تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

سوويت يونين جو ٽٽڻ

اشتراڪي رياستن جي اتحاد، سوويت يونين جي حيرت انگيز طور تي ڊهي ختم ٿيڻ واري واقعي کي، دنيا جي اولهه وارن سرمائيداري نظام تي مُبني جمهوري مُلڪن ۾، آمريڪا جي صدر ريگن ۽ برطانوي وزيراعظم ٿيچر جي پاليسين جي نتيجي طور، سرمائيداري نظام ۽ جمهوريت جي فتح سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، پر حقيقتاً پاڻ کي خوش ڪندڙ ۽ جس لهندڙ انهيءَ خود ساخته تجزئي جو، انهن حقيقي اندروني سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتن ۽ سندن محرڪات سان معروضي طور نهايت مختصر ۽ مُبهم لاڳاپو ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪي سوويت يونين جي خاتمي جا اصل تاريخي اسباب هئا. جذباتي سياسي تقريرن ۽ تحريرن، سخت سفارتي لاڳاپن ۽ واپاري بندش جهڙن عملن جو ننڍين اشتراڪي رياستن تي به تمام گهٽ اثر ٿئي ٿو. ڪيوبا، ويٽنام ۽ اتر ڪوريا انهيءَ حقيقت جا حامل آهن. عالمي طاقت جي حيثيت ۾ سوويت يونين 1980ع کان به اڳ زوال جو شڪار ٿيڻ لڳو. تنهن کان اڳ، 1960ع واري ڏهاڪي دوران، سوويت يونين ۽ چين جي وچ ۾ حقيقي دوستيءَ ۽ ٻڌي وارا خوشگوار ۽ پراڻا لاڳاپا خراب ٿي چُڪا هئا، جنهن سبب عالمي اشتراڪي تحريڪ ۾ رُخنو پيدا ٿيو. انهيءَ صورتحال مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا لاڳيتو ڪوشان رهيو ۽ ستر واري ڏهاڪي دوران، آمريڪي صدر، نِڪسَن، چين سان لاڳاپا پيدا ڪيا ۽ سُڌاريا. انهيءَ دور ۾ سوويت يونين پنهنجي حڪمت عملي تحت، آمريڪا کي ايٽمي هٿيار گهٽائڻ خاطر، ٺاهه ڪرڻ تي راضي ڪيو ۽ ”اينٽي بالِسٽِڪ ميزائيل ۽ ”اِسٽِريٽِجِڪ آرمس لِميٽيشن“ نالي ايٽمي هٿيار گهٽائڻ بابت، آمريڪا سان سن 1972ع ۾ ٺاهه ڪيا ۽ سوويت يونين جي صدر بريزهنيف پنهنجي گهرو اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو، جنهن ڪري کيس ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مقبوليت حاصل ٿي. پر تنهن کان پوءِ سوويت يونين 1975ع ڌاري اقتصادي ٺهراء يا روڪ واري صورتحال ۾ داخل ٿيو، جنهن مان اهو وري ڪڏهن به نڪري نه سگهيو. تنهنڪري، وقت سر مدد لاءِ، انهيءَ يورپ جي سرمائيدار مُلڪن سان تعلق قائم ڪيو ۽ اولهه جرمنيءَ کان قرض ورتو ۽ آمريڪا کان اناج خريد ڪيو. انهيءَ وقت ڪميونزم جي خلاف عالمي سطح تي هڪ وڏو سياسي اتحاد بنائڻ جي باوجود، آمريڪا توڙي اولهه يورپ جي سرمائيدار ملڪن، سوويت يونين سان روڪڙي رقم عيوض تجارتي تعلقات برقرار رکيا، پرڏيهي واپار ۽ نالي ماتر اقتصادي سُڌارا، رياستن جي ماتحت اقتصادي سرشتي ۾ نااهلين ۽ رشوت خوريءَ کان سواءِ اولهه يورپ جي ڀيٽ ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي لحاظ کان پُٺتي پيل صورتحال دوران، ڪا خاطر خواه مثبت تبديلي آڻي، اشتراڪيت کي اڳتي وڌائڻ جي قابل نه رهيا. ملڪ ۾ اقتصادي منصوبا بنائيندڙ سياستدان ۽ اعليٰ اهلڪار، ملڪ جي حقيقي معاشي مسئلن ۽ گهرجن کي سمجهڻ ۽ اُنهَن جو حقيقي حل ڳولهي لهڻ ۾ سدائين ناڪام رهندا آيا، ڇو ته سندن واسطيدار اصل ڪامورو لڏو، کين هميشه غلط ۽ ڪوڙيون رپورٽون ڏيندو هو، جن موجب هر ڪم ڪار بهتر طريقي سان پئي هليو ۽ سڀ خير هو. جڏهن ته حقيقتاً اولهه يورپ ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ سوويت يونين ۾ زندگيءَ جو معيار گهٽ درجي وارو هو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ 9 سيڪڙو سيوويت شهرين وٽ موٽر گاڏيون هيون، جيڪي بريزهنيف جي اقتصادي پاليسين سبب مهيا ٿي سگهيون هيون. عام زندگيءَ ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال تمام گهٽ تعداد ۾ پئي ٿيو ۽ اهو گهڻي قدر سرڪاري دفترن ۽ تجارتي ادارن ۾ استعمال پئي ٿيو. عام طرح مقابلي ۽ چٽاڀيٽيءَ واري صورتحال نه