فتوحات چَنگِيزِ خان
نَوَنِ (9 ) سالن جي عمر ۾ سندس پيءَ چنگيز خان کي سندس مستقبل ۾ ٿيندڙ ”ڪُنوار، ”بورٽي“ جي خاندان ۾ رهڻ لاءِ آڻي ڇڏيو. ڳوٺ ڏانهن موٽندي سندس پيءَ، يَسُوخئي کي هڪڙي مخالف تارار قبيلي جا ماڻهو مُنهن ۾ پئجي ويا، سي کيس پرچڻ جو بهانو بنائي سندن ديري تي وٺي ويا ۽ ساڻن دغابازي ڪرڻ جي انتقام طور کيس زهر ڏنائون، تنهن سبب هو مري ويو اها خبر ٻڌي، چنگيز خان پنهنجي گهر موٽي آيو ۽ گهر جو ۽ پنهنجي خانداني نُکَ جو اڳواڻ ٿيڻ جي تقاضا ڪئي، جيڪا سندس راڄ جي ماڻهن، سندس عمر ننڍي هئڻ جي بنياد تي قبول ڪا نه ڪئي، اُٽلو هن جي ننڍن ڀائرن ۽ ويڳن ڀائرن سميت کيس راڄ نيڪالي ڏنائون، تنهن ڪري اُھي پِنَڻِينِ پَرينِ ٿي ويا. سندن ڪُٽنب تي معروضي دٻاء وڌي ويو. انهيءَ دؤران شڪار ۾ هٿ آيل مال جي ورهاست تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ چنگيز خان پنهنجي ويڳي ڀاءُ کي ماري وڌو. انهيءَ ڀاء جو نالو بَختَر هو، تنهن کان پوءِ هن گهرجي وڏي جي حيثيت مڃائي ورتي. 16 سالن جي ڄمار ۾ چَنگِيز خان سندس مڱ بورٽِيءَ سان شادي ڪري، سندس زال واري ڪونڪِيرَت قبيلي سان سندس قبيلي جو اتحاد مُستحڪم ڪيو. انهيءَ کان سِگهو پوءِ چنگيز خان جي هڪ مخالف قبيلي جي ماڻهن هٿان، سندس زال، بورٽي اغوا ٿي وئي ۽ انهي مَرڪِت قبيلي جي سردار کي ڏني وئي، جنهن کيس پاڻ وٽ زال ڪري ويهاريو. پر چنگيز خان بورٽيءَ واري قبيلي جي مدد سان بورٽيءَ کي مَرڪَت قبيلي کان ڇڏائي آيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ بورٽيءَ پهريون پٽ ڄڻيو، جنهن جو نالو ”جوچي“ رکئون مائيءَ جي اغوا سبب چنگيزخان جي ڪونِڪٽ قبيلي جي ماڻهن ڇوڪر جي حلالي هئڻ ۾ شڪ آندو، پر چنگيز خان ٻار کي پنهنجو حلالي اولاد تسليم ڪيو، چنگيز خان کي بورٽيءَ مان چار پٽ ٿيا. 20 سالن جي ڄمار ۾ سندس هڪڙي سابق اتحادي قبيلي سان تڪرار ۽ جهيڙي ۾ چنگيز خان گرفتار ٿي، انهيءَ تائچيئُت قَبِيلي ۾ غلام ٿي ويو پر ٿوري ئي وقت اندر انهيءَ قبيلي جي هڪڙي نيڪ نيت شخص جي همدرديءَ ۽ مدد سان، اتان کِسڪي ويو ۽ اچي پنهنجن ڀائرن سان گڏيو، جتي صورتحال جي تقاضا موجب هن پنهنجن ڀائرن سان گڏ ٻين هم خيال قبيلن سان گڏجي هڪڙو عسڪري اتحاد قائم ڪيو ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي ويهه هزار نوجوان منگولن جي هڪ منظم فوج تيار ڪري ورتي ۽ منگولن جي مختلف قبيلن ۾ وِرڇ سبب پيدا ٿيندڙ ڪمزوري ۽ لاچاريءَ کي ختم ڪرڻ ڪارڻ چنگيز خان سمورن پاڙيسري قبيلن سان رابطو ڪندو، سندن اختلاف ختم ڪندو، کين پاڻ ۾ پرچائيندو ۽ پاڻ سان اتحاد ۾ شامل ڪندو، پنهنجي قيادت ۾ منگول اڪثر قبيلن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ويڙهاڪ تنظيم فوج کي مُيسر مناسب تربيت ڏئي تيار ڪري، اول پنهنجي پيءَ جي خون جو پلاند ڪرڻ لاءِ انهن قاتل تاتارِيِن تي ڪاهي ويو ۽ کين سخت شڪست ڏنائين، چنگيز خان پھرين تاتاري فوج ۾ قتلام ڪرايو،
