برطانيه جي شهنشاهي
ويهئين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ آمريڪا ۽ جرمنيءَ، برطانيه جي اقتصادي برتريءَ کي ڪي قدر ڇيهو رسايو هو ۽ تنهن کان پوءِ به برطانيه ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ گهڻي اقتصادي توڙي فوجي ڇڪتاڻ ۽ مقابلا، پهرين عالمي لڙائي جا محرڪ ٿي پيا. انهيءَ جنگ دوران برطانيه گهڻي قدر پنهنجي سامراجي سلطنت تي ئي ڀاڙيو هو. انهيءَ جنگ برطانيه جي فوجي، مالياتي ۽ انساني توانائيءَ جي وسيلن تي نهايت خراب اثر مُرتب ڪيا. جيتوڻيڪ پاڻ هن جنگ کان تُرت پوءِ پنهنجن بيٺڪي علائقن ۽ ايراضين ۾ گهڻي وسعت ڪئي، پر هاڻي برطانيه اڳي وانگر سڀني کان وڌيڪ فوجي ۽ صنعتي طاقت جو مالڪ ملڪ نه رهيو هو. ٻي عالمي جنگ دوران، برطانيه جي ڏکڻ اوڀر ايشيا وارين بيٺڪن تي جاپان قبضو ڪيو. انهيءَ جنگ ۾ سندس اتحادين سان گڏ هجڻ سب برطانيه کي به فتح مند قرار ڏنو ويو، پر کيس اقتصادي ۽ اخلاقي طور رسيل ڇيهي، برطانوي سامراجي زوال ۾ تيزي آندي. هندستان، جيڪو تمام گهڻي آدم شماريءَ ۽ دولت جي وسيلن سان مالامال بيٺڪي ملڪ هو، اهو به ٻين گهڻن بيٺڪي ملڪن سميت برطانوي سامراج مان آزاد ٿيو ۽ نيٺ 1997ع ۾ هانگ ڪانگ واري مثالي بيٺڪ کي سياسي طور چين جي حوالي ڪرڻ واري عمل، برطانيه جي هن سامراجي شهنشاهت جي خاتمي تي مُهر هڻي ڇڏي. هاڻي برطانيه جي اقتدار اعليٰ هيٺ باقي چوڏهن علائقا سمنڊ پار اڃا به آهن. برطانوي سامراج کان آزادي حاصل ڪندڙ اڪثر مُلڪن، برطانيھ طرفان برپا ڪيل هڪڙي نئين بين الاقوامي فلاحي تنظيم نالي Common Wealth of Nations يعني ”بين الاقوامي باهمي دولت“ ۾ شموليت اختيار ڪئي، انهن مان سورهن مُلڪن، مهاراڻي ايلزبيٿ ثانيءَ کي، برطانيه وانگر سندن ملڪن جي سربراهه طور پڻ قبول ڪيو آهي.
برطانيه جي سامراجي شهنشاهت جا بنياد تڏهن ئي نصب ٿيا، جڏهن انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ٻه الڳ الڳ آزاد بادشاهتون هيون ۽ اڃا پاڻ ۾ ضم ٿي Great Britain برطانيه عُظميٰ نالو اختيار ڪو نه ڪيو هئائون. معروضي طور اسپين ۽ پرتگال هٿان سمنڊ کان پار لڀي، قبضي هيٺ آندل علائقن بابت ڳوڙهي ويچار بعد انگلينڊ جي بادشاهه هينري ستين، سن 1496ع ۾ اُتر ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ منجهان، ايشيا کنڊ ڏانهن ويندڙ واٽ ڳولي لهڻ خاطر، اميرالبحر جان ڪيبٽ کي انهيءَ کوجنا واري سامونڊي سفر جو سالار مقرر ڪيو، جنهن يورپي مهم جوئن هٿان آمريڪا کنڊ ڳولي لهڻ کان پنج سال پوءِ سن 1497ع ۾ سونپيل مهم واسطي پنهنجا ٻيڙا هاڪاريا ۽ آمريڪا جي ”نيو فائونڊ لينڊ“ نالي سامونڊي ڪناري تي ڪاميابيءَ سان لنگر انداز ٿيو، پر ڪرسٽوفر ڪولمبس وانگر ڀُلجندي ڀانيائين ته هو ايشيا ۾ اچي رسيو آهي. تنهن سبب هن اُتي ڪا بيٺڪ قائم ڪا نه ڪئي، جتي پنهنجن ماڻهن کي ويهاري اچي جان ڪيبٽ ٻئي سال پڻ ساڳئي مهم جوئيءَ جوئيءَ خاطر ٻيڙا آمريڪا ڏانهن هاڪاريا هئا، پر انهن ٻيڙن بابت وري ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪو نه آيو. تنهن کان پوءِ اٽڪل پوڻين ٻن صدين تائين آمريڪا ۾ بيٺڪون قائم ڪرڻ خاطر انگلينڊ طرفان ڪا به ڪوشش ڪا نه ڪئي وئي، تان جو سورهين عيسوي صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ راڻي ايلزبيٿ اول جي حڪومت دوران مذڪور مهم جوئي وري چالو ڪئي وئي. انهيءَ ئي دور ۾ پروٽيسٽنٽ عيسائي فرقي وارن سُڌارن جي عمل، انگلينڊ ۽ ڪيٿولڪ عيسائي فرقي جي حامل مُلڪ اسپين کي پاڻ ۾ نه ٺهڻ جوڳا دشمن ڪري وڌا. سن 1562ع ۾ انگريز تاجدار ٻن بحري قزاقن: جان هاڪنس ۽ فرانسز ڊريڪ کي اسپين ۽ پرگال وارن غلامن ۽ دولت سان ڀريل ٻيڙن کي اولهه آفريڪا جي ساحل کان ڪجهه پرڀرو، غلام ۽ دولت ڦرڻ ڪارڻ حملا ڪرڻ جي همت افزائي ڪئي ته جيئن ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ مخالف قومن پاران جاري تجارتي نظام ۾ ڏار پون. انگريزن جي انهيءَ چال کي دڙڪو ڀائيندي اسپين انگلينڊ سان ٿيندڙ جنگين ۾ تيزي آندي، تڏهن راڻي ايلزبيٿ سامونڊي ڌاڙا هڻڻ، آمريڪا، اسپين ۽ ٻين مخالف ملڪن جي اڏن تي حملا ڪرڻ ۽ آمريڪا مان ميڙيل دولت سان