محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
بين الاقوامي سطح تي گهربل تعاون واسطي، پهرين عالمگير لڙائيءَ ۾ شامل اتحادي ملڪ، جيڪي انهيءَ جنگ ۾ سوڀارا ٿيا هئا، انهن، خاص ڪري آمريڪا ۽ برطانيه جي ڪوشش سان، دنيا جي ملڪن جي اها بين الاقوامي تنطيم ”ليگ آف نيشنس قومن جي جماعت“ جي نالي سان پهرين عالمي جنگ کان پوءِ قائم ڪئي وئي. انهيءَ جنگ دوران آمريڪا ۽ برطانيه ۾ اثر رسوخ وارن ماڻهن ۽ گروپن اهڙي قسم جي تنظيم جي قيام لاءِ زور ڀريو ۽ آمريڪا جي صدر وڊرو وِلسن انهيءَ تنظيم جي قيام واري راءِ جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ چيو ته اهڙي عالمي تنظيم، جيڪا عالمي سطح تي پيدا ٿيندڙ تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندڙ جنگ کي روڪي سگهي، اهڙي اختيار ۽ طاقت جي حامل هئڻ گهرجي. انهي سلسلي ۾ انهيءَ عالمي تنظيم جي جوڙجڪ، قائدن قانونن ۽ مکيه مقصدن جهڙوڪ: گڏيل يا باهمي سلامتيءَ جي حصول واسطي ليگ جي ميمبر ملڪن مان ڪنهن ملڪ تي حملو ڪندڙ ملڪ کي ليگ جي سمورن ميمبر ملڪن خلاف حملو سمجهيو وڃي ۽ انهيءَ حمله آور ملڪ جي خلاف ليگ جي ميمبر، سمورن ملڪن طرفان گڏيل مزاحمت ڪرڻ، علائقائي تڪرارن جي نبيري واسطي، واسطيدار ڌُرين يا ملڪن جي وچ ۾ ثالث يا امين طور فيصلا ڪرڻ، مُهلڪ هٿيارن کي گهٽائڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ ۽ هڪڙي کليل ۽ واضح باهمي پاليسي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ بابت هڪ جامع مسوَدو تيار ڪري، اتحادي ملڪن سن 1919ع ۾ منعقد ٿيل ”پئرس پيس ڪانفرنس“ ۾ ڇنڊ ڇاڻ ۽ تصديق خاطر پيش ڪيو ويو. انهيءَ مسودي ۾ ”ليگ آف نيشنس“ جي جوڙجڪ جي حوالي سان، هڪ اسيمبليءَ جو قيام، جنهن ۾ ليگ جي سمورن ميمبر ملڪن جا عيوضي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندا، هڪ اعليٰ ڪائونسل جو قيام، جنهن ۾ سمورا اتحادي ملڪ مستقل يا دائمي ميمبر هوندا ۽ مقرر محدود، عرصي لاءِ گهربل ميمبر، ليگ جي باقي ٻين ميمبر ملڪن مان چونڊي مقرر ڪيا ويندا، ۽ ليگ جو انتظام هلائڻ لاءِ هڪڙو دفتر، آفيس يا هيڊ ڪوارٽر، سيڪريٽريٽ جي شڪل ۾ قائم ڪرڻ ۽ ان جو مُک منتظم سيڪريٽري جنرل طور ليگ جي ميمبر ملڪن طرفان مقرر عرصي لاءِ چونڊي مقرر ڪيو ويندو. ان کان سواءِ ليگ طرفان هڪڙي عالمي عدالت قائم ڪرڻ، جيڪا مستقل طور تي ڪم ڪندي رهندي ۽ اها مستقل عالمي عدالت هڪڙو گهربل نظام پڻ قائم ڪندي، جنهن مطابق ايشيا ۽ آفريڪا ۾ موجود بيٺڪون يعني سامراجي قبضي هيٺ علائقا يا ملڪ، مينڊيٽ يعني ليگ طرفان، ليگ جي اتحادي ملڪن کي ملندڙ علائقا يا ملڪ، اتحادي ملڪن جي وچ ۾ ورهائبا. انهيءَ بنياد موجب سن 