تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

عربن طرفان سنڌ جي فتح

سنڌ جي فتح بابت لکيل اڪثر تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ ملڪ جي سرحد تي چڙهائي ۽ ان جي شهرن تي عربن طرفان سڀ کان پهرين ڪاهه ٻئي خليفي حضرت عمر رضي جي حڪومت دوران سن 15 هجري يعني 637ع ۾ ٿي هئي. عثمان بن ابي العاص ثقفي گورنر عمان ۽ بحرين کي سنڌ تي حملي جو حڪم ڏنو هو. جنهن پنهنجي ڀائرن مغيره ۽ حاڪم جي اڳواڻيءَ ۾ چار هزار لشڪر غورابن ۾ ديبل شهر تي چاڙهي موڪليو. تنهن وقت سنڌ جو حاڪم چچ بن سيلائج هو ۽ ديبل شهر تي سام بن ديوائج نالي حاڪم مقرر هو. عرب لشڪر پهچڻ شرط جنگ جو طبل وڄايو. جنهن تي شهر جي سردار سپاهه ساڻ ڪري اچي گهمسان جي جنگ جوٽي، نتيجي ۾ عرب لشڪر جي سالار مغيره سميت گهڻي سپاهه قتل ٿيڻ سبب پسپائي واقع ٿي. عراق جي گورنر ابو موسيٰٰ اشعري ان جو مفصل احوال خليفي ڏانهن لکي موڪليو. ان ڪري خليفي هنڌ ۽ سنڌ تي وڌيڪ حملي نه ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو.
ٽئين خليفي حضرت عثمان رضي جي حڪومت دوران سنڌ تي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ اتي جي صورتحال ڄاڻڻ واسطي حڪيم بن جبلھ کي جاسوسيءَ لاءِ موڪليو ويو.سندس موٽڻ تي کيس خليفي جي اڳيان حاضر ڪيائون. جتي بيان ڏنائين ته سنڌ جو پاڻي ميرو، ميوو کٽو، زمين پٿريلي ۽ مٽي ڪلراٺي آهي. سنڌي بهادر ۽ دوکيباز آهن. ٿورا فوجي ترت تباهه ٿي ويندا ۽ گهڻي فوج اتي بک جو شڪار ٿيندي. خليفي مذڪوره بيان موافق سنڌ تي فوج روڪي ڇڏي. پر چوٿين خليفي حضرت علي رضي شاغر بن ذعر جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي لشڪر کي سنڌ جي سرحد تي چاڙهي موڪليو، جنهن 42 هجريءَ ۾ ڪيڪانان پهچي جنگ جو اعلان ڪيو. ان تي ڪوهه پايه ۽ ڪيڪانان جا ماڻهو گڏ ٿي اچي حملا آورن سان سامهون ٿيا، جنگ اڃا جاري هئي ته عرب فوج کي خليفي جي شهادت جي خبر پهتي. تنهنڪري اها واپس مڪران موٽي آئي. جتي کيس معاويه جي خليفي ٿيڻ جو پتو پيو. معاويه عبدالله بن سوار کي چار هزار سُوارن وارو وڏو لشڪر ڏيئي ڪيڪانان تي چاڙهي موڪليو، جتي جنگ ۾ سالار سميت گهڻو اسلامي لشڪر مارجي ويو. باقي بچيل سپاهي مڪران موٽي آيا. تنهن کان پوءِ سنڌ جي سرحد يعني مڪران تي سنان بن سلمھ حاڪم مقرر ٿيو. جنهن کي ٻن سالن کان پوءِ لاهي خليفي راشد بن عمرو کي مقرر ڪيو. راشد پڪي تياري ڪري وڏو لشڪر وٺي اچي سنڌ جي ڪيڪانان شهر تي ڪڙڪيو ۽ خطرناڪ لڙائي ڪندي نيٺ گهڻي لشڪر سميت مارجي ويو ۽ باقي اسلامي فوج مڪران موٽي، تنهن کان پوءِ مڪران تي وري به سِنان بن سَلَمھ کي ٻيو ڀيرو حاڪم مقرر ڪيائون. هو پڻ زبردست لشڪر ساڻ ڪاهي آيو پر ٻڌيھ ۾ جنگ دوران مارجي ويو. تنهن بعد مڪران تي منذر بن جارود حاڪم مقرر ٿيو. هو جڏهن سنڌ جي حد ۾ لشڪر ساڻ پورالي نديءَ وٽ پهتو ته بيمار ٿي پيو. مڪران ۾ موجود سندس پٽ حڪم کي بيماريءَ جو اطلاع ڪيائين، پر پاڻ ترت ئي وفات ڪيائين. ان ڪري سندس جاءِ تي سندس پٽ حڪم بن منذر کي سنڌ جي سرحدي علائقي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.