تنهن کان پوءِ تاتارين جي هر نريني فرد کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڪيو، جنهن جو قد ٽن ڦُٽن کان ڊگهو هجي، تاتارين کي مات ڏيڻ کان پوءِ چنگيز خان جي منگول فوج تائيچيئُت قبيلن تي، سلسليوار ۽ لڳاتار گهوڙي سوار لشڪر جي چڙهاين ذريعي شاندار فتح حاصل ڪئي ۽ سندن سمورن جنگي سردارن ۽ راڄ جي چڱن مڙسن کي جيئرو جهلي ٻڌي پاڻيءَ جي ڪڙاهين ۾ ٽهڪندڙ پاڻي ۾ اُڇلائي، ٽهڪائي مارايو. تنهن کان پوءِ چنگيز خان سن 1206ع ۾ منگولن جي هڪڙي نهايت طاقتوَر سرڪش ۽ سندس مخالف، نائِمان قبيلي کي پڻ عبرتناڪ شڪست ڏئي، وچ ۽ اوڀر منگوليا جي سموري علائقي کي قبضي هيٺ آندو. سندس فوج کي حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جو مکيه سبب خود چنگيز خان جون تشڪيل ڪيل نراليون عسڪري حڪمت عمليون هيون، جن تي عمل ڪرڻ لاءِ سندس سکيا ڏِنل جاسوسي ڪندڙ نيٽ ورڪ جي جفاڪشيءَ سان دشمن فوج بابت گهربل صحيح معلومات مهيا ٿيندي رهي. جنهن جي بنياد تي، دشمن فوج جي چرپر کان بلڪل اڳ ۾ انهن جي خلاف جنگ جا بلڪل نرالا ۽ نامعلوم گُر ڪتب آندا ويندا هئا. اهڙيءَ طرح بهتر سکيا ورتل، چنگيز خان جي اسي هزار منگول فوج ۾ فوجي ضباطي مطابق رابطي جو پڻ هڪ نرالو نظام رائج هو جيڪو روشني ۽ دونهن تي مُبني هو. تنهن کان سواءِ نغارا ۽ مختلف رنگن جا جهنڊا به استعمال ۾ هئا. هر هڪ سپاهي، تير ڪمان، تير ڪش (تَيرن سان ڀريل) هڪ ڍال، هڪ تلوار، هڪ خنجر ۽ هڪ سِرڪَڻ ڦندي واري رسي سميت مڪمل طور هٿياربند هو هُن وَٽ هڪ واٽر پروف وڏو ٿيلهو به ساڻ هوندو هو، جنهن ۾ کاڌو، ڪپڙا ۽ ڪي ضروري شيون پيل هونديون هيون اهو ٿيلهو ضرورت پٽاندر پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ سنڍ يا تُرھي جو به صحيح ڪم ڏيندو هو. چنگيز خان جي گهوڙي سوارسپاھيءَ وٽ هڪ ڇوٽي تلوار، نيزو جنگي تبر، زرهه، هڪ دوا جي شيشي ۽ هڪ ڊگهي سنهي ڇڙهه به ھُوندِي هئي. جنهن جي ڇيڙهي تي هڪ ڪُنڍو لڳل هوندو هو، جنهن جي مدد سان دشمن گهوڙي سوار کي گهوڙي تان ڪيرائبو هو. منگول هميشه ڀرپور حملو ڪندڙ ويڙهاڪ هئا ۽ دشمن کي مڪمل طور تباهه ۽ ناس ڪري ڇڏيندا هئا. اهي پنهنجي گهوڙن تي ضابطو سندن ٽنگن ذريعي ڪندا هئا. سندن آزاد هٿن سان اهي ضرورت موجب وٽن موجود سمورا هٿيار استعمال ڪري سگهندا هئا. سموري فوج کي وقت سر گهربل هر شيءِ پهچائڻ لاءِ هڪڙو جامع ۽ باضابطه ٽرانسپورٽ نظام هو، جنهن جو بنياد ڍڳي گاڏين تي قائم ڪيل هو. منگول فوج ۾ طبي امداد ۽ دُعا ڦيڻي لاءِ به واسِطيدَار ويڄ طبيب ۽ روحاني برزگ توڙي ڀوپا به موجود هوندا هئا، تنهن کان سواءِ مال غنيمت جي فهرست تيار ڪرڻ وارا اهلڪار پڻ منگول فوج ۾ موجود هئا. مختلف منگول قبيلن تي فتح پائڻ سبب، غير منگول قبيلن جي سردارن به امن جي بدلي چنگيز خان کي پنهنجو حاڪم تَسلِيمِ ڪيو ۽ سندس ساراه طور کيس ”چنگيز خان“ جو لقب ڏنائون. انهيءَ لقب ”چنگيز خان“ جي معنيٰ آهي ”سموري دنيا جو حاڪم“. انهيءَ وقت کان وٺي سندس اصل نالي ”تموجين“ جي بدران کيس چنگيز خان سڏڻ شروع ڪيو ويو. انهيءَ لقب نه فقط سندس سياسي اهميت ۾ تمام گهڻو اضافو آندو پر سندس روحاني قدر پڻ وڌي ويو. فوج ۾ موجود وڏي پروهت انڪشاف ڪيو ته تيموجين نه فقط چنگيز خان، يعني سڄي دنيا جو حاڪم آهي، پر اهو مونگِڪي ڪوڪو ٽينگري، يعني مَنگولَن جو سڀني کان وڏو ديوتا يعني خُدا جو نمائندو آهي. انهيءَ روحاني اعليٰ حيثيت واري انڪشاف جي بنياد تي انهي مفروضي کي پڻ تسليم ڪيو ويو، ته تيموجين جي ڀاڳ ۾ واقع دنيا جي بادشاهي لکيل آهي ۽ هو واقع چنگيز خان آهي. چنگيز خان جي شهنشاهت ۾ سهپ ۽ صبر جو ته رواج ۽ ناماچار هو، پر چنگيز خان جي مزاحمت ڪرڻ خُدا تعاليٰ جي مزاحمت ڪرڻ جي برابر هو. انهيءَ خيال کي ايتري گهڻي مذهبي جنون سان مشتهر ڪيو ويو، جو چوڻ ۾ آيو ته چنگيز خان هڪڙي دشمن جنگي سردار کي شڪست ڏِيَڻَ کان پوءِ چيو ته ”آئون الله تعاليٰ جو قهر آهيان جيڪڏهن توهان ڪبيرا گناه نه ڪيا هجن ها، ته الله پاڪ منهنجي صورت ۾ اوهان تي قهر نازل ڪو نه ڪري ها.