تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

نيلسن منڊيلا جي قيادت ۾ ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ جي جدوجهد

جن يورپي سامراجين، ڏکڻ آفريڪا نالي موجود مُلڪ تي سترهين عيسوي صديءَ جي وچ ڏاري ناجائز والار ڪئي، تن پاڻ کي اپارِٿِيڊِآفِرِيڪَنسِ، يعني مُلڪ جي اصل باشندن کان بهتر نسل جا ماڻهو سڏايو ۽ اتي پنهنجي سامراجي بينڪ قائم ڪئي ۽ Divide and rule يعني لالچ جي بنياد تي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي هڪ ٻئي جو دشمن بڻائي، کين پنهنجو غلام بڻائي کانئن جبري پورهيو ڪرائي، سندن قومي وسيلن جو سانده ساڍا ٽي سؤ سالن تائين وڏي داداگيريءَ سان استحصال جاري رکندا، ناجائز ۽ ظالمانه راڄ برقرار رکيو آيا، تان جو سن 1947ع ۾ به نسلي برتريءَ تي منبي قائم ڪيل نام نهاد ”نيشنل پارٽي“ جي نالي ۾ اپارٿيڊ سياسي حڪومت برپا ڪري پنهنجو سامراجي استحصالي نظام برقرار رکيو آيا. انهيءَ ظالمانه نظام کي دائمي طور برقرار رکڻ لاءِ ملڪ جي اصل باشندن کي دائمي غلاميءَ ۾ ڦاسائي رکڻ واسطي کين پاڻ ۾ پيدا ڪيل دشمني ۽ نفرت جاري رکڻ لاءِ مُلڪ جي ماڻهن کي چئن مختلف درجن جي گروهن ۾ ورهايو ويو.
انهن ۾ هڪڙو گروهه گورن يعني ڌارين سامراجي قبضاگيرن تي مشتمل تشڪيل ڪيو ويو، جنهن ۾ آڳاٽا آئيل ڌاريان گورا ماڻهو به شامل هئا، تن جي ٻولي جرمن زبان سان مِلندڙ جُلندڙ هئي، اهي سمورا ڌاريان يورپي سامراجي، ڪمال بي حيائيءَ سان پاڻ کي آفريڪنر سڏائيندا هئا. تشڪيل ڪيل آدمشماريءَ جي ٻئي نمبر گروهه ۾ اصل ڌرتيءَ ڌڻين شيدين کي شامل ڪيو ويو. ٽيو گروهه اصل شيدين ۽ ڌارين گورن ۽ هندستاني باشندن کان الڳ ٻين رنگن جي چمڙيءَ وارن مختلف مقامي ماڻهن تي مشتمل قرار ڏنو ويو، آباديءَ جي بڻايل چوٿين گروپ ۾ هندستان کان آيل ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، مٿيئن چئن مختلف گروهن ۾ ورهايل ماڻهن کي رهائش، گذر سفر توڙي سماجي ۽ ثقافتي بنياد تي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري رکيو ويو، ڌارين گورن سامراجي ماڻهن جي آفريڪنز سڏائيندڙ گروهه کان سواءِ باقي ٻين ٽنهي گروپن ۾ شامل ڪيل سمورن ماڻهن کي ڪي به سياسي، معاشي توڙي معاشرتي حق مليل ڪو نه هئا. اهي سياسي غلامي، معاشي بدحالي ۽ سماجي طور بي وسي ۽ اڻڄاڻي جي مختلف اشڪنجن ۾ جڪڙيل هئا. ملڪ جي اصل ماڻهن کي سامراجي سرڪار هٿان ٺاهيل هٿرادن ناجائز گروهن ۾ داخل ڪرڻ واسطي کين سندن اباڻن گهرن مان زوريءَ لڏائي آڻي اُتي ويهاريو اهڙيءَ طرح مسڪين ماڻهن کي پنهنجن مائٽن مِٽن کان زوريءَ ڇني ڌار ڪيو ويو ۽ زبردستي ڌارين ماڻهن سان شامل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌارين گورن ماڻهن کي حڪومت، نوڪري، واپار ۽ ٻين من پسند ڪمن ۽ ڌنڌن اختيار ڪرڻ جي کُلي آزادي حاصل هئي.