اسلامي رياست جو خليفو ٿيڻ سان عبدالملڪ بن مروان عراق، سنڌ ۽هنڌ وارن سرحدي علائقن جو حاڪم حجاج بن يوسف کي ڪيو. حجاج بن يوسف سعيد بن اسلم ڪلابيءَ کي مڪران جو حاڪم مقرر ڪيو. باهمي اختلاف سبب سعيد بن اسلم، سفهوئي بن لام جنگي سردار کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انتقام طور سعيد، بن اسلم کي ماري علافي جنگي سردار مڪران تي قابض ٿي ويٺا. علافين کي سيکت ڏيڻ لاءِ حجاج، مجاعھ بن سعر کي مڪران جو حڪمران مقرر ڪري موڪليو.سندس پهچڻ کان اڳئي علافي وڃي سنڌ جي راجا ڏاهر وٽ رهيا، مجاعھ هڪ سال مڪران ۾ رهي وفات ڪئي.
جڏهن سن ڇهاسي هجريءَ ۾ وليد بن عبدالملڪ خليفو ٿيو، تڏهن سنڌ جي سرحد وارو علائقو محمد بن هارون کي ڏنائون. جنهن پنجن سالن دوران سنڌ جي ڪجهه بيابان تي قبضو ڪيو. ان دوران سريلنڪا جي راجا غُورابن وسيلي خليفي وليد ۽ حجاج بن يوسف لاءِ قيمتي سوکڙين سان گڏ ٻانها ۽ ٻانهيون به موڪليون. انهن ٻيڙن ۾ ڪجهه مسلمان عورتون به هيون، جيڪي ڪعبت الله شريف جي زيارت لاءِ پئي ويون. سفر دوران طوفان سبب توائي ٿي اهي ٻيڙا اچي ديبل بندر ڀيڙا ٿيا ته اهي نڪامره ذات وارن درياهيءَ داڙيلن جي ور چڙهيا جن سمورو سامان ڦريو ۽ سڀ ماڻهو قيدي بنايا. البت انهن مان ڪجهه ماڻهو اتان ڀڄي نڪتا تن اچي حجاج کي اها سربستي خبر سُڻائي.
مذڪوره احوال موجب حجاج سنڌ جي راجا ڏاهر کي قاصد هٿان خط لکي کيس تنبيهه ڪندي مذڪور ماڻهن ۽ سوکڙين جي گهُر ڪئي. راجا ڏاهر جواب ڏنو ته مذڪور بدمعاش ماڻهو منهنجي حڪم ۾ ناهن. هن جواب موجب حجاج خليفي وليد کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي اجازت گهُري، پر اول کيس موڪل ڪانه ملي ۽ جڏهن ٻيو ڀيرو به ساڳي گذارش ٿي ته پوءِ کيس اجازت ملي. اهڙي ريت حجاج بن يوسف بُديل بن طِهفھ کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو. جيڪو سندس حڪم موجب مڪران مان محمد بن هارون کان ٽي هزار لشڪر وٺي مڪران تي نيئن مقرر ٿيل جنگي سردار عبيدالله بن نبهان کي پاڻ ساڻ ڪري عربي سمنڊ ٽپي اچي ديبل بندر وٽ پڌرايو. ديبل واسين هن صورتحال کان راجا ڏاهر کي قاصد معرفت واقف ڪيو. تنهن تي راجا پنهنجي پٽ جَيسِينِ کي هاٿين ۽ اُٺن تي مشتمل وڏو لشڪر ڏئي ديبل ڏانهن موڪليو. جنهن رسڻ شرط بُديل سان اچي جنگ جوٽي ۽ بُديل سميت گهڻن مسلمان سپاهين کي قتل ڪري ماري ڀڄايو، پوءِ هڪڙي ٺڪر کي ديبل جو حاڪم مقرر ڪري جَيسِينِ واپس نيرون ويو.
