محمد خان پيرزادو : شڪاري، هاڻُو ۽ ماهر پيراڍو
هاڻ ڪچي ۾ شڪار جي ڪا به جھل پل نه هئي. جسماني طور ڦڙت ۽ پيرن جو اهڙو ڇوهو هو جو تازي ڪتن کان به اڳ ڪڍي ويندو هو. ميلن جا ميل ڊوڙڻ باوجود ٿڪجندو هرگز به نه هو. شڪار به هر قسم جو ڪندو آهي. هن وٽ ڪتن جي لوڌ آهي، خفتي رڳو سوئر جي شڪاري ڪتن جو آهي. رڇ وارو ڪتو ڪڏهن نه ڌاريائين. پکين ويچارن لاءِ ته پويون ڏينهن هو. ڳيرا، تتر، وها، آڙيون، نيرڳيون، سانو، ٻاٽيئر، ڪانئر، ڪوڪڙاٽ، پيڻ، سوڀ پيڻ ۽ سهن لاءِ ته سراسر اجل هو. ڪڏهن ڪڏهن ڦاڙهو به هٿ اچي ويندو هئس. مڇي به اڪثر ماريندو هو. وٽس مڇيءَ جي شڪار جو سمورو سامان ڄاريون، رڇ، ڪنڍيون، ڪڙهيون موجود هونديون هيون. هٿ جو ڏاڍو سڌو آهي. بندوق ته ڪڏهن به نه گسندي اٿس پر گليلي ۽ ڇاپڙ سان به پکي ڪيرائي وجھندو آهي. باقي اڏامندڙ پکيءَ جو ڪڏهن به نشانو نه وٺي سگهندو آهي. سوئر بڇ جو ته وڏو شوقين آهي. تر جا مشهور واڍا، ڏتو ڪنڀر، بيگو موچي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هوندا هئا، جيڪي پنجوڙن وسيلي سوئر ڦاسائي وڏيرن جي ڪوٽ تي ڇڏيندا هئا.
محمد خان پنهنجي وقت جو چور به ٺاهوڪو هو. ٽوليءَ سان چوريءَ تي وڃڻ کان لنوائيندو هو ۽ اڪثر اڪيلو ئي شڪار تي ويندو هو. ايئن به نه هو ته سدائين اڪيلو چوري ڪندو هو پر هن جي ڪوشش هوندي هئي ته گھٽ ۾ گھٽ ماڻهو ساڻس واردات ۾ شامل هجن. روايتي ڪاٽڪن وانگر لئه باز نه هو. پاڻ نڪري ويندو هو پر سندس واردات سڄي تر کي سٽرائي ڇڏيندي هئي. هيءُ اهو درو هو جڏهن ٻه چار پوليس اهلڪار ڪچي ۾ لهندا هئا ته ڪيترائي ڪڪڙ، ڇيلا، ماکي مکڻ ۽ سچي گيهه جا ٽين ڀرائي ٿاڻي تي کڻي ويندا هئا ۽ ان سان گڏ ٻه چار ماڻهو به ٻڌي ويندا هئا، جن کان روڪڙ وٺي ڇڏيندا هئا پر اهي پوليس وارا ڪڏهن به محمد خان کي پڄي نه سگھيا. هيءُ سدائين کين ڇاپڙون هڻي ڀڄي ويندو هو. البت همراهه ٻه ٽي ڀيرا سياڻي ڪانءُ وانگر ٻه ٽنگو ڦاٿو. پوليس ۽ رينجرز هٿان مارون کاڌائين. سينٽرل جيل سکر ۽ ضلعي جيل لاڙڪاڻي پهتو پر اتي به هن جو طريقو روايتي ڪاٽڪن کان مختلف هو. مار تي سچي ڪڏهن به نه ڪيائين، باقي رڙين سان سڄو شهر مٿي تي کڻندو هو. ان لاءِ جواز اهو پيش ڪندو آهي ته:
”پنهنجي جتي هٿ ۾ کڻڻ ڪهڙي گھٽتائي آهي؟ اسان جا ڪيترائي دوست معمولي ڳالهه تي ضد ڪندا آهن، پوءِ کين ڏنڊا ٻيڙيون به لڳنديون آهن ته آڙاٻيڙا به لڳندا اٿن. اهلڪارن جون گاريون ۽ مارون به کائڻيون پونديون آهن. اصل وڏي ويڌن ٿيندي اٿن. ان ڪري اسان ماحول جي گرمي محسوس ڪري جتي هٿ ۾ کڻي ماڙي ٽپندا آهيون ۽ اتي به ڪم کان بچڻ لاءِ ڪو نه ڪو عزت وارو طريقو ڳولي وٺندا آهيون.“
1990ع کان چوري ڇڏيائين پر هيرا ڦيري جاري رهيس. ڪنهن سان به ساڳي ڳالهه هرگز نه ڪبي، هڪ وقت ٽن ماڻهن سان ٽي ڳالهيون ڪبيون. ڳالهه ڳالهه تي قسم کڻبو. جملي جملي ۾ گار ڏبي. ڪوڙ به اهڙو ته پير کوڙي هڻندو جو مرحوم قيصر لنڊ جو روح به کيس داد ڏيڻ کان رهي نه سگھندو.