هجڻ ڪري ۽ ٽيڪنالاجي ۾ معيار جي گهٽتائيءَ جي باوجود سوويت يونين پنهنجو ڪم هلائيندو رهيو، فوجي سبقت برقرار رکڻ لاءِ، کيس اولهه جي سرمائيداري نظام واري جديديت سان ڪُلهو ڪلهي سان ملائي هلڻو ٿي پيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾، آمريڪي صدر، ريگن، ريڊيو تي نشر ٿيندو سندس تقريرن ۾ پنهنجن اتحادي سرمائيدار ملڪن خلاف شڪايت ڪندو رهيو، ته ”انهن، سوويت يونين واري، اصل کان جڏي حڪومت کي خوامخواهه سهارو ڏئي، انهيءَ کي برقرار رهڻ ڏنو آهي. اُهي جيڪڏهن انهيءَ کي مالي مدد ڏيڻ بند ڪن، ته اها، سندس اندروني اوڻائين سبب، پاڻ مُرادو ئي ڊهي ختم ٿي ويندي.“ مَٿِيئَن بيانن کي بنياد بنائيندي، سوويت يونين سان ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا طرفان نرم پاليسيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل قدم صدر ريگن سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، پر سوويت يونين سان حقيقت ۾ نئين سر دشمني وڌائڻ وارو عمل سن 1979ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ اولمپڪ راندين ۾ شرڪت نه ڪندي، آمريڪا جي صدر، جِمي ڪارٽر شروع ڪيو هو. هُن سوويت يونين طرفان افغانستان ۾ پنهنجي حمايتي حڪومت جي پُٺڀرائي ۾ پنهنجي فوج موڪلڻ خلاف، گوريلا فورس تيار ڪري جنگ لاءِ موڪليو ۽ انهيءَ بهاني هُن آمريڪا جي فوجي بجيٽ به وڌائي ڇڏي. انهيءَ ساڳئي سال يعني 1979ع ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين، ٻنهي، عالمي طاقتن جي حيثيت ۾ ايس اي ايل ٽي نالي ايٽمي ۽ ٻين خطرناڪ هٿيارن کي گهٽائڻ خاطر، ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي فيصلن تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي ذميوار قرار ڏنو. صدر ريگن، پنهنجي حڪومت دوران سوويت يونين کي ”ايوِل اِمپائر“ يعني بڇڙي، سلطنت سڏيندي، سموري دنيا جي سرمائيدار ملڪن کي انهيءَ جي خلاف سمورا ممڪن اُپاءَ وٺڻ لاءِ مسلسل اُڪسائيندو رهيو. تنهن ڪري انهن ملڪن کي خوف جاڳيو ته خدا نه خواسته، ڪيوبا ۾ ميزائيل نصب ٿيڻ سبب، پيدا ٿيندڙ جنگ جي خطري وانگر وري يورپ ۾ شل اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته صدر ريگن دنيا کي سوويت يونين کان ڊيڄاري، پنهنجي اتحادي ملڪن سان گڏجي، سوويت يونين سان ايٽمي جنگ ڪري، اها جنگ کٽي، سوويت يونين کي صفحه هستيءَ تان ترت ميسارڻ ٿي چاهيو. انهيءَ سامراجي مقصد جي حصول خاطر، خطرناڪ هٿيار گهٽائڻ وارا معاهدا ڪرڻ جي باوجود، صدر ريگن سوويت يونين خلاف هر قسم جي خطرناڪ ايٽمي هٿيارن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ۽ فوجي خرچ وڌايو. تنهن ڪري ٻئي طرف سوويت يونين پڻ اسلحي جي دوڙ ۾ مجبوراً ملوث رهيو، پر اڃا معاشي گهوٽالي جو شڪار ڪو نه ٿيو. آمريڪا جي دشمنيءَ ۾ شدت پيدا ٿيڻ سبب، سوويت يونين ۾ صدر گورباچوف جي سُڌارن خلاف، سخت گير سوويت سياستدانن ۽ اهلڪارن کي وجهه مليو ۽ انهن به پنهنجي بچاءَ خاطر خطرناڪ هٿيارن ۾ اضافو ڪيو. اها ڳالهه ٿي سگهي ٿو ته سچ هجي، ته سوويت يونين هٿيارن جي ڊوڙ ۾ آمريڪا کان کٽي ڪو نه سگهندو، پر سندس اوڀر يورپ ۾ اثر ختم ٿيڻ ۽ خود سندس اتحاد، يعني سوويت يونين جي ٽُٽَڻ جا حقيقي سبب، سرد جنگ جي پڇاڙيءَ واري عرصي دوران سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي جوڙجڪ ۽ ڪميونزم جي عالمي تحريڪ سان سوويت يونين جي گورباچوف سرڪار جي غداري هئي. آمريڪا جي سختگير سياستدانن ۽ صلاحڪارن صدر ريگن تي زور ڀريو ته سوويت يونين کي آمريڪا، سندس اتحادي توڙي ٻين سرمائيدار ملڪن کان ملندڙ سمورو قرض ۽ مالي مدد مڪمل طور بند ڪرائڻ لاءِ سمورا گهربل اُپاءَ ورتا وڃن ۽ ساڻس ٿيندڙ پرڏيهي واپار پڻ مڪمل طور بند ڪرائجي. صدر ريگن کي مِلندڙ مٿين صلاحن، راين ۽ خيالن کي آمريڪا جي واسطيدار سرڪاري رڪارڊ ۾ به محفوظ ڪيو ويو ته جينئن سوويت يونين کي شڪست ڏِيَڻ لاءِ ريگن جي ڪوششن کي ڳڻائي ۽ ساراهي سگهجي. جڏهن ته مٿي بيان ڪيل سمورين خواهشن ۽ ڪوششن جي باوجود آمريڪا ۽ سوويت يونين جا پاڻ ۾ تجارتي تعلقات برقرار رهيا ۽ ۽ يورپي سرمائيدار ملڪن کان سوويت يونين کي گهُربل قرض به ملندا رهيا. آمريڪا وانگر سوويت يونين هٿيارن جو واپار ڪو نه ڪندو هو. هن سدائين آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ايشيائي ۽ آفريڪي غلام قومن ۽ ملڪن کي يڪجهتي ۽ مدد طور هٿيار مهيا ڪيا. تنهن ڪري کيس انهيءَ عمل مان ڪو به مالي فائدو حاصل ڪو نه ٿيو، جيئن هٿيارن جا واپاري، آمريڪا، فرانس ۽ ٻيا سرمائيدار ملڪ بي تحاشا ناڻو ڪمائي رهيا آهن. ڪميونزم دشمن هئڻ جي ناتي، صدر ريگن، آمريڪا کنڊ ۾ موجود گريناڊا ۽ نڪارا گُئا جي ڪميونسٽ حڪومتن جي خلاف سياسي ڌُرين جي مدد ۾ پنهنجون فوجون موڪليون، پر کيس سوويت يونين جي حمايتي انهن ننڍين ۽ ڪمزور حڪومتن کي زير ڪرڻ سان اطمينان ڪو نه ٿيو. البت هن افغانستان ۾ افغان، اُزبڪ، عرب ۽ پاڪستاني جهادي فوجون تيار ڪري سوويت يونين کي وڏي مالي مونجهاري ۽ سياسي گهوٽالي ۾ ڦاسائي وڌو ۽ اهو اتان هارائي ويو. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪِيوبا ويٽنام ۽ اتر ڪوريا جون ننڍيون رياستون ۽ حڪومتون آمريڪا طرفان سندس ساٿاري سرمائيدار ملڪن طرفان هر قسم جي واپار تي پابندي لڳائڻ جي باوجود پاڻ کي بچائي ۽ سنڀالي ويون. 1982ع ۾ بريزهنيف جي وفات کان پوءِ آندروپوف آيو، جيڪو 1984ع ۾ گذاري ويو. تنهن کان پوءِ سوويت يونين جي صدارت چرنينڪو سنڀالي، پر اهو اڳئي سخت عليل هو، تنهن ڪري انهن حالتن، ڪميونسٽ پارٽيءَ ۽ سوويت يونين ۾ نئين قيادت جي تقاضا ڪئي ته جيئن سوويت يونين ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ کي بچائي اڳتي وٺي هلجي. عليل چرنينڪو 1985ع ۾ وفات ڪئي ته ڪميونسٽ پارٽي ۽ سوويت يونين جي قيادت گورباچوف کي ملي، جيڪو ان وقت 54 سالن جو، پولٽ بيورو جي سمورن ميمبرن ۾ ننڍو، ڦڙت ۽ پيرسن سياستدانن ۽ اهلڪارن جي سموري سٿ سان اختلاف ۾ رهيو هو، ڇو ته ٻين سڀني ميمبرن جي ڀيٽ ۾ گورباچوف ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نظرئي توڙي عمل سان سهمت نه ٿيو ۽ مرڪزي جمهوريت جي مخالفت ڪندي، پارٽي ۽ حڪومت ۾ آزاد خيالي ۽ بي ضابطگي اختيار ڪئي. سوويت اقتصادي نظام ۾ تبديليءَ خاطر هن 1986ع ۾ نامنهاد سڌارن جو اعلان ڪيو، نشرياتي ۽ خبر رسان ادارن ۽ سموري ميڊيا تي نافذ سرڪاري ضابطي ۾ نرمي آندي ۽ پارٽي ۽ حڪومت تي تنقيد ۽ ان جي خلاف کليل مُذاڪرا منعقد ڪرڻ جي سندس ايجاد ڪيل اصول ”صاف گوئي“ تحت اجازت ڏني ۽ همٿ افزائي ڪئي، ڪيترن ئي باغي ۽ جلاوطن سياستدانن ۽ اديبن تان جلاوطني ۽ بندش لاهي ڇڏي ۽ اشتراڪيت ۽ سوويت يونين جي خلاف مواد ڇاپڻ جي مُلڪ ۾ اجازت ڏني. جنوري 1987ع ۾ سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ گورباچوف ملڪ ۾ رشوت خوريءَ، لاپرواهيءَ، بيحسيءَ ۽ پارٽيءَ ۾ روايتي سوچ تي سخت تنقيد ڪئي ۽ مُلڪ ۾ رائج سياسي نظام ۽ سرڪار جي جوڙجڪ ۽ انتظام تي ڇوهه ڇنڊيا. هن پارٽيءَ ۾ ڳُجهي ووٽ ذريعي چونڊون ڪرائڻ جي راءِ ڏني ۽ سرڪاري عملدارن جي اختيارن ۾ گهٽتائي ڪئي. تنهن کان سواءِ هُن ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مخالف سياستدانن کي پنهنجون الڳ سياسي تنظيمون ۽ پارٽيون ٺاهي، ڪميونسٽ پارٽي، سوويت يونين ۽ عالمي اشتراڪي تحريڪ جي خلاف پرچار ڪرڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. 1987ع ۾ هن سوويت يونين ۾ رائج اشتراڪي اقتصادي نظام جي خلاف، مارڪيٽ ايڪانامي يعني سامراجي سرمائيداري نطام رائج ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا.