بدلي جي خوف کان انهيءَ وقت نيرون جي حاڪم سُندر شمني راجا ڏاهر کان لِڪ چوريءَ ۾ حجاج بن يوسف ڏانهن پنهنجو خاص ايلچي موڪلي، ڍل جي عيوض امان گهري، جيڪا حجاج کيس لکت ۾ ڏياري موڪلي، بُديل جي قتل ٿيڻ کان پوءِ حجاج محمد بن قاسم ثقفي کي سالار مقرر ڪري کيس ڇهن هزارن کان وڌيڪ بهترين شامي جنگي جوانن جو لشڪر ڏيئي شيراز جي رستي کان سنڌ تي چاڙهي موڪليو. ٻئي طرف قلعي جي جنگين لاءِ ضروري سامان ابن مغيره ۽ جزيم جي اڳواڻي ۾ غورابن وسيلي ديبل روانو ڪيو ويو. محمد بن قاسم لشڪر سميت مڪران پهچي مڪران جي اڳوڻي حاڪم محمد بن هارون سان ملاقات ڪئي. بيمار هئڻ جي باوجود محمد بن هارون محمد بن قاسم سان هن مهم ۾ شامل ٿيو ۽ ارما بيل پهچڻ سان وفات ڪيائين، جتي کيس دفن ڪيائون. اسلامي لشڪر ڪاهيندو جڏهن محرم سن 93 هجريءَ ۾ ديبل ۾ پهتو ته ابن مغيره ۽ خزيم جي سنڀال هيٺ جنگي سامان سان ڀريل غوراب به اچي کين رسيا. تڏهن هن لشڪر جي اڳيان کاهي کوٽائي جهنڊا کوڙائي لشڪر جي پهچڻ جا نغارا وڄارايا. لشڪر کي منظم ڪري قلعي کي ٽوڙڻ لاءِ خصوصاً عربن جون ٺاهيل مشينون ”منجنيق“ قلعي جي سامهون اُڀيون ڪيائون. عربي لشڪر ڏسي ديبل جي قلعي وارا به جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. اهڙي ريت هڪ هفتو گذري ويو پر حجاج وٽان حملي ڪرڻ جو حڪم ڪو نه مليو. تنهنڪري اسلامي لشڪر اجازت جو انتظار ڪندو رهيو. نيٺ اٺين ڏينهن خط ذريعي حجاج کان اجازت ملڻ تي محمد بن قاسم لشڪر کي صف آرا ڪري ديبل تي حملو ڪيو ته ديبل جا محافظ ڀڄي وڃي قلعي ۾ لڪا، پر هڪڙي برهمڻ ٻاهر اچي عربن کي تسلي ڏني ته اسان جي علم موجب فتح اوهان جي ٿيندي. پر قلعي اندر موجود بُت خاني جي گنبند کي ڪيرائڻ کانسواءِ اها حاصل ڪا نه ٿيندي. انهيءَ جي صلاح موجب منجنيق وسيلي جهنڊن سميت اهو گنبذ ڀڳو ويو ۽ اسلامي لشڪر منظم حملو ڪري قلعو فتح ڪيو ۽ ديبلي لشڪر جو ٽن ڏينهن تائين ڪوس جاري رکيو. قلعي جي فتح واري رات ديبل جوحاڪم جاهين بن برسايد روات قلعي جي ڀت ٽپي فرار ٿي ويو ۽ راجا ڏاهر کي ديبل تي اسلامي لشڪر جي قبضي جو اطلاع ڏياري موڪليائين. بعد ۾ مندر ۾ موجود ست سئو ٻانهين کي قيد ڪيو ويو ۽ سري لنڪا جي ٻيڙن وارا قيدي ۽ اڳوڻن اسلامي لشڪرن جا قيدي آزاد ڪرايا ويا. ديبلي قيدين ۾ ديبل جي حاڪم جون ٻه ڌيئر به هيون، جيڪي ديبل مان هٿ آيل مال غنيمت جي مقرر حصي ۾ مذڪور ست سو ٻانهين سان گڏ حجاج کي ڏياري موڪليون ويون. محمد بن قاسم حميد بن وداع النجري کي ديبل جو حاڪم مقرر ڪيو. ياد رهي ته محمد بن قاسم کي سنڌ تي چاڙهي موڪلڻ شرط حجاج بن يوسف تقريباً روزانه خط لکندي سندس