روم جو عروج ۽ زوال
پر انهيءَ بي ترتيبيءَ سان اڏيل ڪوٽ کي ايندڙ اٺن صدين تائين ڪو به حمله آور ٽوڙي نه سگهيو. فرينچ حملي سبب پيدا ٿيل اقتصادي بدحالي هڪ ڀيرو ٻيهر اصلوڪن ۽ ڌارين رومين ۾ تضاد ۽ اختلاف وڌايا، پر ڌارين پنهنجي ڏاهپ سان گَهڻَنِ ئي قانوني معاهدن تحت چوٿين صدي ق.م. جي خاتمي کان اڳ ۾ ئي اقتدار جي ايوانن ۽ دفترن ۾ اڪثريت حاصل ڪري ورتي ۽ سندن اسيمبليءَ طرفان پاس ڪيل قانونن جو اطلاق سمورن اصل توڙي ڌارين رومي باشندن سان لاڳو قرار ڏنو ويو. قرضن ۽ زمين جي ورهاست بابت معاشي قانون سازي هيٺين طبقن کي بدحاليءَ مان نجات ڏيارڻ لاءِ سندن حق ۾ ڪئي ويئي.
وڏي پئماني تي منصوبه بنديءَ کانسواءِ به سن 375ق.م ۽ 275ق.م. جي وچ واري عرصي ۾ رومي رياست پنهنجي واضح سرحدي توسيع ۽ ڪافي پائيدار معاشي فائدا مهيا ڪيا. رومي حڪومت سموري پيتسولم اٽلي يعني سموري اپٻيٽ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ سان پنهنجي فتح ڪيل علائقن ۾ بيٺڪون قائم ڪيون ۽ رومي باشندن کي انفرادي طور جاگيرون عطا ڪيون. ٽئين صدي ق.م. جي وچ کان اڳي ئي سٺ هزار کن اهڙا زميني قطعات ماڻهن ۾ ورهائي بي زمين رومين جو زمين لاءِ شوق پورو ڪيو ويو ۽ ڪجهه زور ٽوڙيو ويو. 250ق.م. ۾ شهر جي آبادي هڪ لک کي پهچي وئي. فتوحات مان حاصل ٿيل مال غنيمت شهر ۾ مندرن، رستن ۽ پاڻيءَ جي رسد وارن منصوبن لاءِ گهربل پيسو مهيا ڪيو. ٽئين صدي ق.م. جي شروعات ۾ شهر ۾ تازو پاڻي آڻيندڙ ٻه هٿرادا ٺاهيل چينل شهر ۾ خوش اسلوبي سان چالو ٿيا. سن 264ق.م ۾ روم اتر آفريڪا ۾ قائم هڪڙي زبردست فونيشائي نسل جي ڪارٿيج حڪومت سان جنگ ۾ ڦاسي پيو. هڪڙي پوري صديءَ کان وڌيڪ عرصي دوران هنگامن، مقابلن ۽ ڪاميابين کان پوءِ روم سموري رومي سمنڊ سان وابسته سمورن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ملڪ ٿي اڀريو. مگر هيڏي وڏي سلطنت جي نگهداشت لاءِ رومي ماڻهن جي شعوري طور تي خواهش نه هئڻ سبب روم جي شهر واسين لاءِ ڪئين نوان سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ڪيا. سن 218 ق.م کان 201 ق.م تائين رومين سان ڪارٿيجي فوجين جي ٻي جنگ سبب اٽليءَ واري اُپٻيٽ جي وڏي حصي ۾ قتل و غارت ۽ ڦرلٽ سان تباهي آئي، ڪافي زمينن تي قبضو ڪيو ويو ۽ اتي آباد رومين ڀڄي روم شهر ۾ اچي پناهه ورتو. ان وقت ڪارٿيج فوجن جو سپهه سالار هني بال Hanni bal هو. رومي امير طبقو جنهن کي روم شهر ۾ صنعت توڙي تجارت ۾ سيڙپ جي قانون موجب منع ٿيل هئي. تنهن ڏکڻ ۽ وچ اٽليءَ واري ڏتڙيل آبادگار طبقي مان ناجائز فائدو وٺندي تمام سستي اگهه سان زمين جي وڏي ايراضي خريد ڪئي.رومي سمنڊ واري علائقي ۾ روم طرفان ٿيل لڙاين جي نتيجي ۾ روم ۾ غلامن جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويو. انهيءَ طبقي کيت مزدوري ۽ ڌراڙپيءَ جو ڪم ڪيو. جنهن ڪري عام هاري طبقي جي وڏي تعداد ۾ بي دخلي ٿي. جيڪو سخت بدحاليءَ جو شڪار ٿيو. مجموعي طور تي رومي حڪومت جي معيشت شهر توڙي سلطنت جي سياسي ترقيءَ کان گهٽ ۽ پوئتي پئجي ويئي.