محمد خان پيرزادو منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو مامو ٿئي، جنهن ڪري اسان کيس نانا چوندا آهيون. ننڍپڻ ۾ اسان ساڻس سوئر جي بڇ تي هلڻ لاءِ ضد ڪندا هئاسين. ٻه چار گاريون ڏئي وٺي هلندو هو. آئون جڏهن ستن اٺن ورهين جو ٻالڪ هئس تڏهن نانا محمد خان سوئر جا ٻه ٻلهر ڌاريا هئا، جن جي ماءُ ڪتن جو کاڄ بڻجي وئي هئي ۽ هي رحم ڪري سوئر جي ٻچڙن کي گھر کڻي آيو هو. ٻلهر هري مِري ويا ۽ هڏڪارون پيا ڪندا هئا. سگبان جو سڳ سمجھي ڪتا انهن کي نه ڏاڙهيندا هئا. بابا کي ان ڳالهه تي سخت اعتراض هو. بابا پرپٺ ڳالهائيندو رهندو هو:
”مامو به بادشاهه آهي! صبح جو نماز لاءِ مسجد وڃان ٿو ته سوئر منهن ۾ پون ٿا. عبادت جو ثواب ته گھوريو، ويتر گناهگار ٿيڻو پوي ٿو.“ اها ڳالهه بابا سندس سامهون ڪڏهن به نه چئي.
هڪ ڏينهن بابا جا ڪجھه مداحي ۽ مولوي دوست اسان جي اوطاق تي آيا. انهن خدا جي مخلوق کي ڏسندي ئي ڪنڌ هيٺ ڪيو ته وري مٿي نه ڪيائون. بابا لڪڙي کڻي سوئرن کي تڙيو. مولوين ان وقت ڏنڊ ۾ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪيون. مهمانن جي وڃڻ کان پوءِ بابا هن کي چيو:
”ماما! اڄ مولوي صاحب تنهنجي مِرُن جي ڪري ماني ئي نه پيا کائين. وڏا قسم وجھي کين ماني کارائي اٿم. مهرباني ڪري انهن کي گم ڪر.“ پوءِ نانا محمد خان اهي سوئر پنهنجي هڪ خفتي دوست کي ڏئي آيو، جنهن جو مونکي ڏاڍو افسوس ۽ ارمان ٿيو هو.
محمد خان ماهر پيراڍو آهي. اسان جي تر ۾ پوليس، چورن ۽ پيراڍن جي ٽياڪڙي ٺهيل آهي. پيراڍا پير سڃاڻي ڪوشش ڪري چوري موٽرائي ڏيندا آهن پر وس پڄندي چور جو نالو نه کڻندا آهن. هي يار به ان سسٽم جو حصو آهي، ان ڪري اسان سمجھندا هئاسين ته هن کي پيرن بابت ڪا به ڄاڻ ڪانهي پر هڪ ڏينهن مونکي سندس انهيءَ صلاحيت جو معترف ٿيڻو پيو. ٿيو هيئن جو پير بخش پيرزادي جي گھر مان بندوق چوري ٿي وئي. بندوق گھر جي هڪ ڪمري اندر ڀت سان ٽنگيل هئي، جنهن تي چڙهي چور بندوق لاهي کڻي ويا. ڪمري ۾ پڪو فرش ٿيل هو، ان ڪري چور جا پير ظاهر نه ٿيا پر جڏهن چور ٽيبل تي چڙهيو ، جنهن تي تيل هاريل هو، جنهن ڪري هن جي پٻ جي گسي جو نشان ظاهر ٿي پيو. ڌڻين کي واردات جي خبر پندرهن ڏينهن کانپوءِ پئي جو سمورا گھر ڀاتي ڪراچيءَ ۾ هئا ۽ سندن جاءِ بند پئي هئي. همراهن محمد خان کي پير ڏيکاريو. هن ٺهه پهه هڪ نوجوان جو نالو کنيو. پوءِ واقعي اها بندوق ان همراهه وٽان ئي ملي. مان سمجھان ٿو ته پيراڍا سچا ٿين ته چوري ڳولڻ ڪو مسئلو ئي ناهي پر همراهن کي اڳ پٺ ڏسڻي پوي ٿي ۽ اهي به سر بچائڻ جي سنت تي عمل ڪندا رهندا آهن. هڪ دفعي مون کانئس پڇيو:
”نانا، سدائين ٻين چورن کي مارايئي، ڪڏهن پاڻ به مار کاڌئي؟“