مٿي بيان ڪيل سامراجي حاڪمن طرفان اپارٿيڊ ظالم سياسي ۽ سماجي نظام جي خلاف، سياسي جدوجهد ۾ مشغول، سرگرم سياسي اڳواڻ نيلسن منڊيلا سن 1955ع ۾ هڪ مضمون لکي ڏکڻ آفريڪا جي مظلوم عوام کي ساڻس ٿيندڙ ظلم ۽ استحصال کان آگھاهه ڪيو، جنهن کي برقرار رکڻ خاطر ماڻهن کي مائٽن کان زوريءَ جدا ڪري، مائرن کان سندن ٻچا کسي، پنهنجن اباڻن گهرن مان زوري لڏائي کين غير ماڻهن ۾ زوري ويهاري، کانئن جبري پورهيو ڪرائي، قيدين سان ظالمانه عقوبتون ڪري، مقامي مسڪين رعيت کي غلام بنائي، مٿن بيجا تشدد ڪري ظالم سامراجي سرڪار عوام جي زندگي زهر ڪري ڇڏي، اپارٿيڊ سرڪار جا ڪارندا مقامي مسڪين ماڻهن کي سواءِ ڪنهن ڏوهه جي به گرفتار ڪري، يورپي سامراجي صنعت ڪارن جي ڪارخانن ۽ ظالم زمينارن جي زمينن ۾ جبري طور پورهيو ڪرائيندا هئا، جتي ڪم ۾ ٿوري به ڪوتاهي ڪرڻ سبب انهن پورهيتن کي خون ڪرڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندا هئا. ڪنهن گوري طرفان ڪيل غلط ۽ ناجائز شڪايت ڪرڻ تي به پوليس مقامي مسڪين ماڻهن تي ڪڙڪي پَوَندِي هُئِي، مٿن سخت تشدد ڪندي هئي ۽ کين ناحق قيد ۾ رکندي هئي، چُغل خوري ۽ چور وسيلي مسڪين ماڻهن کي خواه مخواهه ويڙهائڻ ۾ ڌارين گورن سامراجين کي لطف حاصل ٿيندو هو. مقامي ماڻهن کي سياست ڪرڻ جي قانوني طور اجازت ڪانه هئي. مقامي سياسي ڪارڪنن کي سالن جا سال بي دريافتو قيد ۾ رکيو ويندو هو ۽ سرگرم ڪارڪن کي قتل ڪرڻ ۾ کين ڪو به کٽڪو ڪو نه ٿيندو هو، اپارٿيڊ حڪومت جي مذڪوره جابرانه ڪردار، پنهنجي خلاف سخت نفرت ۽ ڀرپور مخالفت پيدا ڪري وڌي، جنهن ۾ مقامي ماڻهن جي سياسي پارٽي اي اين سي يعني آفريڪن نيشنل ڪانگريس مکيه ۽ فيصله ڪن ڪردار ادا ڪيو، هن انقلابي پارٽي اپارٿيڊ سامراجي سرڪار جي خلاف حقيقي آزاديءَ لاءِ گهربل صحيح ۽ وقتائتي جدوجهد جوٽي. اها پارٽي، گوري سامراجي سرڪار طرفان مقامي مسڪين عوام سان بي واجبي، ظُلم ۽ تشدد ڪرڻ جي خلاف سن 1913ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، نيلسن منڊيلا اي اين سي ۾ 1940ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ قانون جي شاگرد هجڻ دؤران شموليت اختيار ڪئي ۽ پارٽيءَ جي نوجوان ليگ جي تشڪيل ڪئي، هن پنهنجن نوجوان ساٿين سان گڏجي اپارٿيد سامراجي سرڪار جي خلاف عوام سان رابطي واري مهم شروع ڪئي ۽ 1949ع ۾ نوجوان ليگ اي اين سي جي قيادت تي سبقت حاصل ڪئي. تنهن ڪري نيلسن منڊيلا کي سن 1950ع ۾ نوجوان ليگ جو قومي صدر چونڊيو ويو، انهيءَ دؤر ۾ سندس سياسي نظريي ۾ ڳنڀير قسم جي تبديلي رونما ٿي، جنهن جو مکيه سبب سماجوادي نظريي جو مطالعو ۽ مهاتما موهن داس ڪرم چند گانڌي واري عدم تشدد تي مشتمل سياسي حڪمت عمليءَ جو عملي طور جائزو هو.