عوامي حڪومت جو پويون دور The late republic ٻي صدي ق.م. دوران شهري آباديءَ ۾ تڪڙي واڌ ۽ رومي شهريت ۾ اضافي سبب شهري آبادي جي ووٽرن جي اهيمت واضح طور گهٽجي وئي.
روم جي مکيه پاليسي ساز اداري سينيٽ Senate اڳيان سلطنت جي بيشمار مسئلن موجود هئڻ سبب اُها اڪثر ڪري شهر جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڪو نه ڏيندي هئي. شهر لاءِ جدا ميونسپل انتظاميه نه هئڻ سبب شهر جا عام پبلڪ ڪم ڪار خوراڪ جو بندوبست ۽ پاڻيءَ جي رسد وغيره ناتجربيڪار ڪامورن يا خانگي ادارن جي هٿن ۾ رهيو. انهيءَ جي باوجود ڪجهه ترقياتي ڪم ٿيندا رهيا. ڪجهه وڏين گهٽين جي فرشبندي ٿي. خراب پاڻيءَ وارين نالين کي ڍڪيو ويو ۽ فورم واري علائقي ۾ ڪافي باسيليڪا، مذهبي عمارتون ۽ نون دڪانن جي هڪڙي وڏي بازار تعمير ٿي. ٽبر نديءَ تي شهر ۾ پهرين پٿر جي پُل سن 142 ق.م ۾ ۽ پهرين پاڻيءَ جي ٽانڪي گهڻي اوچائي تي اول ۾ سن 144 ق.م. ۾ ٺاهي وئي، جنهن سبب شهر جي اوڀر طرف واري مٿانهين پٽ تي پڻ آبادڪاري شروع ٿي وئي.
ٻي صدي ق.م. جي شروع کان وٺي اَوينٽائِينِ هنڌ وٽ ٽبر نديءَ تي ٺهيل بندر وٽ نوان ويئر هائوس يعني دڪان ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪيون ويون.
انهن ۽ ٻين اهڙن ترقياتي ڪمن وارن منصوبن، شهري مزودر طبقي جي تعداد ۾ بيشمار اضافو آندو هو. اهي ماڻهو نهايت ناقص گهرن ۾ رهندا هئا. سندن گذارو هن غير صنعتي شهر ۾ تمام ڏکيو هو. اهي ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري منصوبن ۾ مزدوري ڪندا هئا نه ته گهڻو ڪري مقامي شاهوڪار طبقي جي خيرات تي پيا پلبا هئا. ٻي صدي ق.م جي خاتمي تائين رومي طبقي جي مجموعي طور اها خراب حالت هئي. انهيءَ وقت تائين شهر ۾پوليس توڙي باهه وسائڻ وارو عملو هو ئي ڪو نه.
پهرين گريشي ٽِبَريئَس Gracchi Tiberius ۽ پوءِ گيئس گِريشَس Gaius Gracchus شهر ۾ بي روزگاري ۽ کاڌخوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ واڌِ وارن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. هنن پهرين اٽلي ۾ ڇوٽو هاري طبقو وري نئين سر مرتب ڪيو ۽ پوءِ غريب طبقي کي کاڌي خوراڪ لاءِ سرڪاري امداد ڏيارڻ جو بندوست ڪيو. گيئس رستن عمارتن تي سرڪار کي خرچ ڪرڻ لاءِ همٿايو. سڪي وارن سڌارن سميت مذڪور ميدانن ۾ وڏن سرڪاري خرچن ٿيڻ جي باوجود ٻي صدي ق.م. جي پوئين اڌ تائين مذڪور ڪوششن سان ڪجهه سڌارو ته ٿيو، پر روم جي معيشيت توڙي سياسي صورتحال ۾ ڪافي نقص ۽کوٽون برقرار رهيون.