“ چنگيز خان پنهنجي قسمت آزمائڻ ۾ هڪ پل به ضايع نه ڪيو. جڏهن ته سندس لشڪر کي روحاني اُتساه تمام گهڻو پرجوش بنايو، پر منگول لشڪر گهڻا ڪشالا ماحولياتي حالتن پٽاندر ئي ڪيا. چنگيز خان جي ملڪ ۾ آدمشماري وڌڻ سبب، کاڌ خوراڪ ۽ زندگيءَ لاءِ گذر جا وَسِيالا گهٽجڻ لڳا. تڏهن چنگيز خان سن 1207ع ۾ اتر اولهه چين ۾ قديم شاهراه ريشم سان لڳو لڳ قائم، ايگزيا گهراڻي جي حڪومت واري رياست تي ڪاهه شروع ڪئي ۽ سانده ٻنِ سالن جي طويل جنگ کان پوءِ ان کي زيِر ڪيو ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب واپار تي ايگزيا حڪومت طرفان مڙھيل محصول ختم ڪرائي، ڪيترو ئي ڏن وٺي پنهنجي وطن وريو، سن 1211ع ۾ چنگيز خان جي لشڪر چِن يا جِن گهراڻي جي اتر چين ۾ قائم بادشاهيءَ تي حملو ڪيو. چِن گهراڻي جي حڪومت پڻ منگوليا سان واپار بابت ڦڏو ڪيو هو، جڏهن ته منگوليا کي چِن گهراڻي واري ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ مال جي سخت گهرج هئي، جنهن ۾ اناج جي سڀ کان گهڻي گهرج هئي. چِن گهراڻي سان جنگ ڊگهي ٿي وئي ۽ 1215ع ۾ چنگيزخان جي فوج، موجوده بيجنگ شهر ۽ ان جي آس پاس واري علائقي تي قبضو ڄمائي چِن حڪومت جي لشڪر کي شڪست ڏئي، اُتان تڙي ڪڍيو. چن سرڪار مجبور ٿي منگولن جا شرط مڃيا، تنهن کان پوءِ چنگيز خان جي فوج، اولهه طرف منگوليا جي سرحدي حڪومتن ۽ اسلامي دنيا ڏانهن چڙهائي ڪرڻ لڳي. شروعات ۾ چنگيز خان خوارزم واري اسلامي رياست سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا ۽ هڪ واپاري ٺاهه ڪيو. اها رياست انهيءَ وقت ترڪستان، پرشيا يعني فارس ۽ افغانستان تي مشتمل، هڪ وسيع ۽ خوشحال اسلامي رياست هئي، منگول سفارتي وفد ۾ جاسوسي ڪرڻ جو شڪ وجهي، اوتار صوبي جي گورنر مٿس حملو ڪيو. جڏهن انهي واردات جي چنگيز خان کي خبر پئي ته هن خوارزم جي حڪومت کان، پنهنجو ايلچي موڪلي اوتار جي ڏوهاري گورنر جي ٻانهن جي گهر ڪئي. خوارزم جي بادشاهه، شاه محمد، منگول بادشاه جي گُھرَکي ناجائز ڌمڪي سمجهي، گورنر جي ٻانهن ته ڪا نه ڏني، اٽلو منگول ايلچيءَ کي مارائي، انهيءَ جي سسي شهه طور چنگيز خان کي ڏياري موڪلي، بادشاه، شاه محمد جي انهيءَ غصو ڏياريندڙ عمل، قهر خدائيءَ کي دعوت ڏني، جنهن سموري وچ ايشيا کان ويندي اوڀر يورپ تائين سمورين قومن ۾ ڪوس ۽ شهرن کي ساڙي تباه ڪري ڇڏيو. سن 1219ع ۾ چنگيز خان پنهنجي ٻه لک سپاهين جي منگول لشڪر جي خوارزم جي حڪومت جي خلاف ٿيندڙ حملي جي ڪمان خود پاڻ سنڀالي. انهيءَ حمله آور لشڪر کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو هو. منگول لشڪر خوارزم جي هر شهر ۾ ڪوٽن ۽ قلعن کان وٺي نه ختم ٿيندڙ وحشيت ۽ ڪٺورتا جو نهايت ڀيانڪ عمل جاري رکندي، مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو. شهر ۾ جيڪي ماڻهو ڪوس هلندي به مرڻ کان بچيا، اَنهن کي به ٻئي شهر تي حملي دؤران ڍال طور استعمال ڪندي ماريو پئي ويو. شهرن ۾ گهرو جانورن سَميت ڪا به ساه واري جِنس پويان جيئرِي ڪا نه پي ڇڏيائون. مردن، عورتن ۽ ٻارن جي کوپرين سان تمام وڏا مخطروطي مُنارا ٺاهيا ويا هڪ شهر کان پوءِ وري ٻئي شهر ۾ واري واري سان ماڻهو ماريندا، ملڪيتون ڦريندا، باهيون لڳائندا تباه ڪندا آيا ۽ آخر ۾ بادشاه ۽ پوءِ سندس پٽ کي ماري سن 