تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

شال تنهنجا ويڙها سدائين وسندا رهن

1. محترم عبدالحئي پليجي کي آءُ گهٽ ۾ گهٽ سٺ سالن کان، سندس ننڍپڻ کان وٺي سڃاڻان. هي صاحب، هڪ لائق احترام شخصيت، ارباب نور محمد پليجي جو، هڪ لائق ۽ قابل صد احترام شخصيت جو مالڪ ۽ فرزند آهي. مون هن کان اڳ به سندس لکيل ڪتاب، عالمي عجائبات جي مهاڳ ۾ لکيو هو ته مرحوم ارباب نور محمد پليجي سان، منهنجا دوستاڻا رشتا ۽ ناتا هئا. انهن رشتن جي ڪري ئي آءُ ڪيترائي دفعا سندن ڳوٺ ٻني به ويو هوس ۽ اُتي ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون سندن مهمان به رهيو هوس.
محترم عبدالحئي پليجي ۾ به اُهي ئي سڀ خوبيون موجود آهن جيڪي سندس والد محترم ۾ هونديون هيون. مون کي اهو ياد نه آهي ته مرحوم ارباب نور محمد پليجو ته ڪو شاعر يا اديب هو، پر ايترو معلوم اٿم ته سندس دوستاڻا رشتا ۽ ناتا، سنڌ جي وڏن ۽ قداور اديبن ۽ شاعرن سان هوندا هئا. اُنهن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، سرشار عقيلي ۽ علي محمد خالدي وغيره اهم هئا.
2. محترم عبدالحئي جي لکيل ڪتابن، خاص ڪري ”سنڌي شاگرد سياست“ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هن صاحب جتي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪئي، اُتي هن، سنڌ ۾ شاگرد سياست ۾ به سرگرم حصو ورتو. آءُ نٿو ڀانيان ته سنڌ جي ڪنهن ٻئي شاگرد اڳواڻ، سنڌ جي شاگردن جي سياست جي باري ۾ ڪو اهڙو معلوماتي ڪتاب لکيو آهي. جيتوڻيڪ شاگرد اڳواڻ ٻيا به ته ڪيترائي هئا جن جا نالا هن وقت به منهنجي ذهن تي موجود آهن، پر سنڌي شاگرد سياست جي باري ۾ اهڙو معلوماتي ڪتاب، ڪنهن ٻئي شاگرد اڳواڻ جو لکيل منهنجي نظر مان نڪتو نه آهي.
شاگردن ۽ ٻين نوجوانن جي سياست جي باري ۾، محترم غلام حسين رنگريز به لکيو آهي. منهنجي نظر ۾، اِنهن ٻنهي احبابن جي سياست، محترم سائين جي. ايم. سيد جي شخصيت جي چوڌاري ڦري ٿي، سوچڻ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته سائين جي. ايم. سيد جا اُهي پيرو جن ”سنڌو ديش“ جو نعرو هنيو هو، اُهي سڀ هنيئر ڌار ڌار گروهن ۾ ورهائجي ويا آهن، ڀارت جي ڳٺ جوڙ سان بنگلاديش ته ٺهي ويو، پر سندو ديش جو نعرو هڻڻ وارا ٽڙي پکڙجي ويا، بنگلاديش دراصل پنجابي ڪامورن ۽ ڪارخانيدارن جي غلط رويي سبب ۽ شيخ مجيب الرحمان جهڙي اڳواڻ جي ڪري ٺهي ويو، نه ته بنگلاديش جو ٺهڻ به ممڪن نه هو.
3. محترم عبدالحئي پليجي سان منهنجي ڪڏهن به ڪا طويل ملاقات ٿي نه آهي. اسان جيڪڏهن پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ٽي چار ڪلاڪ گڏ ويهي گذاريو آهي ته اهو به ڀارت جي شهر دهليءَ ۾ ڀارت ۾ مقيم سنڌي اديبن ۽ شاعرن طرفان ڪوٺايل Cross Border Conference جي موقعي تي، سال 2004ع ۾، اُن ڪانفرنس ۾ آيل اديبن ۽ شاعرن کي، دهليءَ جي مشهور سنڌي وڪيل، رام ڄيٺ ملاڻيءَ طرفان، ڊنر تي سڏايو ويو هو. اُن ڊنر ۾ محترم پليجو، سندس جيون ساٿي مومل ۽ سندس نياڻي، ڊاڪٽر پارس سنڌو ۽ آءُ هڪ ئي ٽيبل تي ويٺل هئاسين، هن ڊنر ۾ ڊاڪٽر سنڌو، سندس والدين سميت منهنجي به ڄڻ ته ميزبان هئي. اسان ٽنهي لاءِ پليٽن ۾ کاڌو به کڻي آئي ۽ ٻيو به تمام گهڻو خيال رکيائين.
معلوم نه آهي ته محترم عبدالحئي پليجي، ڀارت واري سندس انهيءَ سفر کي تحريري صورت ۾ آندو آهي يا نه؟ جيڪڏهن آندو اٿس ته سنڌ مان جيڪي به احباب، انهيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا هئا، اُنهن سان ڪانفرنس ڪوٺائڻ وارن جو رويو ڪيئن هو، پر ڪانفرنس جي منتظين، مون سان جيڪا نفري ڪئي، اُن کي اڄ به آءُ وساري نه سگهيو آهيان، اُن موقعي تي دهليءَ ۾، منهنجو دوست ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ سندس شاگرد جيڪو هاڻ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پروفيسر آهي، يعني ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي، منهنجو سهارو نه بڻجن ها، ۽ جنهن هوٽل ۾ مون کي رهايو هئائون، اُن جو بل آءُ پنهنجي کيسي مان نه ڀريان ها ته هوٽل جو مالڪ شايد مون کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏي ها.
4. محترم عبدالحئي پليجي کي مون، ويجهڙائيءَ ۾ وري به پڙهيو آهي، هن وقت به سندس لکيل ٽي ڪتاب ، هر هڪ: ”عالمي عجائبات“، ”تن سپون سوجهي ڪڍيون“ ۽ ”لُنڊن جا ڏينهن ۽ اسڪائلينڊ جون راتيون“ منهنجي بيڊروم ۾ موجود آهن.