1988ع ۾ هُن ذاتي ڪاروبار ۽ ملڪيت رکڻ ۽ نجي ڪارخانا قائم ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني. گورباچوف سرڪار ڪيترن ئي نجي ڪارخانن کي سبسيڊي به ڏني. اهڙيءَ طرح واپار تان سرڪاري ضابطو ختم ٿيو ته نوَن خانگي واپارين کاڌي ۽ ڪپڙي جي هٿرادي کوٽ پيدا ڪري عوام کي مهانگائيءَ جي وَرِ چاڙهي ڇڏيو. گورباچوف جي آندل مَٿِيئَن سڌارن، سوويت سرڪار جي قانون ۽ اختيار کي سخت نقصان رسايو. تڏهن پولٽ بيورو ۾ ييگور لِگاچوف ۽ سندس ساٿين، گورباچوف وارن نام نهاد سُڌارن جي مخالفت ڪئي. ٻئي طرف سڌارن جي مکيه حاميءَ، بورس ييلٽسين، ييگور وارن جي مخالفت کي رد ڪري ڇڏيو، پر انهيءَ وقت پولٽ بيورو ۾ اقليت ۾ هئڻ سبب، پولٽ بيورو جي ميمبريءَ تان ۽ ماسڪو شهر جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي چيف واري عهدي توڙي پارٽي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي، هڪ نئين روسي قومپرست پارٽيءَ ٺاهي، پنهنجو الڳ سياسي تشخص قائم ڪيو. انهيءَ بهراني صورتحال مان فائدو وٺندي، جون 1988ع ۾ ٿيندڙ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪانفرنس ۾، سرمائيداري نظام واري جمهوريت موجب کليل چونڊن وسيلي پارٽي ڪانگريس جا ميمبر ۽ ريجنل گورنر چونڊڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سان گڏ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو. اشتراڪي معاشي نظام تي نافذ ضابطو گهٽايو ويو ۽ پارٽيءَ ۾ عهديدارن جو به ڪافي تعداد گهٽايو ويو. سيپٽمبر واري مهيني ۾ گورباچوف، لگاچوف جو پارٽيءَ ۾ مليل عهدو گهٽائي ڇڏيو ۽ لگاچوف جي ساٿين کي خارج ڪري، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سيڪريٽريٽ پنهنجي حامي ميمبرن تي مُشتمل جوڙي، پنهنجي نام نهاد سڌارن لاءِ گهربل حمايت حاصل ڪري ورتي، فيبروري ۽ مارچ 1989ع ۾ ڪانگريس جون چونڊون ٿيون، انهن ۾، مختلف ماڳن تي مقرر، ڪميونسٽ پارٽيءَ جا 35 سيڪريٽري ۽ ٻه سئو اعليٰ اهلڪار هارائي ويا. ماسڪو شهر واري سيٽ، ڪميونسٽ پارٽي ڇڏي ويل بورس ييلٽسين، 89 سيڪڙو ووٽ کڻي، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اميدوار کان وڏي اڪثريت سان کٽي ويو. اهڙيءَ ريت روس توڙي سوويت يونين جي سمورين رياستن ۾ هڪ نئون طبقو پيدا ٿيو، سو اڳتي هلي سوويت يونين کي ٽوڙڻ ۽ اشتراڪي نظام کي رد ڪري، اتي سرمائيداري نظام قائم ڪرڻ جو مرتڪب ٿيو. ييلٽسين واري قوم پرستيءَ ۽ سوويت يونين جي ٻين رياستن ۾ پيدا ٿيل تحريڪن جو مُکيه مقصد ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اقتدار واري سرشتي کي ختم ڪري، اشتراڪيت کي رد ڪري، سرمائيداري اقتصادي نظام ۽ سرمائيداري جمهوري نظام حڪومت قائم ڪرڻ هو. سوويت يونين ۾ ٿيل نام نهاد سياسي معاشي ۽ معاشرتي سڌارن، وارسا پيڪٽ ۾ شامل اوڀر يورپ جي اشتراڪي رياستن ۾ پيدا ٿيل اشتراڪيت مخالف تحريڪن جي همٿ افزائي ڪئي. انهن سرڪار مخالف ۽ اشتراڪيت مخالف سياسي تحريڪن پڻ گورباچوف وارن اقتصادي ۽ سياسي سڌارن جي گهُرَ ڪئي. سن 1988ع ۾ پولينڊ جي دوري دوران گورباچوف، بريزهنيف واري پاليسيءَ ۽حڪمت عمليءَ جي سراسر خلاف پولينڊ واري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرڪار تي واضح ڪيو ته آئون سوويت يونين جي رياستن توڙي وارثا پيڪٽ ۾ شامل رياستن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومتن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ اتي هلندڙ ڪميونزم مخالف تحريڪن جي خلاف سوويت يونين جي فوج کي استعمال ڪرڻ جو ڪو به ارادو نٿو رکان. هن ساڳئي سال، ڊسمبر ۾ اقوام متحده جي اجلاس ۾ آمريڪا ۽ سندس جوڙيوال سرمائيدار ملڪن کي يقين ڏياريندي، واعدو ڪيو ته هو اوڀر يورپ جي سمورن اشتراڪي ملڪن ۾ نصب ٿيل پنهنجا سمورا ميزائيل، توپون، ٽينڪون ۽ سمورن هٿيارن سميت موجود سموريون سوويت فوجون جلد از جلد ڪڍي ويندو ۽ انهن سمورن