پهرين صدي ق.م. جي پهرين اڌ جي تقريباً پوري عرصي دوران گهرو ڪشمڪش روم جي آدمشماري ۽ مسئلن ۾ زبردست اضافو ڪيو. روم جي امير طبقي سياسي مفادن جي حصول لاءِ خانگي لشڪر وجود ۾ آڻي غريب طبقي کي ان ۾ڀرتي ڪري کيس روزگار ته مهيا ڪيو پر انهيءَ خانگي فوج ڪشيءَ عوامي حڪومت جي خاتمي جو سامان پڻ مُهيا ڪيو. شهري غريب طبقي کي اناج سستي اگهه تي مهيا ڪري سندن استحصال لاءِ ميدان هموار ڪيو.هن صديءَ جي وچڌاري اٽڪل پنج لک مسڪين ماڻهن کي اناج تقريباً مفت ڏنوپئي ويو. مٿيون طبقو عيش عشرت ۾ دلچسپي وڌائڻ لڳو ۽ حڪمران طبقي سان رنگ رلين ۾ محو ٿي ويو. شاهي عمارتن ۾ ناٽڪ گهرن کي ٺاهڻ ۽ سجائڻ تي ڏاڍو خرچ ڪيو ويو، پر شهر کي اهو خرچ وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بنائي نه سَگهيو. وڌيڪ اهو ته يونان جي اوڀر وارن حصن مان روم ڏانهن گهڻي تعداد ۾ ماڻهن جي آمد ڳتيل آباديءَ واري روم جي شهر کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ غرق ڪري ڇڏيو.
جُولئيس سيزر روم جو پهريون بادشاهه هو جنهن شهر توڙي ملڪي مسئلن ۽ ڪمن کي صحيح منصوبابنديءَ موجب سرانجام ڏيڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي. ڪيمپس مارشس وارو راندين جو ميدان ۽ ٽبر نهر جي سڌاري جو پروگرام هن بادشاهه جي منصوبن ۾ شامل هو، پر پنهنجي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تائين زنده نه رهيو. سندس هنج ۾ ورتل پٽ ۽ جاءِ نشين آگسٽس Augustus روم شهر کي نئين سلطنت جي عظيم راڄڌاني بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس انهيءَ دعويٰ ۾ وڌاءُ آهي ته هن کي روم سرن جو ٺهيل مليو پر هن انهيءَ کي سنگمرمر سان تعمير ڪري ڏنو. مگر هن ۽ سندس ساٿين شهر ۾ ڪئين عماتون، مندر، ٿيٽر، حمام، ڦوهارا ۽ راندين جا ميدان، بازاريون ۽ گدام وغيره اڏايا. تنهن کانسواءِ قديم اڏاوتن جي مرمت جو ڪم چالو ڪرڻ سان غريب طبقي کي روزگار حاصل ٿيو. مگر شهر جي اڏاوت بابت گهربل شهري منصوبه بندي نه هئڻ سبب اهي غير محفوظ ۽ صفائي کان وانجهيل جڳهين ۾ ڦاٿل رهيا. جيڪي قديم ڀاڱي جي سوڙهين ۽ ٻوساٽيل گهٽين ۾ گهيريل هئا. آگسٽس جي هڪ دوست ۽ مددگار ايگريپا Agrippa پنهنجي جام دولت شهر کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ ۽ شهر ۾ پاڻيءَ جي رسد واري نظام کي سڌارڻ تي خرچ ڪئي.
آگسٽس طرفان شهر جي انتظام جو الڳ نئين سر بندوبست ۽ سرڪاري نوڪرين ڏيڻ وارو ادارو ٺاهڻ ماضيءَ جي سمورين حڪومتن کان هن کي ممتاز حيثيت ڏياري. سن 7 ق.م. ۾ هن بادشاهه روم شهر کي چوڏهن ريجنن يا وارڊن ۾ ورهايو ۽ انهن وارڊن کي وِيسِي Vici نالي وڌيڪ ننڍن ڀاڳن ۾ ورهائي اُنهن ۾ جدا جدا ڪامورا مقرر ڪيا ويا. جيڪي انتظامي توڙي مذهبي ذميواريون بجا آڻيندا هئا.سن 26 ق.م ۾ هن شهري مذهبي عهديدار Urban perfect جي آسامي پيدا ڪئي.اها ڳچ وقت تائين مستقل ڪا نه ٿي، پر پوئين سلطنت جي دور ۾ اهو عهدو تمام گهڻي اهميت وارو ٿي پيو.