1221ع ۾ خوارزم گهراڻي جو انت آندو ويو. انهيءَ دؤر ۾ چنگيز خان جي فتوحات، يورپ ۽ چين جي مکيه تجارتي مرڪزن کي هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو، هاڻي چنگيز خان جي توسيع ٿيل شهنشاهت جو ڪار وهنوار ۽ نظم و ضبط مگنولن جي مُروج دستور العمل مطابق هلائڻ لڳا. انهيءَ قانون کي ”لاسا“ سڏبو هو. انهيءَ دستور ۾ شهنشاه چنگيز خان جا اهي فرمان ۽ فيصلا پڻ شامل آهن، جن وسيلي قتل يا خون وارن فسادن، زنا ڪاريءَ، چوريءَ ۽ ڪوڙي شاهديءَ تي سَخت بندش لڳائي وئي هئي. انهيءَ رياستي قانون ۾ منگولن وٽ سماجي ماحول لاءِ عزت ۽ احترام جي جهلڪ به ڏسڻ ۾ پي آئي. جهڙوڪ ندين نالين ۽ پاڻيءَ جي وڏن وهڪرن ۾ وِهنجڻ تي بندش پيل هئي. فوج جي سفر دؤران، اڳيان ويندڙ سپاهيءَ جو هلندي ڪيرائيل سامان، سامان ڪيرائيندڙ سپاهيءَ جي پويان ايندڙ سپاهيءَ کي، کڻڻ لاءِ حڪم ڏيڻ تي به بندش پيل هئي. مٿي لکيل قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي سزا معمول موجب موت جي سزا هوندي هئي. فوجي توڙي سرڪاري اهلڪارن جي عهدي ۾ ترقيءَ جو مدار مِٽي مائٽي ۽ سفارش تي نه، پر فقط لياقت ۽ قابليت تي رکيل هو. ڏَنِ، ڍل ۽ محصول ۾ مذهبي پيشوائن ۽ ڪجهه مخصوص پيشَه وَر افراد کي ڇوٽ مليل هئي. چنگيز خان جي منگول سلطنت ۾ سهپ ۽ مذهبي رواداري به موجود هئي. مذهب کي فرد جو ذاتي معاملو قرار ڏنل هو. مذهب جي رياستي اُمور ۾ مداخلت جي منع ٿيل هئي. البت ڪنهن به مذهب تي ڪا بندش ڪا نه هئي. وچ ايشيا واري اسلامي رياست خوارزم سان جنگ هلندي، چنگيز خان جو حڪم نه مڃيندي، پنهنجي گهربل فوج چنگيز خان ڏانهن ڪا نه موڪلي ۽ کليل مخالفت ڪرڻ لڳي. تنهن ڪري انهي اوڀر چين ۾ قائم تينگُت رياست جي شهرن کي فتح ڪرڻ واري سلسلي دؤران چنگيز خان دشمن فوج کي شڪست فاش ڏني ۽ گاديءَ واري شهر ”ننگ هِيا، کي ڦرلٽ ۽ غارتگري وسيلي مڪمل طور تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. تنهن کان پوءِ تينگُت اَھلڪارَ هڪ ٻئي پويان آڻ مڃيندا آيا ۽ اهڙي ريت جنگ ختم ٿي. چَنگِيز خان تينگُت رياست وارن سان سمورو وير ته ڪو نه ختم ڪيو، نه ئي سمورو بدلو ورتو، پر شاهي گهراڻي کي موت جي سزا ڏئي، ان جو مڪمل خاتمو ڪيو. پنهنجي وفات کان اڳ، چنگيز خان سندس پُٽ اوگدئي کي پنهنجو جاءِ نشين ۽ حڪومت جو سربراه بنايو، چِنن سميت اوڀر ايشيا جي وڏي ڀاڱي تي اوگدئي جي حڪومت قائم ٿي ۽ سلطنت جو باقي بچيل حصو، چنگيز خان جي ٻين پٽن ۾ ورهايو ويو. سندس پٽ چغتائي اتر ايران سميت وچ ايشيا ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. سڀني ۾ ننڍي ڀاء هجڻ سبب، تولوئي کي منگوليا جي ڀر ۾ هڪڙي ننڍڙي علائقي جي مالڪي نصيب ٿي. سندس پٽ جُوچي، جيڪو چنگيز خان جي وفات کان اڳي ماريو ويو هو جوچي ۽ سندس پٽ، باتُو کي جديد روس تي قبضو حاصل ٿيو.
چنگيز خان پَنهِنجي قبيلي جو سردار چونڊجڻ کان تُرت پوءِ، پنهنجي پهرين فوجي مهم شروع ڪئي ۽ تينگُت رياست جي گادي واري شهر تي سن 1209ع ۾ آسانيءَ سان قبضو ڪري ورتو. گاديءَ واري شهر ايگزي ايگزيا پهچڻ لاءِ منگول فوج کي گوبي نالي طويل رڻ پٽ جهاڳڻو ٿي پيو، اهو مشڪل پنڌ ڄاڻي، شهر کي ويجهو هڪ جابلو لڪ مان لنگهي آسانيءَ سان شهر پهچڻ گهريو، جتي رسندي دشمن سان شديد جنگ چالو ٿي وئي، اُتان گوهي ڏئي منگول فوج تينگُت فوج کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي، آڻ مڃائي ۽ شهر تي قبضو ڪري ورتو ۽ اهو شهر منگولن کي ڏن ڏيندڙ شهر ٿِي پيو، جنهن سان گڏ منگولن کي شاهراه ريشم تي موجود زبردست نخلستان به قبضي هيٺ آيو ۽ شهر ۽ شاهراه تان ويندڙ ۽ ايندڙ تجارتي مال تان ملندڙ محصول به ملندو رهيو.