محترم عبدالحئي پليجي جتي سفرناما لکيا آهن اُتي هن آتم ڪهاڻي، تحقيقي مضمون، خاڪا ۽ ادبي خط به لکيا آهن، ڪل سفرناما تيرهن کن لکيا اٿس، سفرناما ٻين به ڪيترن ئي اديبن لکيا آهن، اردوءَ ۾ مستنصر حسين تارڙ ۽ ابن انشاءَ جا لکيل سفرناما به پڙهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ قاضي عبدالمجيد ”عابد“ جو لکيل سفر ”يورپ جي ڊائري“، اهڙيءَ طرح سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ، الطاف شيخ، سليم (اديبات وارو) ۽ فهيم نوناري توڙي ٻين جا لکيل سفرناما به پڙهيا اٿم. مون به مرحوم خان محمد پنهور جي رسالي، ”پارس“ ۾، جپان واري منهنجي سفر بابت ڪجهه ڳالهيون ڏهن کن قسطن ۾ لکيون هيون. اها حقيقت آهي ته هر سفرنامه نويس جي لکڻ جو انداز پنهنجو هوندو آهي. محترم عبدالحئي پليجي جو، سفر نامي لکڻ جو انداز بيان اُن اُستاد جي انداز بيان جهڙو آهي. جيڪو هر نقطي جي بيان لاءِ اُن جي تهه تائين وڃي ٿو، ۽ اُن کي اهڙيءَ طرح ته بيان ڪري ٿو جو هر منظر ۽ هر واقعي جو نقش اکين اڳيان ترڻ لڳندو آهي.
الطاف شيخ کي ته سنڌ جو هر اديب ۽ شاعر، سنڌ جو ابن بطوطه سڏيندو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي لکڻ جو انداز پنهنجو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسي جيئن ته پاڻ به هڪ ڪامياب مصور هو، انهيءَ ڪري هن، پنهنجي سفر نامي ۾ يونان جي فنڪارن جي فن مجسمه سازيءَ ۽ انهن جي فنپارن جو جهڙي انداز ۾ نقشو چٽيو آهي، بيان ڪرڻ جو اهڙو ڏانءُ، هر سنڌي سفرنامه نويس کي نصيب ڪونه ٿيو آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جئين ته هڪ مڃيل شاعر به هو، انهيءَ ڪري هن پنهنجي مصوريءَ ۽ شاعراڻي ڏات کي يونان جي فنڪارن جي فن کي بيان ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو، يورپ جي ملڪ اٽليءَ جي شهرن نيپلس ۽ روم کان سواءِ وينس شهر جي ڀگوڊا ۾ سفر ڪندي اُتي جيڪي منظر مون ڏٺا ۽ اُتي جيڪي منهنجا احساس هئا، اُنهن کي آءُ ڪاغذ تي آڻي نه سگهيس ڇاڪاڻ ته علم اللسان سان منهنجي چاهه، مون کي ٻئي ڪنهن به موضوع تي لکڻ جي اجازت ئي ڪانه ڏني.
مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته محترم عبدالحئي پليجو هڪ سٺو سفرنامه نويس، سوانح نگار، مضمون نگار، آتم ڪهاڻي نويس، افسانه نويس، واقع نگار، حقيقت نگار ۽ هڪ بهترين محقق به آهي. سندس ڪتاب ”عالمي عجائبات“، جنهن جو مهاڳ به مون کان لکايو هئائين، اُن ڪتاب ۾ پليجي صاحب طرفان بيان ڪيل ٻين عالمي عجائبات کان سواءِ، اَجنتا، ۽ ”اروڙا“ غارن جي باري ۾ هڪ حقيقت نگار ۽ نقش نگار اديب وانگر هن اهڙي ته دلچسپ نقش نگاري ڪئي آهي جو پليجي صاحب جي اُن انداز بيان جو صحيح تجزيو اُهي صاحب ئي ڪري سگهندا جن اهي عالمي عجائبات، پنهنجين اکين سان ڏٺا هوندا، مون اهي عالمي عجائبات، 1997ع ۾، منهنجي دوست ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڏٺا هئا، انهيءَ ڪري آءُ پليجي صاحب جي انداز بيان کي سمجهي سگهان ٿو.
5. محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. منهنجي نظر ۾ محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀريو پيو آهي، مضمونن تي مشتمل، محترم عبدالحئي پليجي جو لکيل ٻيو مجموعو ”تن سپون سوجهي ڪڍيون“ به آهي، پر سندس هن مجموعي ۾ شامل مضمون نهايت ئي ناياب ۽ اهم مواد سان ڀريل آهن، جنهن لاءِ هونئن جيڪر محققن کي سوين تحقيقي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب اُٿلاڻا پون ها. مثال طور هن ڪتاب جي شروعات ئي اهڙن مصمونن سان ڪئي اٿس جيڪي دنيا جي تاريخ ۾ اڄ به اهم ليکيا ويندا آهن، ۽ انهن مضمونن ۾ شامل مواد لاءِ محقق کي سوين مضمون ۽ مقالا هٿ ڪرڻا پون ها، هن ڪتاب جو ايڪيتاليهون مضمون، ”واٽر گيٽ اسڪئنڊل“ آهي. اهو مضمون آمريڪا جي سياسي تاريخ ۾ وڏي اهميت ٿو رکي. اُن کان اڳ ۾ ڏِنل مضمون آهي ”اقوام متحده جو قيام“، اهڙيءَ طرح ”هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ائٽمي بمباري“، اُن کان پوءِ ”پهرين عالمي جنگ“، ”ٻي عالمي جنگ“، ”صليبي جنگيون“، ”شهادت حضرت امام حسين عليھ“، ”روم جو عروج ۽ زوال“، ”فرانس جي تاريخ جا دلچسپ واقعا“، ”اٽليءَ جي تاريخ جا نه وسرندڙ واقعا“، ”بني اسرائيل جي فرعون کان آزادي ۽ فلسطين ڏانهن روانگي“، ”آمريڪا جي دريافت ۽ سياسي استحڪام“، ”اڪينو جو قتل“، ”اسپين جي فتح ۽ طارق بن زياد“، ”سُئيز ڪئنال واري جنگ“، ”حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي چاڙهڻ“، ”انسان ذات جي تخليق جو عظيم ترين واقعو“، ”تخليق حضرت آدم عليھ السلام“، ”طوفان نوح عليھ السلام“، ”حضرت محمد صلي عليھ السلام جن کان اڳ ۽ پوءِ عربن جو احوال”، ”ولادت نبوت ۽ هجرت“ کان سواءِ ”عربن طرفان سنڌ جي فتح“، ”شهادت ذوالفقار علي ڀٽو“، شهادت بينظير ڀٽو. اهي سڀ اهڙا ته تاريخي، ثقافتي ۽ معلوماتي مضمون آهن، جن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته محترم عبدالحئي پليجو، وڏي مطالعي ۽ سوچ وارو مفڪر آهي، ۽ سندس هي ڪتاب، واقعات عالَم، ڪنهن به عالمي معيار واري مجموعي کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي.
