ميهر فقير انصاري : سُر سکيو ئي هيڪڙو
ٻلهڙيجيءَ ۾ صوفين جا آستانا موجود هئا، جتي راڳ ويراڳ جي ورونهن ٿيندي رهندي هئي. ميهر فقير جو آواز سٺو هو، شروع ۾ هن اتي هڪ اڌ ڪلام ڳايو، جيڪو پسند پيو ۽ پوءِ فقيرن هن تي خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. فقير مزني ماڇيءَ کيس راڳ جي تعليم ڏني (مزنو فقير به ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو رهواسي هو. بچاءُبند جي اندرين پاسي (ڪچي) واري درگاهه ملوڪ شاهه جو مجاور ۽ صوفي ولايت شاهه هنباهه واري جو طالب هو. جهڙو ڳائڻ جو سٺو هو، اهڙي ئي ڍولڪ به سريلي وڄائيندو هو) ۽ ميهر فقير کي فقير يار محمد پيرزادي (صحافي ۽ مشهور اديب انور پيرزادي جي ڀاءُ) شاهه جا بيت، وايون ۽ مختلف صوفي شاعرن جا ٻول ياد ڪرايا.
ميهر فقير هر ڪافيءَ جي مصرع کان پوءِ ان جي مناسبت سان شاهه جا بيت پڙهندو هو ته ڪيترائي مجاز جا ماريل ڍنڍڪرون ڏيئي روئي پوندا هئا ۽ هي جڏهن ڳائيندو هو ته فقير يار محمد جا اکڙين جا بادل برسڻ کان بس ئي نه ڪندا هئا.
راڳ ويراڳ جي ڪري ميهر انصاري جي نالي سان فقير لفظ به ڳنڍجي ويو پر حقيقت ۾ فقير واريون منجهس ڪي به خصلتون نه هيون. مڇي مارڻ ۽ گليليءَ سان پکي مارڻ وارو سلسلو تيستائين جاري رکيائين، جيستائين سندس هٿ ڏڪڻ نه لڳا. توڙي جو سڄي ڄمار فقيرن، درويشن ۽ عالمن سان صحبت ۾ رهيو پر ڪڏهن به ڍنگ جي ڳالهه نه ڪيائين، صفا ڄٽ جو ڄٽ ئي رهيو.
جديد شاعري ۽ جديد شاعرن سان ڪڏهن به نه پيس. هن جي نظر ۾ شاعر پيدا ٿيڻ جو سلسلو به نبين وانگر آڳاٽو بند ٿي چڪو ۽ شاعر اهو آهي جنهن جي قبر تي قبو ضرور اڏيل هجي. ڀٽائيءَ صاحب کي هو عام شاعر نه سمجهندو هو ۽ سندس ڪلام بابت چوندو هو ته اهو سڄو الهام آهي.
فقير جي ٻي وڏي ۾ وڏي خامي ڪنجوسي هئي. ڪڏهن به ڪنهن کي مانيءَ يا چانهه جي صلاح نه ڪبي. ايتري تائين جو جڏهن کانئس ماچيس جي هڪ تيلي به گهربي هئي ته ٺپ جواب ڏئي ڇڏيندو هو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته فقير پنهنجا ڪمايل ڏوڪڙ ڪنهن ڳُجهي هنڌ تي پوري رکي ٿو، جيئن سندس والد عبدالله فقير گهر جي مَنَهن ۾ لڪائي رکندو هو ۽ جڏهن سندس وفات کان ڪجهه سال پوءِ اهو مَنَهن ڪريو ته همراهن کي هزارين روپيا هٿ آيا جن مان اڌ کان وڌيڪ خراب ٿي چڪا هئا.