تينِگُت رياست جي بادشاه، چنگيز خان کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنو، ڪيتروئي نذرانو پيش ڪيو، انهيءَ شهر جا مختلف هُنرن جا ٽيهه هزار ڪاريگر منگوليا آندا ويا.جِن منگوليا جي گادي واري شهر ڪراڪورم جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنهن کان پوءِ چنگيز خان اترچين ۾ قائم چِن يا جِن گهراڻي واري حڪومت تي سن 1211ع ۾ ڪاهه ڪئي ۽ ميدان جنگ ۾ ته منگول سوڀارا ٿيا، پر وڏن شهرن کي فتح ڪرڻ ۾ ڏکائي ٿي. تنهن ڪري هنن معروضي صورتحال جو ويهي ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ چيني انجينئرن جي مدد سان نيون ۽ نراليون حڪمت عمليون ۽ گُر جوڙي ورتا ۽ عسڪري تاريخ ۾ منگول فوج پنهنجي وقت جي ڪامياب فوج ٿي پئي ۽ نتيجي طور جنگ جي ميدان ۾ ڪنئين سوڀون ماڻي، ڪيترن ئي ڪوٽن ۽ قلعن وارن شهرن تي قبضو ڪيو. سن 1213ع ۾ چنگيز خان چِن گهراڻي واري اتر چيني رياست فتح ڪري ڏکڻ طرف عظيم ديوار چين تائين پنهنجي حڪومت کي مستحڪم بنايو. تنهن کان پوءِ چنگيز خان پنهنجي فوج کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي، ديوار چين ۽ هُڪانگ هي جي وچ ۾ چِن رياست جي دل يعني مرڪز ڏانهن پيش قدمي ڪندي، چِن فوج کي شڪست ڏني. اتر چين کي برباد ڪري، ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ سن 1215ع ۾ چِن گهراڻي جي رياست جي گاديءَ واري شهر يا نِجِنگ، جيڪو پوءِ بيجنگ سڏجڻ لڳو، جو گهيرو ڪيو ۽ چند ڏينهن اندر قبضو ڪري خوب ڦرلٽ ۽ غارتگري ڪئي. بادشاه آڻ ڪا نه مڃي، پر پنهنجي گادي وڃي هڪ ڏوراهين شهر“ ڪائيفينگ ۾ قائم ڪئي. انهيءَ وقت نائمان منگوليا جي معزول حاڪم اولهه طرف ڀڄي وڃي ڪراڪيتاء رياست تي قبضو ڪيو جيڪا چنگيز خان جي طرفدار ۽ اتحادي هئي. انهي وقت مسلسل ڏهن سالن تائين ڇتيون لڙايون لڙندي ڪُچلُگ منگول فوج ٿڪي چُور ٿي پئي هئي. تنهن ڪري چنگيز خان، هڪ ڏاهي نوجوان سالار جيبي جي اڳواڻيءَ ۾ نائمان جي معزول حاڪم ڪُچلُگ تي ٻه فوجي پلٽنون چاڙهي موڪليون. ٻئي طرف منگول جاسوسن ڪُچلگ جي لشڪر ۾ وڳوڙ پيدا ڪري وڌو. اهڙيءَ طرح جيبي تمام تيزيءَ سان وڃي دشمن لشڪر تي ڪاشغر شهر جي اولهه طرف ڀرپور حملو ڪري دشمن فوج کي شڪست ڏني ۽ ڪچلُگ گرفتار ڪري پوءِ ماري ڇڏيو ۽ ڪراڪيتاء واري رياست منگول شهنشاهت ۾ شامل ٿي وئي. سن 1218ع ۾ چنگيز خان ڪراخيتائي نالي هڪ باغي ننڍڙي رياست تي ويهه هزار گهوڙي سوارن جي لشڪر کي جيبي جي قيادت ۾ چاڙهي موڪليو، جنهن دشمن جي گاديءَ واري شهر تي تمام تيزيءَ سان ڀرپور حملو ڪري ترت ئي مڪمل قبضي ۾ آڻـي، حاڪـم، نواب کي گرفـتـار ڪري قتل ڪيو ويو ۽ شهر ۾ ڦرلٽ ڪري تاراج ڪيو ويو ۽ اُھا ننڍي رياست ڪراخيتائي منگوليا سان ملائي وئي وچ ايشيا واري رياست خوارزم 1220ع ۾ مڪمل طور فتح ٿي تنهن جو احوال اڳ ۾ آيل آهي. سن 1219ع ۾ چنگيز خان پنهنجي هڪ لک ڏهه هزار فوج کي ٻن ڪالمن ۾ ورهائي بخارا ۽ اُترار شهرن جو گهيرو ڪرايو جتي منگول فوج هڪ مَھيني جي محاصري کان پوءِ انهن شهرن تي قبضو ڪيو. اتان قسمت سان کسڪي آيل هڪ اکين ڏٺي شاهد جو بيان آهي ته اُهي (منگول) آيا، زوري زنا ڪئي، ماڻهن جو ڪوس ڪيو، ڦُر لُٽ ڪئي، باهه