ٽمٽار، اسپين ۽ ٻين مخالف ملڪن جي جهازن کي ڦرڻ ۽ تباهه ڪرڻ وارن سامونڊي ڌاڙيلن کي دعا ڪندي ۽ گهربل سموري مدد ڪندي هئي. انهيءَ دور ۾ هڪلوئٽ ۽ جان ڊي جهڙن هلنديءَ وارن ناميارن عالمن ۽ اديبن، سندن لکڻين ۾ سمنڊ پار دنيا ۾ بيٺڪون بنائي انگلينڊ جي (سامراجي) شهنشاهت قائم ڪرڻ لاءِ گهڻو پرچار ڪيو ۽ زور ڀريو، ڇو ته انهيءَ دور ۾ اسپين آمريڪا کنڊ ۾ برتري حاصل ڪري، پيسفڪ سمنڊ ۾ وسيلن سان مالا مال نون علائقن تي قبضو ڄمائڻ ڪارڻ انهن جي تلاش ۾ رُڌل هو. پرتگال، آفريڪا، برازيل ۽ ويندي چين جي سامونڊي ڪنارن تي پڻ پنهنجون واپاري ڪوٺيون ۽ انهن جي بچاءُ ۽ حفاظت خاطر ڪوٽ ۽ قلعا اڏي چڪو هو. هوڏانهن فرانس سينٽ لارينس نديءَ واري سموري علائقي تي قبضو ڄمائي پنهنجي بيٺڪ بنائڻ ۾ مشغول هو، اهو علائقو پوءِ ”جديد فرانس“ سڏجڻ لڳو. جيتوڻيڪ سمنڊ پار پنهنجون بيٺڪون بنائڻ ڪارڻ“ ٻين يورپي طاقتن جي ريس ۾ انگلينڊ سندن ڪڍ لڳو، پر سورهين عيسوي صديءَ دوران اهو انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي پروٽيسٽنٽ يعني عيسائي مذهب ۾ هٿ ٺوڪين ۽ دقيانوسي رسمن رواجن جي خلاف احتجاج ڪندڙ فرقي وارن سرڪش ماڻهن کي، آئرلينڊ ۾ آباد ڪرڻ ۾ رُڌل هو ۽ بهانو اهو بنايائين ته فرانس جي نارمنڊيءَ وارن به ته 1169ع ۾ آئرلينڊ تي حملو ڪري قبضو ڪيو هو. انگلينڊ جي ڪيترن ئي توسيع پسند ماڻهن آئرلينڊ ۾ انگريزي بيٺڪ بنائڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ انهن اتر آمريڪا ۾آبادڪاري ۽ بيٺڪون بنائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. انهن ماڻهن ۾ انگلينڊ جي مغربي ڀاڱي جي رهاڪن جو گروه نمايان ڪردار جو حامل هو. سن 1578ع ۾ انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ اول مشهور جهازران همفري گلبرٽ کي سمنڊ پار ڏيهن جي کوجنا، تحقيق ۽ ايجاد ڪرڻ واسطي گهربل پروانو ڏنو. انهيءَ ئي سال همفري گلبرٽ، ويسٽ انڊيز نالي ٻيٽن ڏانهن پنهنجا ٻيڙا هاڪاريا. سندس ارادو هو ته بحري جهازن کي ڦري لُٽي، پوءِ اتر آمريڪا ۾ بيٺڪ قائم ڪندو، پر سندس اها مهم، ايٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرڻ کان اڳ ئي برباد ٿي وئي، پر هو وري به 1583ع ۾ ٻي مهم تي اسهيو ۽ نيو فائونڊلينڊ نالي هڪ شاهي ٻيٽ تي وڃي رسيو، جنهن ٻيٽ جو بندر هن اڳي ئي انگلينڊ لاءِ مخصوص ڪرڻ ٿي گهريو. اتي رسي قبضو ڪرڻ جي باوجود، اتي گهربل تعداد ۾ماڻهن کي آباد ڪري پنهنجي بيٺڪ بنائي نه سگهيو ۽ انگلينڊ موٽڻ کان اڳ ئي پساهه پورا ڪيائين. سندس جاءِ تي سندس ويڳو ڀاء، والٽر ريليهه مقرر ٿيو، تنهن کي راڻي 1584ع ۾ ساڳئي قسم جو پروانو سونپيو ۽ هو سال جي پڇاڙيءَ ۾ سونپيل مهم تي روانو ٿيو ۽ رونوڪ نالي علائقي تي قبضو ڪري ترت پنهنجي ڪالوني قائم ڪيائين، تنهن علائقي کي هاڻي ڪيرولينا سڏجي ٿو. ان ڪالونيءَ جي رهواسين کي گهربل سامان نه رسڻ سبب، اها بيٺڪ برقرار رهي نه سگهي. سن 1703ع ۾ اسڪاٽ لينڊ جي باشاهه جيمس چوٿين، انگلينڊ سان رياستي انضمام اختيار ڪيو ۽ 1704ع ۾ اسپين سان دشمني ختم ڪندڙ لنڊن وارو عهدنامون اصولي طور قبول ڪرايو. هن مکيه دشمن سان امن امان قائم ٿيڻ کان پوءِ ڌارين بيٺڪن کان ڦرلٽ تي گذارو ڪرڻ بدران، برطانيه هاڻي پنهنجون ذاتي بيٺڪون قائم ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڌريو ۽ اتر آمريڪا کنڊ ۽ ان جي ويجهو، ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود ”ويسٽ انڊيز“ نالي ٻيٽن ۾ برطانوي بيٺڪن جي قيام ۽ حڪومت جي منظوريءَ سان خانگي عالمي تجارتي ڪمپنين ۽ خصوصاً ”انگريزي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جي قيام سان برطانيه جي سامراجي شهنشاهت وجود ۾ آئي. نجي واپاري ڪمپنيءَ کي برطانوي بيٺڪن ۽ نوآبادين جي انتظام ۽ پرڏيهي واپار جو اختيار ڏنو ويو. ارڙهين عيسوي صدي جنهن دوران برطانيه جون آمريڪا ۾ بيٺڪون قائم ٿيون، مضبوط ٿيون ۽ انهن مان يڪيون تيرهن بيٺڪون نيٺ ساڻس وڙهي وڃي آزاد ٿيون، تنهن دور کي ڪن تاريخدانن برطانوي سامراجي شهنشاهت جو پهريون دور ڪري ليکيو آهي. انگلينڊ جي پارليامينٽ کان پروانو حاصل ڪندڙ انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ايشيا کنڊ ۾ برطانوي شهنشاهيت کي توسيع ڏيڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. ڪمپنيءَ جي فوج برطانوي بحري فوج سان گڏجي برطانوي سامراجي مفادن جي حصول ۽ بچاء خاطر سدائين عمل پيرا رهي. سرڪاري توڙي ڪمپنيءَ جي فوجن هندستان کان ٻاهر پڻ سمورين جنگين ۾ هڪ ٻئي سان مڪمل تعاون ڪيو. جهڙوڪ: 1799ع ۾ فرينچ بادشاهه نيپولين بونا پارٽ کي سندس لشڪر سميت مصر مان ڀڄائي ڪڍڻ، سن 1811ع ۾ نيدرلينڊس وارن کي زوري نيڪالي ڏئي انڊونيشيا جي شاهي ٻيٽ ”جاوا“ تي قبضو ڪرڻ، 1819ع ۾ سنگاپور حاصل ڪرڻ، 1824ع ۾ ملاڪا هٿ ڪرڻ ۽ سن 1826ع ۾ برما کي شڪست ڏئي مٿس قبضو ڪرڻ ۾ پڻ انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوج برطانيه جي بحري فوج جي ڪمانڊ هيٺ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. هندستان ۾ سندس بنياد وٽان سن 1729ع کان وٺي آفيم واري وڌندڙ نفعي واري چين ڏانهن روانگي واپار ۾ اها مشغول رهي. سن 1739ع ۾ چين جي حڪمران گهراڻي ڪنگ برطانيه طرفان چين ۾ ٿيندڙ آفيم جي واپار کي ناجائز ۽ غير قانوني واپار قرار ڏنو، تڏهن کان وٺي ايسٽ انڊيا ڪمپني، برطانيه کي چانهه جي درآمد سبب رسندڙ نقصان ۽ چين ڏانهن برطانوي خزاني مان چاندي جي وڏي مقدار ۾ وڃڻ ڪري بگڙجندڙ مالياتي توازن کي مناسب ضابطي ۾ آڻن لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ چين ڏانهن آفيم جو روانگي واپار جاري رکيو. 1839ع ۾ چيني اختيارين جڏهن ڪينٽن شهر ۾ موجود برطانيه جي آفيم جون ويهه هزار صندوقون ضبط ڪيون ته برطانيه آفيم جي ضبطيءَ جو بهانو بنائي، چين تي ناجائز جنگ مڙهي هانگ ڪانگ تي قبضو ڄمائي ويٺو. تنهن وقت اتي انساني آبادي بلڪل گهٽ هئي. برطانوي شهنشاهه، ارڙهين عيسوي صديءَ جي آخر ۽ اوڻيهين صديءَ جي شروعات دوران ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي مڙني معاملات ۾ گهڻي دخل اندازي ۽ جانچ پڙتال چالو ڪري ڇڏي. انهي سلسلي ۾ برطانوي پارليامينٽ سن 1784ع ۾ پِٽس انڊيا ايڪٽ پاس ڪرڻ کان اڳ 1773ع ۾ ريگيوليٽنگ ايڪٽ پڻ پاس ڪيو هو ۽ پٽس ايڪٽ پاس ڪرڻ کان پوءِ سن 1813ع ۾ چارٽر ايڪٽ پڻ پاس ڪيو هو. انهن ايڪٽن وسيلي ڪمپنيءَ جي مڙني معاملن کي پنهنجي ضابطي هيٺ آندو ۽ ڪمپنيءَ جي قبضي هيٺ سڀني بيٺڪن ۽ علائقن تي برطانوي شهنشاهت جو اقتدار اعليٰ سڌيءَ طرح قائم ڪيو ويو. هندستان ۾ ٿيندڙ سرڪار مخالف بغاوت، جيڪا فوج ۾ هندستاني سپاهين جي بغاوت سان شروع ٿي هئي، اها برطانوي سامراج خلاف هندستاني عوام طرفان ٿيندڙ بغاوت ڇهن مهينن تائين جاري رهي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جو گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. ٻئي سال يعني سن 1858ع ۾ برطانوي حڪومت ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ٽوڙي ختم ڪري، گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1858ع تحت هندستان ۾ برطانيا جي شهنشاهي واري حڪومت قائم ٿي ۽ راڻي وڪٽوريا جي هندستان جي راڻي واري حيثيت ۾ باقائده تاج پوشي ٿي. راڻي هندستان جي حڪوت هلائڻ لاءِ هڪ گورنر جنرل مقرر ڪيو. اهڙي ريت هندستان برطانوي (سامراجي) سلطنت جي سڀ کان وڌيڪ مُلهائتي نوآبادي، برطانوي تاج ۾ هڪ امُلهه ماڻڪ ۽ برطانيه جي طاقت يا توانائيءَ جو اهم ترين ذريعو ٿي پيو! اوڻيهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ واري حصي دوران فصلن جي لاڳيتي کرڻ ۽ سڙڻ سبب هندستان جي ننڍي کنڊ ۾ انتهائي خطرناڪ ۽ موتمار ڏڪار پيو، جنهن سبب پندرهن ملين يعني ڏيڍ ڪروڙ کان به وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ايسٽ انڊيا ڪمپني، جيڪا تڏهن هندستان تي حڪومت ڪري رهي هئي، انهيءَ ڏڪار جي راڪاس کي منهن ڏيڻ ۽ متاثر ماڻهن جي گهربل مدد ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي. بعد ۾ سڌي برطانوي دور حڪومت ۾ ايندڙ هر ڏڪار بابت ڪميشنون قائم ڪيون ويون، جن ڏڪارن جي سببن ۽ گهربل اپائن اختيار ڪرڻ جون سفارشون ڪيون. تنهن کان پوءِ مس مس سن 1900ع ڌاري وڃي ڏڪار وارين حالتن تي جوڳو ضابطو آيو.