رهنمائي ۽همت افزائي ڪندو هو ۽ محمد بن قاسم طرفان موڪليل خط ۾ بيان ڪيل صورتحال ۽ مسئلن بابت ڏس ۽ هدايتون ڏيندو رهندو هو. ۽ محمد بن قاسم هر ڪو ڪم سندس هدايتن جي روشنيءَ ۾ سرانجام ڏيندو هو. منجنيقون ۽ ڪافي جنگي سامان ٻيڙن وسيلي نيرون ڪوٽ روانو ڪري پاڻ سيسم جي رستي اوڏانهن ڪوچ ڪيو ته رستي ۾ کيس حجاج جو خط مليو. جنهن ۾ پڻ ڪئين هدايتون لکيل هيون. هو ستين ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ جي ڀر سان هڪ ميدان تي پرگهٽ ٿيو. هتي پاڻي ۽ گاهه پٺي جي تنگي هئي. نيرون جي حاڪم شمني جي غير حاضري دوران ڪوٽ وارن دروازا بند ڪري ڇڏيا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شُمني اچڻ شرط اسلامي لشڪر جي خاطرداري ۾ جُنبي ويو. قلعي جا دروازا کولياويا. اهڙي طرح اسلامي فوج کي ضرورت جي هر شي ملڻ لڳي. شُمني حجاج جي پرواني سان پيش ٿي اسلامي رياست سان وفاداري ۽ ان جي اطاعت قبول ڪئي. محمد بن قاسم اهڙو اطلاع حجاج کي موڪليو ۽قلعي جي مندر واري هنڌ هڪڙي مسجد جوڙائي ٻانگ ۽ نماز لاءِ هڪڙو امام مقرر ڪيو ۽ قلعي تي هڪ گورنر نامزد ڪيائين. ڪجهه ڏينهن هتي ترسڻ بعد سيوستان ۽ آسپاس تي قبضو ڪرڻ واسطي شُمني ساڻ ڪري اوڏانهن اسهيو ۽ چند ڏينهن ۾ موج نالي ماڳ تي اچي سهڙيو. اتي جو چڱو مڙس هڪڙو ٻُڌ شمني ۽ قلعي جو حاڪم راجا ڏاهر جو سوٽ بجهراء بن چندر هو. عرب لشڪر ڏسي هتي جا ماڻهو جنگ لاءِ نڪري آيا. اهڙي طرح جنگ شروع ٿي ۽ هفتي کن ۾ اسلامي لشڪر قلعي وارن تي غالب ٿي ويو ۽ بجهراءِ ڀڄي جان ڇڏائي اچي سيسم نالي قلعي ۾ پناهه ورتي. جنهن جو حاڪم ڪاڪو پٽ ڪوتل هو. بجهراءِ جي ڀڄڻ سان جنگ ختم ٿي ۽ عربن قلعي تي قبضو ڪري سمورو خزانو هٿ ڪيو ۽ اتي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا ۽ فتح جو احوال حجاج کي موڪليو ويو. هتان واندو ٿي محمد بن قاسم سيسم جي قلعي تي ڪاهه ڪارڻ بندهاني نالي ماڳ وٽ اچي منزل انداز ٿيو. اها ڳالهه ٻڌي ڪاڪو بن ڪوتل شمني چند خاص ماڻهن سان بناتھ بن حنظلھ جي معرفت محمد بن قاسم وٽ اچي پيش پيو ۽ اطاعت قبول ڪيائين. محمد بن قاسم کيس عزت ڏئي خلعت پهرائي. ان جي عيوض ڪاڪي ڪيترن ئي عرب مخالف سردارن کي عربي فوج هٿان مارائي جام مال غنيمت آڻي محمد بن قاسم جي اڳيان رکيو. ان کان پوءِ محمد بن قاسم اچي سيسم جي قلعي تي حملو ڪيو ۽ ٻن ڏينهن ۾ ئي قلعي تي قبضو ڪري فتح حاصل ڪئي. بجهراءِ ۽ سيسم جو حاڪم پنهنجن ساٿين سميت ڀڄي ويا. تڏهن سيسم جي قلعي ۽ آسپاس جي نگرانيءَ لاءِ عبدالملڪ بن القيس ۽ حميد بن وداع النجديءَ کي مقرر ڪيو ويو. ان وقت محمد بن قاسم کي حجاج خط وسيلي