سخت ضرورت جي پيش نظر آگسٽس بادشاهه سن 2 ق.م. ۾ هڪڙي باهه وسائڻ واري ٽولي Fire brigade تشڪيل ڪئي، ان جي مکيه عملدار کي ايڊائيل Aedile سڏيندا هئا.
سن 6ع ۾ لڳندڙ نهايت تباهه ڪُن باهه کان پوءِ بادشاهه باهه وسائڻ لاءِ باقاعدي هڪڙو ڪور Corps قائم ڪيو، جنهن ۾ ست اسڪواڊ يعني وڏا جٿا موجود هئا. هر هڪ اسڪواڊ ۾ باهه وسائڻ جي ماهر ماڻهن جو تعداد هڪ هزار ڀرتي ڪيل هو. اوائلي برگيڊ ۾ آزاد ٿيل غلام ڀرتي ڪيل هئا. باهه وسائڻ وارن کي وجلس Vigiles سڏيندا هئا.انهن کان رات جي وقت ۾ پوليس جي ڊيوٽي پڻ ورتي ويندي هئي. جن گهٽين گلين ۾اڪثر گوڙ فساد ٿيندو هو. اُتي هڪڙي بريفيڪٽ جي اڳواڻي هيٺ وجلس جا ٽي اسڪواڊ مقرر ڪيل هئا. جيڪي اُتي امن امان قائم رکندا هئا. ضرورت وقت پريٽوئين گارڊ يعني شهري مستقل محافظ سندن مدد ڪندا هئا. آگسٽس بادشاهه شهر جي عارضي انتظام کي وڌيڪ درست ۽موثر بنائڻ لاءِ هن شهري انتظام وارن مختلف ادارن کي مستقل۽ مستحڪم بنايو. هن سمجهيو ته روم کي عظيم شهر بنائڻ لاءِ هتي سنگمرمر سان يادگار ۽ عمارتون اڏائڻ جي ڀيٽ ۾ شهر جو انتظام ۽ امن امان جو بندوبست وڌيڪ ضروري آهي.
آگسٽس جي جاءِ نشين حاڪمن اڪثر ڪري سندس ئي پاليسين تي عمل ڪيو. البت انهيءَ ۾محنت گهٽ ۽ ڏيکاءُ زياده هوندو هو. ڪلاڊيئس Claudius بادشاه ٽبرندي جي مُنهن وٽ اوسِشِيا Ostia جي ويجهو هڪڙو زبردست بندر جوڙايو هو. جيئن ته روم شهر ۾ اناج سڌو ۽ جلد پهچائي سگهجي.انهيءَ وقت تجارت گهڻو ڪري خانگي شعبي جي حوالي هئي. سرڪاري عملدار لڳاتار رسد کي يقيني بنائڻ ۽ چور بازاريءَ روڪڻ لاءِ گهربل اُپاءُ وٺند هئا ۽ نظرداري ڪنداهئا.
شهري منصوبه بندي لاءِ نيرو nero بادشاهه پڻ شابس لهڻي. البت انهيءَ منصوبه بنديءَ تي خرچ گهڻو ٿيو. سن 4ع ۾ باهه لڳڻ سان شهر جو وڏو حصو چٽ ٿي ويو.هن انهيءَ حصي ۾ تعمير نو جو وڏو ڪم ڪيو. منجهس نيون گهٽيون ۽ گليون تعمير ڪرايائين ۽ اُتي ڪولونيڊ پڻ تعمير ڪرايائين. پنهنجو عظيم الشان گولڊن هائوس محل بِه هن علائقي ۾ تعمير ڪرايائين.خانگي معمارن کي ڪشادا ۽ باهه کان محفوظ اپارٽمينٽ ٺاهڻ لاءِ ۽ سندن علائقن ۾ پاڻيءَ جي رسائي جو جوڳو بندوبست ڪرڻ لاءِ هُمٿايائين. جيتوڻيڪ نيرو بادشاهه رهڻ ڪارڻ شهر سهڻو اڏايو، پر سندس ڪوششون شهر کي خطرناڪ باهين کان بچائي نه سگهيون. مثلاً 191ع ۾ شهر کي وري به خطرناڪ باهه لڳي، جنهن سان تمام گهڻو نقصان ٿيو. ان وقت جي بادشاهه سيپٽيميئس سيورس Spetimius Severces شهر وري نئين سر جوڙايو.
پهرين عيسوي صديءَ جي آخر ۽ ٻي صديءَ جي شروعات وارن رومي شهنشاهن پڻ شاهي محلن توڙي شهر جي ٻين يادگارن جهڙوڪ فورم مندرن، شاهي دروازن، حمامن ۽ اسٽيڊيم وغيره جي شان شوڪت ۾ اضافو ڪيو.
مثلاً ٽريجن Trajan بادشاهه جو اڏايل فورم وارو علائقو جنهن ۾ اڏيل عاليشان عمارتون،انهن جا سهڻا صحن، بازاريون، دڪان ۽ مارڪيٽون وغيره تاريخي طور تي شهر جي اڏاوت جي عظيم منصوبه بنديءَ جو ثبوت پيش ڪن ٿيون. ٽريجن وارو ڪالم جنهن تي ڊينيوب نديءَ کان پار وارن ملڪن تائين سندس فتوحات جو احوال درج آهي. انهيءَ مينار جو پڻ پوري عيسوي وچئين دور ۾ ڪو به مد مقابل مينار ڪو نه هو. تنهن کانسواءِ هيڊريئس Hadrius جي دور جا ٻه شاهي يادگار هڪ وڏي گنبذ وارو پينتيئن ۽ ٻيو ميوزو ليئم جنهن کي سن 590ع ۾ ڪيسٽل آف سينٽ اينجليو Castel of Saint Angelo نالو ڏنو ويو. اهي پڻ تعمير جو سهڻو نمونو آهن.
پهرين عيسويءَ صديءَ جي پڇاڙي۽ ٻي صديءَ جي شروعات دوران روم جو شهر آباديءَ توڙي خوشحاليءَ جي عروج تي پهتل هو. انهيءَ وقت شهر ۾ اٽڪل ڏهه لک ماڻهو آباد هئا. شهر جي آباديءَ ۾ گهڻو ۽ تڪڙو واڌارو ٻاهران ايندڙ غلامن توڙي آزاد ماڻهن جي ڪري ٿيو. نه ته اصل آبادي ۾شرح پيدائش ٻين سمورن آسپاس وارن ملڪن ۽ علائقن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هئي.
شهرجون فرش ٿيل گهٽيون، پاڻي جي رسائي ۽ نيڪال جو بندوبست ته سٺو هو. مگر اهو پوري شهر ۾ موجود ڪو نه هو. نيرو بادشاهه جي سڌارن کان پوءِ ماڻهن جي اڪثريت ڳتيل سوڙهن ۽ نهايت خراب گهرن ۽ جڳهين ۾ رهندي هئي. جتي صفائي، پاڻيءَ يا نيڪال جو ڪو به بندوبست ڪو نه هو. ايتريقدر جو گهرن ۾ جدا بورچي خانو به ڪو نه هوندو هو. عوامي حمامن ۽ ٻين ميداني هنڌن جي ڪري گندگيءَ جو آزار ڪجهه گهٽيو. اهوگهڻي مقدار ۾ ٽِبَر نديءَ ۾ لوڙهيو ويندو هو ۽ باقي شهر کان ٻاهران اروڙين تي ڦٽو ڪيوويندو هو. شهري حڪومت جون اعليٰ صلاحيتون شهري سماجي تنظيم تي صرف ٿينديون رهيون.
هي شهر شيون استعمال ڪندڙ ماڻهن وارو شهر هو. جتي ڪا صنعت توڙي حرفت موجود ڪا نه هئي، ڪو تجارتي مرڪز پڻ ڪو نه هو، شهر ۾ ننڍا ننڍا دڪان هوندا هئا. جتان ضرورت جون شيون خريد ڪيون وينديون هيون. سلطنت جي اوائلي دور ۾ سماجي تنظيمون سماجي ۽ مذهبي ڪمن ڪرڻ تائين محدود هيون. جيڪي سلطنت جي پوئين دور ۾ وڃي تجارتي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ نئين سر منظم ٿيون. عظيم عمارت سازي ۽ يادگارن جي لحاظ کان ته هي بي مثال شهر هو، پر سندس پسامنده معاشي ۽ سماجي صورتحال سندس آئيندي لاءِ بد سوڻ هئي.
ٻي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ روم شهر جي آبادي (آدمشماري) گهٽجڻ لڳي. مارڪس آرليئس Marcus Aurlliues جي ايامڪاريءَ ۾ پليگ نالي مهلڪ مرض واري نهايت خطرناڪ وبا ڦهلجڻ سبب شهر ۾ روزانو ٻه هزار کن ماڻهو مرندا هئا. ٽئين صديءَ دوران معاشي ۽ سياسي تباهه ڪارين به گهٽ نقصان ڪو نه ڪيو. سن 270ع ۾ شهر جي ڪوٽ جي تعمير شهر لاءِ خطري جو نشان ٿي پئي.
سن 284ع کان 305ع تائين حڪمراني ڪندڙ بادشاهه ڊايو ڪليٽيئن Diocletian شاهي حڪومتي نظام ۾ ڪجهه سڌارا آندا ۽ قدري خوشحالي ڏانهن مائل رهيو. هن پنهنجي يادگار طور سهڻا حمام تعمير ڪرايا هئا. تنهن کان پوءِ روم سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ قسطنطنيه Constantinopole رهيو. شهر جي تعمير سان ملڪ جي گادي هن نئين شهر ڏانهن منتقل ٿي ۽ اهڙي ريت روم جي سياسي عطمت ختم ٿي وئي. قسطنطيه شهر اڏائيندڙ بادشاهه ڪانسٽينٽائين Constantine روم جي قديم يادگارن ۽ ٻين اهم عمارتن جي حفاظت لاءِ به ڪافي اُپاءُ ورتا هئا. هن بادشاهه عيسائي مذهب اختيار ڪيو ۽ روم ۾ رهندڙ چند عيسائين جي سرپرستي ڪرڻ لڳو. نتيجي طور اهي چند عيسائي ٿوري عرصي اندر پوري شهر تي حاوي ٿي ويا. ۽ اڳتي هلي رومي اقتدار تي قبضو ڪيائون ۽ هتي قرون وسطيٰ کان جديد دور تائين ڇانئيل رهيا.
روم چوٿين عيسوي صديءَ تائين قدامت پرست ۽ ماورائي طاقتن جو پوڄاري مقامي پئنچائت يعني سينيٽ Senate ۾ شامل خاندانن جي اقتدار هيٺ رهيو. جڏهن اولهه وارن گوٿڪ قبيلن جي فوج الارڪ Alaric نالي سالار جي اڳواڻي ۾ سن 408ع ۾ شهر تي حملي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ته شهر جي چڱي مڙس ۽ سندن پئنچائت دشمن جي حملي کي ٽارڻ لاءِ مذهبي قرباني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کي وقت جي پوپ پڻ جائز قرار ڏنو پر انهيءَ کي راز ۾ رکيو. نيٺ 410ع ۾ الارڪ شهر تي اچي قبضو ڪيو ۽ فوج کي ڦرڻ ۽ لٽڻ جو حڪم ڏنو. فوج کي ٽن ڏينهن تائين ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن تمام گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيو. انهيءَ ڦرلٽ سبب ڪافي ماڻهو شهر خالي ڪري ويا.
جيتري قدر رومي قديم يادگارن جو تعلق هو ته انهن کي نسبتاً نقصان گهٽ رسيو رڳو کين ٻاهران جزوي طور نقصان پهتو. شاهي اقتدار جو زوال ۽ پوپ جي اقتدار تي گرفت جسٽينيئن Justinian بادشاهه کان پوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي. انهيءَ کان پوءِ روم شهر ٽي ڀيرا گهيرن جو شڪار رهيو. جنهن دوران شهر ۾ پاڻي پهچائڻ وارا واهه بند ڪيا ويا ۽ هڪ اهو وقت به آيو جڏهن ماڻهو مجبور ٿي پورو شهر خالي ڪري ويا.