اُوِڻهَيِئين عيسوي صديءَ دوران برطانوي ۽ روسي سامراجي ملڪ، سياسي ميدان ۾ توانائيءَ جي انهيءَ خلا کي ڀرڻ خاطر پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، جيڪو خلا ترڪيءَ جي عثماني سلطنت جي زوال ۽ بادشاهي گهراڻن جي زوال سبب پيدا ٿي پيو هو. مذڪوره ملڪن ۾ پيدا ٿيل دشمني ۽ ويڙهاند کي ”يوريشيا“ يعني يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ موجود سرحد کي ويجهن ملڪن ۾ ”شاهي راند“ ڪري ليکيو ويندو هو. روس هٿان پروشيا ۽ ترڪيءَ تي زبردستيءَ سان حملا ڪري کين شڪست ڏيڻ تان ڏمرجي، باهوڙجي ۽ انهيءَ ڀئو کان ڊڄي ته متان روس هندستان تي قبضو نه ڪري ويهي رهي، برطانيه جون سامراجي خواهشون ڀڙڪي اٿيون. تنهن ڪري هندستان تي روسي حملي ۽ قبضي کان بچڻ خاطر، برطانيه 1839ع ۾ قبضي جي لالچ ۾ افغانستان تي حملو ڪيو، پر اهو حملو ۽ جنگ برطانيه لاءِ هڪ زلزلو ۽ تمام وڏو الميو ثابت ٿيو. سن 1853ع ۾ جڏهن روس ترڪيءَ جي بلقان وارن علائقن تي حملو ڪيو ته رومي سمنڊ ۽ وچ اوڀر ۾ روسي بالادستيءَ جو خوف محسوس ڪندي، برطانيھ ۽ فرانس روس جي بحري قوت کي تباهه ڪرڻ واسطي روس جي ڪريميا واري اُپٻيٽ تي حملو ڪيو. 1854ع کان 1856ع تائين برطانيھ جي روس سان هلندڙ جنگ، جنهن دوران جنگ جون جديد چالون ۽ جديد ٽيڪنڪ ڪم آندي وئي، روس لاءِ شڪست جو اعلان هئي. ٻن وڌيڪ ڏهاڪن تائين وچ ايشيا ۾ به صورت حال غير متوازن ۽ غير فيصله ڪُن رهي. سن 1876ع ۾ ننڍي کنڊ هندستان جي ڀر ۾ بلوچستان واري رياست کي برطانيه هندستان سان ڳڍي ڇڏيو، ته ٻئي طرف روس ڪرغيزيا، ڪزاڪستان ۽ ترڪمنستان کي پنهنجي سامراجي سلطنت ۾ زوريءَ ملائي ڇڏيو. اهڙين حالتن ۾ ٻنهي سامراجين ۾ وري جنگ ٿيڻ اڻٽر پئي محسوس ٿي، پر ٻئي ڌريون نيٺ 1878ع ۾ جزوي طور ۽ 1907ع ۾ سمورن مکيه معاملن بابت ”اينگلو رشيئن اينٽينٽ“ نالي هڪ جامع ٺاهه تي اچي پهتيون! سن 5 1904ع دوران روس ۽ جپان جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ ۾ روس جي سامونڊي فوجي قوت گهڻي قدر تباهه ٿي گهٽجي وئي، تنهن ڪري به برطانيه کي روس جو ڊپ، ڪي قدر گهٽيو.
ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سن 1652ع ۾ آفريڪا کنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي وٽ ”ڪيپ ڪالوني“ نالي سان هڪ بيٺڪ قائم ڪئي. اتي نيدرلينڊس جي انهيءَ واپاري ڪمپنيءَ بحري بندر ۽ اڏو به تعمير ڪيو، جيڪو سندن ايسٽ انڊيز ۾ موجود بيٺڪن ڏانهن ويندڙ ۽ اتان موٽندڙ غورابن ۽ ٻيڙن لاءِ ساهي کڻڻ واري جاءِ يا اسٽيشن جو ڪردار ادا ڪندڙ هو. اها بيٺڪ، برطانيه اصولي طور ته 1806ع ۾ حاصل ڪئي، جنهن ۾ اصل مقامي ماڻهن جي گهڻائي موجود هئي، انهن اصل ماڻهن کي برطانيه وارا ”بوئر“ سڏيندا هئا. انهي خدشي جي پيش نظر ته کانئس اڳ ۾ انهيءَ ڪالونيءَ مٿان، متان فرانس نه قبضو ڪري وٺي، ڇو ته انهيءَ وقت فرانس انهيءَ ڪيپ ڪالوني جي مالڪ ملڪه يعني خود نيدرلينڊس تي ئي سڌو حملو ڪيو هو، برطانيه 1795ع ۾ ئي ڪيپ ڪالوني پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏي ۽ 1820ع کان پوءِ اتي برطانوي گورن کي لکن جي تعداد ۾ آڻي آباد ڪيو ۽ بوئرن يعني اصل باشندن کي ڪيپ ڪالونيءَ مان زوريءَ نيڪالي ڏئي کين ڪيپ ڪالونيءَ جي اتر طرف نيم وسندين ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو، جتي آباد ٿيڻ کان پوءِ انهن پنهنجون خود مختيار جمهوري رياستون قائم ڪيون، پر 1830ع ۽ 1840ع اندر اهي پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون، ڇو ته انهن ”سوٽو“ ۽ ”زُولوُ“ قومن ساڻ گڏجي برطانوي سامراج سان ڪيترائي ڀيرا ٽڪر کاڌا ۽ مقابلا ڪيا، ڇاڪاڻ ته برطانيه سموري ڏکڻ آفريڪا جي علائقي تي قبضو ڪرڻ واري بدنيت جو حامل هو. انهن علائقن ۾ اصل آفريڪي ماڻهن، جن کي برطانوي حاڪم ”بوئر“ سڏيندا هئا، انهن اتي ٻه آزاد رياستون قائم ڪيون هيون. (1) سائو آفريڪن رپبلڪ يا ٽرانسوال ريپبلڪ، جيڪا 1852ع کان 1877ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو 1881ع کان 1902ع تائين قائم هئي ۽ (2) آرينج فري اسٽيٽ، 1854ع کان 1902ع تائين قائم رهي.
سن 1869ع ۾ فرينچ شهنشاهه نيپوليئن ٽِئين جي هٿ هيٺ سوئيز ڪينال کُليو، جنهن رومي سمنڊ کي هندي وڏي سمنڊ سان ملائي، هڪ بهتر بحري لنگهه قائم ڪيو. شروع ۾ برطانيھ انهي بحري گذرگاهه جي مخالفت ڪئي، پر پوءِ انهي مان حاصل ٿيندڙ وڏي فائدي سبب، ان جي اهيمت کي قبول ڪيو ۽ اهو لنگهه برطانوي سامراج جي شهه رڳ طور تمام گهڻي اهيمت جو حامل ٿي پيو.سن 1875ع ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي حڪومت جنهن دوران بنجامن ڊزرائلي برطانيه جو وزير اعظم هو، مصر جي مقررض بادشاهه، اسماعيل پاشا وارو سوئيزڪينال جي ڪل ماليت جو 44 سيڪڙو حصو چئن ملين پائونڊن ۾ خريد ڪيو، جن جي 2013ع ۾ ماليت 340 ملين پائونڊن جي برابر هئي. انهي حصي خريد ڪرڻ جي باوجود، هن جديد حڪمت عمليءَ جي حامل گذر گاهه تي برطانيه جو مڪمل قبضو ۽ ضابطو نه ٿي سگهيو. انهيءَ صورت حال برطانيه کي سوئيز ڪينال جي مڪمل مالڪي حاصل ڪرڻ لاءِ لالچايو ۽ اُڪسايو. نتيجي ۾ سن 1882ع ۾ فرانس ۽ برطانيه جو مصر تي گڏيل اختيار پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ اهو اختيار اڪيلي طور برطانيه کي حاصل ٿيو، پر سوئيز ڪينال جي ملڪيت ۾ اڃا تائين فرانس جو وڏو حصو باقي هو، تنهنڪري هو برطانيه جي حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا کونس ڦٽائي ڪندو رهيو.انهيءَ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ 1888ع ۾ قسطنطنيه شهر ۾ منعقده ڪنوينشن ۾ ٿيل معاهدي موجب، سوئيز ڪينال غير جانبدار (ڪنهن جو به نه) علائقو قرار ڏنو ويو.