نيرون موٽي وڃڻ ۽ ڏاهر سان سامهون ٿيڻ جو حڪم ڏنو. نيرون پهچي محمد بن قاسم حجاج کي خط وسيلي صورتحال کان واقف ڪيو. حجاج جواب ۾ قومي غدار هٿ ڪرڻ جي ترغيب ڏنس ۽ راجا ڏاهر ڏانهن اطاعت قبول ڪرڻ يا جنگ ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ جي ڌمڪي ڏياري موڪلڻ جي صلاح ڏني. ان تي مڪمل عمل ڪندي گهڻن ئي موقعي پرست ماڻهن کي امان ڏئي وڏن انعامن سان نوازيائين ۽ پوءِ اشبهار جي قلعي تي حملو ڪيائين. قلعي وارن هفتو کن خوب جنگ ڪئي، پر نيٺ اچي امان گهريائون ۽ اطاعت ڪيائون. محمد بن قاسم قلعي تي قبضو ڄمائڻ کان پوءِ اروڙ جي حد ۾ مهراڻ جي ڪناري اچي منزل انداز ٿيو، اهو علائقو راجا ڏاهر مقامي سردار موڪي پٽ وسائي کي جاگير طور ڏنو هو. موڪي موقعي پرستيءَ موجب عرب سالار سان ڳجهو ٺاهه ڪري غداريءَ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسلامي فوج جي هر طرح مدد ڪئي. تنهن کان پوءِ محمد بن قاسم راجا ڏاهر ڏانهن قاصد وسيلي جنگ ڪرڻ جو پيغام موڪلي درياء ٽپڻ بابت راءِ ورتي، راجا ڏاهر اسلامي لشڪر کي درياء ٽپي اچڻ ۾ آزاد ڇڏيو، ايتري ۾ حجاج بن يوسف جو خط به محمد بن قاسم کي اچي مليو. جنهن ۾ درياء اُڪرڻ بابت هدايتون لکيل هيون. جن موجب ٻيڙين جي پُل وسيلي اسلامي لشڪر سنڌو ندي پار ڪئي. لشڪر جي سامهون ٻيٽ واري قلعي ۾ راجا ڏاهر لشڪر سميت موجود هو. هن اول پنهنجي پٽ جيسينھ کي عرب لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. جيڪو گهڻو لشڪر مارائي پسپا ٿي موٽي آيو. ان دوران موڪي جو ڀاءُ راسل به راجا ڏاهر کان ڦري اسلامي لشڪر سان اچي مليو. محمد بن قاسم اڳتي اچي جَيوَرَ ۾ منزل انداز ٿيو ۽ ٽن ڏينهن اندر جنگ چالو ٿي وئي. ڏهين رمضان 93 هجري تي راجا ڏاهر مارجي ويو ۽ اسلامي لشڪر فتح حاصل ڪئي. عربن گهڻو ئي مال غنيمت هٿ ڪيو. محمد بن قاسم ڏاهر ۽ ٻين سنڌي اميرن جا سر عراق اماڻيا. راجا ڏاهر جو پٽ جيسينھ لشڪر سميت اروڙ جي قلعي ۾ ويٺل هو، سو برهمڻ آباد واري قلعي ڏانهن روانو ٿي ويو. پويان محمد بن قاسم اچي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ڇهه هزار مقامي سپاهين کي قتل ڪيو ويو.باقي عورتن ۽ ٻارن کي قيد ڪيو، مال غنيمت پڻ وڏي مقدار ۾ هٿ لڳو. تنهن بعد محمد بن قاسم بهرور دهليلھ قلعا فتح ڪري ٻين علائقن جي حاڪمن کي اسلامي لشڪر جي اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليا. تنهن تي ڏاهر جي وزير سياڪر اچي پيش پئي امان گهري. جنهن کي وڏي آجيان ڪري محمد بن قاسم پنهنجو وزير بنايو. ان کان پوءِ محمد بن قاسم برهمڻ آباد جو قلعو فتح ڪرڻ لاءِ اچي اتي منزل ڪئي.
