شخصيتون ۽ خاڪا

جـن سين لنئون لاڳي

ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ ٻلهڙيجيءَ سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي پاران ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي، جن کي هن ”مٽيءَ هاڻن ماڻهن جا خاڪا“ سڏيو آهي.
ٻلهڙيجي جيڪا مُهين جي دڙي ويجهو درياءَ ڪپ تي لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور آهي. ان ئي ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن کي پڙهندي مونکي پنهنجي ڳوٺ جا ڪيئي ماڻهو ياد آيا جن تي به ايئن ئي لکي سگهجي ٿو، پر اها اقرار جي خوبي آهي جو پنهنجي قلم ذريعي پڙهندڙ کي مَنڊي ڇڏيو اٿائين. هن مولائيءَ طبيعت ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ناهي پر ملڻ جي آس اڃان به وڌي وئي اٿم. سندس ڪجهه خاڪن واريون شخصيتون مون به ٻڌيون آهن پر اقرار انهن جا نوان رخ به سامهون آندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا احساس لکيا اٿائين جو اکين مان پاڻي اچي وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ماڻهو کِلي کِلي ٿڪجي ٿو پوي.
Title Cover of book جـن سين لنئون لاڳي

لطف پيرزادو : پينگهي ۾ سورن سان پيچ پائيندڙ

ٻلهڙيجيءَ کي ترقي پسندي جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ جيڪا سڃاڻپ حاصل آهي، ان ۾ لطف جي ڪردار کي ڪنهن به ريت فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪن، صحافي، موهن دڙي جي آواز، لطيف شناس ۽ ٽريڊ يونينسٽ طور لطف کي سڄي سنڌ ڄاڻي سڃاڻي پرهن جو هڪ پاسو فقراءَ وارو به آهي جنهن جي ممڪن آهي ته گهڻن ماڻهن کي خبر نه هجي .
هي جي سور سُڄن، سي مون پينگهي منجهه پرائيا
لطف شاهه سائين جي مٿين سٽ جي هوبهو تصوير آهي. هن کي پنهنجي امڙ جي ٿڃ ئي نصيب نه ٿي. 8 جنوري 1952ع تي لطف کي جنم ڏيڻ کان پوءِ هوءَ بستري تان اٿي ئي نه سگهي ۽ ٽن مهينن اندر وڃي ڀونءَ ڀيڙِي ٿي. لطف کي پنهنجي نانيءَ ۽ پڦين پاليو جيڪي ساڳي وقت سندس ماميون به ٿين. پنهنجي هڪ پڦيءَ کي امان ۽ ٻين کي ادي چئي مخاطب ٿيندو هو، ڇاڪاڻ جو فقير يار محمد جي گهرواري هن کي ٿڃ پياري هئي. لطف جو پيءُ سائين در محمد پنهنجي طبعيت وارو ماڻهو هو، هن کي پنهنجي گهرواري سان وڏي محبت هئي. ان پڄاڻا هن ٻي شاديءَ جو سوچيو ئي نه پر جيئن ته هو سرڪاري ملازمت سبب ڳوٺ کان ٻاهر رهندو هو، ان ڪري پنهنجي پٽ کي وقت نه ڏئي سگهيو. لطف جي اها ڪمي سندس ڏاڏي ميان غلام حسين پوري ڪئي، جيڪو راڳ جو نه رڳو شوقين هو پر راڳ جي باريڪين کان به واقف هو، ان سان گڏ کيس شاهه، سچل، بيدل ، خليفي ۽ حمل فقير جي شاعري سان گڏ حافظ، رومي ۽ ٻين فارسي شاعرن جو ڪلام به ياد هو.
لطف کي 1957 ع ۾ ڳوٺ جي مسلم پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي کيس هوشيار شاگردن ۾ ڳڻيو ويندو هو پر ان سان گڏ هنجي ويسر ۽ غائب دماغي جا قصا به مشهور هئا. 1962 ع ۾ شهدادڪوٽ جي هاءَ اسڪول ۾ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو، جتي هو پنهنجي پيءَ جي قرب وارن ۽ درگاهه سخي شاهه جمال جي مريد سيلرن وٽ رهندو هو. 1965 ع ۾ اٺين جماعت پاس ڪري واپس اچي ٻلهڙيجي ۾ ويهي رهيو.