ملڪن ۽ رياستن کي ڪڏهن به ڪا فوجي مدد هرگز نه ڏيندو. گورباچوف جي پاليسيءَ سبب، سمورين اشتراڪي رياستن، توڙي عالمي اِشتراڪي تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. پولينڊ ۾ اپريل 1989ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ ڪميونزم مخالف پارٽي، ”سالِڊِرِٽِي“ جي نامزد سڀني اميدوارن کي سوڀ حاصل ٿي. ”سالِڊِرِٽِي“ پارٽيءَ کي آمريڪا ۽ رومن ڪيٿولڪ عيسائي فرقي واري مذهبي رياست ”ويٽيڪن“ جي ڀرپور سياسي ۽ مالي مدد حاصل هئي. آمريڪا جي ڳواڻيءَ ۾ سمورا سرمائيدار مُلڪ، سوويت يونين وارين سمورين رياستن ۽ وارثا پيڪِٽ وارن اوڀر يورپ جي سمورن اِشتراڪي مُلڪن ۾ هلندڙ ڪميونسٽ دشمن تحريڪن جي ڀرپور سياسي ۽ مالي مدد ڪري رهيا هئا. اوڀر جرمنيءَ ۾ اولهه جرمنيءَ سان انضمام واري تحريڪ پڻ آمريڪا ۽ سندس اتحادي سرمائيدار ملڪن طرفان ملندڙ سياسي ۽ مالي امداد سان زور ورتو ۽ ديوار بَرلِن ڊاهڻ جا سانڀاها ٿيڻ لڳا. ساڳئي وقت هنگري ڪِزيڪو سِلوويڪيا ۽ رومانيه ۾ به ڪميونزم دُشمن تحريڪون، سرمائيدار دنيا جي حمايت ۽ مدد سان مُستحِڪم ٿيون، ڇو ته گورباچوف عالمي سامراج سان ڪيل واعدي موجب، سمورين ڪميونزم دُشمن تحريڪن خلاف واسطيدار سمورن اشتراڪي ملڪن جي حڪومتن جي ڪا به مدد ڪا نه ڪئي. تڏهن انهن ڪميونزم دُشمن تحريڪن ۽ تنظيمن، سوويت يونين ۽ اوڀر يورپ ۾ سوڀ ماڻي ۽ عالمي ڪميونزم تحريڪ جو في الحال تڏو ويڙهجي ويو!
سون، تيل، گيس ۽ ٻين قدرتي وسيلن سان مالا مال، سوويت يونين، گورباچوف جي سرمائيدارانه سوچ ۽ پاليسيءَ سبب، ڪيترن ئي سياسي ۽ معاشي مسئلن جو شڪار ٿيو. سن 1989ع ۾ اوڀر جرمنيءَ واري اشتراڪي رياست، اولهه جرمنيءَ ۾ ضم ٿي، پنهنجو وِجود وِڃائي ويٺي ۽ بَرلِن شهر کي ورهائيندڙ ”دِيوارِ بَرلِن“ مِسمار ڪئي وئي. تڏهن آمريڪي صدر ريگن، سموري عالمي اشتراڪي تحريڪ جي ڪا به مدد نه ڪرڻ ۽ ماٺ ۾ رهڻ تي، گورباچوف جو شُڪريو ادا ڪيو ۽ پوءِ آمريڪا طرفان، گورباچوف کي، عالمي امن جو نوبل انعام ڏياريو ويو. ريگن کان پوءِ بُش پڻ ساڳيو ڪردار ادا ڪندي، سوويت يونين جي وفاقي حڪومت ۽ سوويت رياستن جي وِچ ۾ اختلافن ۽ ويڙهه کي وڌايو. آمريڪا ڪارا باخ واري علائقي واري معاملي کي، سوويت يونين جي وفاقي حڪومت سان ٻن سوويت اشتراڪي رياستن، آرزبائيجان ۽ آرمينيا کي ويڙهائڻ ۾ ڪم آندو. انهيءَ صورتحال کي سُلجهائڻ خاطر گورباچوف ڪو به مُثبت ڪردار ادا نه ڪيو. انهيءِ صورتحال ۾، ڪميونزم کان سواءِ، سوويت يونين جي وفاقي اتحاد ۾ شموليت برقرار رکڻ لاءِ، واسطيدار سوويت رياستن وٽ ڪنهن معقول اصول، سبب يا جواز جو پڻ فِقدارن هو. سن 1989ع ۾ سوويت يونين ۾ شامل بالٽِڪ سوويت رياستن ۾ پڻ علحدگيءَ جون تحريڪون شِدت اختيار ڪري ويون، ڇو ته ڪيوبا، ويٽنام ۽ اتر ڪوريا کان سواءِ، باقي سمورين اشتراڪي رياستن ۾ ڪميونزم دشمن ۽ علحدگي پسند تحريڪن ۽ تنظيمن کي، آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ سموري سرمائيدار دُنيا جي مڪمل جمايت ۽ گهُرج کان به وڌيڪ مالي ۽ عسڪري مدد مُيسر هُئي. تنهن ڪري 1990ع ۾ ڪيترين ئي سوويت رياستن، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ضابطي جي خلاف، سندن اسيمبلين ۾ خود مُختياريءَ لاءِ قانون تشڪيل ڪيا ۽ ڪيترن ئي وفاقي صنعتي ادارن کي سندن رياستن جي قبضي هيٺ آندو ۽ سوويت يونين جي وفاقي/ مرڪزي سرڪار کي مَٿِن واجب ٽيڪس ۽ روينيو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. تڏهن گورباچوف، ڪنفيڊريشن جهڙي ”سوويت يونين“ قائم ڪرڻ جي دلاسي طور، هڪ خود ساخته مفروضي ”تشڪيل نو“ جو شو شو ڇوڙيو، جنهن ۾ شامل رياستن کي آزادي ۽ خود مختياري حاصل هوندي، البت چند نُڪتن تي يُونيئَن / وفاق قائم هوندو. انهيءَ سلسلي ۾ مارچ 1991ع ۾ سمورين سوويت رياستن ۾ راءِ شماري ڪرائي وئي. تنهن ۾ بالٽڪ رياستن، اِسٽونيا، ليٽويا، لِٿوئانا ۽ ڪاڪيسُسِ واري علائقي