فرانس، بيلجم ۽ پرتگال ڪانگو نديءَ جي هيٺئن ڀاڱي سان وابسته علائقن يعني آفريڪا جي گرم ڪمربند ۾ قبضو ڄمائڻ لاءِ جيڪو عمل دخل ڪيو، تنهن اتي اڳ پهتل يورپي سامراجين طرفان ٿيل قبضن کي اکوڙي، ڪمزور ڪري ڇڏيو. انهيءَ بگڙيل صورت حال کي يورپي سامراجين لاءِ فائدي مند بنائڻ خاطر جرمني 1884ع ۾ برلن شهر ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ سمورا يورپي سامراجي، پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي رکي اچي سهڙيا ۽ مال غنيمت وانگر آفريڪا کنڊ جي ٿيندڙ ورهاست ۾ پنهنجي سرسيءَ لاءِ اخلاق ۽ انصاف جا سمورا ليڪا لنگهي بيٺا، پر نيٺ هڻي هڻي وڃي ورهاست لاءِ هڪڙي جدول مرتب ڪيائون، جنهن موجب ناجائز قبضن کي ٻن قسمن / درجن ۾ ورهايائون. (1) پڪا يعني موثر قبضا، (2) ڪچا يعني عارضي قبضا. پڪن قبضن لاءِ ”اِفيڪٽوِ آڪيوپيشن“ وارو مفروضو جوڙيائون. آفريڪا کنڊ جي هن ريت ناجائز ورهاست کي ”اسڪريمبل فار آفريڪا“ يعني آفريڪا خاطر جفاڪشي سڏيندي، پڪن ناجائز قبضن کي تسليم ڪرڻ جي سفارش ڪيائون. آفريڪا ۾ قبضا گيريءَ لاءِ ڇڪتاڻ ۽ داداگيري 1890ع واري ڏهاڪي تائين جاري رهي، تنهن ڪري برطانيه کي سوڊان تان هٿ کڻن واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻي پئي. سوڊان ۾ برطانيه ۽ فرانس جي گڏيل فوج 1896ع ۾ مهدي سوڊانيءَ واري لشڪر کي شڪست ڏني۽ 1898ع ۾ فاشودا واري ماڳ وٽ ٿيل فرينچ حملي کي به پسپا ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت سوڊان نالي ماتر ته برطانيه ۽ مصر جي گڏيل قبضي هيٺ رهيو، پر عملي طور اهو برطانوي بيٺڪ ئي هو. برطانيه کي ڏکڻ ۽ اوڀر آفريڪا ۾ حاصل ٿيل سرسيءَ، سيسل روڊ کي اُڪسايو ته هو ڪيپ ٽائون کان قاهره تائين ريل گاڏين واري پٽڙي وِڇائي، ته جيئن حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان تمام اهم ماڳ، سوئيز ڪينال کي معدنيات سان مالا مال ڏکڻ آفريڪا کي ڳنڍي رکي. سن 1880ع ۽ 1890ع جي ڏهاڪن دوران، آفريڪا ۾ برطانوي سامراج جي توسيع ڪندڙ، سيسِل روڊ، پنهنجي خانگي هٿياربند سوداگر ڪمپني، ”برٽش سائوٿ آفريڪا ڪمپني“ ذريعي جن علائقن تي قبضو ڪري، انهن کي پاڻ ۾ ملائي رکيو هو،انهن علائقن کي سندس نالي سان يعني ”روڊيشيا“ سڏيو ويو. ٻئي طرف گورن آبادڪارن جي اڪثريت وارين بيٺڪن ۾ انساني ۽ سياسي حقن جي حوالي سان پيدا ٿيل بيچيني ۽ مونجهاري واري صورتحال جي سببن ۽ انهن جي خاتمي لاءِ مسٽر ڊرهام واري 1839ع ۾ ڏنل رپورٽ ۾ ڪيناڊا ۾ پيدا ٿيل سياسي وڳوڙ جي خاتمي لاءِ ڪيناڊا جي مٿئين توڙي هيٺئن، ٻنهي ڀاڱن کي مِلائي اتي عوام طرفان چونڊيل جمهوري ۽ خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ جي تجويز ڏنل هئي. تنهن مطابق برطانوي پارليامينٽ 1840ع ۾ ”يونين آف ڪيناڊا ايڪٽ 1840ع“ پاس ڪيو،تنهن تحت ڪيناڊا برطانوي سامراج جو هڪ صوبو بڻيو. اهڙيءَ ريت برطانيه جي سامراجي شهنشاهت اندر گورن آبادڪارن جي اڪثريت وارين بيٺڪن جي آزاديءَ ڏانهن وک وڌائڻ جي شروعات ٿي ۽ پهرين ذميوار حڪومت ڪيناڊا ۾ ”نووا اسڪوٽيا“ نالي بيٺڪ ۾ قائم ڪئي وئي، تنهن کان پوءِ اتر آمريڪا ۾ برطانيھ جي ٻين بيٺڪن کي به اهو حق ڏنو ويو. برطانوي پارليامينٽ طرفان ”برٽش نارٿ آمريڪا ايڪٽ 1867ع“ پاس ٿيڻ سان، اپر ۽ لوئر ڪيناڊا، نيو برنسوڪ ۽ نووا اسڪوٽِا نالي چئن بيٺڪن کي گڏي ”ڊومينيئن آف ڪيناڊا“ نالي برطانوي رياست اندر هڪ خود مختيار ڪنفيڊريشن بنائي، جنهن کي خارجه امور کان سواءِ باقي سمورا اختيار حاصل هئا. ساڳئي طرح 1901ع ۾آسٽريليا کنڊ ۾ برطانوي گورن جي اڪثريت وارين بيٺڪن آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کي پڻ ”ڊومينيئن اسٽيٽس“ سان نوازيو ويو ۽ سن 1907ع واري ”ڪالونيئل ڪانفرنس“ ۾ رياستي جوڙ جڪ بابت هڪ ٻِٽو لفظ ڊومينئين اسٽيٽس“ سرڪاري طور متعارف ڪيو ويو.
