۾ هن کي ٻن مينهنِ جي عيوض چار مينهون مليون، باقي 46 مينهون کيس واپس ڪرڻ لاءِ چيو ويو. هيءُ کجيءَ هلئي کان مينهون واپس وٺڻ ويو ته اُن مينهن کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيس. پوءِ اڪن جي ناني عمر خان اهي 46 مينهون ڀري ڏنيون. هاڻ هن جي کجي هلئي سان دشمني شروع ٿي وئي. هن جي ڀيٽ ۾ کجي هليو ٻئي قسم جو چور هو. کجي هليو ڪوشش ڪري ان ڀاڳئي جي چوري ڪندو هو، جنهن جي قرآن پاڪ گھمائڻ جي پڪ هوندي هئس. قرآن پاڪ کڻي ايندڙ ڀاڳين کي زالين مردين ڊنگهر هڻي سڄائي ڇڏيندا هئا. کجي هليو هو ته ڪي ٻه چار درجا پڙهيل پر عدالت ۾ ڪڏهن به ڪو وڪيل نه ڪيائين ۽ پاڻ ڪيس وڙهندو هو. سڄي ڄمار هڪٻئي جي ڍورن تي هٿ صاف ڪيائون پر سندن وچ ۾ خوني دشمني پيدا نه ٿي. ٻئي پاسي هلين ۽ پيرزادن ۾ ڀائپي ۽ پيار وارو رشتو برقرار رهيو. اهڙي نموني تر جي چورن هيسباڻين، چنن، بڙدين ۽ خشڪن سان جھيڙا جاري رهيس.
ان دور ۾ ڪِين جهڙن مامرن تي پيرزادن جي ٻن ڌرين ۾ ڦڏو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڌر جي اڳواڻي وڏيرو بالڻ پيرزادو ۽ گلاب پيرزادو ڪري رهيا هئا ۽ ٻِي ڌر جي اڳواڻي اڪن ۽ محمد خان پيرزادو ڪري رهيا هئا. ٻنهي ڌرين هڪٻئي سان گهٽ نه ڪئي. ان جھيڙي ۾ هن مٿان تر جي سمورن ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿي ويا. هڪ ٿاڻي تان آزاد ٿي گھر پهچندو هو ته ٻئي ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ پهچندي هئس. هونئن به نالي چڙهيو هئڻ ڪري ڏوڪري، باقراڻي، باڊهه، سڳين، سوڀي ديري، گمبٽ، ڪنڊياري، خانواهڻ، محبت ديري ۽ راڌڻ ٿاڻن جي پوليس گرفتار ڪندي رهندي هئس. سندس شاديءَ واري ڏينهن به پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پهتي ۽ عيوضي ۾ سندس ٻن مامن ميهر ۽ بچل خان کي گرفتار ڪري وئي هئي. اهو ڪو پهريون موقعو نه هو، پر خوشيءَ توڙي غميءَ ۾ پوليس کيس ضرور ياد ڪندي رهندي هئي. پيرزادن جي چڱن مڙسن وڏيري امام بخش پيرزادي، ميان علي حيدر پيرزادي ۽ يار محمد پيرزادي (ڳيريلو ڪناسرا) قرآن پاڪ تي ٻنهي ڌرين جو ٺاهه ڪرائي دشمني ختم ڪرائي.
1974ع ۾ ڀاڳين سان مقابلي ۾ محمود چنا ڳوٺ ۾ هن جو گھاٽو يار گل محمد جوڻيجو مارجي ويو. هيءُ ۽ سليمان گاڏهي ڌڪجي پيا. ڳوٺ ته سندس موت جو اطلاع مليو هو. همراهه بيل گاڏي ڪاهي لاش کڻڻ ويا ته کين خبر پئي ته اڪن ۽ سليمان ۾ ڪجھه ساهه باقي آهي پر گل محمد مارجي ويو. هنن ٻنهي کي وڏا ڌڪ لڳل هئا پر گل محمد کي فقط هڪ لوندڙيءَ واري لٺ ئي پورو ڪري ڇڏيو هو. ان واقعي بعد اڪن کي اسپتال مان ئي جيل موڪليو ويو ۽ پورا ست مهينا تُرم ۾ رهيو. ان کان اڳ سندس هڪ ساٿي نصير ميربحر به ڀاڳين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو.