جي جارجيا ۽ آرمينيا سوويت رياستن علحدگي لاءِ راءِ ڏني ۽ نوَنِ (9) رياستن، جهڙوڪ: روس، بائلوروس، يوڪرين، آزربائيجان، تاجڪستان، ترڪمينستان، اُزبڪستان، قزاقستان ۽ ڪِرعيزستان جي ستر سيڪڙو ووٽرن يونين ۾ شامل رهڻ جي راءِ ڏني. عوام جي انهيءَ راءِ کي جيڪڏهن مان ڏنو وڃي ها ته شايد سوويت يونين ترت ڪا نه ٽُٽي ها. شامل رهڻ جي راءِ ڏيندڙ نَوَنِ مان 8 رياستن يونين ۾ شموليت جي دستاويز تي دستخط ڪيا، باقي يوڪرين ڪجهه تحفظات سبب صحيح ڪا نه ڪئي. ڪميونزم جي حقيقي خيرخواه نمائندن، انهيءَ صورتحال کي سوويت يونين جي خاتمي لاءِ کنيل قدم قرار ڏنو ۽ گورباچوف کي سندس گهر ۾ نظربند ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي انهي گروپ ۾ سوويت حڪومت جا 8 اعليٰ عملدار هئا، جن ۾ وزير داخله، وزير دفاع، ڪي جي بي جو سربراهه ۽ هاري يونين جو سربراه به شامل هئا. انهن مان پنج ڄڻا، گورباچوف سان ڪِريميا جي هڪڙي سرڪاري گهر ۾ وڃي گڏيا ۽ کيس هنگامي حالتن جو اعلان ڪرڻ لاءِ زور ڀريائون، پر هُن صاف انڪار ڪيو. تنهن ڪري کيس اتي ئي نظربند ڪيو ويو ۽ ماسڪو شهر ۾ فوجي گشت ڪرائي ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو ۽ گورباچوف کي بيمار ڄاڻايو ويو. حڪومت تي ڪميونسٽن جي قبضي کي ييلٽسين غيرآئيني ۽ ناجائز قدم قرار ڏنو ۽ شهر ۾ انهيءَ قبضي جي خلاف جلوس ڪڍيو، ۽ سوويت فوج انهيءَ جي خلاف جوابي قدم کڻڻ کان صاف انڪار ڪيو. تنهن ڪري اقتدار تي قابض ڪميونسٽ گروپ لاچار ٿي پيو. ٻئي طرف 23 آگسٽ تي گورباچوف ماسڪو موٽي آيو، ته ييلٽسين، حڪومت تي قبضو ڪندڙ ڪميونسٽ عملدارن کي غدار قرار ڏيندي، ڪميونسٽ پارٽي ٽوڙڻ لاءِ گورباچوف تي سخت دٻاء وڌو. تنهن ڪري گورباچوف ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سربراه جي عهدي تان استعيفا ڏني. باقي سوويت يونين جي صدر واري عهدي تي پاڻ کي برقرار رکيو. ٻئي طرف 6 نومبر 1991ع ۾ ييلٽسين، روس ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش وجهي ڇڏي ۽ پاڻ سندس ساٿين ساڻ، يوڪرين ۽ بيلاروس رياستن جي اڳواڻن سان ملي، کين سوويت يونين کي مڪمل طور ٽوڙڻ لاءِ راضي ڪيائين. انهيءَ نهايت سنگين صورتحال جي نتيجي طور، سوويت يونين کي برقرار رکڻ جي حامي رياستن، آزاد رياستن جي ڪامن ويلٿ جهڙي اتحاد، وفاق يا يونين ۾ شموليت جي حامي ڀري ته جيئن دفاع ۽ پرڏيهي لاڳاپن لاءِ گڏيل عمل ڪري سگهجي، پر ان جي اُبتڙ، وچ ايشيا واريون سموريون سوويت رياستون، سوويت يونين کان صفا ڇِڄي ڌار ٿي ويون. تڏهن سوويت يونين واري ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ پيدا ٿيل گورباچوف ۽ ييلٽيسن واري ڌر طرفان 25 ڊسمبر 1991ع ۾ سوويت يونين کي ٽوڙڻ جو باضابطه اعلان ڪيو ويو! اشتراڪي سماجي نظام تي قائم سوويت يونين جي ٽُٽڻ سبب، روس کان سواءِ ٻين سڀني سوويت رياستن مان ڪنهن هڪ رياست کي به مجموعي طور تي، ڪنهن به قسم جو مادي يا مالي فائدو نصيب ڪو نه ٿيو. آمريڪا جي آشيرواد سان ۽ سوويت يونين واري فوج جي حمايت سان روس سوويت يونين جي سمورن مادي، مالي ۽ معروضي وسيلن جي تمام گهڻي مقدار تي شينهن وانگر قبضو ڪري ويو، جنهن سوويت فوج ۽ انهيءَ جي حوالي سمورا هوائي ۽ بحري جنگي جهاز، آبدوز ڪشتيون، ٽينڪون، بڪتربند موٽر گاڏيون، ميزائيلن سميت سمورا ايٽمي، ڪيميائي ۽ روايتي هٿيارن جا سڀئي ذخيرا به شامل هئا. ان کان سواءِ قومي ملڪيت طور موجود بيشمار ڪارخانن ۽ صنعتي ادارن ۽ صنعتي مرڪزن تي به روسي حڪومت جو قبضو ٿي ويو. صدر ييلٽسين، انتهائي غيرذميواريءَ ۽ غداريءَ وارو ڪردار ادا ڪندي، قومي ملڪيت ۾ شامل ڪارخانا ۽ صنعتي ادارا، نجڪاري پاليسيءَ تحت، گورباچوف ييلٽسين واري غدار ٽولي سان وابسته سرمائيدارن کي وڪڻي ڏنا. اهي سرمائيدار، ملڪ جي بدخواه، بدنام ۽ غدار نئين امير ٽولي جي منحوس پيداوار هئا، اهي هاڻي جديد روس جي اقتصادي نظام ۾ حاوي ٽولي