6. موجوده زماني ۾ علم جي ڄاڻ ايتري قدر ته وسيع ٿي وئي آهي جو هاڻ هر ماهر به ڪنهن خاص مضمون ۾ مهارت (Specializes) رکندو آهي، ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماهر نظر ايندا آهن، جيڪي هن زماني ۾ هر فن موليٰ هوندا آهن، جيئن ويجهڙائيءَ ۾، سنڌ ڄائو علامه آءِ آءِ قاضي ٿي گذريو آهي.
مون کي ياد آهي ته سال 1978ع ڌاري هڪ آمريڪن پروفيسر سنڌ يونيورسٽيءَ جي مطالعاتي دوري تي آيو هو، سنڌ يونيورسٽيءَ جو اُن زماني ۾ وائيس چانسيلر، محترم شيخ اياز هو، هن آمريڪي پروفيسر جي مطالعاتي دوري جو اهتمام، آمريڪي ڪائونسلر جنرل ڪيو هو، هوُ صاحب، محترم شيخ اياز وٽ ٻه ٽي ڪلاڪ ويٺو رهيو، اُن وچ ۾ مرحوم شيخ صاحب مون کي گهرائي حڪم فرمايو ته هن مهمان کي هاڻي تنهنجي حوالي ٿو ڪريان. هن کي سنڌالاجي گهمائي ۽ سنڌ بابت مڪمل معلومات به ڏي، ۽ پوءِ لنچ لاءِ منهنجي بنگلي تي وٺي اچج. اُن آمريڪي پروفيسر کي آءُ سنڌالاجي وٺي آيس. کيس سنڌالاجيءَ جو سڄو ميوزيم، سنڌ آرٽ گئلري ۽ لائبرري گهمايم، پوءِ کيس سنڌ متعلق ٺهرايل سلائيڊ ڏيکاريم، ۽ پوءِ کيس منهنجيءَ آفيس ۾، سنڌي الاجيءَ جي سڀني اهم ڪارڪنن سان گڏ چانهه پياريم، چانهه تي اُن آمريڪي پروفيسر مون کي مخاطب ٿي چيو ته:
”ڊاڪٽر الانا! مون گهڻو ڪري اڌ دنيا گهمي ڏٺي آهي، هر ملڪ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ انهن جي سربراهن سان به مليو آهيان، منهنجي نظر ۾ ، سنڌ يونيورسٽي، سڄيءَ دنيا ۾ ٻن خوبين جي ڪري شهرت جي مالڪ ٿي سگهي ٿي. اُنهن مان هڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ۽ ٻيو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. اوهان جي وائيس چانسيلر جي ذهانت، قابليت ۽ علمي ڄاڻ جي آءُ ڪهڙن لفظڻ ۾ تعريف ڪريان. آءُ آمريڪي ادبيات جو هڪ مڃيل پروفيسر آهيان، پر اوهان جي وائيس چانسيلر سان ٽن ڪلاڪن جي ملاقات ۾ مون محسوس ڪيو ته آمريڪي ادبيات جي مطالعي“ ۾ هُو مون کان به وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو، نه فقط اهو پر هوُ صاحب يورپ جي ادب ۽ مشرقي ادب جو به وڏو ڄاڻو آهي، پر شيخ اياز جي سڃاڻپ، عالمي سطح تي بلڪل ڪانهي ڇاڪاڻ ته نه هن پاڻ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪجهه لکيو آهي ۽ نه ئي وري سندس ڪنهن نقاد، سندس ڪلام ۽ سندس لکيل نثر جي باري ۾ ، انگريزيءَ ۾ ڪو آرٽيڪل ئي لکيو آهي، اوهان ههڙيءَ عالمي شخصيت کي، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.“
هن اڳتي چيو ته:
”ٻيو آهي اوهان جو ادارو انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي. يقين ڪريو، ڊاڪٽر الانا! هن اداري جهڙو ادارو مون دنيا ۾ ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ ڪو نه ڏٺو آهي، جتي ائنٽراپالاجي ۽ ڪلچر جي باري ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا معلومات ملندي هجي.“
7. آءُ چاهيان ٿو ته عام پڙهندڙن کي، محترم عبدالحئي پليجي جي لکيل ڪن مضمونن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان، صفحي 351 کان صفحي 356 تائين، سنڌ ڄائي دنيا جي هڪ عظيم ۽ ذهين انقلابي شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت جي باري ۾، محترم پليجي لکيو آهي ته:
”برِصغير ۾ ڀٽي خاندان ۽ نهرو خاندان پنهنجي حيثيت مڃرائي، دنيا جي اڳيان ثابت ڪيو آهي ته سندن هٿ عوام جي نبض تي هئا ۽ عوام جي واضح اڪثريت ساڻن گڏ هئي، پاڪستان ۾ واحد ڀٽو ئي ليڊر آهي جنهن تي ملڪي ۽ غير ملڪي صحافين، ليکڪن ۽ سياستدانن گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي، غير ملڪي ليکڪن ۾ ڀٽي تي لکندڙن ۾ ٻين سان گڏ، اٽالين صحافڻ “اورريانا فلاسي” به آهي، جنهن هڪ هنڌ لکيو آهي ته! “مون آمريڪا جي وزير خارجه، ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کان انٽرويو ورتو، ته پاڻ مون کان هڪ سوال ڪيائين ته تو سڄيءَ دنيا جي ماڻهن کان انٽرويو ورتا آهن، اُنهن سڀني ليڊرن مان توکي وڌيڪ ذهين ڪير لڳو؟ ته مون چيس ته ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن تي ڊاڪٽر ڪسنجر چيو ته واقعي ڀٽو دنيا جو ذهين ترين ليڊر آهي، چون ٿا ته ڀٽو جڏهن وزير خارجه هو، تڏهن آمريڪا جي دوري دوران، تنهن وقت جي آمريڪي صدر جان ڪينڊي کانئس متاثر ٿي کيس چيو ته تون جيڪڏهن آمريڪي شهري هجين ها ته آءُ توکي پنهنجو وزير خارجه ڪريان ها. جنهن تي ڀٽي کيس پر اعتماد انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن آءُ آمريڪي شهري هجان ها ته اڄ آمريڪا جو صدر تون نه پر آءُ هجان ها، ۽ توکي وزير خارجه طور کڻان ها. ڀٽي جي انهيءَ جواب تي ڪينڊي ڏاڍو کليو.“
عبدالحئي پليجو صاحب، ساڳئي سلسلي ۾ اڳتي لکي ٿو: ”واقعي ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کي سال ٿي ويا آهن پر جيئي ڀٽو جو نعرو اڄ به سڄي پاڪستان ۾ ائين گونجي ٿو جيئن سندس حياتيءَ ۾ گونجندو هو. پاڻ ويس بدلائي، ٻئي روپ ۾ به انهن طاقتن سان وڙهي رهيو آهي، جيڪي هن ملڪ تي حڪومت جو اڪيلو حق سمجهن ٿيون، جنهن نسل نه ڀٽي کي ڏٺو آهي ۽ نه ئي اُن کي ڪڏهن ٻڌو، اهو نسل به اڄ، جيئي ڀٽو جو نعرو ٿو هڻي. اُن جو ڪو ٻيو سبب ڪونهي، سواءِ اُن جي ته نئون نسل به اُن حقيقت کان واقف آهي ته عام غريب ماڻهوُءَ جي زبان، ذوالفقار علي ڀٽي جي وات ۾ هئي.
پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو هئائين: ”اب آپ مجهي بڙي هي شوق سي ڦانسي پر چڙها سڪتي هين“، جنهن تي فيض احمد فيض چيو:
لاؤ تو قتل نامہ میرا، میں بھی دیکھوں،
کس کس کی مہر ہی، سرِ منظر لگی ہوئی۔ (ص 356)
اهڙيءَ طرح هي سڄو مضمون شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت، ڪردار ۽ سندس باري ۾ بيان ڪيل واقعن سان ڀريل آهي.
ساڳيءَ طرح صفحي 395 کان صفحي 400 تائين ”شهادت بينظير ڀٽو“ جي عنوان واري مضمون ۾، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ ڪردار بابت پليجي صاحب هن طرح اظهار ڪيو آهي: ”سنڌ هزارن سالن جي تاريخ ۾ اسان ڪَنئِين بي مثل انمول انسان ڏٺا، جن جي هڪ طويل فهرست آهي، پر آءُ هت صرف ويهين صديءَ جي انهن اهم عظيم انسانن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان جن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علامه آءِ آءِ قاضي، جي. ايم. سيد، شيخ اياز، مرزا قليچ بيگ، شهيد فاضل راهو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ مولانا خالد محمود سومري جهڙا عظيم انسان پيدا ٿيا، پر اسان جو اڄ جو موضوع صرف شهيد بينظير ڀٽو آهي، جنهن پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڪيئن ڏک ۽ سک ڏٺا. پاڻ پهريون دفعو اسان کي اُن وقت منظر عام تي نظر اچي ٿي، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ملڪ جو وزيراعظم هو، ۽ هُوءَ وزارت خارجه ۾، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري ٿي ۽ پاڻ اسلام آباد ۾ ڪنهن يوٽلٽي اسٽور تان قطار ۾ بيهي، راشن يا شايد کنڊ ٿي وٺي، انهيءَ جو ذڪر، اُن وقت جي سڀني اخبارن ۾ شايع ٿيو، انهيءَ کان پوءِ کيس شملا ٺاهه وقت هندستان جي اخبارن ۾ وڏي شهرت ملي، ۽ ائين هوءَ آهستي آهستي پاڪستان جي اخبارن جي زينت بڻجندي رهي.“
پليجو صاحب پنهنجي ساڳئي مضمون ۾ اڳتي لکي ٿو:
”ڪرنل رفيق الدين پنهنجي ڪتاب ”ڀٽو جا آخري 323 ڏينهن“، ۾ صفحي 64 تي لکي ٿو:
”بينظير جي باري ۾ ڀٽي صاحب جيل ۾ مون کي ٻڌايو ته آءُ رهان يا نه رهان پر بينظير هڪ ڏينهن پاڪستان جي غريب عوام کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي منزل مقصود تي ضرور پڄائيندي.“
ڪرنل رفيع الدين جي ساڳئي مضمون جي حوالي سان، عبدالحئي پليجو صاحب اڳتي لکي ٿو:
”شهيد ڀٽو، بينظير جي دل ۽ دماغ جي صلاحيتن جي بيحد گهڻي تعريف ڪندو هو، هڪ دفعي ته ڀٽي صاحب، ائين به چيو ته هوءَ هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ ثابت ٿيندي. واقعي هوُءَ پاڪستان جي ٻه دفعا وزيراعظم ٿي، سڄيءَ دنيا ۾ شهرت ماڻي ۽ شهيد ٿي هوُءَ بينظير ثابت ٿي.“
ڪرنل رفيع الدين جو حوالو ڏيندي پليجو صاحب اڳتي لکي ٿو:
”ڪيترائي دفعا، ملڪ کان ٻاهر ماڻهو اسان کان پڇندا آهن ته توهان جي ملڪ جو نالو ڇا آهي؟ ته اسان پاڪستان چوندا آهيون، پر هوُ سوچي پوءِ چوندا آهن ته : Oh! Lady prime Minister معنيٰ ته دنيا جا ماڻهو، پاڪستان کي به بينظير جي ڪري سڃاڻن ٿا.“
محترم عبدالحئي پليجو، ڪرنل رفيع الدين جي مذڪوره ڪتاب جي صفحي 114 جي حوالي سان اڳتي لکي ٿو: ”شهيد ڀٽي ۽ بينظير جي آخري ملاقات جڏهن جيل تي ٿي ته بينظير پٽ تي ويٺل هئي ۽ سندن وچ ۾ لوهي شيخون هيون.“
محترم پليجو، ڪرنل رفيع الدين جي ڪتاب جي حوالي سان، صفحي 396 تي، شهيد محترم بينظير ڀٽو جي، قيد خاني وارن ڏينهن ۾ ڪيل گفتگو جي حوالي سان لکي ٿو:
”آئون هت ڇو آهيان، ۽ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي، وري قيد خانو، سنڌ جي صحرا ۾ هڪ پراهون جيل، ڏاڍي ٿڌ، قيد خاني جي گهڙيال مان ٺڪاءُ نڪرن ٿا، رات جو هڪ منٽ به سمهي نٿي سگهان، منهنجي ڪوٺڙيءَ جون چارئي ڀتيون سيخن جون آهن، جن جي وچ مان صحرا جي برفاني هوا ڌوڪيندي پيئي اچي. اها ڪوٺڙي، هڪ وڏي پڃري مثل ۽ تمام گهڻي ڪشادي آهي، جنهن ۾ رڳو هڪ واڻيل کٽ پيل آهي، آءُ اُن کٽ تي ڪرونڊڙي ٿيان ٿي ۽ پاسا ورايان ٿي، منهنجا ڏند پيا کڙڪن، مون وٽ نه سئيٽر آهي ۽ نه بِلَينڪيٽ ڪي به ڪونهي، مون کي رڳو سلوار ۽ قميص پيل آهي جيڪا به پنج ڏينهن اڳ، ڪراچيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ مهل مون کي پاتل هئي.“ وري صفحي 197 تي، سکر جيل جي گرميءَ بابت بيان ڪري ٿي. ”مئي مهيني ۾، سکر ۾ گرمي شروع ٿي، خشڪ ۽ ساڙيندڙ گرمي، جنهن ڪري منهنجي ڪوٺي کورو ٿي پيئي آهي، اُن جي پاسن کان گرم هوا لاڳيتي پئي آئي، ريگستان جي ويجهو هئڻ ڪري، اُهي گرم هوائون 110 کان 120 سينٽي گريڊ ڊگرين تائين ٿي پهتيون. منهنجيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ لاڳيتا واچوڙا پيا لڳنداه هئا. پگهر نڪرڻ ڪري، مون تي مٽيءَ جا ذرڙا چهٽي پوندا هيا، منهنجي چمڙي خشڪ ٿي، ڦاٽي پيئي، ۽ هٿن تان تهه لهڻ لڳا هئا، منهنجي منهن تي وڌيڪ داڻا نڪري آيا، اُنهن ۾ پگهر پوندو هو ته اهي تيزاب وانگر ساڙيندا هئا، منهنجا وار، جيڪي هميشه گهاٽا هوندا هئا، اُهي هاڻ مُٺين جون مُٺيون ٿي ڇڻڻ لڳا هئا. مون وٽ آرسي به ڪا نه هوندي هئي، پر آءُ مٿي جي کل کي پنهنجن آڱرين سان محسوس ڪري پيئي سگهيس؛ گهميل ميري ۽ اُگهاڙي؛ روز صبح جو مون کي منهنجي وهاڻي تي وارن جا ڇڳا نظر ايندا هئا. ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيترائي جيت، حملو ڪندڙ فوجين وانگر ڪاهي ايندا هئا. تڏيون، مڇر، زهريليون مکيون ۽ ماکيءَ جون مکيون هميشه منهنجي منهن تي ڀون ڀون پئيون ڪنديون هيون، يا منهنجن لڱن تي پئيون سرنديون هيون...“
مطلب ته محترم عبدالحئي پليجي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو هي سربستو بيان، افسانوي انداز ۾، ڪردار نگاريءَ واري خوبيءَ ۽ رقت آميز پيرائي ۾، اهڙيءَ طرح ته چٽيو آهي جو هر پڙهندڙ، اهو بيان محسوس ڪري ٿو، ۽ هر پڙهندڙ جي دل ۾ شهيد محترمه لاءِ بي انتها همدردي پيدا ٿئي ٿي، حقيقت ۾ جيئن شاهه لطيف، پنهنجي رسالي ۾، پنهنجي ڪردار، مارئيءَ جي بيڪسيءَ واريءَ ڪيفيت کي بيان ڪري، جنهن انداز بيان سان، مارئيءَ جي ڪردار جو نقشو چٽيو آهي، لڳ ڀڳ اهو ئي ساڳيو انداز بيان، محترم عبدالحئي پليجي به سنڌ جي هاڻوڪي دور جي مارئيءَ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي بيڪسيءَ واريءَ حالت جو نقشو چٽيو آهي.
8. محترم عبدالحئي پليجي، هليري ڪلنٽن جي لکيل آتم ڪٿا، ”زنده تاريخ جي صفحي 398 تي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي باري ۾ لکيل تاثرات کي، هن ڪتاب (واقعات عالم) جي صفحي 219 تي هوُبهو دُهرايو آهي. محترمه هليري ڪلنٽن، پنهنجن تاثرات ۾ لکيو آهي:
”بينظير، دنيا جي هڪ اُها ممتاز شخصيت ۽ ليڊر آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ مون کي قطار ۾ بيهي، ڪافي انتظار ڪرڻو پيو هو، هيءَ 1989ع جي ڳالهه آهي، جڏهن بحيثيت وزيراعظم پاڪستان، هوُءَ لنڊن جي دوري تي آيل هئي. آءُ ۽ منهنجي ڌيءَ چيلسي، لنڊن گهمي رهيون هيونسين ته اسان انٽر هوٽل جي اڳيان، ماڻهن جا هجوم ڏٺا، اسان اُتي هڪ شخص کان پڇيو ته هت هيڏي رش ڇو آهي؟ ته هن اسان کي ٻڌايو ته بينظير ڀٽو هن هوٽل ۾ ٽڪيل آهي ۽ ٿوريءَ دير ۾ هتي پهچڻ واري آهي. اهو ٻڌي اسين به قطار ۾ بيهي رهيونسين، اسان هن کي تمام ويجهڙائيءَ کان هلندي ڏٺو، هوُءَ ليموزين ڪار مان لٿي هئي ۽ تمام وڏي وقار سان هلندي، وڃي هوٽل جي لابيءَ ۾ داخل ٿي، هن کي هئڊي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا، ۽ ڏاڍي سمارٽ لڳي رهي هئي.“
پنهنجي ساڳئي مضمون ۾، محترم پليجو، شهيد محترمه جي اعليٰ ڪردار جي باري ۾، پنهنجا تاثرات بيان ڪندي، صفحي 199 تي لکي ٿو: ”اهڙي عظيم پيءُ جي شهادت ۽ شاهنواز جي موت کان پوءِ، هڪ طويل جلاوطنيءَ، جيلن ۽ جدوجهد کان پوءِ، آخر هڪ سمجهوتي تحت: ”ته هوُءَ اڳوڻي افغان پاليسي برقرار رکندي، صدر طور، غلام اسحاق خان جي مدد ڪندي ۽ ضياءُ وارو ساڳيو وزير خارجه ۽ خزاني جي ائڊوائيزر، وي-اي جعفريءَ کي مقرر ڪندي ، ۽ ائين هن، 6 نومبر، 1988ع تي، سڄيءَ اسلامي دنيا ۾ پهرين عورت وزيراعظم طور قسم کنيو، پر اصل حاڪمن کيس سندس ويهن مهينن جي دور اقتدار ۾ هڪ ڏينهن به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو.“
9. منهنجو هي مهاڳ گهڻو طويل ٿي ويو آهي، پر انهيءَ هوندي به آءُ چاهيان ٿو ته هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن مان، آءُ، ”عربن طرفان سنڌ جي فتح، ۽ دنيا جي اُن عظيم انقلابي اڳواڻ، ”نيسلن منڊيلا“، جنهن جي قيادت ۾، ڏکڻ آفريڪا ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، مضمونن جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪريان ڇاڪاڻ ته انهن موضوعن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي. محترم عبدالحئي پليجي جو لکيل مضمون، بعنوان، ”عربن طرفان سنڌ جي فتح“ صفحي 135 کان شروع ٿئي ٿو، ۽ صفحي 142 تي ختم ٿئي ٿو، مثال طور صفحي 135 ۽ 136 تي، مسلم دنيا جي ٽِئين خليفي حضرت عثمان جي دور ۾، عربن طرفان، سنڌ تي حملي ڪرڻ کان اڳ، ملڪ (سنڌ) جي صورتحال جو ذڪر ڪندي، پليجو صاحب لکي ٿو ته:
”ٽئين خليفي، حضرت عثمان رضه جي حڪومت دوران، سنڌ تي حملي ڪرڻ کان اڳ، اُتي جي صورتحال ڄاڻڻ واسطي، حڪيم بن جبلھ کي جاسوسيءَ لاءِ سنڌ موڪليو ويو، سندس موٽڻ تي کيس خليفي جي اڳيان حاضر ڪيائون، جتي بيان ڏنائين ته! ”سنڌ جو پاڻي ميرو، ميوو کٽو، زمين پٿريلي ۽ مٽي ڪلراٺي آهي، سنڌي بهادر پر دوکيباز آهن، ٿورا فوجي، ترت تباهه ٿي ويندا، ۽ گهڻي فوج، اُتي بک جو شڪار ٿي ويندي، خليفي، مذڪوره بيان مواقف، سنڌ تي فوج ڪشي روڪي ڇڏي.