جيئن ته اهو وڏيرڪو دور هو ۽ وڏيرا پنهنجي مخالفن کي مات ڏيڻ لاءِ چورن جو سهارو وٺندا هئا. وڏيرن هن کي به استعمال ڪيو. عام طور چور، پاٿاريدار توڙي سفيد پوش ان وڏيري جو پاسو کڻندا آهن، جنهن وٽ اقتدار هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو ٿاڻو وڏيري جي هٿ هيٺ هوندو آهي ۽ وڏيرن جي جياپي جو وڏو وسيلو ٿاڻو ئي هوندو آهي. اڪن پيرزادو پنهنجي مخصوص مزاج جي ڪري سدائين انهن وڏيرن جي ڀر وٺندو هو، جيڪي اقتدار کان ٻاهر هوندا هئا. هي ته وڏيرن جي گھڻي ڪم ايندو هو پر اهي کيس ڏکيءَ مهل بچائي نه سگھندا هئا ۽ اقتدار ڌڻي وڏيرا هن کي پوليس کان مارائيندا رهندا هئا.
1960ع کان 1970ع تائين هن جو اوٿپ هو. ان دور ۾ ڏوڪري تعلقي جي اڇي ڪاري جو مالڪ وڏيرو موسيٰ خان ٻگھيو هو پر ڀٽي جي جمهوري حڪومت ۾ ايم پي اي واحد بخش خان ٻگھيو ٿيو، تڏهن اڪن، موسيٰ خان جي پٽ سڪندر جو ساٿ ڏنو، جنهن ڪري اقتداري وڏيرن کيس پوليس کان ڏاڍو مارايو ۽ مٿس سوين ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا پر هن ٻين چورن وانگر وفاداريون تبديل نه ڪيون. جمهوري دور ۾ لاڙڪاڻو ضلعو ٺپ اڻپڙهئي ايس پي محمد پڃل جوڻيجي جي حوالي هو. پي ايم سان قربت هئڻ ڪري کانئس هر طرح جو پڇاڻو معاف هو. عدالت کان مٿانهن قتلن جو بنياد هن صاحب وڌو. ان دور ۾ ايس پي پڃل ڪيترن ئي سرڪار مخالف سياسي ڪارڪنن توڙي چورن کي گوليون هڻي ماري ڇڏڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا هئا. اهڙن ئي واقعن ۾ سيد ميهر شاهه ۽ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪرڻ بعد گوليون هڻي ماريو ويو هو. اڪن پيرزادي کي به گرفتار ڪري گوليون هڻڻ تي هئا جو اُن اسڪواڊ ۾ شامل سندس هڪ پاڙيسري پوليس اهلڪار غلام احمد مڱرئي وردي لاهي ڦٽي ڪندي چيو: ”ٿڪ آ اهڙي نوڪريءَ تي، جنهن ۾ اسان جي سامهون اسان جي ٻچن کي گوليون هڻي ماريو وڃي!“ اهڙي صورتحال بعد کيس مارڻ بدران جيل حوالي ڪيو ويو. اهو 1976ع وارو دور هو، جيل ۾ ڏيڍ سال ڪچي قيديءَ جي حيثيت ۾ رهيو. ان وقت جيئي ڀٽو نه چوندڙ ڪيترائي سياسي ڪارڪن به واڙيل هئا. لاڙڪاڻي جيل ۾ سندس هنڊيوال اڳوڻو قومپرست ڪارڪن حافظ رجب سولنگي هو، جيڪو هن وقت پ پ اڳواڻ آهي. حافظ رجب ان وقت جيل ۾ بند سمورن قيدين کي قرآن کڻائڻ چاهيو ته ”اهي جيل مان نڪري چوري نه ڪندا.“ ڪيترن ئي قيدين اهڙو قسم کنيو پر اڪن پيرزادي انڪار ڪندي چيو ته ”مون ماٺ ڪئي ته وڏيرا مون کي مارائي ڇڏيندا.“ اها ڳالهه سمورن قيدين کي به سمجھه ۾ آئي، ڇاڪاڻ جو جڏهن ٿاڻي کان جيل پهتو هو ته سندس ڪو به سَنڌ سلامت نه هو. باقراڻي ٿاڻي تي کيس ڪيترائي ڏينهن اونڌو ٽنگي پيرن جي ترين ۾ لٺيون هنيون ويون. ان کانسواءِ مار جا سڀ طريقا استعمال ڪري آخر ۾ هن جي هٿن جي ترين تي کٽ جا پاوا رکي کٽ تي پنج پوليس اهلڪار ويهاريا ويا ۽ هن کي چون پيا ته ”دانهن ڪر ته توکي ڇڏي ڏيون“ پر هن دانهن نه ڪئي.