1920ع ۾ ليگ جو دفتر يا هيڊ ڪوارٽر سوئزرلينڊ جي جنيوا شهر ۾ قائم ڪيو ويو. سر سلطان محمد آغا خان کي ”ليگ آف نيشنس“ جو صدر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه غير ميمبر مُلڪَن کي شامل ڪري کين ليگ جو ميمبر بنايو ويو،جڏهن ته غير جانبدار يعني جنگ ۾ شامل نه ٿيل ملڪن کي في الحال ليگ جي اسيمبليءَ جي رُڪنيت ڪو نه ڏني وئي. ان کان سواءِ ليگ جي ميمبر ملڪن جي مخالف ۽ دشمن ملڪن کي پڻ رُڪنيت کان پري رکيو ويو.انهيءَ سال ليگ جي اڳيان مذڪور مقاصد جي حصول کان سواءِ، ان جي اختيار جي مخالفت يا ڌمڪي وغيره جهڙو ڪو مسئلو پيش ڪو نه آيو. البت، جڏهن آمريڪي ڪانگريس يا قومي اسيمبلي، ليگ ۾آمريڪا جي رڪنيت منظور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي پئي، تڏهن ليگ سان بيوفائي ڪري، آمريڪا ئي ليگ کي وڏو ڌچڪو رسايو. ليگ جي اهم مقصدن مان هڪڙو ملڪن طرفان ٿيندڙ حملن کي ٽاري، پهرين عالمي جنگ کان پوءِ ملڪن ۽ قومن جي آزاد يا غلام حيثيت کي، جيئن جو تيئن برقرار رکڻ هو. سن 1930ع ۾ ليگ مان غير مطمئن قومن، جهڙوڪ: جپان، اِٽلي ۽ جرمني، مٿي ڄاڻايل آزاد يا غلام ملڪن جي حيثيت جيئن جو تيئن برقرار رکڻ واري فيصلي کي قبول ڪو نه ڪيو ۽ انهيءِ کي سندن حق ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ، انهيءَ فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي، پنهنجي مخالف قومن جي خلاف جنگي حملا ڪرڻ لڳا. تڏهن ليگ جي اتحادي طاقتور ملڪن، ليگ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪا خاص دلچسپي ڪا نه ڏيکاري ۽ ليگ کي ان وقت نه ايترو اختيار هو، نه ئي وٽس سرڪش قومن کي اڳرائي ڪرڻ کان روڪڻ واسطي گهربل قوت مُيَسر هئي. تنهن سبب ليگ تڏهن لاچار ٿي پئي. جپان طرفان منچوريا ۽ چين ۾ والار ڪرڻ، اٽلي جو ايٿوپيا تي قبضو ٿيڻ ۽ جرمنيءَ جو ورسيلز، فرانس ۾ ٿيل ٺاهه تان ڦري وڃڻ واري مجموعي طور پيدا ٿيل مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي، ضابطي هيٺ رکي سگهڻ جي طاقت ۽ اختيار نه هئڻ ڪري، ٻي عالمي جنگ دوران ليگ آف نيشنس لاچار ٿي خاموشي اختيار ڪئي ۽ پنهنجو ڪار وهنوار ٺپ ڪري ڇڏيو. انهيءَ ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ ليگ آف نيشنس جي جاءِ تي ”يونائيٽيڊ نيشنس آرگنائيزيشن“ وجو د ۾ آندي وئي. انهيءَ نئين اداري يعني ”اقوام متحده“ جو ڍانچو، جوڙجڪ، مقصدن جو وچور، اصول، قائدا ۽ قانون، توڙي انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل حڪمت عملي ۽ ڪم ڪار لاءِ ڪارروائي ڪرڻ ۽ گهربل اُپاء وٺڻ وارا طور طريقا سمورا ساڳيا ”ليگ آف نيشنس“ وارا ئي تسليم ۽ اختيار ڪيا ويا ۽ استعمال ڪيا ويا.