همراهه ننڍي لاڪون عاشق مزاج ۽ حسن پرست هو. توڙي جو پاڻ به خوبرو ۽ ڳاڙهو ڳٽول هو. تنهن هوندي به سهڻن ڇوڪرن کي ڏسي غيرحاضر دماغيءَ جي آخري حد به اورانگهي ويندو هو. جيئن ته عشق بازيءَ ۾ جان ۽ کيسي جو خيال هرگز به نه رکبو آهي، سو همراهه جا ويا خرچ وڌندا ۽ قرض چڙهندا. قرض لاهڻ لاءِ پاڙي مان سائيڪل چورايائين، همراهه جي واردات ظاهر ٿي پئي، اهڙي خبر ٻڌڻ شرط سائين در محمد چوريءَ جي ڪيس ۾ چالان ڪرائڻ سان گڏ پوليس وارن کان کيس ٺاهوڪي سٽڪي به ڪڍرائي. 15 ڏينهن کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو. چوريءَ کان ته بس ڪيائين پر پئسي کي، جو ازلي ويري سمجهي ويٺو ته اڄ تائين ڏوڪڙن سان ڪاريهر وارو وير اٿس، جي ڏوڪڙ کيسي ۾ هوندس ته همراهه کي هٿن ۾ خارش هوندي. فقير فقراءَ تي اڪرامن جي بارش هوندي. هڪڙي چانهه جي ڪٽلي لهندي ته ٻي چڙهندي. جڏهن ڏوڪڙ ختم ٿي ويندس ته پاڻ کي به آرام اچي ويندس.
ريءَ لانگوٽيءَ لب ، پاڇي کڻن نه پاڻ سين ( شاهه )
هاڻي لطف جو گهڻو وقت پنهنجي وڏي مامي فقير يارمحمد جي خدمت ۾ مئخاني اندر گذرندو هو. فقير سائين جي پنهنجي طريقت هئي، هن وٽ مئي حرام نه هئي. هو لوڪ جي خدمت کي ئي افضل عبادت قرار ڏيندو هو. راڳ ئي فقير جو دين ڌرم هو، مئخاني ۾ ساز ۽ سرود جي محفل متل هوندي هئي پر لطف ان کان بي نياز، مهمانن جي خدمت ۾ مصروف هوندو هو جو هڪ ڏينهن سيد مصري شاهه جي ڪافي ”کنيائون کلي نيڻ گهرا گلابي، ڀري ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي“ تي پار ڪڍي روئڻ لڳو. فقير يار محمد کي ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي ته همراهه عشق جي اري ۾ اچي ويو آهي ۽ حضرت حسن جي حملي جا گهاءَ کيس سک سمهڻ نٿا ڏين. پوءِ فقير هن کي پاڻ سان گڏ نشي جي اجازت ڏئي ڇڏي. اڄ به لطف جو حال ”روئڻ ۽ راڙو، مون نماڻيءَ جي نجھري“ جيان آهي. ڪنهن سان ظلم جي ڳالهه ٻڌندو ته به روئي ويهندو پر جي خوشيءَ جو ميڙ ڏسندو ته به اکين مان لڙڪ لاڙي ويهندو. ان جي ڪري ڪنهن تقريب ۾ به ڳالهائي نه سگھندو آهي.
1968ع ۾ جڏهن ڪامريد سوڀي گيانچنداڻي جي صحبت جو اثر انور پيرزداري تي پيو ته لطف به ان کان متاثر ٿيو. لطف شهيد صوفي شاهه عنايت جي ”جو کيڙي سو کائي“ واري نعري کان ته اڳ ئي آشنا هو ۽ شاهه سائين جي بيت ”نڪا جھل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾“وارو ماحول هن کي مارڪسي نظرئي ۾ نظر آيو. ايئن هن جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان پيچ پئجي ويا. توڙي جو هو سي پي يا ان جي ڪنهن به ذيلي جماعت جو ميمبر نه رهيو، پر هن پارٽي ميمبرن کان به وڌيڪ ڪم ڪيو.
لطف 1970ع ۾ ڪراچي آيو، جتي سندس ٻيو نمبر مامو ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادو رهندو هو، هن ڪراچي بورڊ مان پرائيويٽ ۽ 1972ع ۾ انٽر پاس ڪئي.