هندستان جي آزاديءَ جو هيرو مهاتما گانڌي پاڻ به سن 1893ع کان 1914ع تائين ڏکڻ آفريڪا ۾ رهندي، اپارٿيڊ حڪومت جي خلاف سياسي جدوجهد چالو ۽ منظم ڪئي هئي، نيلسن منڊيلا جي قيادت ۾ اي اين سي جي جديد تشڪيل ٿي ۽ عدم تشدد واري حڪمت عمليءَ موافق اڀارٿيڊ سامراجي سرڪار جي خلاف شهري نافرماني، هڙتال ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ واري طرز عمل کي اختيار ڪيو ويو، سن 1950ع ۾ پارٽي ڪانفرنس جي پاليسي بيان ۾ پڌرو ڪيو ويو ته رنگ ۽ نسل جي اختلاف کي رد ڪندي ڏکڻ آفريڪا ۾ رهندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي سمورا ماڻهو، جن ڏکڻ آفريڪا کي سچي دل سان پنهنجو وطن تسليم ڪيو آهي، ۽ اتي ئي جيئڻ توڙي مرڻ چاهين ٿا، اهي سمورا ڀرپور ۽ مڪمل طور تي آزاد زندگي گذارڻ جا هڪجهڙا حقدار آهن، ڏکڻ آفريڪا جو هر هڪ شهري سمورن جمهوري سماجي ۽ ثقافتي حقن کي ماڻڻ جو مستحق آهي، جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا کي اندروني توڙي بيروني سازشن کان بچائڻو آهي ته ملڪ جي موجوده سامراجي سرڪار کي گهرجي ته اها نسلي مت ڀيد کي مڪمل طرح رد ڪري، ملڪ جي سڀني شهرين کي برابري جي عالمي بنياد تي سمورا شهري، سياسي ۽ سماجي حق ڏي، ملڪ ۾ سچو جمهوري سياسي نظام حڪومت برپا ڪري ۽ سڀني شهرين سان ساڳيو هڪڙو ئي حقيقي ۽ انصاف تي مُنبي قانون لاڳو ڪري، اپارٿيڊ سامراجي حڪومت جي خلاف جدوجهد ڪندڙ سمورين ننڍين وڏين، مقامي توڙي قومي پارٽين، تنظيمن ۽ گروهن کي ڪنهن به نسل جي خلاف ۽ ڪنهن به مقامي توڙي قومي گروهه جي خلاف ڪو نه ٿو اُڪسايو وڃي، پر فقط موجوده سامراجي سرڪار ۽ سندس ساٿي ۽ سهڪاري تنظيمن ۽ گروهن جي خلاف گهربل ضروري ۽ جائز جدوجهد ڪرڻ لاءِ سڏ ڏجي ٿو. سياسي طور عوام سان رابطي واري مهم شروع ڪرڻ کان اڳ آفريڪن نيشنل ڪانگريس ۾ ڪُهنه مشق ڪارڪن جي کوٽ هئي، سا عوامي رابطي واري مهم چالو ڪرڻ سان پوري ٿي وئي، پارٽيءَ کي عوام ۾ مقبوليت حاصل ٿي ۽ ان جون پاڙون حقيقي طور عوام ۾ کپي ويون، ان سان گڏ پارٽيءَ کي سچن، بهادر ۽ جفاڪش ڪارڪنن جي عالي شان کيپ حاصل ٿي، جيڪي پوليس، عدالت ۽ جيلن کان اصل ڊڄڻ وارا ڪو نه هئا. انهن سامراجي سرڪار جي ناجائز حڪمن کي رد ڪرائڻ خاطر سرڪار کي للڪاريندي جيل ڀري ڇڏيا ۽ سموري افريڪي عوام ۾ عزت ۽ احترام جا حقدار ٿي پيا ۽ سامراجي سرڪار کي مرعوب ڪري مُنجهائي وڌو.