چوٿين خليفي، حضرت علي عليھ، شاغربن ذغر جي اڳواڻيءَ ۾، وڏي لشڪر کي، سنڌ جي سرحد تي چاڙهي موڪليو، جنهن 42 هجريءَ ۾، ڪيڪانان پهچي، جنگ جو اعلان ڪيو. اُن تي ڪوهه پايه ۽ ڪيڪانان جا ماڻهو گڏ ٿي اچي حمله آورن سان سامهون ٿيا، جنگ اڃا جاري هئي ته عرب فوج کي، خليفي جي شهادت جي خبر پهتي، تنهن ڪري اُها (عرب فوج) واپس مڪران موٽي آئي جتي کيس معاويه جي خليفي ٿيڻ جو پتو پيو.
معاويه پوءِ، عبدالله بن سوار کي، چار هزار سوارن وارو وڏو لشڪر ڏيئي، ڪيڪانان تي چاڙهي موڪليو، جتي جنگ ۾، سالار سميت، گهڻو اسلامي لشڪر مارجي ويو، باقي بچيل سپاهي مڪران موٽي آيا.
تنهن کان پوءِ، سنڌ جي سرحد يعني مڪران تي، سنان بن سلمھ حاڪم مقرر ٿيو، جنهن کي خليفي، ٻن سالن کانپوءِ لاهي، راشد بن عمرو کي مقرر ڪيو، راشد پڪي تياري ڪري، وڏو لشڪر وٺي اچي، سنڌ جي ڪيڪانان شهر تي ڪڙڪيو، ۽ خطرناڪ لڙائي ڪندي، نيٺ گهڻي لشڪر سميت مارجي ويو، ۽ باقي اسلامي فوج، مڪران موٽي وئي.
تنهن کان پوءِ سنان بن سلمھ کي، مڪران تي وري ٻيو ڀيرو حاڪم مقرر ڪيو ويو، هوُ پڻ زبردست لشڪر سان ڪاهي آيو، پر ٻڌيھ ۾ جنگ دوران مارجي ويو، تنهن بعد، مڪران تي منذر بن جا رود حاڪم مقرر ٿيو، هوُ جڏهن سنڌ جي سرحد ۾ لشڪر ساڻ ڪري، پورالي نديءَ وٽ پهتو ته بيمار ٿي پيو، مڪران ۾ موجود سندس پٽ، حڪم کي بيماريءَ جو اطلاع ڪيو، پر پاڻ ترت وفات ڪيائين. ان ڪري سندس جاءِ تي، سندس پٽ، حڪم بن منذر، سنڌ جي سرحد جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.“
سوچڻ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته عربن طرفان، سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ، 93هه/712ع کان اڳ، ايترا سارا حملا ڪيا ويا جن ۾ کين هر دفعي ناڪامي نصيب ٿي، اهو سربستو احوال، محترم عبدالحئي پليجي ڪٿان هٿ ڪيو، ڇاڪاڻ ته منهنجي مطالعي موجب، ٻئي ڪنهن به سنڌي مؤرخ، عربن طرفان، سنڌ تي ايترن سارن حملن جو ذڪر ڪٿي به ڪونه ڪيو آهي، بلڪه چچنامي ۾ به عربن جي انهن حملن جو ذڪر ڪيل ڪونهي.
اُن کان پوءِ خليفي وليد بن عبدالملڪ جي خلافت واري زماني ۾، 93هه/712ع ۾، محمد بن قاسم جي هٿان، سنڌ جي راجا ڏاهر کي شڪست ڏني وئي، سنڌ جي انهيءَ فتح جي باري ۾ سنڌ تي لکيل هر تاريخ ۾ ذڪر ڪيل آهي، محترم عبدالحئي پليجي، عربن جي سنڌ جي فتح لاءِ ڪيل ايترن سارن حملن، عربي فوج جي ناڪاميءَ جو ذڪر، اهڙي ته انداز سان ڪيو آهي جو پڙهڻ وقت ائين ٿو محسوس ٿئي ته پليجو صاحب پاڻ اُتي، جنگ جي ميدان ۾ موجود هو، نثر نويسيءَ جي انهيءَ خوبيءَ کي، واقع نگاري ۽ نقش نگاري چئبو آهي، جيڪا هڪ تاريخ نويس ۾ هجڻ ضروري آهي.
پليجي صاحب، اُن دکدائڪ سانحي کي به جنهن انداز سان قلمبند ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿس ته سنڌ جي فاتح، محمد بن قاسم کي مرڪز ۾ مقرر ٿي آيل نئين خليفي، سلمان بن عبدالملڪ، جهڙي طريقي سان معزول ڪيو، اُن جو سربستو احوال صفحي 142 تي پڙهي سگهجي ٿو.
10. محترم عبدالحئي پليجي، پنهنجي هن ڪتاب ۾ دنيا جي اُن عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ سياسي مدبر، محترم نيلسن منڊيلا جي ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجهد جي باري ۾ لکيل مضمون ۾ تمام اهم ۽ تاريخي ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي سنڌ جي قوم پرست نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گهرجن.
هن ڪتاب جي صفحي 382 کان وٺي، صفحي 389 تائين، نيلسن منڊيلا جي جدوجهد جي باري ۾ مضمون ڏنو ويو آهي، هن مضمون ۾ دراصل ڏکڻ آفريڪا جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو نقشو چٽيو ويو آهي، هن مضمون ۾ سترهين صديءَ عيسويءَ جي وچ واري عرصي ۾ جن يورپي سامراجين، ڏکڻ آفريڪا جي ملڪ تي ناجائز قبضا ڪيا، پليجي صاحب، اُنهن جي مختصر تاريخ بيان ڪئي آهي، انهن سامراجين، سندن حرڪتن ۽ منصوبن موجب، مقامي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، هڪ ٻئي جو دشمن بڻائي، کين پنهنجو غلام بنائي، سانده ساڍا ٽي سوَ سال مٿن ناجائز ۽ ظالماڻو راڄ برقرار رکيو، بلڪل ائين جيئن انگريزن ننڍي کنڊ ۾ ڪيو هو.