لطف جيئن ته سيلاني طبعيت رکندڙ آهي، ان ڪري هڪ هنڌ سندس ٽڪاءُ مشڪل آهي. 1970ع کان 1979ع تائين هو ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن شهدادڪوٽ ته ڪڏهن ٻلهڙيجي رهيو. ان دوران هن ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون، ساڳي وقت هو پارٽي جي هدايتن تي به هلندو رهيو ته فقراءَ سان به ناتو نڀائيندو آيو. هن سنڌي اخبارن ۾ لکڻ به شروع ڪيو ته هلال پاڪستان جو مهين دڙي کان عيوضي به ٿيو. ان دور ۾ مهين دڙي بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ لطف اهم ڪردار ادا ڪيو. هن هتان جي لوڪن کي ٻڌايو ته”مهين دڙي جي سر سر ڪعبي جي سر وانگر مقدس آهي ۽ مهين جي مٽي خاڪ شفا جيتري اهم ۽ اتم آهي،“ ان جو اهو نتيجو نڪتو جو ماڻهن ۾ ڪجهه سجاڳي پيدا ٿي ۽ مهين دڙي جي ڪجهه ڀيل گهٽ ٿي. مهين دڙي کان جيترو هي واقف آهي، ايترو آرڪيالاجي وارا شايد هجن. جيڪڏهن ان دور ۾ لطف صحافي نه هجي ها ته اهي آفيسر مهين دڙي جو وجود ئي وڃائي ڇڏين ها. هي جڏهن هلال پاڪستان جو نمائندو ٿيو، تڏهن سنڌ جي صحافت جو سج لٿل هو. صحافي ٿاڻي تي ويهي وڏي منشيءَ جي صلاح سان، صوبيدار کي چنڊ جهڙو پٽ ڄمڻ واريون خبرون فائل ڪندا هئا. ان دور ۾ لطف اهڙيون خبرون ڏنيون جو وڏيرن، پوليس اهلڪارن توڙي راشي آفيسرن ۾ ڦڦڙي مچي وئي.
لطف سنڌي ادبي سنگت ٻلهڙيجي شاخ قائم ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان دور ۾ هن شاعري به ڪئي ته ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا پر افسوس جو اهو سڄو رڪارڊ ضايع ٿي ويو. لطف ڪراچي سنگت جو به ميمبر ٿي رهيو.
ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران لطف جي جاءِ ڄڻ ته فقير يار محمد جو مئخانو هوندي هئي، جتي ڳوٺ جا فقراءَ، مريض، ڪم ڪار سان ايندڙ ماڻهو به اچي رهندا هئا ته ڪامريڊن جو آسڻ به اهائي جاءِ هوندي هئي. سڀني جي ڳڀي ٽڪر ۽ ٻيڙي ماچيس کان وٺي ڀاڙي جو بندوبست به لطف کي ڪرڻو پوندو هو. لطف ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر نه هوندي به انور پيرزادي جو ڄڻ ته اڻ اعلانيل سيڪريٽري هو. ان ڪري کيس سمورا ڪميونسٽ اڳواڻ سڃاڻيندا هئا. انور کي مليل پارٽيءَ جو ڪم به لطف کي ڪرڻو پوندو هو. جيئن ته ڪراچيءَ اندر سي پي ورڪر گهڻو ڪري ڀارت مان آيل هئا، جيڪي سنڌ جي ڪلچر، شاعري، قصن ڪهاڻين ۽ تاريخ کان اڻ واقف هئا. اهو لطف پيرزادو ئي هو، جنهن فيض ۽ جالب جي شاعري سان گڏ سرخ پرچم ۽ ٻين پمفليٽن ۾ پورهيت جدوجهد جي حوالي سان ڀٽائيءَ جا بيت ڏيڻ شروع ڪيا. حقيقت اها آهي ته ڀٽائيءَ جي حوالي سان انور پيرزادي جو وڏو ذريعو لطف ئي هو.
لطف پيرزادو پهرين جنوري 1979ع تي ملير هالٽ ۾ چاڪنگ ڪندي گرفتار ٿيو. ان وقت ڪراچيءَ واسي نئين سال جو جشن ملهائي رهيا هئا، لطف هڪ نوجوان سان گڏ ”مارشل لا مرده آباد“ جو نعرو ڀت تي لکي رهيو هو جو پوليس موبائل پهچي وئي. پوليس اهلڪارن کيس چتاءُ ڏنو ته ”هتان نڪري وڃو نه ته توهان کي گرفتار ڪنداسين.“ پوليس وارا اهو چئي اڳتي هليا ويا پر هن همراهه پنهنجو ڪم جاري رکيو. اڌ ڪلاڪ بعد جڏهن موبائل واپس پهتي ته کيس ساڳي ڪم ۾ مشغول ڏسي گرفتار ڪيو ويو. صبح جو کيس هوم سيڪريٽري وٽ پيش ڪين، جنهن کيس نَوَ مهينا ڊٽينشن جي سزا ٻڌائي، جنهن مان ستين مهيني سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت آزاد ٿيو. جيل مان نڪرڻ کان پوءِ ”چري ڪيئن؟ چي: ويران وير وڌ“ همراهه اڳي کان به سرگرم ٿي ويو، سندس جاءِ ڪامريڊن جي آماجگاهه هئي. روسي ادب، پارٽي ترجمان سرخ پرچم ۽ ٻيو مواد هتان ئي تقسيم ٿيندو هو. ان کان علاوه وڏي آواز ۾ بحث مباحثا به ٿيندا رهندا هئا، سو دير ئي نه ٿي. هن جي ڊرگ ڪالوني واري جاءِ تي فوج ڇاپو هنيو. ان وقت لطف، ڀائو ذلف، سندس والد ڪاڪو عبدالرحيم، زلف جو ننڍو ڀاءُ اعجاز پيرزادو، ڪامريڊ غلام حسين شر، ان جو ننڍو ڀاءُ لياقت علي شر وڪيل ۽ ‎ڄام ساقي جو ڀاڻيجو سڪندر جھنجھي گرفتار ٿيا. لطف جي جاءِ تان اهلڪارن کي 400 ڪتاب هٿ آيا، جن ۾ 100 ڪاپيون ”سويت روس ڪي مسلمان“ جون به شامل هيون، جيڪو ڪتاب ان وقت تائين اڃا ڪنهن به نه پڙهيو هو. ان سان گڏ کين ڊي ايس ايف جي روپوش اڳواڻ نذير عباسي جو 4 مارچ جي حوالي سان پيغام هٿ آيو، جنهن جي مٿان ڀٽائي جو هي بيت لکيل هو.