ڀُٽي صاحب جي گرفتاري ۽ ڦاهيءَ کانپوءِ هي چوري ڇڏي چڪو هو پر نالي چڙهيو هئڻ ڪري سدائين سرڪاري مهمان بڻيو رهندو هو. 81-1980ع ۾ به کيس ڇهن مهينن لاءِ ڊٽين ڪيو ويو، جيڪو سڄو عرصو حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رهيو، جتي سياسي قيدين ۾ تاج جويو، ناز سنائي ۽ ٻيا به موجود هئا. اتي هن سياسي ڪارڪنن سان گڏ ڪامياب بک هڙتال ڪئي هئي. مٿس 109-110 ۽ ٻيا قلم هڻڻ سان گڏ ڊي پي آر ۽ سنڌ ڪرائم تحت داخل ڪرايل ڪيسن ۾ اڙايو ويندو هو، جيڪي سياسي ڪارڪنن کي سيکت ڏيڻ لاءِ هوندا هئا پر وڏيرا پوليس کي ڏوڪڙ ڏئي اهڙن ڪيس ۾ به چورن کي اڙائي پنهنجي جان ڇڏائي ويندا هئا.
ضياء دور جا شروعاتي ٽي ورهيه هيءُ وڏيرن سان ساٿ ۾ هو. 1981ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ هن ڳوٺ سڌار سنگت جي اميدوارن جي مخالفت ڪئي پر 1983ع ۾ وڏيرن جو ساٿ ڇڏي چڪو هو ۽ هن سنگت جي اميدوار جي حمايت ڪئي. ان جو سبب هي هو جو گُڏ ڳوٺ جي زميندار ٻگھين جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ تان تڪرار ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا هاري ٻرڙا هئا، جيڪي هڪٻئي جا ويجھا عزيز هئا. جھيڙي ۾ ٻرڙا برادري هڪٻئي جا خون ڪري وڌا. اهڙي نموني پرائي ٻنيءَ تي ٻنهي ڌرين هڪٻئي جا ڪيترائي ماڻهو ماري ڇڏيا پر جڏهن وڏيرن تي عدالتي دٻ آئي ته هنن پاڻ ۾ ٺهڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. اها ڳالهه ڳڻي هي ڳوٺ سڌار سنگت جي ويجھو ٿيو، جنهن ۾ سندس سمورا عزيز ۽ واسطيدار هئا پر همراهه کي اهي تحفظات هئا ته ڳوٺ سڌار سنگت وارا لادين ۽ دوزخي آهن! تڏهن ته هي ٻلهڙيجيءَ کي ڪوفو سڏيندو هو. 83-82ع ۾ هن جون سرگرميون اوطاق هلائڻ ۽ ديني اجتماعن ۾ شرڪت تائين محدود هيون. تر ۾ ٿيندڙ سمورن ميلن ملاکڙن ۾ سهائتا ڪندو هو. قلندر جي ميلي تي هر سال فقراء کي ڇيلو ڏيندو هو. اهڙي نموني نانگي شاهه، محبڻ شاهه، سيد ملوڪ شاهه، سخي شاهه جمال ۽ ٻين درگاهن تي ميلن ۽ ٻارهن لاءِ ڌڻ مان پهرو ڏيندو هو.