جي حيثيت جا حامل ٿي ويا. سوويت يونين جي قومي ملڪيت ۽ قومي اساسن کي وڏي بي انصافيءَ سان ورهائڻ واري عمل دوران ييلٽسين سرڪار طرفان سابق سوويت يونين جي جائداد ۾ شامل پلاٽينم، سون، ۽ چانديءَ جا سمورا ذخيرا ۽ ڳري ناڻي وارا ڪاغذي نوٽ، مڪمل طور گم ڪيا ويا. تنهنڪري نئين روسي رياست، دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ افراط زر ۽ قومي پيداوار ۾ پنجاه سيڪڙو نقصان جو شڪار ٿي وئي ييلٽسين سرڪار انهي ڪردار کي لڪائيندي، سندس دور ۾ روس جي اقتصادي بدحاليءَ جو ڪارڻ سابق سوويت يونين جي معاشي گهوٽالي جو نتيجو ڄاڻائيندي دنيا ۾ پاڻ کي بادو بي ميار وانگر پيش ڪيو. عالمي سامراج، آمريڪا ۽ سندس ساٿاري سرمائيدار ملڪ، ييلٽسين جي ڪميونزم دشمن ڪردار سبب، ساڻس سهمت هئا ۽ هو پاڻ به واشنگٽن جي مرضيءَ موجب، عالمي بينڪ، عالمي مالياتي اداري ۽ مالي مدد فراهم ڪندڙ ٻين ملڪن ۽ ادارن کان خاطر خواه امداد توڙي قرض وٺندو، روسي قوم تي پنهنجا اَحسانَ جتائيندو رهيو. جڏهن ته حقيقتاً عالمي سامراج جي دائمي استحصالي پاليسيءَ موجب، سندس قائم ڪيل عالمي مالياتي ادارا، مقروض ملڪن کي نهايت ناروا ۽ ناجائز شرطن تي قرض ڏيندا آهن، جن تي عمل ڪندي، مقروض مُلڪَ، سدائين انهن سامراجي مالي ادارن جي استحصالي ڳٽ ۾ ڳهيل رهندا ۽ پاڻ کي سامراج جي انهيءَ استحصالي ڄار مان ڪڏهن به آزاد ڪرائي نه سگهندا آهن. عالمي سامراج ۽ سندس ساٿاري ملڪ، سوويت يونين جي ڪميونزم دشمن ٽولي کي گهربل سموري سياسي، مالي ۽ فوجي امداد ڏيئي، سوويت يونين ڊاهرائي، اتي استحصال تي مُبني سرمائيداري نظام معيشيت لاڳو ڪرائي، خوب ڪمائيندي خوشيون پيا ملهائين. آمريڪا جي عالمي جاسوس اداري، ”سي آءِ اي“ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته: ”ييلٽسين هڪ ڇَسو ۽ موقع پرست ماڻهو آهي، پر اڄڪلهه ڪميونزم کان کٽو ٿي پيو ۽ روس ۾ جمهوري نظام حڪومت جي قيام لاءِ، خيرخواهيءَ جي حد تائين موافق خواهش جو حامل آهي.“ پر هِن حقيقت کان به انڪار ڪرڻ ڏکيو آهي ته ييلٽسين، روس ۾ جمهوري نظام جي حقيقي خواهش ۽ اميد رکندڙ عوام کي اکين ۾ ڌُور وجهي، انهيءَ کي پورهيت دشمن عالمي سامراج جي ڇاڙتي ۽ روسي قوم جي غدار ۽ موقعي پرست جديد سرمائيدار ٽولي جي ظلم ۽ ستم جي غلاميءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري رکيو آهي. ييلٽسين، آپيشاهي مقصدن جي حصول خاطر جمهوريت کي تباه ڪندي، 21 سيپٽمبر 1993ع ۾ روسي آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي، سمورا اختيار رکڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب ڄاڻايو، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ جي اڪثر ارڪان کيس اهي مطلق العنان ۽ جمهوريت دشمن اختيار، پارليامينٽ وسيلي تفويض ڪرڻ کان مڪمل انڪار ڪري ڇڏيو هو. اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمل کان نه گهٻرائيندي، پاڻ مُرادو، اسيمبلي هال ۾ گڏجاڻي ڪري، تحليل ڪيل اسيمبلي ۾ ييلٽسين جي مخالف ميمبرن، ييلٽسين کي اسيمبليءَ طرفان جمهوريت سان غداري ڪري پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ ملڪ جي صدارتي عهدي تان معزول ڪري ڇڏيو ۽ ڪئين هزارن جي تعداد ۾ عوام پارليامينٽ جي حق ۾ ييلٽسين جي پاليسين ۽ پارليامينٽ ٽوڙڻ جي خلاف ماسڪو شهر ۾ جلوس ڪڍي جلسا ڪيا. تڏهن پارليامينٽ جي حق ۾ احتجاج ڪندڙ عوام تي، گهرو کاتي جي ماتحت فوج 3 آڪٽوبر تي ڪڙڪي پئي ۽ ڪيترائي ڊزن شهري ماري ڇڏيا. ۽ ٻين سوين ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو. جمهوريت سان غداريءَ ۽ آپيشاهيءَ وارن قدمن کڻڻ سبب پيدا ٿيل سنگين صورتحال جي باوجود آمريڪا توڙي سندس سمورن سامراجي ساٿي مُلڪن، ييلٽسين جي سڀني ناجائز عملن ۽ آپيشاهيءَ وارين پاليسين جي ڀرپور حمايت ڪري دنيا جي اڳيان پاڻ کي پڌرو ڪيو ته دنيا جي سمورن سامراجي سرمائيدار مُلڪن کي انساني