ڪٽ ڪڙهي لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن
مترڪن منهن ڪڍيا، سانداڻيون سهڪن
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهه مچ تي.
لطف کان انهيءَ بيت جو ترجمو ٻڌي ميجر جي منهن ۾ ست وڪڙ پئجي ويا. اتي لطف ۽ ذلف جوابداري قبول ڪندي باقي همراهن کي بي خبر ڳوٺاڻا قرار ڏنو. بهرحال همراهه 15 ڏينهن سي آءِ اي سينٽر ۾ پڇا ڳاڇا هيٺ هئا، پر جس آهي جوانن کي جن پنهنجو منجهه نه ڏنو. نيٺ لطف ۽ ذلف کان سواءِ ٻيا سمورا ماڻهو آزاد ڪري ڇڏيائون. پوءِ جڏهن کين خبر پئي ته آزاد ٿيندڙن ۾ روپوش ڪميونسٽ اڳواڻ غلام حسين شر به شامل هو، تڏهن هنن کي چوچڙي اچي وئي ۽ مارشل لا ڪورٽ جيڪا ايم پي هاسٽل ۾ هلائي ويندي هئي، اتي ذلف ۽ لطف کي 10 ڪوڙن سان گڏ هڪ سال سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي وئي. جيل گهڻن قيدين کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيندو آهي پر لطف ته جيل کي ساهراڻو گهر ئي سمجھيو. ان دور ۾ وڏا وڏا ليڊر ته اي ڪلاس ۾ ٺٺ سان هئا پر غريب سياسي ڪارڪنن جي حالت ڏاڍي خراب هئي پر لطف ان حوالي سان خوش قسمت هو. پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس ۾ ڪم ڪندڙ سندس دوست ڊيوٽي فري شاپ مان امپورٽيڊ سامان خريد ڪري لطف ڏانهن جيل ۾ موڪليندا هئا، جن ۾ سگريٽن ۽ دوائن سميت کاڌي پيتي جو سامان به شامل هوندو هو، سو هن کي اهڙي ڪابه ڏکيائي پيش نه آئي بلڪ هُو ڪيترن ئي قيدين جو ڀرجھلو هوندو هو، ڄڻ ساڳيو ئي فقير يار محمد جي مئخاني تي فقراء جي خدمت ڪري رهيو هجي.