عيسوي اُڻيهئين صديءَ جي پوين ڏهاڪن ۾آئرلينڊ ۾ خودمختيار حڪومت جي قيام ڪارڻ جدوجهد چالو ٿي. اتي 1798ع وارن فسادن کان پوءِ، آئرلينڊ جي حاڪم طبقي سان گٺ جوڙ ڪري، برطانوي پارليامينٽ مان ”ايڪٽ آف يونين“ نالي بل پاس ڪرائي، برطانيه آئرلينڊ کي سندس سامراجي شهنشاهت، ”يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين“ ۾ ضم ڪري ڇڏيو. آئرلينڊ سن 1845ع ۽ 1852ع درميان خطرناڪ ڏڪار جو شڪار ٿيو هو. هوم رول موومينٽ يعني عوام طرفان قائم ڪيل مقامي خود مختيار حڪومت قائم ڪرڻ واري تحريڪ کي ان وقت جي برطانوي وزيراعظم وليئم گليڊسٽون جي حمايت حاصل هئي، جنهن کي اها اميد هئي ته آئرلينڊ به ڪيناڊا وانگر ڊومينيئن اسٽيٽس يعني سامراج جي تابع خود مختيار رياست جو درجو اختيار ڪندو. انهيءَ خواهش پٽاندر گليڊسٽون 1886ع ۾ پارليامينٽ ۾ هوم رول بل پيش ڪيو، پر اهو پاس ڪو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ جي اڪثر ميمبرن کي خدشو هو ته نيم آزاد آئرلينڊ برطانيه جي سلامتيءَ لاءِ خطرو ۽ برطانوي سامراج ۾ ڏار وجهڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو. اهڙو ٻيو بل به ساڳين خدشن ڪري پاس نه ٿي سگهيو ۽ اهو سن 1914ع ۾ پاس ٿيڻ جي باوجود پهرين عالمي لڙائي برپا ٿيڻ سبب نافذ نه ٿي سگهيو. برطانيه ٻي عالمي جنگ ۾ سندس ساٿي سامراجين سان ساٿ سبب سوڀارو ته سڏجڻ لڳو، پر پنهنجي ملڪ اندر توڙي سندس بيٺڪي راڄن ۾ جنگ جون تباهه ڪاريون پڌريون هيون. يورپ کنڊ، جنهن جهان تي ڪيترين ئي صدين تائين، پنهنجي هستيءَ جو سِڪو ڄمائي رکيو هو، تنهن جو خود وڏو حصو جنگ ۾ تباهه ۽ برباد ٿي ويو ۽ سڄي دنيا سان گڏ اهو به آمريڪا ۽ سوويت يونين جي فوج وٽ يرغمال هو، ڇو ته عالمي طاقت جو توازن، هاڻي انهن ڏانهن منتقل ٿي ويو هو. هن جنگ سبب برطانيه جو ته لازمي طرح مڪمل ڏيوالو نڪري ويو، جنهن ۾ مس مس وڃي تڏهن ساهه پيو، جڏهن 1946ع ۾ آمريڪا کيس 4.33 ملين ڊالرن جو قرض ڏنو. برطانيه انهيءَ قرض جي آخري قسط اِجهو هن صديءَ جي سن 2006ع ۾ ڏئي پوري ڪئي. انهيءَ جنگ واري عرصي دوران، يورپي سامراجين جي سمورين بيٺڪن ۾ آزاديءَ جي هلچل زورن تي هئي. آمريڪا ۽ سوويت يونين درميان وڌندڙ سرد جنگ، انهيءَ بگڙيل صورت حال کي اڃا به وڌيڪ ڦيٽاڙي ۽ مونجهاري ۾ ڦاسائي وڌو. اصولي طور تي ٻئي جديد عالمي طاقتون، آمريڪا توڙي سوويت يونين يورپي سامراجين جي قائم ڪيل بيٺڪي راڄن جي خلاف هيون، پر عملي طور تي معاشي نظامن جي حوالي سان آمريڪا اشتراڪيت مخالف ۽ سوويت روس سرمائيداري سامراج مخالف هئڻ سبب، هڪٻئي سان مقابلي ۾ جُنبِي ويا. انهيءَ مقابلي کي جديد تاريخ ۾ ”سرد جنگ“ سڏڻ لڳا. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر آمريڪا، برطانوي سامراجي بيٺڪون برقرار رکڻ خاطر سندن مدد پئي ڪئي ته جيئن انهن ملڪن ۽ علائقن ۾ اشتراڪيت پکڙجي نه سگهي، پر معروضي حالتن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هاڻي برطانوي سامراج جا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، تنهن ڪري هن پاڻ ئي امن امان سان پنهنجون بيٺڪون خالي ڪري وڃڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ جتي کيس غير اشتراڪي حڪومتون مُيسر ٿيون،اتي هنن انهن کي حڪومت جون واڳون ڏيڻ شروع ڪيون. اها ڳالهه فرانس، پرتگال ۽ ٻين سامراجين جي خلاف هئي، جن پنهنجون بيٺڪون بچائڻ خاطر ڏاڍيون مهانگيون لڙايون لڙيون، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا هئا. سن 1945ع ۽ 1965ع درميان برطانيه جي رياست کان ٻاهر برطانيه جي بيٺڪن ۾ سندس رعيت جو تعداد ست سئو مِلين مان گهٽجي اچي فقط پنج مِلين تي بيٺو، جنهن ۾ به ٽي ملين ته فقط هانگ ڪانگ ۾ هئا. سن 1945ع ۾ بيٺڪي راڄ ختم ڪرڻ واري پاليسيءَ جي حامل، ليبر پارٽي جي سرڪار، ڪليمينٽ ايٽلي جي اڳواڻي ۾ عام چونڊن ۾ چڙهي آئي هئي، ان وقت درپيش مکيه مسئلي، يعني هندستان جي آزاديءَ ڏانهن ڌيان ڌريو. هندستان جون ٻه مکيه سياسي پارٽيون. هڪ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ ٻي آل انديا مسلم ليگ ڪافي سالن کان هندستان جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيون هيون، پر آخر ۾ منجهن اختلاف ٿي پيو. ڪانگريس گڏيل ۽ غير مذهب هندستان جي رياست جي خواهان هئي، ته مسلم ليگ، هندو گهڻائيءَ جي بالادستيءَ جي خدشي سبب، مسلم آباديءَ جي