محترم عبدالحئي پليجي، پنهنجي هن مضمون ۾، ڏکڻ آفريڪا ۾ سامراجي حڪمرانن جي مقامي ماڻهن سان رويي خلاف، اُن زماني ۾ سياسي جدوجهد ۾ هڪ سرگرم نوجوان سياسي اڳواڻ، نيسلن منڊيلا طرفان سال 1955ع ۾، هڪ مضمون لکي، ڏکڻ آفريڪا جي مظلوم عوام کي، ساڻن ٿيندڙ ظلمن ۽ استحصال کان آگاهه ڪيو، پنهنجي هن مضمون ۾، محترم عبدالحئي پليجو، صفحي 384 ۽ 320 تي لکي ٿو:
”سامراجين جي حڪومت واري زماني ۾، مقامي ماڻهن کي سياست ڪرڻ جي قانوني اجازت ڪانه هوندي هئي، مقامي سياسي ڪارڪنن کي سالن جا سال بي دريافتو، قيد ۾ رکيو ويندو هو. سرگرم ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويندو هو، اپارٿيڊ حڪومت جي جابرانه ڪردار، سندن خلاف، عام ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪئي هئي جنهن ڪري مقامي ماڻهن، سال 1913ع ۾ آفريڪن نئشنل ڪانگريس“ (اي اين سي) پارٽي ٺاهي. هن انقلابي پارٽيءَ، اپارٿيڊ سامراجي سرڪار جي خلاف، حقيقي آزاديءَ لاءِ گهربل صحيح ۽ وقتائتي جدوجهد جوٽي، نيلسن منڊيلا، اي اين سي ۾ 1940ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ قانون جي هڪ شاگرد هجڻ واري زماني ۾، شموليت اختيار ڪئي، ۽ پارٽيءَ جي نوجوان ليگ ٺاهي، هن پنهنجي نوجوان ساٿين سان گڏجي اپارٿيڊ سامراجي سرڪار جي خلاف، عوام سان رابطي واري مهم شروع ڪئي. 1949ع ۾ هن نوجوان ليگ، اي اين سي جي قيادت تي سَبَقت حاصل ڪئي، تنهن ڪري نيلسن منڊيلا کي 1950ع ۾، نوجوان ليگ جو قومي صدر چونڊيو ويو.“ پليجو صاحب اڳتي لکي ٿو:
”ان زماني ۾ نيلسن منڊيلا جي سياسي نظرئي ۾ گنڀير قسم جي تبديلي رونما ٿي جنهن جو مکيه سبب، سماجوادي نظرئي جو مطالعو ۽ مهاتما گانديءَ واري عدم تشدد واري نظرئي تي مشتمل سياسي حڪمت عمليءَ جو عملي طور جائزو هو.“ پليجو صاحب اڃا به اڳتي، صفحي 320 تي لکي ٿو:
”ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جو هيرو مهاتما گاندي پاڻ به سن 1893ع کان 1914ع تائين ڏکڻ آفريڪا ۾، سندس رهائش واري زماني ۾، اپارٿيڊ حڪومت جي خلاف سياسي جدوجهد منظم ڪئي.
نيلسن منڊيلا جي قيادت ۾، اي اين سي جي جديد تشڪيل ٿي ۽ عدم تشدد واريءَ حڪمت عمليءَ موجب، اپارٿيڊ سامراجي سرڪار خلاف، شهري نافرماني، هڙتال ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ واري طرز عمل کي اختيار ڪيو ويو، سن 1950ع ۾ پارٽي ڪانفرنس جي پاليسي بيان ۾ پڌرو ڪيو ويو ته رنگ ۽ نسل جي اختلاف کي رد ڪندي، حڪومت ملڪ جي سڀني شهرين کي برابريءَ جي عالمي بنياد تي سمورا شهري، سياسي ۽ سماجي حق ڏي، ملڪ ۾ سچو جمهوري، سياسي ۽ سماجي نظام حڪومت برپا ڪري، سڀني شهرين سان ساڳيو، هڪڙو ئي حقيقي ۽ انصاف تي مبني قانون لاڳو ڪري، اپارٿيڊ سامراجي حڪومت جي خلاف، جدوجهد ڪندڙ، سمورين ننڍين وڏين، مقامي توڙي قومي پارٽين، تنظيمن گروهن کي ڪنهن به نسل جي خلاف، ۽ ڪنهن به مقامي توڙي گروهه جي خلاف اُڪسايو نه وڃي، پر فقط موجوده سامراجي سرڪار ۽ سندس ساٿي ۽ سهڪاري تنظيمن ۽ گروهن جي خلاف گهربل ضروري ۽ جائز جدوجهد ڪرڻ لاءِ سڏ ڏجي ٿو.
مطلب ته هن سڄي مضمون ۾ اڳتي هلي 1990 تائين، محترم نيلسن منڊيلا جي ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ واريءَ جدوجهد تي تفصيلي روشني وڌي آهي.
هن مضمون جي مطالعي، مان ائين ٿو محسوس ٿئي ته محترم عبدالحئي پليجو International Relations جي هڪ مڃيل ۽ قابل پروفيسر وانگر هر عالمي مسئلي جي باري ۾ هر ڪا گهربل ڄاڻ رکي ٿو، ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هُن، هِن ڪتاب جو عنوان ئي واقعات عالم رکيو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مضمون جي لکڻ لاءِ هن يقينن ڪيترن ئي تحقيقي مقالن، مضمونن ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪيو هوندو، اُنهن مان ڪن مضمونن ۽ ڪتابن جا حوالا هن مختلف مضمونن ۾ ڏنا به آهن.
محترم عبدالحئي پليجي جو مطالعو ايتري قدر ته وسيع آهي جو هن، ”لنڊن جا ڏينهن ۽ اسڪائلينڊ جون راتيون“ ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف سمنڊن جي تفصيلي جاگرافيائي احوال کان سواءِ، لنڊن جي ڪيو گارڊنس جو جنهن طرح سان ذڪر ڪيو آهي، اُهو پڙهڻ سان ماڻهو سچ پچ ته دنگ رهجيو وڃي ته اُن سلسلي ۾ اِهو سربستو احوال، هن صاحب ڪيئن هٿ ڪيو ۽ ڪٿان هٿ ڪيو، لنڊن ۾ ڪيو گارڊنس مون به چار دفعا ڏٺو آهي، پر مطالعي ۽ معلومات سان، ڪيو گارڊنس جي باري ۾ پليجي صاحب، مختلف موضوعن تي صفحن جا صفحا لکيا آهن، اُن جي باري ۾ علم نباتات علم طب ۽ نئچرل سائنس جا ماهر ئي پنهنجي راءِ ڏيئي سگهن ٿا.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ اسڪائلينڊ جي قلعن، ڪوٽن، ڪلبن ۽ هوٽلن کانسواءِ اسڪاٽ ادب جي اديبن، شاعرن ۽ ادبي تاريخ جو جنهن تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، اُن لاءِ پليجو صاحب کيرون لهڻي.