لطف کي ڪوڙن جي سزا جو ٻڌي سندس ناني شاهه خاتون جو ته صدمي ۾ ئي دم پرواز ڪري ويو. جيل توڙي ڳوٺ ۾ اها پچار هئي ته ”هي سنهڙو، چهي جهڙو ڪمزور شخص 15 ڦٽڪا ڪيئن سهندو؟ “قيدين کي به هن لاءِ ڳڻتي هئي ۽ ڳوٺاڻا به پيا سور پچار ڪندا هئا ته لطف ڪڏهن لڱن تي لحم ئي نه چاڙهيو آهي. اهو ظالمن جا اهي درا ڪيئن جھليندو؟! نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن سندس ڪمزور جسم تي ڦٽڪن جو وسڪارو ٿيڻو هو. سڄي جيل جو ساهه مٺ ۾ هُو. هن کي باريڪ مان ٻاهر ڪڍي، ضيائي اسلامي قانون تي عمل جو سرعام نظارو پسايو پئي ويو. ڦٽڪن هڻڻ تي مامور شخص ڊوڙ پائي، گوڏو کوڙي، پوري طاقت سان مٿس ڦٽڪا وسائڻ شروع ڪيا ۽ ڪجهه پرڀرو بيٺل هڪ اهلڪار وڏي آواز ۾ هڪ هڪ ڦٽڪو ايئن ڳڻي رهيو هو، جيئن فصل جي بٽئيءَ تي ڇليون ڳڻيون وينديون آهن. پندرهن جو هوڪو ٻڌڻ کان پوءِ لطف ماٺ ٽوڙيندي چيو:”ڏٺاسين توهان جا ڦٽڪا به، انهيءَ کان ته اسڪول ۾ سائين خليفي جي مار گهڻي هوندي هئي!“ پوءِ هو بنا اسٽريچر جي پيرين پنڌ باريڪ پهتو هو. ها گهڻو عرصو پوءِ اهڙي سهپ جو راز سليندي لطف مون کي ٻڌايو هو ته ”28 ورهين ۾ 16 سال نشا ڪيا هئم. جسماني طور تي به ڪڏهن ڳر نه ڪيم. سمجھيم ته ڦٽڪا ماري وجھندا پر اهو مرشد لطيف ئي هو جيڪو ڦٽڪي ڦٽڪي سان آٿت ڏئي رهيو هو: واجهه مَ وجھه وڍ ڏي... ۽ مان پنهنجو درد وساري ڀٽائيءَ جي حضور هيءُ بيت پڙهي رهيو هئس،”جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.“
لطف جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ سڌار سنگت قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿيو. ڳوٺ سڌار سنگت قائم ٿيڻ سان اسان جو ڳوٺ ڪجهه ڏسڻ جھڙو ٿيو، جو سنگت ڳوٺاڻن جي مدد سان مٽي وجھرائي گهٽيون مٿي ڪري ڇڏيون هيون، جن ۾ اڳ مهينن جا مهينا مينهن جو پاڻي بيٺل هوندو هو. ڳوٺ سڌار سنگت جي ئي ڪوشش سان ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ بجلي آئي. ڳوٺ سڌار سنگت کوڙ سارا پروجيڪٽ هلايا، عوام جي سهولت لاءِ ڊاڪٽر زبيده ميموريل ڊسپينسري قائم ڪئي ۽ ڳوٺ جي ڀلائي وارن ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ هڪ مڇي جي کڏ به خريد ڪئي پر ان جي غلط استعمال ۽ خرچ جو حساب ڪتاب نه رکڻ تي لطف ڳوٺ سڌار سنگت کان ڪنڊائتو ٿي ويهي رهيو. سندس استعيفيٰ کان پوءِ ڳوٺ سڌار سنگت عملي طور ختم ٿي وئي.
1980ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ مهين دڙي کي درياهي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بچاءَ بند تي پٿر جو اسپر ڏنو پئي ويو، جنهن لاءِ پنجاب مان پورهيت گهرايا ويا هئا. لطف مقامي پورهيت گڏ ڪري اهڙي انياءَ خلاف جدوجهد هلائي. مقامي پورهيت سائيٽ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ته هتي پورهئي ڪرڻ جو پهريون حق مقامي ماڻهن جو آهي. جيڪڏهن انهن کي ڪم نه ڏنو ويو ته ڪوبه ولايتي هتي ڪم نه ڪري سگهندو. ان وقت ٺيڪيدار لطف سان ڳالهين ۾ چيو ”اوهان مون کان ڏوڪڙ وٺو، ڇو جو هتان جا ماڻهو پنجاب جي پورهيتن جيان ڪم نه ڪري سگهندا ۽ هي منصوبو ناڪام ٿي ويندو.“ پر لطف پنهنجي موقف تي اٽل رهيو. اهڙي نموني مقامي پورهيتن ئي اهو منصوبو توڙ تائين رسايو ۽ انتهائي معياري ڪم ڪري ڏيکاريو.
1984ع ۾ مهين جي دڙي جي ايراضيءَ مان زير زمين سم جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مهين دڙي ماسٽر پلان پاران واپڊا اسڪارپ جي سهڪار سان ٽيوب ويل منصوبو جوڙيو، جنهن تحت مهين دڙي جي چوڌاري 56 ٽيوب ويل لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين فيز ۾ 28 ٽيوب ويل لڳايا ويا. لطف اتي ٽيوب ويل آپريٽر جي نوڪري ورتي ۽ پورهيت يونين (سي بي اي) قائم ڪرائي پر پنهنجي قلندرانه ۽ رندانه طبعيت جي ڪري اتي گهڻو وقت ڪم نه ڪري سگهيو ۽ يونين اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ويهي رهيو جن پنهنجا مفاد حاصل ڪري يونين کي ڌڙن تخته ڪرائي ڇڏيو. ڪيترائي ملازم معاشي تنگ دستيءَ ۾ وڪوڙجي ويا. هت اهو ڄاڻائڻ به ضروري آهي ته جڏهن ٽيوب ويل نصب ڪيا پي ويا، تڏهن اهو ڏٺو به نه پئي ويو ته ڪو مهين دڙي جا آثار متاثر ٿي رهيا هئا. اهو لطف پيرزادو ئي هو جيڪو آثارن جي نشاندهي ڪندو هو. هن انتظاميه سان جھيڙو ڪري آثارن کي بچايو. ان لاءِ هن آرڪيالاجي کاتي سان لک پڙهه ڪري ڪيترن ئي ٽيوب ويلن جي جاءِ تبديل ڪرائي.