اڪثريت رکندڙ علائقن ۾ هندستان واري رياست کان الڳ هڪ اسلامي رياست جي قيام جي گهر ڪئي. هندستان ۾ وڌندڙ وڳوڙ ۽ بيچيني ۽ 1946ع ۾ رائيل انڊين نيويءَ طرفان ٿيندڙ بغاوت سبب، وزيراعظم ايٽليءَ 1948ع کان اڳ ۾ ئي هندستان کي آزادي ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر صورت حال جي تقاضا، ڪم جلد اُڪلائڻ واري ۽ گهرو ويڙهه جا آثار نمايان ٿيا ته هندستان جي آخري وائيسراءِ، مائونٽ بيٽن، آزاديءَ جي تاريخ اڃا به ويجهي يعني 15 آگسٽ 1947ع جو اعلان ڪيو. هندستان ۽ پاڪستان کي جدا ڪندڙ بين الاقوامي سرحد، جيڪا انگريزن مقرر ڪئي هئي، انهيءَ سبب وجود ۾ ايندڙ ٻنهي رياستن اندر، لکن جي تعداد ۾ هندو توڙي مسلم آباديءَ اقليت جي صورت اختيار ڪئي. نتيجي طور هندن توڙي مسلمانن کي لکن جي تعداد ۾ لڏڻو ۽ دربدر ٿيڻو پيو ۽ مذهبي دشمنيءَ سبب لکين ماڻهو ماريا ويا برطانيه طرفان برما ۽ سري لنڪا کي 1948ع ۾ آزادي ملي. هندستان، پاڪستان ۽ سري لنڪا، برطانيه طرفان پنهنجو ڀرم رکڻ لاءِ کانئس آزاد ٿيندڙ بيٺڪي مُلڪن تي مشتمل بين الاقوامي تنظيم ”ڪامن ويلٿ آف دي نيشنس“ ۾ شموليت اختيار ڪئي، پر برما شامل ڪو نه ٿيو. فلسطين واري نو آبادي، جنهن کي ”مينڊيٽ“ جو درجو ڏنل هو، هندستان وانگر مسلم اڪثريت ۽ يهودي اقليت وارو ملڪ هو. برطانيھ، آمريڪا ۽ سندن ساٿي سامراجين هڪ سوچيل سازش تحت، سموري دنيا ۾ آباد، شاهوڪار يهودين کي فلسطين ۾ آڻي ويهاري، اتي 1948ع ۾ ”اسرائيل“ نالي هڪ يهودي رياست قائم ڪئي ۽ مسلم فلسطينين جي واضح اڪثريت کي فلسطين جي رياست مان زوري ماري ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو، جيڪا اڃا تائين لبنان، شام، اردن ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ قائم پناهگير ڪيمپن ۾ ويٺي آهي. 1980ع ۾ برطانيا جي آفريڪا کنڊ ۾ آخري بيٺڪ ”روڊيشيا“ آزادي حاصل ڪري، پنهنجو نالو ”زمبابوي“ رکيو آهي. نيوهيبرائيڊس، ”وانوئاتو“ نالي سان 1980ع ۾ آزادي حاصل ڪئي. بيزائيل ٻئي سال 1981ع ۾ آزاد ٿيو. برطانوي پارليامينٽ 1981ع ۾ برٽش نيشنلٽي ايڪٽ 1981ع جوڙيو، تنهن مطابق برطانوي بيٺڪن کي ”برطانيه جي ماتحت علائقا“ نالو ڏنو ويو ۽ 2002ع انهن کي اڃا ٻيو نالو ”برطانيه جا سمنڊ پار علائقا“ ڏنو ويو. اهڙيءَ ريت، ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ موجود انساني آباديءَ کان خالي ٻيٽ ”روڪال“ جنهن تي 1955ع ۾ قبضو ڪيو هو، تنهن کان سواءِ، برطانيه طرفان سندس اٽڪل سموريون بيٺڪون خالي ڪري آزاد ڪرڻ وارو عمل 1982ع ۾ اچي پورو ٿيو. ساڳئي سال ڪيناڊا جي سرڪار، ڪيناڊا جو آئين برطانيه جي آئين کان الڳ ڪري، برطانيه سان وابسته پنهنجو آخري قانوني لاڳاپو به ٽوڙي مڪمل طرح آزاد ملڪ جي حيثيت حاصل ڪئي. 1986ع واري آئيني ايڪٽ تحت نيوزيلينڊ کي آزادي ملي ۽ 1986ع واري آسٽريليا متعلق جوڙيل ايڪٽ تحت آسٽريليا وارين ماتحت رياستن کي پڻ آزادي نصيب ٿي.
سيپٽمبر 1982ع ۾ برطانيه جي خاتون وزير اعظم، مارگريٽ ٿيچر برطانيه جي مکيه ڪالوني هانگ ڪانگ جي مستقبل بابت چين جي سرڪار سان مذاڪرات ڪرڻ واسطي بيجنگ ويئي هئي. سن 1842ع ۾ چيني ۽ برطانوي قيادت ۾ ٿيل نانڪنگ معاهدي موجب هانگ ڪانگ هميشھ لاءِ برطانيه جي حوالي ٿيو هو، پر انهيءَ بيٺڪ سان 99 سالن جي مقاطعي تحت حاصل ڪيل ٻين نوَن علائقن کي شامل ڪرڻ سان هانگ ڪانگ جي آباديءَ جي واضح اڪثريت ڳنڍيل نون علائقن وارن ماڻهن تي مشتمل ٿي پئي هئي. انهن علائقن جو ٺيڪو سن 1997ع ۾ پورو ٿيڻ وارو هو، تنهن ڪري ٿيچر جي پهرين اها خواهش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح هانگ ڪانگ مڙئي اسان جي هٿ هيٺ هجي، تنهن ڪري چين جي اقتدار اعليٰ تحت هانگ ڪانگ جو انتظام برطانيه جي هٿ ۾ رهڻ جي تجويز ڏنائين، پر چين اها رد ڪري ڇڏي. آخرڪار 1984ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن موجب هانگ ڪانگ چين جو خصوصي انتظاميه جو حامل علائقو ٿي رهندو، ان جو عوام زندگي جو اتي مُروج نظام گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سالن تائين ٽوريندو ايندو. هانگ ڪانگ کي چين جي حوالي ڪرڻ واري تقريب سن 1997ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ ئي منعقد ٿي هئي، تنهن ۾ برطانيه جو ولي عهد شهزادو چارلس پڻ موجود هو، جنهن ٻين سان گڏ خود پاڻ به برطانيه جي سامراجي سلطنت جي پڄاڻي جو معروضي مشاهدو ڪيو!