سن 1950ع واري ڏهاڪي دؤران نيلسن منڊيلا سميت ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو، پر مٿن داخل غداريءَ وارو ڪيس ثابت نه ٿيڻ ڪري کين 1951ع ۾ آزاد ڪيو ويو ته سرڪار خلاف جدوجهد ۾ هڪ وار وري به تيزي پيدا ٿي، تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سرڪار سخت تشدد آميز ڪارروائي تي لهي آئي ۽ اٽڪل ستن هزارن واري سرڪار مخالف احتجاجي ميڙ تي گولي هلائيندي، پوليس 49 ماڻهو پڙ تي ماري وڌا. انهيءَ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اي اين سي هٿياربند جدوجهد چالو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، انهيءَ مقصد جي حصول خاطر، نيلسن منڊيلا ڪيترن ئي آفريڪي ۽ يورپي ملڪن جو دؤرو ڪيو ۽ پارٽيءَ جو هٿياربند ونگ تشڪيل ڪيو، تنهن ڪنهن به عام شهريءَ کي مالي يا جاني نقصان رسائڻ کان سواءِ، پنهنجي مخصوص طرز عمل اختيار ڪندي، فوجي ڇاوڻين، پوليس هيڊ ڪوارٽرن انفرا اِسٽرڪچَر، بجلي گهرن، ٿاڻن ۽ ٻين سرڪاري ملڪيتن ۽ ادارن کي تباهه ڪرڻ واريون ڪارروايون، نهايت منظم انداز سان شروع ڪري ڏنيون. انهيءَ جدوجهد جي وڌڻ سبب سن 1962ع ۽ 1963ع ۾ سرڪار نيلسن منڊيلا ۽ ٻين ڪيترن ئي سرگرم سياسي اڳواڻن تي ملڪ سان غداري ۽ سرڪار جو تختو اُونڌو ڪرڻ وارن الزامن موجب ڪيس داخل ڪري، کين گرفتار ڪيو ۽ نيسلن منڊيلا کي ڏوهاري قرار ڏئي، کيس عمر قيد جي سزا ڏني وئي، تنهن ڪري هُن پنهنجي حياتيءَ جا 27 سال نهايت اذيتناڪ حالتن ۾ قيد ڪاٽيو، کيس لاڳاتار ويهن سالن تائين روبن نالي سامونڊي ٻيٽ تي ٺهيل جيل ۾ رکيو ويو، اتي رهڻ دؤران نيلسن منڊيلا پنهنجي تدبر ۽ بصيرت سان جيل جو ماحول بدلائي ڇڏيو ۽ جيل ۾ رهندڙ قيدي پابندي سان سنجيده سياسي بحث ۽ مباحثا ڪرڻ لڳا. تنهن ڪري روبن جيل سياسي حلقن ۾ روبن سياسي يونيورسٽي سڏجڻ لڳو.
نيلسن منڊيلا سندس قيد واري عرصي دؤران پارٽيءَ جي قيادت ڪرڻ کان ته قاصر هو، پر هُو قومي توڙي عالمي سطح تي ظلم ۽ ناانصافي خلاف جدوجهد ڪندڙ عظيم سُورِمي طور تسليم ڪيو ويو، سندس روبن جزيري ۾ قيد واري عرصي دؤران سندس پارٽي، آفريڪن نيشنل ڪارنگريس اپارٿيد سامراجي حڪومت جي خلاف مسلسل نبرد آزما رهي، جنهن عرصي دؤران سرڪار مخالف ٻيون به ڳچ ننڍيون وڏيون تنظيمون، سندن اڳواڻن جي رهبريءَ ۾ آزاديءَ ۽ جمهوريت جي عظيم نصب العين جي حصول ڪارڻ پنهنجن هزارين بهادر ڪارڪنن جي زندگيءَ کي داءُ تي لڳائي ويٺيون. اهڙيءَ ريت اپارٿيڊ سامراجي حڪومت جي خلاف سڄي دنيا ۾ زبردست پرچارڪ تحريڪ برپا ٿيڻ سبب ڏکڻ آفريڪا ۾ اپارٿيڊ سامراجي حڪومت جي خاتمي، نيلسن منڊيلا ۽ ٻين سمورن سياسي قيدين جي آزادي ۽ ملڪ ۾ بالغ راءِ دهي جي عالمي اصول مطابق عام چونڊن وسيلي جمهوريت تي منبي نظام حڪومت جي قيام ۽ انصاف ڀرئي عوام دوست معاشي نظام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ گُهر کي قومي توڙي عالمي پيماني تي گهڻي پُٺڀرائي حاصل ٿي. ساڳئي وقت رياست اندر پر تشدد ڪاررواين ۾ غير مُتوقع طور تي واڌاري سبب سامراجي حڪومت اندروني طور ڪمزور ٿيڻ سان گڏ عالمي سطح تي به گهڻي سياسي دٻاءُ جو شڪار ٿيندي رهي. تنهن ڪري انهيءَ وقت ڏکڻ آفريڪا جي صدر، پِي ڊبلِيُو بوٿا، بيان ڏنو ته جيڪڏهن اي اين سي هٿيار بند جدوجهد ترڪ ڪري ته ان جي عيوض سندس سياسي اڳواڻ نيلسن منڊيلا کي آزاد ڪيو ويندو.