استاد در محمد کي پٽ جي آوارگيءَ جي ڳڻتي ورائي وئي. هن سمجھيو ته جي لطف شادي نه ڪندو ته سندس پيڙهي اتي ئي پوري ٿي ويندي! ان ڪري سائين کيس سنگت ساٿ ذريعي شادي لاءِ ستائڻ شروع ڪري ڏنو. يارن دوستن، مائٽن مٽن، رٽائر ڪامريڊن لطف کي شادي ڪرڻ لاءِ متيون ڏيڻ شروع ڪيون پر هن جي ”نه مان نه مان“ پئي پئي. نيٺ همراهن جي ايلازن ۽ ميڙن منٿن ڪم ڏيکاريو ۽ لطف مشروط طور شاديءَ لاءِ راضي ٿيو. هن سنگت معرفت سائين در محمد اڳيان جيڪي شرط رکيا انهن ۾ مکيه شرط اهو هو ته هو گهر جي ذميواريءَ کان بنهه آجو هوندو. سندس توڙي سندس ٻارن ٻچن جو سمورو خرچ سائين در محمد کي ڏيڻو پوندو. سائين در محمد سندس سمورا شرط قبول ڪري کيس رڳو سوير ڀرو گهر اچڻ جي گذارش ڪئي.
80ع وارو ڏهاڪو لطف لاءِ انتهائي مهانگو هو. علائقي ۾ ڌاڙيوالي عروج تي هئي. وڏيرن سرڪاري زمين تي ڌڙا ڌڙ قبضا شروع ڪري ڏنا هئا. پوليس آفيسر ڌاڙيلن ۽ وڏيرن سان سازباز ۾ هئا ۽ دڙي جي آثارن کي سارين جي پوک سبب نقصان پئجي رهيو هو. هن بيباڪ ٿي سمورن مسئلن تي لکيو. جنهن ڪري ڌاڙيل، پوليس ۽ وڏيرا سندس دشمن ٿي بيٺا پر هن ڪنهن کي چکي به نه ڪيو ۽ قلم رت ۾ ٻوڙي لکندو رهيو. سارين جي پوک بابت خبرن تي سيڻ به کيس ويڻ ڏيندا رهيا پر هن جو حال هي هو ته:
ماڻهو ڏيئي مهڻا، مون کي ڪندا ڪوهه
جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه، سا پٿون ٿيندي پير تي.

لطف جي ويسر ۽ غيرحاضر دماغيءَ جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته لفافي بدران پوسٽ جي دٻي ۾ قلم وجھڻ وارو عمل ته ڏهاڪو ڀيرا ورجائي چڪو آهي. لفظن کي ابتو پڙهڻ واري عادت به اٿس. جيئن پنهنجي هم عمر فيضل ماڇيءَ کان تڪڙ ۾ پن جي ٻيڙي هيئن گهريائين: ”ٻيڙل او ٻيڙل، اها فيضي ته ڏئي وڃ! “ اهڙي ئي نموني هڪ تقريب ۾ مشهور صحافي صادق جعفري جو تعارف جعفر صادقيءَ جي نالي سان ڪرائي ويو. هڪ ڏينهن اليڪشن جي موقعي تي سٺو وڳو پائي، ڪچهريءَ جو قرب قائم رکڻ وارو ”توشو“ کڻي سنگت سان مليو. لطف کي ڏسندي سندس ننڍپڻ جي دوست غلام شبير پيرزادي اتي ويٺل ڏاڏي هادن کي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ پاڻ سگريٽ وٺڻ لاءِ دڪان تي هليو ويو. ڏاڏي هادن لطف کي پنهنجي منهن سان سڏي آهستي چيو: ”لطف تون ابتي شلوار پائي آيو آهين، اها ته سبتي پاءِ!“ لطف ٺهه پهه جواب ڏنس: ”ڏاڏا، اهو تنهنجو عقل ناهي، توکي ڪنهن سپورنج ٻڌايو آهي.“
1990ع واري ڏهاڪي ۾ لطف ڪراچي ويو. جتي روزاني عوامي آواز ۾ سب ايڊيٽر ۽ ثقافت کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي پروف ريڊر ٿيو، پرگهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ کيس نوڪريءَ تان جواب ڏنو ويو، جنهن ڪري هن کاتي کي درخواست ۾ لکيو ته ڦلاڻن ڦلاڻن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهو به اوهان جي کاتي ۾ پڪا ٿي ويا آهن ۽ مون کي اجايو برطرف ڪيو ويو آهي. لطف جي اهڙي درخواست تي منهنجو پيارو دوست ارشد خشڪ بي گناهه سٽجي رهيو هو. ان وقت انور پيرزادي وچ ۾ پئي اها درخواست واپس ڪرائي. لطف جي ان عمل مون کي ڏاڍو صدمو رسايو، نه ته همراهه سراسر سون آهي. ڪجهه سالن کان پوءِ پتو پيو ته ارشد هن کي هڪ اخبار ڏيکاري هئي. جنهن ۾ پروف جي غلطي سبب هڪ ڏوهاريءَ جو نالو ارشد خشڪ ٿي ويو هو، جنهن کي ڀائو لطف موقعي تي استعمال ڪيو.