لڳائي شهر ڀڙڀانگ ڪندا هليا ويا. اُترار شهر ۾ به هڪ لک کن سِسِيُون ڌڙن کان ڌار ڪري مِٽي ۾ گوليون ويون، چنگيز خان بخارا شهر جي هڪڙي مسجد ۾ لنگهي ويو جتي هن قرآن شريف جي کوکن مان قرآن شريف ڪڍائي، انهن کوکن ۾ پنهنجي گهوڙن جو داڻو وجهايو. مسجد مان ٻاهر نڪرندي، مقامي ماڻهن کي چيو ته آئون خدا جو قهر آهيان. جيڪڏهن اوهان ڪبيرا گناه نه ڪريو ها ته الله اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ مون وانگر ڪو قهر نازل ڪو نه ڪري ها! چنگيز خان بخارا شهر جي حاڪمن کي حڪم ڪيو ته شراب، گهوڙي جي کير جو ڌونرو ۽ ڪي موسيقار آڻيو تنهن کان پوءِ امير طبقي کي حڪم ڪيو ته توهان پنهنجا سمورا زر زيور ۽ هيرا موتي آڻي منهنجي پيرن اڳيان رکو. منگول فوج شهر ۾ کڻڻ لائق ڪا به شيءِ اتي ڪا نه ڇڏي ۽ سموري ملڪيت کڻي ويا. ويندي مسجد کي باهه ڏني، جنهن پکڙجي سموري شهر کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو. سن 1220ع ۾ چنگيز خان خوارزم رياست جي گادي واري شهر سمرقند تي حملو ڪيو ته بادشاه پنهنجي هڪ لک ڏهه زار فوج جي پهري ۾ فرار ٿي ويو. باقي شهر جي اميرن ڪوٽ جا دروازا کولي فوج کي رحم جي اپيل ڪئي. منگول هاڻي ٿڪي پيا هئا، پر شهر جو ڪوٽ ٽوڙي ڪيرائي ڇڏيو، شهر کي پاڻي رسائيندڙ شاخ ڀڃي برباد ڪري ڇڏي، هڪ لک کن ماڻهو ماري ڇڏيا. سموري مال ملڪيت سان گڏ اٽڪل ٽيهه هزار مختلف هنرن جا ڪاريگر، جهڙوڪ لوهار، واڍا، رازا، ڪوري، خوش نويس، منشي، ويڄ ۽ طبيب گرفتار ڪري سندن ملڪ منگوليا اماڻيا ويا. منگولن تنهن کان پوءِ شاهراه ريشم تي قائم ٻين تجارتي مرڪزن وارن شهرن جهڙوڪ ازبڪستان جو شهر اُرگينچ ترڪمانستان جو شهر مروِ، افغانستان جي شهرن بلخ، غزني ۽ هرات ۽ ايران جي شهر نيشاپور وغيره کي قتل و غارت ۽ ڦرلٽ ڪري اُجاڙي ڇڏيو. مسلم تاريخدانن موجب اڙل سمنڊ جي نزديڪ اُرگينچ شهر جي هڪ لک ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ شهر کي پاڻي سان ٻوڙي غرق ڪرڻ لاءِ هڪڙي نديءَ جو رخ ڦيرائي شهر ڏانهن ڪيو ويو موجوده ترڪمانستان رياست وارو شهر مزوِ، سلجوق ترڪ مسلمانن جي دؤر حڪومت دؤران محلن ۽ محلاتن، ڪُتِب خانن، اعليٰ تعليمي ادارن، سائنسي علمن جي رسد گاهن ۽ تجربيگاهن ۽ باغ باغيچن سان آراسته هڪ عاليشان شهر هو. اتي 1218ع ۾ چنِگيزخان جي قاصدن اچي شهر جي سلجوق حاڪم کان خراج ۽ شهر جون تمام خوبصورت عورتون گهربل تعداد ۾ پيش ڪرڻ جي طلب ڪئي. سلجوق حاڪم غصي ۾ اچي سمورن قاصدن کي مارائي ڇڏيو. ٽن سالن کان پوءِ مقتول قاصدن جو بدلو وٺڻ خاطر شهرتي منگولن جو وڏو ڪٽڪ چڙهي آيو ۽ هٿيار ڦِٽا ڪري آڻ مڃڻ جي زوردار گهُر ڪئي، جيڪا ترت قبول ڪا نه ڪئي وئي، ته پوءِ منگول راڪاسن وانگر ڇتا ٿي پيا ۽ پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته هر سپاهي ٽي سؤ کان چار سؤ بيگناه ماڻهن کي ضرور قتل ڪري، ڪمال وحشت سان منگولن شھر ۾ هڪڙو به ڄڻ ٻچو جيئرو ڪو نه ڇڏيو ۽ سڀ رَھواسي ماري ڇڏيا ۽ پوءِ ڦرلٽ پڄاڻان، شهر نذِر آتش ڪري ڪُوچِ ڪيو. سندن وڃڻ کان پوءِ شهر ۾ هڪ ساهوارو به بچيل ۽ جيئرو ڪو نه هو. اهو شهر ايندڙ هڪ سؤ سالن تائين به چڱي پر آباد ٿي نه سگھيو. ڪيترن ئي تاريخدانن جي راءِ موجب قتلام جي سلسلي ۾ ڏنل انگ اکرن ۾ تمام گهڻو مبالغو ڪيل آهي، راءِ ڏني وئي آهي ته حقيقت ۾ ذڪر هيٺ آيل تقريباً سمورن شهرن ۾ انهيءَ دؤر ۾ ايتري گهڻي تعداد ۾ ماڻهو موجود ئي ڪو نه هئا. هڪڙي