هن ڪتاب جو اڀياس ڪندي مون ائين محسوس ڪيو آهي ته محترم عبدالحئي پليجو، هڪ بهترين افسانه نگار، بهترين سوانح نگار، بهترين ڪردار نگار، هڪ ڪامياب واقع نگار ۽ هڪ ڪامياب حقيقت نگار اديب آهي. هن ڪتاب ۾، مختلف عالمي شخصيتن جي سوانح حيات لکندي، افسانه نگاريءَ واري انداز بيان سان، پليجي صاحب، اُنهن شخصيتن جي ڪردارن کي، حقيقت نگاريءَ، واقع نگاريءَ ۽ نقش نگاريءَ وارين خوبين سان، ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو آهي، اُنهن شخصيتن جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ انسان دوستيءَ جي سلسلي ۾ ڪيل خدمتن تي جيڪا روشني وڌي اٿس تنهن جو صحيح اندازو ته ڪو ڪامياب نقاد ۽ نثر نويس ئي ڪري سگهي ٿو.
محترم عبدالحئي پليجي جو لکيل هي ڪتاب، سندس ٻين ڪتابن وانگر نهايت ئي اهم ۽ علمي ادبي، تاريخي، سياسي ۽ سنواح حيات جي باري ۾ لکيل هڪ معلوماتي ڪتاب آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جي مطالعي کان پوءِ، آءُ سنڌ جي سڀني يونيورسٽين جي سربراهن کي اها گذارش ڪندس ته سنڌ جي هن وڏي ڏاهي ۽ وڏي مطالعي رکندڙ مفڪر، محترم عبدالحئي پليجي کي پنهنجي ادارن ۾ قائم، آرٽس ۽ هِيُومَينِٽِيز جي شعبن ۾ دعوت ڏيئي، کانئس مختلف موضوعن تي اُستادن ۽ شاگردن اڳيان ليڪچر ڏياريا وڃن.
12. مون کي محترم عبدالحئي پليجي جي هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي، سنڌ جي ڪلچر، ائنٿراپالاجي ۽ ايٿنالاجيءَ جي اڀياس جي باري ۾ ڪي ڳالهيون، ذهن تي تري آيون آهن. سنڌ توڙي پاڪستان جي ٻين خطن ۾ موجود مختلف صوفي درويشن، اوليائن، ساڌن ۽ سنتن جي درگاهن، خانقاهن، آستانن ۽ درٻارن تي هر سال ٿيندڙ عرسن، ميلن ملاکڙن ۽ ڏيهاڙن، مثال طور قلندر لال شهباز جو ميلو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ميلو، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ميلو، مخدوم نوح سرور جو ميلو، سچل سرمست جو ميلو، پير سائين روضي ڌڻيءَ جو عرس، شاهه عنايت شهيد صوفيءَ جو ميلو، اڏيري لال جو ميلو، مصري شاهه امام جو ميلو، جاتي شهر ۾ مغل ڀينءَ جو ميلو، کاڻيءَ ۾ منٺار فقير راڄڙ جو ميلو، ۽ اهڙيءَ طرح پنجاب ۾، پاڪ پتڻ ۾ بابا فريد گنج شڪر جو عرس، ملتان ۾ غوث بهاءُ الحق ۽ رڪن الدين عالم جا عرس، ساڳئي شهر(ملتان) ۾ شاهه شمس سبزواريءَ جو عرس، لاهور ۾ داتا گنج بخش ۽ ميان مير سنڌيءَ جا عرس، عام ماڻهن لاءِ اهڙا ميلا آهن جتي مختلف ريتن، رسمن ۽ ڪريا ڪرمن جي ادائگي، ائنٿراپالاجي ۽ ايٿنالاجيءَ جي مطالعي جي لحاظ کان نهايت ئي اهم موقعا آهن. جن جي باري ۾ هن وقت تائين ڪو به تحقيقي ڪم ڪو نه ٿيو آهي، البت ويهارو کن سال اڳ، هن موضوع تي مون هڪ مقالو لکيو هو جيڪو مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيو هو.
13. محترم عبدالحئي پليجي جو هيءَ (ڪتاب) ”واقعات عالم“ عالمي تاريخ، دنيا جي ڪن ملڪن جي سياسي سماجي حالتن ۽ ڪن واقعن جي متعلق سندس لکيل بهترين مضمونن جو هڪ مجموعو آهي. هي مجموعو پڙهندڙن لاءِ لاجواب مواد ۽ معلومات سان ڀريل آهي. منهنجي نظر ۾ هيءُ ڪتاب خاص ڪري اُنهن شاگردن ۽ اُستادن لاءِ نهايت ئي هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي، جيڪي يا ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهن ٿا، يا اُنهن ادارن ۾ پڙهائين ٿا. اُنهن محققن لاءِ خاص ڪري هي ڪتاب نهايت ئي ڪارائتو آهي جيڪي مختلف لائبررين ۾ وڃي، اُنهن ڪتابن ۽ رسالن کي اُن مواد لاءِ اُٿلائين ٿا، جن مان ڪيترن ئي مضمونن تي پليجي صاحب صفحن جا صفحا ڀري ڇڏيا آهن.
14. آءُ دل جي گهراين سان، منهنجي پياري عبدالحئي پليجي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ ڌڻي سائينءَ جي حضور ۾ ۾ دست بسته دعاگو آهيان ته رب ڪريم سنڌ جي هن مخلص، علم، دوست، انسان دوست ۽ زود نويس محقق کي سدائين خوش رکي، آباد رکي ۽ کيس سالم صحت عطا ڪري.
منهنجي دعا آهي ته منهنجي دوست، ارباب نور محمد پليجي جي گهر ۾ علم ادب، انسان دوستيءَ ۽ انسان شناسيءَ جي اُها جوت سدائين جلندي رهي جيڪا سندس وڏن ٻاري هئي ۽ جنهن کي سندس پوئينرن اڄ به روشن رکيو آهي.

حيدرآباد ، سنڌ
20 مئي، 2017ع سنڌي ٻوليءَ جو فدائي
[b]غلام علي الانا
[/b]