لطف جڏهن سياسي حوالي سان سرگرم هو، تڏهن به پير فقير جي عزت ۽ احترام سان گڏ ڪرامتن تي به يقين رکندو هو پر ڪميونسٽ پارٽي ٽٽڻ کان پوءِ ته همراهه جلالي فقير بڻجي ويو آهي. سيد ذات کي باقي ذاتين کان اتم ۽ اعليٰ سمجھندو آهي. توڙي جو هو ٻين فقيرن وانگر ڏاڙهي، مڇون، ڀرون ۽ پنبڻ ڪوڙائي ڪنهن جو به طالب نه ٿيو آهي پر اڻ پڙهيل سيدن کي پيرين پئي ملندو رهندو آهي. سندس ڪوشش هوندي آهي ته سيد جي مخصوص ڪيل بستري تي ٻئي ڪنهن جو پير نه پئي! انهن ڳالهين تي ساڻس اختلاف رهندو آهي. راڳ ته لطف جي به روح جي غذا آهي پر هُو تبري بازيءَ کي به سراسر حق پرستي سڏيندو رهندو آهي.
لطف سيوهڻ جي لال باغ کان لاهوت لامڪان تائين ڪيترائي ڀيرا پنڌ ڪاهيو آهي، ان پنڌ جي چپي چپي تي سندس واقفيت آهي. اسان سان سدائين شاهه، سچل، قلندر لال شهباز جھوڪ ۽ ٻين ميلن تي هلندو رهيو آهي. اتي ئي هن جي ڳڻن جي خبر پوندي آهي. همراهه سڄو سڄو ڏينهن فقراءَ جي خدمت ۾ هوندو آهي. سنگت جي پاڻي ڪانجھي، ماني ٽڪي، نشي پتي ۽ آرام جو انتظام سندس ذمي هوندو آهي. جيستائين پنهنجي کيسي ۾ ڏوڪڙ هوندس، اول اهي ختم ڪندو. اهڙن موقعن تي جيڪو به کيس ڏسندو ان کي پڪ پئجي ويندي ته همراهه ماڻهو نه پر ڪو ملائڪ آهي، جيڪو نه ٿڪجي ڪڏهن پاسو کوڙي ٿو ۽ نه وري بيزاري سندس منهن مان بکي ٿي! سنگت جي ننگر پاڻيءَ سان گڏ ٿڪلن کي زور به ڏيندو آهي. سندن مساج ڪري کين نوبنو بڻائي ڇڏيندو آهي. کٽل ٽُٽل فقراء کي ڀاڙا ڪرايا ڏيندو آهي. اهڙي خاطر تواضع جو ناجائز فائدو وٺندي ڪيترائي اڻواقف ماڻهو به اتي سيد ٿي ويندا آهن.
ڀائو لطف سڄو ڏينهن کشٽ به آهي. ٻارن پرچائڻ ۾ ته ماهر آهي. هن سان ڪمپني ۾ ٻار ته ڪڏهن به بور نٿو ٿي سگهي. ماچيس ۽ سگريٽن جي پاڪيٽ مان ڪڏهن سهي جا ڪن ٺاهيندو ته ڪڏهن گل. ٻارن سان اهڙا ته گفتا ڪندو ۽ بيت ٻڌائيندو جو اهي کلي کلي کيرا ٿي ويندا. ڳوٺ جا ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جن لاءِ لطف پڙي آهي. ساڻن اهڙا ته گفتا ڪڍندو آهي، جو ظرافت جون حدون اورتي رهجي وينديون آهن.