اڪن پيرزادي تي1984ع ۾ ستن خونن جي تهمت هنئي وئي. ان دور ۾ ڌاڙيلن هٿان ست بي گناهه ڳوٺاڻا ماريا ويا هئا. فوتين جي وارثن کان وٺي سڄي تر کي خبر هئي ته قاتل ڪير هئا پر پاڪستان جو قانون اهو آهي ته جنهن کي ڦاهي پوري اچي! اصل ۾ اهي همراهه ڌاڙيلن کان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن کي ڇڏائڻ لاءِ اچي رهيا هئا، وٽن فقط 40 هزار رپيا به هئا. اڪو ٻرڙي، صوفي ڏاهاڻي ۽ ٻين لالچ ۾ اچي، پنهنجي ساٿين سان غداري ڪري فقط 40 هزارن لاءِ ست مڙس ماري وڌا. ان ڳالهه جي خبر پوڻ تي ڌاڙيل قادن سرگاڻي انهن مغوين کي به مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اها خبر پوڻ شرط اڪن، قادن وٽ هلي ويو ۽ کيس چيائين ته ”هنن جا ست مڙس بي گناهه مئا آهن ۽ تون هنن کي به مارين ٿو، ڪجھه خدا جو خوف ڪر!“ جنهن بعد قادن انهن کي ڇڏي ڏنو. مغوين کي بچائڻ واري همدرديءَ کي غلط رنگ ڏيئي، ستن ماڻهن جي قتل جو الزام هن سميت گھڻن بيگناهن تي هنيو ويو. هن جي گھر تي پوليس ڇاپو هڻي سندس ڪراڙي امڙ کي گرفتار ڪري ورتو. انهي ورادات جتي ستن خاندانن جي جگر جا ٽڪرا جدا ڪيا، اتي پوليس سڄي تر کي گرفتار ڪري لکين رپيا ڪمايا.
جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ڪجھه مهينا اڳ جھڪي ٿي وئي هئي. وڏيرا ڪن ٻوساٽيون پي وتيا. ترقي پسند ۽ قومپرست ڪارڪن به لڪڻ ۾ پورا هئا. سڀني هن کي في الحال نڪري وڃڻ جو چيو. گرفتار ماءُ وٽان به اهڙو نياپو مليس. پوءِ همراهه دوستن جي ذريعي سعودي عرب هليو ويو ۽ پويان ويا مٿس ڪيس چڙهندا. ان وچ ۾ فوجي ڪورٽ سندس غيرموجودگيءَ ۾ کيس 14 سال سزا ڏئي ڇڏي. سعودي عرب ۾ لاڳيتو ٻه سال حج پڙهي 1986ع ۾ واپس وطن پهتو. هن جا گھڻا سنگتي ساٿي جيل ۾ بند هئا. تازو تازو سکر سينٽرل جيل ٽوڙي ٽيهارو کن همراهه نڪري ٻيلن ۾ پهتا هئا، جن مان گھڻا هن جا گھاٽا يار هئا. ان دوران پوليس ۽ فوج هن جا گھر ۽ اوطاق وارا مَنهه ساڙي ڇڏيا هئا. هن جي اوطاق جي آڳر ۾ ٻٻرن جا ٻه شاهي وڻ هئا، جن مان هڪ ٻٻر اهلڪار ڪٽي ڪاٺ کڻائي ويا ، باقي هڪ ٻٻر موجود هو. هن جي رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ به اهلڪار ٽرڪن ۾ وجھي کڻي ويا. سو، هي همراهه ٽولو وٺي باقي بچيل ٻٻر وٽ ويهي رهيو. 1986ع کان 1994ع تائين سرگرم رهيو. ان عرصي ۾ مهينن جا مهينا ڪراچيءَ ۾ به اچي