برهمڻ آباد وارن اسلامي فوج جو سانده ڇهه ميهنا مقابلو ڪيو، پر جيسينھ جو اتان نڪري وڃڻ سبب نيٺ آڻ مڃيائون. محمد بن قاسم قلعي تي قبضو ڪري سورهن هزار سنڌي لشڪر کي گرفتار ڪرائي قتل ڪرايو ۽ فقط بي هٿيار ماڻهن کي جيئندان ڏنو. سمورن ماڻهن تي جزيه يا ڍل مقرر ڪئي. ڪيترائي ماڻهو قيدي بنايا ويا. مال غنيمت به گهڻي مقدا ر ۾ هٿ لڳو. قيدي عورتن ۾ راجا ڏاهر جي زال ۽ راڻي لاڏي ۽ ٻه ڌيئر به هيون واپارين، ڪاريگرن ۽ برهمڻ کي معافي ڏني وئي. حجاج کان اجازت وٺي مڪاني ماڻهن کي پنهنجي مذهب موجب عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. برهمڻن يعني هندو مُلن کي وڏا انعام ڏيئي اسلامي حڪومت جي پرچار جي ڪم تي لڳايو ويو.برهمڻ آباد شهر جي انتظام لاءِ وداع بن حميد البحري کي مقرر ڪيو ويو. مالي معاملن لاءِ شهرجي چئن واپارين کي مقرر ڪيو ويو. رائوڙ جو قلعو نوبھ بن دارس جي حوالي ٿيو. ڪڇ سان لڳندڙ علائقي ڪيرج تي هُذيل بن سليمان الاردي مقرر ٿيو. حنظلھ، دهليلھ جو حاڪم مقرر ٿيو. سيوستان تي هزار سپاهه جي اڳواڻي ڪندي قيس بن عبدالملڪ ۽ خالد انصاريءَ کي مقررڪيو ويو. ديبل ۽ نيرون ڪوٽ تي مسعود تميمي ۽ ابن شيبھ جُديدي کي حاڪم مقرر ڪيو ويو. صابر يشڪري، فراس عَتڪي الق قاء بن عبدالرحمان، عبدالملڪ الخزاعي ۽ مُهنيٰ بن عڪھ کي سندن ٻانهن ٻيلي بنايو ويو. آزاد ڪيل هڪ غلام کي اشبهار جو حاڪم بنايو ويو ۽
اهڙي ريت سمورن فتح ڪيل شهرن ۽ علائقن جو مذڪور طور بندوبست ڪرڻ کانپوءِ برهمڻ آباد مان ڪوچ ڪري محمد بن قاسم هڪڙي پرسڪون ماڳ ”منهل“ تي اچي منزل ڪئي، جيڪو وِڪر بهار ڍنڍ جي ڪناري واقع هو. انهيءَ علائقي جي سموري رعيت سندس تابعداري قبول ڪئي. بواد شني ۽ ٻڌيڻي ڍول کي سندن چڱ مڙسي ڏنائين. پوءِ محمد بن قاسم اروڙ ڏانهن وڌندي وڃي بهراور ۾ قيام ڪيو، جتي سليمان بن بنهان جي اڳواڻي ۾ ابو فضھ القشيري ۽ جنيد بن عمرو کي بهراور جي علائقي تي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پاڻ سمن جي راڄ تي چڙهي آيو ته انهن دهلن ۽ شرنائين سان سندس آجيان ڪئي ۽ تابعداري قبول ڪئي. خُريم بن عمرو کي سندن حاڪم مقرر ڪري محمد بن قاسم اڳتي وڌي سهتن تي چڙهائي ڪئي. انهن پير ۽ مٿا اُگهاڙا ڪري اچي حاضر ٿي امان گهري. کين امان ڏيئي مٿن پنهنجو ڪارندو مقرر ڪري اڳتي ڪاهيندو اروڙ شهر جي ويجهو رَسِي منزل انداز ٿيو. اروڙ سنڌ جي گادي وارو وڏو شهر هو ان وقت شهر جو حاڪم راجا ڏاهر جو پٽ گوپي هو. تنهن جي خيال ۾ بابو اڃا حيات آهي ۽ هندستان جي راجائن کان مدد وٺڻ ويو آهي ۽ اهو ضرور مدد وٺي اچي عربن کي سنڌ مان هڪالي ڪڍندو، تنهنڪري عربن سان سانده مهينو کن جنگ ۾ مصروف رهيو، پر جڏهن راجا ڏاهر جي قتل ٿي وڃڻ جي پڪ ٿيس ۽ رعيت جي پريشانيءَ جو پتو پيس، تڏهن مايوس ٿي رات وچ ۾ پنهنجي خاندان ۽ وفادار ماڻهن سميت قلعو ڇڏي چترور روانو ٿي ويو. انهيءَ حقيقت موافق عربي لشڪر سڌو قلعي تي حملو ڪيو. تڏهن شهر جي مکيه ماڻهن، واپارين، ڪاريگرن ۽ ٻين اسلامي لشڪر جي اڳواڻ محمد بن قاسم کي سندس تابعداري قبول ڪندي امان ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ جنگ بند ڪري قلعي جا دروازا کولي، اهو سندس حوالي ڪرڻ لاءِ ۽ سندس استقبال لاءِ تيار ٿي بيٺا. محمدبن قاسم جي قلعي ۾داخل ٿيڻ سان سمورن شهرين، محمد بن قاسم جي تابعداري قبول ڪرڻ جي علامت طور قلعي اندر موجود نو بهار مندر ۾ رکيل بت کي سجدو ڪيو. دروازا کولائي محمد بن قاسم مندر ۾ اندر لنگهي ويو ته گهوڙي سوار سنگمرمر جو مجسمو ڏٺائين، جنهن کي سونا ڪنگڻ پيل هئا.