نيسلن منڊيلا دوکي تي مُنبي اُنهيءَ سرڪاري آڇ کي رد ڪندي چيو ته اسان جي پارٽيءَ تي لڳل بندش جي برقرار هوندي، منهنجي اِنفِرادِي آزاديءَ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. ٻيو ته اسان جي پارٽيءَ جي آئين موجب ڪنهن به قيدي ڪارڪن کي پارٽيءَ جي طرفان اجازت بنا ڪنهن به ٻي ڌُر پارٽي يا سرڪار سان رابطو يا معاهدو ڪرڻ جو اختيار ڪونهي. اپارٿيڊ سامراجي حڪومت خلاف آزاديءَ واري جدوجهد ۾ مکيه ۽ فيصله ڪن حيثيت جي حامل ڪردار جي باوجود نيلسن منڊيلا ۾ هٺ ۽ هوڏ جو نالو نشان به ڪو نه هو.
سن 1990ع ۾ آزاد ٿيڻ کان پوءِ هڪ جلسه عام کي خطاب ڪندي چيائين ته ڪنهن نبي يا پيغمبر جي حيثيت ۾ نه پر آئون اڄ اوهان جي وچ ۾ عوام جي هڪ ادنيٰ خادم جي حيثيت ۾ موجود آهيان ۽ پنهنجي باقي حياتي به عوام جي خدمت لاءِ توهان جي حوالي ڪريان ٿو. سن 1980ع واري ڏهاڪي دؤران ڏکڻ آفريڪا جي جابر حڪمران ٽولي جي خلاف ڌرتيءَ ڌڻين جي چالو ڪيل جدوجهد چوٽ چڙهي وئي، تنهن ڪري سامراجي سرڪاري ڌُر کي ملڪ ۾ گهرُو ويڙهه برپا ٿيڻ جو خوف جاڳيو، تنهن صورتحال تحت اُپارٿيڊ سامراجي سرڪار کي پنهنجي مروج سياسي پاليسي کي ترڪ ڪري، مُلڪ جي اصل مالڪن کي سندن سمورا معاشي ۽ معاشرتي حق ڏيڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو ۽ سن 1989ع ۾ ايف ڊبليو ڊي ڪِليرڪ ڏکڻ آفريڪا جو صدر چونڊجي آيو ته معروضي حقيقتن جي تقاضا تحت آزادي، انصاف ۽ جمهوريت لاءِ لالڳاتار جدوجهد ڪندڙ مکيه سياسي پارٽي آفريڪن نيشنل ڪانگريس سان ترت رابطو ڪري هڪڙو قابل عمل ۽ سنجيده معاهدو ڪري، فيبروري 1990ع ۾ اي اين سي تان سرڪاري بندش لاهي ڇڏي ۽ نيلسن منڊيلا کي پڻ آزاد ڪري، ملڪ ۾ سياسي سرگرمين جي پڻ جزوي اجازت ڏني. اهڙيءَ صورتحال ۾ هاڻي اپارٿيڊ سامراجي حڪمران ٽولي جي اقتدار جي انت جا ڏينهن ڳڻجڻ لڳا. جڏهن اپارٿيڊ سامراجي سرڪاري پارٽي ۽ آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي قيادت مُلڪ جي مڙني مُتَنازِعَہ مسئلن ۽ معاملن کي مُثبت انداز ۾ سلجهائڻ ۽ حل ڪرڻ خاطر سنجيده مذاڪرات ۾ مصروف هئا، تڏهن ٻئي طرف وري امن امان قائم ڪرڻ وارن سرڪاري اِهلڪارن، قبائلي دهشتگردن، نام نهاد قوم پرست سياسي گروهن ۽ مقامي وِڳوڙي ٽولن سان ڳٺجوڙ ڪري، ملڪ ۾ قبائلي فساد ۽ وڳوڙ برپا ڪري، ڏکڻ آفريڪا جي حقيقي وارث شيدي قوم جي ڇوٽڪاري ۽ سڌاري لاءِ حقيقت ۾ پهريون ڀيرو ٿيندڙ سنجيده ۽ فيصله ڪن مذاڪرات کي ناڪام بنائڻ جون سازشون پڻ جاري رکيون. نيٺ حالتن جي مجبوريءَ سبب اپارٿيڊ سرڪار اي اين سي سان هڪڙو معاهدو ڪيو، جنهن موجب گهڻن انساني نسلن ۽ قبيلن تي مُشتمل ڏکڻ آفريڪا جي رياست ۾ بالغ راءِ دهيءَ واري عالمي اصول تحت قومي عام چونڊون ڪرائڻ ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پارٽين کي اقتدار منتقل ڪرڻ لاءِ سرڪار پاڻ کي ذميوار قرار ڏنو. انهيءَ معاهدي موجب اپريل سن 1994ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ عام چونڊون منعقد ٿيون، جن تحت اي اين سي جو نامزد اميدوار، نيلسن منڊيلا، ڏکڻ آفريڪا جي جديد تاريخ ۾ ملڪ جي حقيقي وارث قوم جو پهريون شيدي باشندو صدر چونڊجي آيو. انهيءَ قومي چونڊ ۾ اي اين سي جي ڪاميابي، حقيقت ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اصل ڌرتيءَ ڌڻين، شيدين جي فتح ٿي، جنهن اپارٿيد سامراجي ٽولي جي اقتدار جي خاتمي واري تاريخي واقعي کي معروضي طور عمل ۾ آڻڻ ڪارڻ عظيم تاريخي ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي زوال کان گهڻو عرصو اڳ، وطن جي حقيقي وارث شيدي قوم تي سندن طرفان ڪيل ظلمن ۽ عقوبتن کي ياد ڪندي، اڀارٿيڊ گورن جو سامراجي حاڪم ٽولو انهيءَ ڊپ ۾ گرفتار رهيو ته جيڪڏهن اسانجو اقتدار ختم ٿيو ۽ ملڪ جا حقيقي وارث وري حاڪم ٿيا ته پوءِ انتقام وٺندي اهي اسان جي به نسل ڪشي ڪندا! فِلا ڊيلفيا اِنڪوائيرَر اخبار جي صحافيءَ، ڊَيوڊ (ڪچِينو، 1990ع جي جون مهيني ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ رهندڙ هڪ گوري آبادگار، فُهرِي سان ملاقات ڪري سندس تاثرات شايع ڪيا. فُهري کيس ٻڌايو ته اسانجا آڳاٽا اباڻا هتي سن اچي آباد ٿيا هئا.
اسانجي نئين صدر ڪِليرڪ، اسان جي گورن واري قوم کي حاصل ديني اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هتي جا گورا ۽ ڪارا ماڻهو هاڻي هڪ ٻئي کان هميشه جي لاءِ ڌار ٿي ويندا. فهري اپارٿيڊ سامراجي ٽولي جي اقتدار جو زوال ٿيندو چڱيءَ طرح محسوس ڪيو. هُو ڀانئي ٿو ته صدر ڪِليرڪ ڪارن ماڻهن کي اقتدار سميت ملڪ جا سمورا وسيلا جلدي جلدي ڏيندو اچي. مقامي ڪارا ماڻهو گورن طرفان ساڻن ٿيندڙ عدل ۽ احسان کي هن وقت گورن جي ڪمزوري ٿا ڀانئين ۽ طاقت ۽ تشدد کي ئي جائز ڄاڻن ٿا. پنهنجي ڪُٽنب کي گهر اندر محفوظ رکڻ لاءِ گهر کي اندران ڪلف هڻي، چاليهه ورهه ڄمار واري فُهري، ڊڄندي ڊڄندي چيو ته هي وحشي شيدي لالچ وچان هڪ ٻئي کي ته ماريندا، پر اسان کي به خون ڪندا. سندس ڳالهائڻ ۾ ڊپ ظاهر هو. هن چيو ته اڳي ته بيحد فرمانبردار ۽ چئيڪار هي شيدي ماڻهو، هاڻي وري بي ڊپا ۽ اٽلو گستاخ ۽ بي حيا ٿي پيا آهن ۽ جيڪو به ڪو گورو سندن پاڙن ۽ علائقن ۾ ڏسجي ٿو، تنهن کي پٿرن سان سٽي ٿا سوڙهو ڪن. فُهري گوري جي بيان جي بلڪل اُبتڙ، نيسلن منڊيلا جي قيادت ۾ حڪومت ڪندڙ آفريڪن نيشنل ڪانگريس پارٽي،، ڏکڻ آفريڪا ۾ موجوده سمورن مختلف ۽ هڪ ٻئي جي مخالف نسلن جي ماڻهن ۾ معاشي توڙي معاشرتي بنيادن تي مشتمل، گهربل حقيقي مفاهمت پيدا ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ سخت ۽ ٺوس اپاءُ اختيار ڪيا. گورن سامراجي حاڪمن طرفان ملڪ جي اصل وارث قوم سان ڪيترين ئي صدين کان ٿيندڙ ظلم ۽ استحصال جو بدلو وٺڻ جي بدران منڊيلا جي حڪومت ۽ پارٽي انهي سابق ظالم حاڪم ٽولي ۽ ڌارئين ظالم گوري طبقي کي سندن سمورا ڏوهه ۽ گناهه معاف ڪري ڇڏيا ۽ ساڻن برابريءَ ۽ ڀائيچاري وارو سلوڪ اختيار ڪيو، اي اين سي جي حڪومت، گهڻن مخالف نسلي گروهن تي مُشتمل ڏکڻ آفريڪا جي جديد قوم واري سانچي ۾ مثبت انداز سان سنواري سمائي دُرست جوڙجڪ ڪرڻ، ۽ ملڪ ۾ آزادي کي مستحڪم ۽ مستقل بنائڻ خاطر حقيقي جمهوري نظام حڪومت برپا ڪرڻ ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ دائمي طرح ڪوشان رهي. انهيءَ مقصد جي حصول خاطر نيلسن منڊيلا واري سرڪار ”ٽُرٿ اينڊ ريڪَنسيلئيشن ڪميشن“ تشڪيل ڪئي، جنهن جي ڪارڪردگيءَ خاطر خواه سڌارو آندو. اڳوڻي حاڪم ٽولي سان وابسته هر انهيءِ صاحب اقتدار فرد ۽ اهلڪار کي سندس سمورا ڏوهه ۽ گناهه معاف ڪيا ويا، جنهن ڪانگريس پارٽي جي عام جسلن ۾ شريڪ ٿي عوام جي اڳيان پنهنجا ڪيل ڪرتوت باسيا ۽ معافي گهري.
آزادي حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام حڪومت نافذ ڪرڻ جي باوجود ڏکڻ آفريڪا جي قوم جا سمورا معاشي ۽ سماجي مسئلا ته حل ڪو نه ٿيا، ڇو ته سابق سامراجي حڪمران ٽولي وطن جي اصل وارثن سان سراسر ناانصافي ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ صدين کان استحصال جاري رکيو، نَتِيجَتاَ َ عوام سانده بک، بي روزگاري ۽ بدحاليءَ جي ڌٻڻ ۾ دٻجندو رهيو، منڊيلا جي حڪومت مفاهمت ۽ باهمي امداد واري پاليسي اختيار ڪندي، ملڪ ۾ صُلح جي بنياد تي امن امان بحال ڪرڻ، روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ معاشرتي انصاف مھيا ڪرڻ لاءِ سمورن موجود وسيلن کي ڪم ۾ آندو، تنهن ڪري ڏکڻ آفريڪا جي قوم کي آزادي وٺي ڏيڻ، قوم جي مختلف ۽ مخالف طبقن ۽ گروهن ۾ پرچاءُ ۽ صلح قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام حڪومت برپا ڪرڻ جي سِلي طور ڏکڻ آفريڪا جي هاڻي آزاد ٿيل مظلوم قوم پنهنجي سچي قومي رهبر نيلسن منڊيلا ۽ سندس انقلابي پارٽي جي مثالي ڪردار کي خِراجِ تحسين پيش ڪندي، هميشه لاءِ عزت ۽ احترام، الفت ۽ محبت سان ياد ڪندي رهندي. نيسلن منڊيلا ۽ سندس انقلابي پارٽي آفريڪن نيشنل ڪانگريس، سموري دنيا ۾ غلام قومن جي آزادي جي علامت بڻجي وئي.