رهندو هو. هاڻ سندس عمر 40 ورهين کي اچي پهتي هئي. ٻين ڌاڙيلن جي ابتڙ هن جا تر جي ماڻهن سان سٺا لاڳاپا هئا. ساڳيو ئي پنڌ جو گھوڙو، بار کڻڻ ۾ ڀڙ. هن جي ڇهين حس غضب جي هئي. خطري جي بوءِ محسوس ڪندي اتان نڪرڻ جي ڪندو هو. ڪيترائي ڀيرا ايئن ٿيو جو هيءُ، همراهه وٺي جيئن نڪرندو هو ته مدعي پهچي ويندا هئا. هن جي کاٻي اک ڦرندي هئي يا گوڏي ۾ ٿڙڪڻي ٿيندي هئي ته جاءِ تبديل ڪندو هو. ڪي ماڻهو چوندا هئا ته هن کي ٻانهن ۾ تعويذ ٻڌل آهي، ڪي چوندا هئا ته کيس ماءُ جي دعا آهي. ڌاڙيل کيس سُڪيءَ جو ملائڪ سڏيندا هئا. ڪيترا ڀيرا پنهنجي حڪمت عملي سبب کين وڏن وڏن آپريشنن مان ڪڍي ويو. هن جي ياري هر طبقي جي ماڻهن سان هئي، ان ڪري تر جا ڌنار پهنوار، هاري ناري به سندس مدد ۾ هوندا هئا پر جيڪڏهن هن جي ڪري ڪنهن ماڻهوءَ کي تڪليف ايندي هئي ۽ ان کي پوليس جو خرچ ڀرڻو پئجي ويندو هو ته هي نقصان ڀري ڏيندو هو. اهڙن اهڙن ماڻهن وٽ اچي رهندو هو، جن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي نه وڃي. ماڻهو هن لاءِ هر قسم جي رسڪ کڻندا هئا. هڪ دوست پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿي پيس، جنهن کي 40 ڪلوميٽرن تائين ڪلهي تي کڻي نڪري آيو. هڪ ڀيري فوج وڏو آپريشن ڪيو. تر جا سمورا ڌاڙيل قادن سرگاڻي، جمعو خشڪ، وزير خشڪ، يعقوب چانڊيو، حضورو رند، لائق چانڊيو، طاهر نقاش تنيو ۽ ٻيا موجود هئا. سخت مقابلي کانپوءِ هي فوج جو گھيرو ٽوڙي نڪري ويا. هن سان 12 ڄڻا هئا، جن ۾ قادن سرگاڻيءَ جو پٽ پنهل به شامل هو ۽ ان جو هڪ سنگتي هو جانوري. ان وقت جانورين ۽ چانڊين ۾ جهيڙو هلي رهيو هو. يعقوب چانڊئي ان کان تعارف پڇيو. ٻڌائڻ تي چانڊئي جون رڳون تاڻجي ويون. اِن خدشي کي نظر ۾ رکندي ته متان چانڊيا مڙس ماري وجھن، ان ڪري 12 ڄڻا هنن کان ڌار ٿي ويا. توڙي جو چانڊين اُن وقت اهو به چيو ته هتي اسان پاڻ ۾ وڙهڻ نه آيا آهيون، ان ڪري هي همراهه به هنن سان گڏ رهي پيو. هن کان سواءِ ڪو به تارو نه هو. ٻيلي جي ٻاهران پوليس، فوج، رينجرز ۽ حر مجاهد ويٺل هئا. ڪچي جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي گھرن ۾ هئا، سخت پهري ۾ اک بچائي ڳوٺاڻا کيس ماني پهچائي ويندا هئا. هن هڪ هڪ ڪري 15 ڏينهن اندر سمورن همراهن کي حفاظت سان درياهه پار پهچايو ۽ پوءِ پاڻ پورو مهينو ڪچي ۾ رهيو پيو هو.