شهر تي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ بعد رواح بن اسد کي اروڙ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. موسيٰ بن يعقوب ثقفيءَ کي شهر جو امام ۽ مفتي مقرر ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ منزل کڻي ڪاهيندو محمد بن قاسم اچي بياس نديءَ جي ويجهو ڀاٽيھ نالي قلعي ڀيڙو ٿيو. جيڪو راجا ڏاهر جي سئوٽ ڪَڪِسو جي ملڪيت هو. عرب لشڪر پهچڻ شرط ڪَڪِسو محمد بن قاسم جي خدمت ۾ ڍل سميت تمام گهڻيون بيش بها سوکڙيون موڪلي صلح جي درخواست ڪئي. محمد بن قاسم ان ورتاءُ تي ڏاڍو خوش ٿيو. پاڻ وٽ گهرائي کيس تمام گهڻي عزت ڏنائين. ايتري قدر جو ڪَڪِسوء کي پنهنجو مشير پڻ بنايائين. ڀاٽيھ جو انتظام مڪمل ڪرڻ بعد محمد بن قاسم اسڪلنده جي قلعي تي ڪاهي ويو ۽ ستن ڏينهن جي خوني جنگ کانپوءِ انهن تي غالب ٿيو. جنهن سبب قلعي جو والي سهيرا ڀڄي وڃي راوي نديءَ جي ڪناري تي واقع سڪھ نالي قلعي ۾ پناهگزين ٿيو. والي وڃڻ ڪري قلعي جي ماڻهن اسلامي لشڪر کان پيغام وسيلي امان جي گذارش ڪئي. انهيءَ تي محمد بن قاسم بي پرواهه ٿي قلعي ۾ داخل ٿي چار هزار هٿيار بندن کي قتل ڪرائي باقي بچيل رعيت کي غلام بنايو. قلعي جو ڪاروبار عُتبھ بن سلمھ تميمي جي حوالي ڪري پاڻ سڪھ واري قلعي تي ڪاهي ويو. جتي سترهن ڏينهن جي ڇتي ويڙهه پڄاڻان قلعي جي حاڪم بجهراءِ سندس ساٿين کي ڀڄائي ڪڍيائين ۽ قلعي سميت سموري شهر کي ناس ڪري راوي ندي ٽپي اچي ملتان تي ڪڙڪيو. ملتان جي حاڪم ڪندا ۽ بجهراءَ اسلامي لشڪر سان ٻن مهينن تائين لڳاتار جنگ ڪئي، پر ڪن غدار ماڻهن جي ڏس تي عرب لشڪر قلعي کي کاٽ هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ٻن ٽن ڏينهن جي گهمسان جي لڙائي کان پوءِ قلعو فتح ڪيو. ڇهه هزار ملتاني لشڪر کي قتل ڪيو ويو. واپارين ۽ ڪاريگرن کانسواءِ سمورن ماڻهن کي غلام بنايو ويو.
هڪڙي برهمڻ جي نشاندهي تي شهر جي هڪ آڳاٽي حاڪم نالي جوڀن طرفان جوڙايل مندر ۾ دفن ٿيل سندس خزانو هٿ ڪيو. ان مندر ۾ رکيل مورتي سون جي ٺهيل هئي. جنهن جي اکين ۾ ڳاڙها ياقوت لڳل هئا. ان مندر مان چاليهه مٽ ڪاترسون ۽ ٻه سئو ٽيهه مڻ خالص سون جا هٿ آيا. ملتان شهر جي مال غنيمت جي مليل مال ۾ پڻ جواهر ۽ موتين جو وڏو مقدار قبضي ۾ آندو ويو.