سال 1988ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ شام جو اسان فقير يار محمد جي مئخاني تي ويهڻ لڳا هئاسين. ان وقت فقير يار محمد ڪراچيءَ وڃي وسائي هئي. مئخاني تي ميهر فقير سان ڀٽائيءَ جي بيتن تي ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون ۽ اسان جڏهن ڪنهن لفظ جي معنيٰ يا بيت جي تشريح تي ساڻس اختلاف ڪندا هئاسين ته رسالا مرتب ڪندڙ عالمن کي ست سريون ٻڌائڻ لڳندو هو. چي: ”هنن غلط معنائون ۽ مطلب لکي اوهان جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي. لطيف کي آڏواڻي، گربخشاڻي، شاهواڻي ۽ بلوچ ڇا سمجهن؟” لطيف کي فقط فقير ئي سمجهي سگهن ٿا” حالانڪه هو شاهه جا بيت انهن ئي رسالن مان ياد ڪندو هو. ميهر فقير شاهه سائين جا ڪجهه بيت غلط پڙهندو هو. ان جي ڪير نشاندهي ڪندو هو ته کيس ڇڙٻي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هو. خاص ڪري ڀائو لطف سان ان تي اڪثر جهيڙو جاري رهندو هوس ۽ زور ڏئي بيت غلط پڙهندو هو جيئن ملهالو جاري هجي. منهنجي اڃا به ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه مڃي ويندو هو ۽ مان کيس گهڻو ڪجهه ڳالهائي به ويندو هوس پر ڀائو لطف جي هن ڪڏهن به ڳالهه ئي نه ٻڌي.
ميهر فقير نه رياض ڪيو ۽ نه ئي وري کائڻ، پيئڻ ۾ ڪا پرهيز ڪئي، اصل لڪڙ هضم، پٿر هضم! ان ڪري هن جو آواز اهو مزو ڇڏي ويو پر ٻولن جي چونڊ ۽ انهن جي مناسبت سان ڏوهيڙا ڏيڻ جي ڪري سندس راڳ سدائين مزو ڏيندو هو.
ميهر فقير جي جديد سنڌي شاعريءَ جي سرموڙ شيخ اياز سان ته ڄڻ ذاتي دشمني هوندي هئي. جيئري ته سندس مخالفت ڪندو آيو پر شيخ صاحب جي گذارڻ کانپوءِ به ميهر فقير مٿس ڏمريل رهيو. هڪ ڀيري شاهه سائينءَ جي ميلي دوران گهمندا ڦرندا ميهر فقير ۽ مان ڪراڙ تي وياسين. شيخ اياز جي تربت ڏسي، ميهر فقير مون کان پڇيو: ”ابا، هي وري ڪهڙو درويش آهي؟“
مون کيس چيو، ”هي ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ آهي، هتي ڪيترائي فقير، درويش ۽ ڏات ڌڻي رکيل آهن. اچ ته هِتي دعا به گهرون ۽ ان جي چرنن کي ڇُهون.“
ميهر فقير اياز جي پيرانديءَ تي هٿ رکيا ۽ دعا گهري. واپس ايندي مون کيس ٻڌايو ته اها مزار شيخ اياز جي هئي. پوءِ ته همراهه جي فِلڪ ئي ڦِري وئي ۽ هن اهو سڄو ڏينهن مون سان نه ڳالهايو.
ميهر فقير کي پاڻ کان علاوه ڪو به فنڪار پسند نه آيو، جڏهن به ڪنهن گويي يا صوفي فنڪار جو راڳ ٿيندو هو ته ميهر فقير سندس ڪا نه ڪا وڏ ڪڍي محفل مان اٿي هليو ويندو هو. کيس سڄي ڄمار فقط ٻه فنڪار وڻيا: هڪ خان صاحب استاد منظور علي خان ۽ ٻيو فقير امداد حيدري.
ميهر فقير پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪنهن فنڪار کي گهور ڏني ته اهو به رڳو استاد منظور علي خان هو، جنهن کي 1978ع ۾ ٻنڊي (ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو ڳوٺ) ۾ سڄا سارا 5 روپيا گهور ڏني هئي، سو به هار ٺاهي ڏيهه کي ڏيکاري سندس ڳچيءَ ۾ وڌو.