اڪن پيرزادو پنهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ نه ايندو هو پر آسپاس جي سمورن ڳوٺن ۾ رهندو هو. ڪنڊياري جي خشڪن جا سمورا ڳوٺ هجن يا ڪلهوڙن، ڪورين، ممڻاڻين ۽ چنن، گاڏهين جا، هيءُ بنا سڏ ڪرڻ جي ڪنهن به گھر ۾ هليو ويندو هو. ننڍا وڏا سڃاڻيندا هئس ۽ سندس هر طرح جي مدد ڪندا هئا. مون کيس ڪڏهن به نماز ڇڏيندي نه ڏٺو. ڪٿي به هجي، ڪهڙي به حال ۾ هجي، ڪوشش ڪري نماز پڙهندو هو. پنجن وقتن کان گھڻي نماز پڙهندو هو. اشراق ۽ تهجد به پڙهندو هو. باقي نفلن جو ته شمار ئي نه هئس. ڪا ڏک جي خبر ٻڌندو هو ته ٻه رڪعتون نفل پڙهندو هو. ڪا خوشيءَ جي خبرٻڌندو هو ته به ٻه رڪعتون شڪراني جا نفل ادا ڪندو هو. عام نمازيءَ کان گھڻو وقت وٺندو هو. همراهه پوليس مقابلن دوران به نماز پڙهي. اصل گھر کي به مسيت بڻائي ڇڏيو هئائين. هن جي موجودگيءَ ۾ سواءِ منهنجي، سمورا گھر ڀاتي خدائي فرض ادا ڪندا هئا. مان کيس چوندو هئس ته اسان جي سُڃائي جو سبب به گھر کي مسيت بنائڻ وارو عمل آهي. پوءِ ته همراهه جو موچڙو ۽ منهنجو منهن هوندو هو. نماز واري معاملي ۾ صفا پٺاڻ هو. چوري ڪجي يا ڌاڙو هڻجي، سڄي رات گناهن ۾ گھاري صبح جو تڙ ڪري نماز ضرور پڙهڻي آهي. ساڻس گڏ سعودي عرب ۾ رهندڙ دوست ٻڌائيندا هئا ته اتي به هن جي نماز ٻين نمازين کان ڊگهي هوندي هئي ۽ مسجد جا تالا بردار بيزار ٿي چوندا هئس: ”صلي يا مصيبت“ تنهنجي نماز آ يا مصيبت! ميان هاڻ بس ڪر ته اسان مسيت کي تالو هڻون.
اها ٻي ڳالهه آهي ته همراهه کي رڳو سورت فاتحه ۽ نيت ڪرڻ ايندي هئي. مون کيس التحيات ياد ڪرائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر همراهه کي ياد نه ٿي سگهي. اهڙي ڪوشش ڪراچيءَ ۾ مُلن به ڪئي پر اهي به کيس التحيات ياد نه ڪرائي سگھيا ۽ اجازت ڏنائون ته ڀلي پنهنجي مرضيءَ سان نماز پڙهه. همراهه جهڙو نماز جو پابند هو اهڙو روزيدار به هو. رمضان شريف جا 30 روزا ته رکندو هو پر شوال جا 6 روزا به نه ڇڏيندو هو پر ملن سان نه پيس. هڪ ڀيري ڪراچيءَ جي اورنگي ٽائون ۾ رهيل هو، جتي هن کي گھڻي نماز پڙهندي ڏسي مسجد ڪاميٽي جو ميمبر ڪيو ويو. هڪ ڏينهن رمضان شريف ۾ آيل سمورو کاڌو هن روزيدارن ۾ ورهائي ڇڏيو. هن جي اهڙي عمل پيش امام کي چيڙائي وڌو. ڇاڪاڻ جو اڳوڻو ميمبر ۽ پيش امام سازباز ڪري گھڻو مال هڻي ويندا هئا. ان تي هي همراهه مولوي صاحبان سان چڙي پيو ۽ ٽٽل ڦٽل اڙدوءَ ۾ کين چيائين ته ”ڀٽائي صاحب ني بلڪل سچ بولا هئي.“
تر جي سمورن عالمن سان واسطو هئس. هڪ ئي وقت مولوي محمد قاسم مشوري صاحب، تنين جي سومرن فقيرن، حسين شاهه قمبر واري، ڊڀري واري پير ڦوٽل، لوڙهائي فقيرن سان به ڏاڍي پريت هيس ته ديوبند عالم حافظ صديق آف ميرڪ سان به قرب هئس. هي فرقي پرستي کان پري هو. محرم ۾ نياز به ڪندو هو ته ربيع الاول ۾ ميلاد جي محفل به رچائيندو هو. بادشاهه پير جي يارهين به ڪندو هو. جڏهن کانئس پڇندو هئس ته ”بابا! توهان جا هي عالم سڳورا ته هڪٻئي جا ڪٽر دشمن آهن، توهان انهن سڀني سان ڪيئن ٿا هلو؟“ جواب ۾ چوندو هو، ”سڀئي ڳالهه ته ساڳي ڪن ٿا: ڏاڙهي رکو، نماز پڙهو، باقي سڀ ڪو پنهنجي قبر ۾ پاڻ ويندو. اسان جو انهن اختلافن سان ڇا!“
ڪراچيءَ ۾ ساڻس گڏ رهيم. ڪڏهن ته هوندا ئي ٻه ڄڻا هئاسين. رمضان ۾ سحريءَ جي وقت اٿاري روزي رکڻ لاءِ چوندو هو. مان ساڻس سحري ڪري روزيدار جهڙو ٻوٿ ٺاهي هن جي سامهون ويٺو هوندو هئس پر هن جي پرپٺ کائيندو رهندو هئس. هڪ دفعي آنو تريندي پڪڙي وڌائين.