حقن ۽ جمهرويت سان نه، پر استحصال تي مبني ظالم سرمائيداري نظام ۽ عوام دشمن آپيشاهي حڪومتن سان پيار آهي. روسي فوج پڻ ڳُجهي طرح سي آءِ اي جي اشارن ۽ هُشيءَ تي هلڻ سبب، صدر ييلٽسين جي سمورن ناجائز ۽ غير جمهوري قدمن ۽ پاليسين جي مڪمل حمايت ڪندي، ييلٽسين جي مخالفت ۾ احتجاج ڪندڙ عوام جي وڏي جلسه گاه کي ٽينڪن سان گهيرو ڪري، شديد گولي بازي ڪئي، جنهن جي نتيجي طور احتجاج ڪندڙ سوين ماڻهن جي لاشن جا ڍير ٿي ويا. اهڙيءَ ريت قتل ۽ غارتگريءَ جي بازار گرم ڪري نام نهاد نجڪاريءَ جي عوام دشمن عمل تحت سموريون مُکيه، اهم ۽ عاليشان فيڪٽريون ۽ قومي صنعتي مرڪز ۽ قومي صنعتي ادارا، قوم جي نااهل جديد سرمائيدار / امير طبقي کي ڀڳڙن جي مُٺ عيوَض ڏيئي، ملڪ کي دنيا ۾ پيدا ٿيل سڀني کان وڏي پيماني واري افراط زر جي ور چاڙهي، عوام دشمن راشي سرڪار روس کي ذري گهٽ ڏيوالي جي مُنهن ۾ ڏئي ڇڏيو. انهيءَ سنگين سياسي ۽ مُعاشي صورتحال مان، روس جي قومي سرمائيدار طبقي، عالمي سامراج ۽ سندس ساٿاري سرمائيدار مُلڪن جي پُٺڀرائيءَ سان، معاشي ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري، روسي معيشت جي چيلهه چٻي ڪري وِڌي ۽ پرڏيهي سامراجي ملڪن کي سابق سوويت رياستن ۾ داخل ٿي، وڌ ۾ وڌ ناجائز نفعو ڪمائڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. گورباچوف جي قيادت واري دور ۾، سوويت يونين جي سمورين اشتراڪي رياستن ۾، ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ گورباچوف وارن ”صاف گوئي“ ۽ ”نئين جوڙجڪ“ نالي ڪميونزم دُشمن ۽ سوويت يونين دشمن، وارسا پيڪٽ سان وابسته اشتراڪي رياستن ۾ پيدا ٿيل، گورباچوف جي نامنهاد نظرين کي قبول ڪندڙ، تنظيمن کي پاڻ ۾ مربوط ۽ متحد ڪري، عالمي سامراج آمريڪا ۽ سندس ساٿاري سرمائيدار ملڪن، اشتراڪي دنيا ۾ پيدا ٿيل، مربوط ۽ متحد انهن ڪميونزم دشمن تنظيمن جي ڀرپور سياسي، مالي ۽ فوجي مدد ڪري، سوويت يونين ۽ وارسا معاهدي ۾ شامل سڀني اشتراڪي رياستن ۾ نام نهاد انساني، سياسي ۽ معاشي حقن ۽ جمهوري نظام حڪومت جي قيام لاءِ ڪميونزم ۽ سوويت يونين جي خلاف زهريلي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ تحريڪ وسيلي، واسطيدار سمورين اشتراڪي رياستن ۽ سوويت يونين ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي بدنام ڪري ڊاهي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سمورين حڪومتن کي ڊاهي، انهن ملڪن کي نالي ماتر آزاديءَ جي لالچ ڏئي، اتي جي ڪميونزم مخالفن کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاري في الحال سوويت يونين ۽ وارسا پيڪٽ کي ٽوڙي، اتي سندن استحصال تي مُبني سامراجي سرمائيداري نظام مڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ اتي جي مظلوم پورهيت عوام کي عيسائيت اسلام ۽ ٻين مُروج مذهبن جي آڙ ۾ صبر ۽ شُڪرَ جا درس ڏياريندي، سرهائي ۽ خوشي پئي محسوس ڪئي آهي. انسان ذات جي تاريخ موجب تمام مختصر وقفن کان سواءِ، زندگيءَ جي مڙني وسيلن تي، اڃا تائين، مجموعي طور انساني سماج ۾ پيدا ٿيل ظالم، ڦورو، استحصال ڪندڙ ۽ اقتدار تي زوريءَ ناجائز قبضو ڪندڙ، استعماري حاڪم طبقن جو قبضو ۽ اختيار مقدم پئي رهيو آهي، جيڪو اڄ عالمي سامراج جي صورت ۾ موجود آهي. پر ساڳئي وقت سڄي دنيا ۾ انهيءَ ظالم ۽ استحصال ڪندڙ سامراجي حاڪم طبقي خلاف مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ طبقن جي جدوجهد پڻ جاري آهي. محڪوم ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن ۾ حقيقي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي تعليم جي آبياريءَ سان، سمورين محڪوم ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن جي سامراج خلاف هلندڙ جدوجهد يقيناً ڪامياب ٿيندي، سماج ۾ موجود ظالم ۽ مظلوم طبقن ۽ حاڪم ۽ محڪوم طبقن ۾ ڪشمڪش، مقابلو ۽ جنگ انهيءَ حقيقت جو معروضي ثبوت آهي.