يورپي تاريخدان، لاري، موسز لکيو ته منگولن ساڻن وڙهندڙ دشمن فوجن کي ته يقيناً ماري مليا ميٽ ڪيو ۽ دهشت پکيڙڻ لاءِ عام ماڻهن کي ڪافي تعدااد ۾ قطارن ۾ آڻي توبن جي اڳيان بيهاري توبن جي گولن سان اجتماعي طور تي ماريندا هئا، پر آئون ڀانيان ٿو ته انهن، ڄاڻايل تعداد ۾ عام ماڻهو ڪو نه ماريا هوندا، ڇو ته پنهنجو ڦرلٽ ۾ گڏ ڪيل ۽ فوج جو ٻيو به تمام گهڻو سامان ڊوهڻ لاءِ منگولن کي هر هند ڪم وارن ماڻهن جي سدائين ضرورت هوندي هئي، کين قبضي هيٺ آندل شهرن جو نظم ۽ ضبط بحال ڪرڻ ۽ انتظام سنڀالڻ لاءِ به مقامي ماڻهن ۽ ملازمن جي سخت ضرورت هوندي هئي. منگول افغانستان جي شهر هرات ۾ 1221ع ۾ آيا ۽ شهر تي قبضو ڪيو ۽ شروع ۾ ماڻهن کي مارڻ چالو ڪو نه ڪيو، پر جڏهن ماڻهن منگول فوج سان تڪرار ۽ شدو مدو ڪرڻ چالو ڪيو، تڏهن چنگيز خان سندس جنرلن مان هڪڙي کي چيو ته هاڻي جڏهن هنن مُئلن مثل ماڻهن ۾ ساه پئجي ويو آهي ۽ اهي سرڪشي ڪرڻ لڳا آهن. تنهن ڪري آئون اوهان کي حڪم ٿو ڪريان ته سندن سِسِيون ڌڙن کان ڌار ڪيون وڃن. تنهن کان پوءِ انسانيت کان ٻاهر ٿي ڪٺور منگولن مجبور ۽ لاچار رعيت ۾ ٻاڪر ڪُٺو مچائي ڏنو ۽ خبرن جي اشاعت موجب، فقط چاليهن ماڻهن کان سواءِ شهر جي سمورن ماڻهن کي تَھهِ تيغ ڪيو. انهن جو تعداد هڪ هنڌ تيرهن لک ڄاڻايل آهي. اهو يقيناً گهڻو مبالغو آهي. البت ڪن هنڌن اهو تعداد هڪ لک سٺ هزار ڏيکاريل آهي، جيڪو البت گمان ۾ اچي سگهي ٿو. خوارزم جي شهرن کي فتح ڪرڻ کان پوءِ چنگيز خان ڏکڻ طرف رخ ڪيو ۽ سال 1221ع ۽ 1222ع افغانستان ۾ موجود هندوڪش جي ماٿرين ۾ گذاريو. سن 1221ع کان 1223ع تائين سندس جنرلن هڪ صوبيڊئي ۽ ٻئي جيبي پنهنجي ويهه هزار گهوڙي سوار فوج سان ڪيسپئين سمنڊ جي چوڌاري چڪر ڏيندي، سامهون ٿيندڙ هر هڪ لشڪر کي ناس ڪري ڇڏيو. جنرل صوبيدئي ۽ جنرل جيبي جارجيا ۾ ٻن وڏن لشڪرن کي شڪست ڏئي، ڪاڪيشيا جي جبلن جي قطار سياري جي مند ۾ پار ڪري اسي هزار روسي فوج کي شڪست ڏني، جنهن جي ڪمان ڪيف، چرنيگوف، گاليشيا ۽ سُزدال جي ڇوٽين رياستن جا شهزادا ڪري رهيا هئا. اها جنگ 1223ع ۾ ڪِئاڪا نديءَ وٽ لڳي هئي. ڪاڪيشيا جي جارجيئن ۽ ڪيوبين قبيلن کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ منگولن جي هي ٿوري فوج سن 1222ع ۾ ڪيوبان واري نيم خشڪ ميداني علائقي ۾ پيش قدمي ڪرڻ لڳي. حرفت سان تيز چال مِلائيندي، منگولن ڪيومانن کي وري ٻيو ڀيرو به شڪست ڏني ۽ اسٽراخان تي قبضو ڪري ورتو، تنهن کان پوءِ منگول فوج ڊون درياهه اُڪري روس ۾ داخل ٿي ڪرائميا رياست وچان لنگهي، منگول لشڪر سودڪ واري قلعي تي يلغار ڪئي، جيڪو ڪيسپيئن سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر ڪِناري تي ٺهيل هو. تنهن کان پوءِ اهو منگول لشڪر وري اتر طرف ڦيرو کائي موجوده دؤر ۾ ”يوڪرين“ سڏجندڙ رياست ۾ داخل ٿي ويو. تڏهن منگول جنگي سردارن ڀانيو ته هنن پنهنجي مهم ۽ مُراد پوري ڪري ورتي هئي. منگوليا ڏانهن واپس ورڻ کان اڳ پنهنجي فوج کي آرام ڪرائڻ ۽ ٿڪ ڀڃائڻ ۽ ان کان سواءِ يوڪرين جي اتر ۽ اولهه وارين رياستن ۽ حڪومتن جي معروضي، سياسي، معاشي ۽ معاشرتي ٺوس حالتن جي حقيقي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڊنيپَر درياه جي منهن جي ويجهو مناسب ماڳ وٽ ڇانوڻي ڪيمپ لڳائي ۽ سندن جاسوس ساٿي سموري اوڀر ۽ وچ يورپ ۾ پکڙجي ويا. عين انهيءَ وقت، روس ۽ ڪيومان رياست جي اسي هزار سپاهين تي مُشتمل