چيومانس ته ”بابا ڀل ٿي وئي. چوندا جو آهيو ته ڀلئي کي ڀئه ناهي.“
تڏهن چيائين: ”دڪان تان وڃي آنو ورتئي، اهو پچايئه! اهو سڀ توکان ڀل ۾ ٿيو؟“
ان کانپوءِ ڪڏهن روزي لاءِ ڪونه اٿاريائين. البت جيڪي به ديندار دوست ايندا هئس، انهن کي منهنجي مسلمان ٿيڻ لاءِ دعا گھرڻ جو ضرور چوندو هو.
ڪراچيءَ ۾ هڪ دفعو پوليس جو ڇاپو لڳس. هو مونکي پنهنجي سنگت سان ملائڻ لاءِ ڪورنگي وٺي پي ويو. قائد آباد ۾ اوچتو مون کي پئسا ڏيئي موٽي وڃڻ لاءِ چيائين. مان واپس اورنگي ٽائون هليو آيس. صبح تي خبر پئي ته رات پوليس جو ڇاپو لڳس، جنهن ۾ هن جو هڪ دوست ولي محمد ٻٽ مارجي ويو، ٻه ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيا ۽ هي اتان نڪري آيو. اچڻ سان ٻڌايائين ته اورنگي جي هڪ ٽڪريءَ تي دوستن جي جاءِ تي تاش کيڏي رهيا هئاسين جو اچتو اسان مٿان گوليون وسڻ شروع ٿي ويون. منهنجي ٽنهي دوستن رڙيون ڪري ٻڌايو ته اسان کي گولي لڳي آ ۽ مون به چيو ته مان به زخمي آهيان. ايتري ۾ هڪ اهلڪار اچي منهنجي سيني تي گن رکي. مان ڦڙتيءَ سان هن کي ٻنهي ٻانهن کان پڪڙي کڻي پٽ تي اڇلايو. هٿ مان گن ڪري پيس. ديوار بلاڪن بدران ڪشميري سان واڻيل هئي. اها ڇني نڪتم. پٺيان سوين گوليون وساين، جنهن ۾ 15 علائقي واسي به زخمي ٿيا هئا. اهو 1988ع جو درو هو.
هن يار جي ڪري مان مئٽرڪ ريگيولر نه پڙهي سگھيم. اهڙي طرح نه رڳو اسان گھر جي سمورن ڀاتين جيل ڏٺا پر ويجھن ۽ پري جي مائٽن توڙي سنگت ساٿ به گھڻو سَٺو. ڪراچيءَ ۾ مارجي ويل ۽ گرفتار ٿيل ساٿي به پورهيت هئا، جيڪي ڏهاڙي تي ڪم ڪندا هئا پر هن سان ورهين جو واسطو هئن ۽ اهي پراڻي پريت پاڙيندا رهندا هئا. هن جي ڪري اسان جي برادريءَ جو چڱو مڙس ڪمال خان پيزادو به ٿاڻي تي ويو ۽ اتان جو بيهوش ٿيو ته آخري گهڙيءَ تائين هوش نه آيس. ڪيترن عزيزن جي عورتن کي به ٿاڻن تي ويهاريو ويو... ان جي باوجود اسان سڀ سندس سلامتيءَ لاءِ پريشان هوندا هئاسين.