ٻڌايائين ته ”مان ۽ واحدو آگرو ڪنڊياري مان ڪورٽ جي حاضري کائي واپس اچي رهيا هئاسين. جيئن ئي بچاءُ بند کان هيٺ لٿاسين ته اسان کي هڪ گابو ڏسڻ ۾ آيو. اسان اڃا گابي کي پڪڙيو ئي مس ته هڪ همراهه اسان سان جنبوٽجي ويو. هن واحدو کي اهڙيون منهن تي لپاٽون هنيون جو سندس نڪ مان رت وهي پيو. مون ڀاڳئي کي ڏنڊو وهائي ڪڍيو . پوءِ کيس پڪڙي چيم ته تون اهو گابو پڪڙي ڏيکار ته توکي ٻڪري ڏيندس. تون اجايو اسان سان وڙهيو آهين ۽ اسان به توکي ڌڪ هنيو آهي. همراهه ٺهي پنهنجي گھر روانو ٿيو ۽ اسان به پنڌ ڇڪيو. ٿورو پنڌ مس ڪيوسين ته پٺيان هڪلون ٿيون ۽ اسان پيرن تي زور رکيو. واحدو منهنجي اڳيان هو. ٿورو اڳتي هلي واپس مون ڏانهن موٽ کاڌائين ۽ ٻڌايائين ته آڏو به ماڻهو بيٺا آهن ۽ اسان گھيري ۾ آهيون. اسان اتي ئي هڪ لئي جي اوٽ ۾ ويهي رهياسين. اوچتو منهنجي نظر هڪ پوڙهي تي پئي، جنهن جي هڪ هٿ ۾ڪارتوسي پستول هو ۽ هو اسان جا پير ڏسندو اچي اسان جي مٿان بيٺو هو. مون ڇال ڏئي هن کي ڪيرائي وڌو ۽ سندس هٿ مان پستول ڪري پيو، جيڪو کڻي سامهون بيٺل همراهن کي هڪل ڪيم ته رستو ڇڏيو نه ته مري ويندو.مان هوائي فائر ڪرڻ وارو هيس جو ”ايئن نه ڪر“ چئي واحدو مونکي ڄنگھن کان وٺي ڪيرائي وڌو. ايتري ۾ ڀاڳيا به پهچي ويا، جن في الحال ته ٻنهي کي ٺاهوڪي مار ڏني. پوءِ واحدوءَ کي ڇڏي مونکي ڏنڊا هڻي رتو واهه ڪري هٿ ڪڍيائون. هفتي کن کانپوءِ مان سندن جوءِ مان وڇير ٻڌي آيس. ساڳيا همراهه پيرا کڻندا اچي اسان جي اوطاق تي پهتا. اڪن ساڻن حال احوال ڪندي چيو ته اسان جو اوهان ڏانهن حساب ڪتاب آهي. اوهان بي گناهه اسان جي مامي سان وڙهيا آهيو، جنهن تي هُنن چيو ته: ”ٻنهي ڌرين کان اڻڄاڻائيءَ ۾ اهو سڀ ٿيو آهي. هن مهل تائين جيڪو اسان ڪيو اهو اسان کي ڦٻيو ۽ جيڪو توهان ڪيو اهو توهان کي ڦٻيو. هاڻ ٺاهه ڪيون.“ اڪن جيسين جواب ڏئي، مون چيو: چڱو ادا هاڻي ٺاهه آهي.“
محمد خان پنهنجي ابي امڙ جي موت تي به ايترو نه رنو هوندو جيترو پنهنجي لوڌ جي ڪتن مرڻ تي روئيندو آهي. هڪ ڪتي جو ته ڄڻ تڏو ڪيائين. آسپاس جا سمورا شوقين ساڻس ڪتي جي موت تي افسوس ڪرڻ آيا.
واقعي ڪتا وفادار ٿيندا آهن. هڪ سال ٻوڏ کانپوءِ ڪچي ۾ اسان جي گھرن ۾ هڪ ازدها آيو جيڪو 8 فوٽ ڊگهو ۽ هڪ فوٽ موڪرو هو. محمد خان جي ڪتن ان سان مقابلو ڪيو، ڪتا ته ڪلاڪ جي اندر مري ويا پر ڪتن به بلا کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ اسان جي ويڙهي جي عورتن ان کي ڏنڊا هڻي ماريو. جيڪڏهن ڪتا ان سان مقابلو نه ڪن ها ته اها بلا ضرور ڪنهن نه ڪنهن انسان کي اجل ڏئي ها. انهن ڪتن جي موت تي اسان جو پورو ويڙهو رنو هو.
محمد خان پيرزادو اچي ستر ورهين کي پهتو آهي ته به ساڳي ڪار اٿس. اڄ به روزانو 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ٿو. توڙي جو شگر جو مريض آهي، تڏهن به سانوڻيءَ جو درياهه پلاسٽڪ جي دٻي تي تري پار ڪندو آهي. اڄ به ڪتن جي لوڌ اٿس. اوهان ساڻس ڀائپي ختم ڪرڻ چاهيو ته هن کان رڳو ڪتي جي گُھر ڪري ڏسو.