ٻلهڙيجيءَ ۾ هر سومر رات، جمعي رات، ماهوار چوڏهين، ماهه پهرين اربع ۽ يارهينءَ جون تاريخون لڳنديون رهنديون آهن، جن ۾ اسان ٻاروتڻ کان وٺي ميهر فقير ۽ سندس سنگ کي ٻڌندا آياسين. سندس هڪ خوبي هيءَ هئي ته جيڪڏهن پنج راتيون ڳائي ته به ٻيهر ساڳيو ڪلام نه چوندو، سندس حافظو ايترو سٺو هو.
ميهر فقير ٽي وي تي به ٻه پروگرام ڪيا، جن ۾ سندس سالو استاد علي بخش المعروف استاد علڻ به ساڻس گڏ هو. ميهر فقير سيوهڻ کان شاهه نوراني (لاهوت لامڪان) جو پنڌ به ٻه ڀيرا ڪيو ۽ عمر جي آخري حصي ۾ امام علي رضا (مشهد) ۽ ڪربلا معلى جي زيارت به ڪري آيو.
ميهر فقير هڪ ڏينهن مونکي چيو ته مون وٽ جيڪي به ڪتاب آهن، اهي مان توکي ڏيڻ چاهيان ٿو، ڇو جو مونکي خدشو آهي ته منهنجي مئي پڄاڻا منهنجا پٽ اهي ڪتاب پڪوڙن وارن کي وڪڻي ڇڏيندا. مان سندس گهر ويس. هن هڪ وڏي پيتي کولي، جنهن ۾ حمل فقير، خوش خير محمد هيسباڻي، مصري شاهه، ٻڍل فقير ۽ ٻين جا رسالا پيل هئا. هٿ سان لکيل ڪجهه ڪاغذ هئا، جيڪي پراڻا هئڻ ڪري ڀُري رهيا هئا. اخبارن مان ڪٽيل شاهه سائينءَ جا سوين بيت به هئا. مان اهو سمورو مواد کڻي جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته مالڪ پهچي ويا جن اسان کان ڪتاب کسي ورتا ۽ چيائون ته هنن تي اسان جي وڏن جا نالا لکيل آهن، جيڪي چوري ٿي ويا هئا. ميهر فقير کين منٿون ڪيون پر هُو نه مڙيا ۽ سندس سامهون ڪتاب کڻي رمندا رهيا.
جڏهن ميهر فقير مئخاني تي ايندو هو ته وڏا جهيڙا به ٿيندا هئا پر اهي ڀٽائي جي بيتن جي تلفظ، معنى ۽ تشريح تي ٿيندا هئا. هاڻ اهڙي ڪچهريءَ لاءِ سڪي مئا آهيون. ميهر سان هزار اختلاف پر ان جي باوجود هو اسان کي پيارو هو. ڪيترائي ڀيرا رسندا هئاسين ۽ وري پاڻهي پرچي پوندا هئاسين ۽ وري ساڳيون ڳالهيون، ساڳِي قيل مقال.
رٺي هوند رهان پر سرتيون سرندم ڪينڪي
پاڻهي ٿي پرچان، ڏس نرڄايون نينهن جون!
ميهر فقير جي وڃڻ کان پوءِ خبر ٿي پوي ته ڳوٺ مان صوفياڻي راڳ واري روايت ختم ٿي وئي آهي. برابر اڄ به ٻلهڙيجيءَ جي درگاهن تي اهي هفتيوار ۽ ماهوار ڏينهن لڳن پيا پر هينئر روح ٺارڻ وارو ڪوبه راڳي نه رهيو آهي. ڪجهه سيکڙاٽ نوجوان ڳائين ٿا، جن ۾ ڪو دم ڪونهي، هو نه پنهنجي آلاپن سان ڪنهن جي دل موهي سگهن ٿا ۽ نه وري رندي ٻول ٻڌائي ميهر جيئن ماڻهن کي جهومائي سگهن ٿا.