گڏيل فوج ڪيف جي شهزادي، مِسٽيسلاف جي سالاريءَ تحت، منگول فوج جي خلاف شهه ڏيندڙ گشت چالو ڪيو. منگول ڪمانڊر جيبي ۽ ٻئي ڪمانڊر، سُبيتئي، گشت ڪندڙ فوج کي امن جي اپيل ڪئي، پر اها قبول ڪا نه ٿي، اُٽلو سندن قاصدن کي به قتل ڪيو ويو، تڏهن منگول فوج حملو ڪري هلِها ندي جي ڪنارن تي مسٽيسلاف جي فوج کي درهم برھم ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت چنگيز خان جي قاصد منگول فوج لاءِ نئون حڪم آڻي ڏنو، تنهن موجب اھا فوج پنهنجو رخ تبديل ڪري اوڀر طرف هلڻ لڳي. انهيءَ وقت منگول فوج ڪيسپئين سمنڊ جي اتر طرف وٽان پي وئي ته جنرل جيبي اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. سن 1224ع ۾ ڪمانڊر سُبيتئي، منگول فوج کي ڇهه هزار چار سؤ ڪلوميٽرن جوڊگهو پنڌ ڪرائي، خوارزم جي وڏي رياست کي فتح ڪري موٽندڙ، مکيه منگول فوج، جنهن جي قيادت چنگيز خان پاڻ پئي ڪئي، انهي سان ڏکڻ روس ۾ موجود ارٽش نديءَ جي نزديڪ آڻي گڏايو. چنگيز خان ضروري آرام ۽ نئين جوڙجڪ سان شڪست کائڻ کان پوءِ وري به سرڪشي ڪندڙ حاڪمن ۽ جنگي سردارن جي سَرڪُوبيءَ لاءِ سنڀت ڪئي. خوارزم کي آزاد ڪرائڻ لاءِ بادشاه جي پُٽَ جلال دين 1923ع ۾ چڙهائي ڪئي پر سوڀارو ڪو نه ٿيو ۽ پوءِ ٻي ڪاهه ۾ منگولن کي شڪست ڏني چنگيز خان جلال دين جي بهادريءَ کي ساراهيو. سموري اولهه ترڪستان تي قبضو ڄمائڻ کان پوءِ حڪم عدولي ڪندڙ ايگزي ايگزيا جي سرڪش بادشاهه کي سزا ڏيڻ لاءِ موٽِيو جتي منگولن وڏي ويڙهه کان پوءِ تينگت شهر تي قبضو ڪري ورتو ۽ حڪمرانن سميت سندن سَمُوري قبيلي کي ماري ڇڏيو. سن 1226ع جي پڇاڙيءَ ۾ چن ۽ اولهه ايگزيا جي سرڪش حڪمرانن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سخت سياري ۾ به منگول فوج ڪاه ڪئي ۽ پاري ۾ ڄمي ويل هُئانگ هي نديءَ جي ڪنارن وٽ وڃي دشمن فوج سان جنگ جوٽي، جتي وڏي ويڙهه کان پوءِ آخرڪار دشمن جي ٽن لکن کان به وڌيڪ فوج کي شڪست ڏئي مفلوج ۽ منتشر ڪري ڇڏيو. ويسٽرن ايگزيا جي بادشاه کي به منگولن جبلن ۾ ٺهيل هڪ قلعي ۾ ڳولهي لڌو ۽ قتل ڪيو. سندس پٽ ڀڄي وڃي اوچي ڪوٽ واري شهر ننگزيا ۾ لِڪو، جيڪو شهر منگولن کان فتح ڪرڻ کان رهجي ويو هو. اهو شهر هٿ ڪرڻ لاءِ فوج جي ٽئي حصي کي اتي ڇڏي چنگيز خان باقي فوج جي اڌ حصي جي ڪمان جنرل اوگدئي کي سونپي، چن واري هارايل فوج کي، هئانگ هي نديءَ جي اُتر طرف سندن آخري ٺڪاڻي تي چڙهائي ڪري ماري مڃائي ۽ منتشر ڪري ڀڄائڻ واسطي کيس اوڀر طرف روانو ڪيو ۽ باقي بچيل لشڪر ساڻ، نئين سر هٿياربند ٿيندڙ سونگ حڪومت جي لشڪر کي ننگزيا شهر جي بچاء خاطر، اوڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ، چنگيز خان پاڻ اوڀر ڏکڻ طرف صوبي ديچوآن ڏانهن رواو ٿيو، جتي ٽنهي دشمن رياستن، ويسٽرن ايگزيا، چِن ۽ سونگ رياستن جو ميلاپ هو. اتي پهچڻ کان پوءِ ويسٽرن ايگزيا رياست جي نئين حاڪم آڻ مڃي، جيڪا چنگيز خان قبول ڪئي، پر چِن حڪمران جي امن جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. موت جا پرون پوَڻ ساڻ، چنگيز خان وطن ورڻ جي سنڀت ڪئي، پر هُن پنڌ ۾ ئي پساه پورا ڪيا ۽ جيئرو وطن ڪو نه پهتو. سن 1227ع ۾ مرڻ جي پاٿاريءَ تي پيل هوندي به وٽس حاضر سندس سڀني کان ننڍي پٽ تُولُئي کي سندن دشمن، چِن سُلطنت جي مڪمل خاتمي لاءِ سندس جوڙيل جنگي منصوبو ۽ حڪمت عملي نهايت سياڻپ سان سمجهائي، ته جيئن سندس جاءِ نشين انهيءَ کي هِنيين سين هنڊائين.