حجاج بن يوسف طرفان محمد بن قاسم کي لکيل هڪڙي خط موجب سنڌ تي حملي ۾ عربن جو ڪُل خرچ سٺ هزار درهم تور خالص چانديءَ جي برابر هو. حجاج بن يوسف طرفان خليفي وليد سان ڪيل انجام موجب مذڪور خرچ جي ٻيڻ يعني هڪ لک ويهه هزار درهم تور خالص چاندي جي برابر مال پيارڻو هو. شهر ۽ آسپاس تي مڪمل قبضي کان پوءِ محمد بن قاسم انتظام خاطر دائود بن نصر عماني کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو. خُريم بن عبدالملڪ تميميءَ کي برهم پور يعني سوپور وارو قلعو حوالي ڪيو ويو. ملتان جي آسپاس وارو علائقو عڪرمھ بن ريحان شاميءَ جي انتظام هيٺ رکيو ويو. اشهار ۽ ڪرور وارو قلعو خُزيمه بن عتبھ مدنيءَ جي حوالي ڪيو ويو. مرڪزي حڪومت جي حصي وارو مال خزانو ٻيڙين رستي ديبل روانو ڪيو ويو.جتان درالخلافت موڪليو ويو. هٿيارن ۽ ٻين جنگي اسباب سان مڪمل طرح سان مسلح اڌ لک چونڊ سوار لشڪر کي تيار رکندي محمد بن قاسم قنوج جي راجا هر چندر بن جهتل ڏانهن ابو حڪيم شيباني جي سالاري هيٺ ڏهن هزارن سوارن تي مشتمل لشڪر اسلامي حڪومت جي تابعداري قبول ڪرائڻ ۽ کانئس ڍل وصول ڪرڻ يا جنگ ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. لشڪر جي اوڌاپور پهچڻ تي ابو حڪيم زيد بن عمرو ڪلابيءَ کي مذڪور پيغام پهچائڻ واسطي راجا هرچندر ڏانهن موڪليو. راجا قاصد کان پيغام ٻڌي سخت ناراض ٿي چيو ته هي ملڪ هزارين سالن کان اسان جو پنهنجو آهي. جيڪو توهان جي ڌمڪيءَ سان اوهان جي حوالي ڪو نه ڪبو. پنهنجي سالار کي چئو ته جنگ کانسواءِ ان جو فيصلو ڪو نه ٿيندو. قاصد مٿيون احوال سربستو ڪري اچي عربن کي ٻڌايو، جنهن تي محمد بن قاسم پنهنجي لشڪر کي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ جنگي سردارن ۽ مقامي غدارن کي گهربل مدد فراهم ڪرڻ واسطي ڪٺي ڪيائين. انهن راجا هرچندر خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ حتي المقدور ڪوشش ڪرڻ لڳا.
اوڌاپور ۾ اسلامي لشڪر جنگ جي تياريءَ ۾ئي مشغول هو ته محمد بن قاسم کي دارالخلافت کان آيل پيغام پهتو ته هو جتي به هجي ته هن کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته هو پاڻ کي ڪچي کل ۾ بند ڪرائي جهٽ پٽ راڄڌاني رسي. سانده ٽن سالن تائين سنڌ ۾ فتوحات حاصل ڪندي ۽ حڪومت هلائيندي مرڪزي اسلامي حڪومت کان سوين ڪوهه ڏور دارالخلافت جي سياست کان بي خبر، پنهنجي فتوحات تي نازان ۽ حاڪمن کان سٺي ورتاءُ لاءِ پراميد، پر حجاج جي پاليسيءَ جو شڪار ٿي، نئين خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي حڪم موجب معزول ٿي، سندس جاءِ تي سنڌ جي نئين مقرر ٿيل گورنر يزيد بن ابي ڪبشھ سَڪسَڪي وٽ جماد الثاني سن 96هه ۾ اچي حاضر ٿيو. جنهن کيس کل پهرائي هٿ ڪڙيون هڻائي عراق جي نئين گورنر يزيد بن مهلب جي ڀاءُ معاويھ بن مهلب جي نگرانيءَ ۾ روانو ڪيو. تنهن کيس آڻي شهر واسط ۾ قائم ڪيل تشدد گاهه جي انچارج صالح بن عبدالرحمان جي حوالي ڪيو. اُتي کيس بيحد بڇڙين عقوبتن وسيلي سن 715ع ۾ مارچ مهيني جي شروع ۾ ماريو ويو، پر سنڌ تي عربن جي حڪومت سانده ٽي سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهي. ان دور ۾ هندو ڌرم جي گهٽ ذات واري نهايت مظلوم ۽ مجبور طبقي جي گهڻن ماڻهن اسلام اختيار ڪيو.