کائڻ پيئڻ جو به سڄر هو. اڪن جون ڦلڙيون، نموريون، ٽوهه ۽ ٻيون بنهه ڪڙيون ۽ اُگريون شيون ائين کائيندو هو ڄڻ انب کائي رهيو هجي.
ڌاڙي گيريءَ واري دور ۾ تر جا سمورا وڏيرا ته سندس مخالف ٿي پيا پر ڌاڙيلن سان به جھيڙا ٿي پيس. احمد بڙدي، پنهون ڪوري ۽ ٻيا ڪيترائي مخالف هئس. هن جا ويجھا ۽ جگري يار جمعو خشڪ، سانوڻ خشڪ، قادن سرگاڻي مارجي ويا هئا. اسان کيس ملڪ مان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ ٻيهر منٿون ڪيون. نيٺ هي وري سعودي عرب روانو ٿي ويو. 1994ع کان 1998ع تائين سعودي عرب ۾ رهيو ۽ ان کانپوءِ 10 ورهيه ايران جي سرحدي شهر بندرچهبار ۾ رهيو. اتي به ڄڻ ته سندس اوطاق پئي هلندي هئي. ماڻهن جا هشام گڏ هوندا هئس. ايران جو پاڻي کيس ڀانءِ نه پيو ۽ سندس صحت وئي خراب ٿيندي. 2007ع جي آخر ۾ سندس دوست کيس لانچ وسيلي ڪراچيءَ کڻي آيا. ايران ۾ هن وٽ سنڌ جا حڪيم ۽ سنياسي به ايندا هئا جن جي پُڙين، دوائن ۽ پيڄن هن جي صحت تباهه ڪري ڇڏي. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته همراهه کي ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون آهن.
زندگيءَ جا آخري ٽي ورهيه ڪراچيءَ ۾ گذاريائين. اڳي مان ساڻس گڏ رهندو هئس ته مون کي سختيءَ سان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو هو. ڪنهن به ماڻهوءَ سان نه ملندو هو. اتفاق سان جي جُوءِ جو ڪو ماڻهو ڪٿي نظر ايندو هئس ته اها جُوءِ ئي مٽي ويندو هو، پر آخري ٽن ورهين ۾ ماڻهن سان ملڻ بند نه ڪيائين. ڪڏهن اک نه ڦريس. انهن ماڻهن کي به گھرايائين، جن سان ٿوري گھڻي رنجش هئس. اسان سڀ کيس منع ڪندا هئاسين ته ايئن نه ڪر پر اسان جي ڳالهه تي ڪن ئي نه ڌريائين. ڪراچيءَ ۾ منهنجي سڀني ويجهن دوستن شان ڏهر، معصوم سنديلي، علي حسن چانڊئي، اي ڊي رانجھاڻي، يوسف جوکئي، زاهد راڄپر، وحيد ابڙي، نور مصطفيٰ ۽ ٻين سان به مليو . بابا جي ڌوپار دوستن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن پر منهنجي سنگت ۾ کيس الائي ڪهڙي خوبي نظر آئي جو ساڻن ملڻ کان پوءِ ٻه ٽي ڀيرا اها ڳالهه چيائين ته ”دوستن ۾ مون کي تون ماري وئين!“
بابو راڳ ويراڳ جو به شوقين هو. راڻو سندس پسند جو راڳ هو. ٽاڪ منجھند جو به راڻي جي فرمائش ڪندو هو. راڳ ٻڌڻ، يا سريلي آواز ٻڌڻ سان ئي روئي ويهندو هو. ڏوهن جي دنيا ۾ پير پائڻ جو سبب پڇبو هئس ته اهو ئي چوندو هو ته ”جي مان چوري نه ڪيان ها ته اسان کي جيئڻ ئي نه ڏنو وڃي ها، باقي توهان چوري ڪڏهن به نه ڪجو ۽ منهنجو حق حساب ڪنهن کي نه ڇڏجو.“
هن پهرين مارچ 2010ع تي ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي وارڊ ۾ وفات ڪئي. رات جو ٻارهين وڳي سندس تدفين ڪئي وئي. ان مهل به هزارين ماڻهو سندس آخري ديدار لاءِ پهتا هئا، جن ۾ تر جي ڪيترن ئي ڳوٺن جون عورتون به شامل هيون.