ها، لطف کي ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ به ايندي آهي، ان وقت ٻئي کي ايئن محسوس ٿيندو ته هاڻ ياعمر تعلق ختم ٿي ويندو پر ڪاوڙ ۾ جڏهن هُو ڀلبو آهي ته اتي ئي اتي ٽهڪ گونجي پوندا آهن پر جي لطف ڳالهائڻ ۾ نه ڀُلو ته اها ئي گهڙي سڀ وساري ويهندو. وڏي سهپ وارو شخص آهي. اهڙن اهڙن ماڻهن سان پلئه پيل اٿس، جن سان نڀائڻ آدم جي اولاد لاءِ ته انتهائي مشڪل آهي پر لک شابس آهي لطف کي جو سڀن سان هلائيندو ۽ نڀائيندو ٿو اچي. ڪيڏي به ناجائزي تي پهر ۾ ڪنهن کيس نه پرچايو ته هي پاڻ ئي ان سان پرچي ويندو:

رٺي هوند رهان، پر سرتيون سرندم ڪين ڪي
پاڻهي ٿي پرچان، ڏس نرڄايون نينهن جون.

لطف کي ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئر آهن. ٻارن سان سندس تعلق دوستيءَ وارو آهي. هن پنهنجي ٻارن کان ڪجهه به نه لڪايو. سائين در محمد جي وفات کان پوءِ پنهنجي خانداني حصي واري ڪچي جي زمين به صدين کان هارپو ڪندڙن کي سستي اگهه ۽ قسطن تي وڪڻي ڏنائين. اڄ سندس ٻار جوان ٿي ويا آهن، جيڪي محنت ڪري پاڻ ڪمائن ٿا ۽ ”ٿوري قوت قراريا“ واري رمز رکندڙ آهن. هاڻ جڏهن لطف جي فضول خرچي ۽ رلڻ تي سندس گهر واري ٽيڪا ٽپڻي ڪندي آهي ته سندس ٻار کيس روڪي چوندا آهن ”مائي ڀاڳن واري آهين، جو ابوءَ جهڙو ور مليو ٿي!“
ڀائو لطف جي سورن سان سنگت هونئن ته بنهه پراڻي آهي پر کيس گھٽ وارو گھاءُ 2014ع ۾ ان وقت لڳو جڏهن سندس ٻئي نمبر پٽ سرويچ کي جسمم سان وابستگيءَ جي ڪري ڪراچيءَ مان کنڀي گم ڪيو ويو. لطف پٽ جي گمشدگيءَ خلاف ڪنهن ٻئي در ٻاڪارڻ بدران ڀٽائي سرڪار کي دانهن ڏيڻ ويو پر سندس ان عمل کي سياسي نظر سان ڏٺو ويو. سرويچ کي پهرين آگسٽ 2014ع تي کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ 80 ڏينهن کانپوءِ سندس لاش اڇلايو ويو. ان ڏينهن ڄامشوري ۾ ميڊيا وارن جي پڇڻ تي لطف پنهنجي پٽ جي شهادت تي فخر جو اظهار ڪندي ان کي شاهه عنايت شهيد جي بي مثل قربانيءَ جو تسلسل قرار ڏنو هو. ڪوتاهه نظر دانشورن لطف جي ان ڳالهه کي سياسي ڪنن سان ٻڌو هو. پوءِ هو پنهنجي جگر جي ٽڪر جو مڙهه کڻائي ڳوٺ پهتو. ان وقت تڏي تي ويٺل ماڻهو بنهه خاموش هئا. لطف کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪنهن کي لفظ ئي نٿي سجھيا. جسمم اڳواڻ حفيظ پيرزادي کان وٺي تر جا سمورا سياسي ڪارڪن ۽ ڳوٺ واسي هڪ اکر به ڳالهائي نه پئي سگھيا. تڏهن لطف ان ماٺ کي هيئن ٽوڙيو:” يار مان ته لطيف سرڪار کان پستي پني رهيو هئس، هُن ته مونکي ٻُلندي عطا ڪري ڇڏي: جيڏيون هن جھونجھار، سڀ اجاري اڇا ڪيا!“
صبح جو جڏهن شهيد جي مڙهه کي غسل ڏئي رهيا هئاسين ته ان وقت لطف هن جي پيشانيءَ ڏانهن اشارو ڪندي ڀٽائيءَ جو بيت پڙهيو: ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهون گل جيئن.....“ مون ڏٺو ته لوندڙيءَ کان وهيل رت سرويچ جي ڏاڙهي ۽ ڏندن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو ۽ جڏهن هن جي مڙهه کي لحد ۾ لاهڻ لاءِ کڻون پيا ته مونکي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو:”اقرار! هن نظاري تي ڀٽائي سرڪار ڇا ٿو فرمائي؟
”جھمنديون اچن، جھوليون جھونجھارن جون.... “
مان انهيءَ سٽ کان اڳتي نه پڙهي سگھيس، پوءِ ڀائو لطف اهو بيت پاڻ مڪمل ڪيو.