محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
1857ع ۾ هندستان جي ديسي فوج جي بغاوت ۽ آزاديءَ جي پهرين جنگ
ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت جي خلاف هندستان جي آزاديءَ جي پهرين جنگ اُوڻِيهَئيِن عيسوي صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي تائين، ليکي ۾ نه ايندڙ ۽ ڪمپنيءَ جي پاليسيءَ کي قبول ڪندڙ چند ننڍين رياستن کان سواءِ انگريز سامراجي واپاري ڪمپنيءَ، هندستان جي تقريباً سڀني مکيه مُلڪن، وڏين رياستن ۽ پرڳڻن تي پنهنجو سامراجي تسلط قائم ڪري ورتو هو ۽ اها گذريل هڪ سئو سالن کان انهن غلام بنايل سمورين رياستن ۽ قومن جو، نهايت بيرحميءَ سان، عالمي پيماني تي استحصال ڪرڻ ۾ مسلسل مشغول رهندي آئي. انگريز سامراجي ڪمپنيءَ جي انهيءَ ڦرلٽ ۽ استحصال خلاف هندستان جي محڪوم ملڪن ۽ قومن ۾ سخت بيچيني ۽ نفرت پيدا ٿي چڪي هئي. تنهنڪري 1857ع ۾ ديسي فوجين طرفان انگريز فوجي آفيسرن سان ٿيل بغاوت، آزاديءَ واري جنگ ۾ تبديل ٿي وڃڻ سان، هندستان ۾ برطانيه جي سامراجي تسلط جي بنيادن کي هڪ وار ته بنهه لوڏي وڌو. برطانوي مورخن انهي تاريخي واقعي کي، چند ديسي سپاهين طرفان فوجي ضابطي جي ڀڃڪڙي ڄاڻايو ۽ ڪا به اهميت ڪا نه ڏني. جڏهن ته هندستاني تاريخدانن انهيءَ واقعي کي برطانيه جي سامراجي تسلط ۽ استحصال جي خلاف، ملڪي سطح تي محڪوم قومن طرفان بغاوت ۽ هندستان جي آزاديءَ خاطر ٿيندڙ پهرين جنگ قرار ڏنو. برطانوي سامراجي حڪومت جي خلاف چالو ٿيندر اها آزاديءَ جي تحريڪ، ارڙهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هندستان جي مختلف رياستن ۽ علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ برطانوي سامراج مخالف احتجاجي تحريڪ ۽ بغاوت جو تسلسل هئي. جهڙوڪ اتر بنگال ۾ سنياسين واري احتجاجي هلچل، بهار ۽ بنگال ۾ چنار وارا هنگاما. تنهن کان سواءِ اُڻيهئين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سڄي هندستان ۾ هاري طبقي سان ٿيندڙ ظلم ۽ استحصال جي خلاف هندستان جي هاري طبقي، سماراجي سرڪار ۽ جاگيردار زميندار طبقي جي خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائي، تنهن ۾ مالابار جي موپلاه تنظيم سان واڳيل هارين جي بغاوت ۽ بنگال ۾ مسلمان هارين طرفان هلائيل فارازئي تحريڪ سڀني کان وڌيڪ اهم باغيانه تحريڪون هيون. اُوڻيهئين عيسوي صديءَ جي پهرئين اڌ دوران هندستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي قبيلن طرفان ٿيندڙ قبيلائي بغاوتن پڻ جنم ورتو. مثلاً مديھ پرديش جي ڀيلن جي بغاوت، بهار جي سنڀال قبيلن طرفان ٿيندڙ وڳوڙ ۽ اوڙيسا جي گونڊ ۽ کونڊ قبيلن طرفان ٿيندڙ فساد وغيره. اهي وڳوڙ، بعاوتون ۽ مختلف علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ تحريڪون، پنهنجن پنهنجن علائقن ۽ رياستن تائين محدود ۽ هڪ ٻئي سان ڪنهن به طرح عملي طور مربوط ۽ متحد ڪو نه هيون. تنهن ڪري برطانيه جي سامراجي حڪومت کي انهن تحريڪن مان ڪو به خوف خطرو محسوس ڪو نه ٿيو. مٿي بيان ڪيل وڳوڙن ۽ بغاوتن جي ڀيٽ ۾ 1857ع واري سرڪار مخالف مزاحمتي تحريڪ، هڪ مُنظم سياسي هلچل جي صورت اختيار ڪري وئي. انهيءَ جي شروعات ته برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪاري فوج ۾ چند هندو ۽ مسلمان سپاهين طرفان، سندن بالا عملدارن جي حڪم نه مڃڻ ۽ سزا کائڻ سان ٿي، پر انهيءَ بغاوت کي ترت عوامي حمايت حاصل ٿي، تنهن ڪري اها زور وٺي وئي. انهيءَ بغاوت کي عوام طرفان مزاحمتي تحريڪ طور هلائڻ ۾ ڪيترائي معروضي عناصر ڪارفرما هئا، پر سڀ کان وڌيڪ اهميت جا حامل اسباب، هندستان جي سماج ۾ موجود سڀني طبقن، پرتن ۽ گروهن جي صورت ۾ مختلف قومن ۾ غلامي، احساس محرومي ۽ ناانصافيءَ جي حقيقتن، انگريز سامراج جي خلاف احتجاج ۽ بغاوت ڪرڻ تي آماده ڪيو. هن بغاوت ۽ سرڪار مخالف مزاحمتي تحريڪ جو مکيه سياسي سبب، برطانيه وٽ غلام بنايل رياستن ۽ ملڪن جي حڪومتن کي سياسي طرح ٻين آزاد رياستن کان ڌار ڪري، کين مالي طور ڪمزور ڪري، پاڻ وٽ يرغمال بنائي، انهن کان اقتدار کسي، انهن کي پنهنجي سامراجي تسلط هيٺ اڻي ڇڏڻ واري سامراجي پاليسي هئي، جنهن تحت برطانوي سامراج يورپ کان سواءِ باقي دنيا جي سمورن کنڊن ۾ ٻين يورپي سامراجي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻن ملڪن ۽ رياستن تي پنهنجو مڪمل سامراجي سياسي تسلط قائم ڪري ورتو، تنهن ڪري اهو ڳچ وقت تائين فخر سان چوندو رهيو ته سندس (سامراجي) سلطنت تان ته سج لهي ئي نٿو! انهي پاليسيءَ تحت برطانوي سامراجي حڪومت هندستان جي تمام گهڻن ملڪن ۽ رياستن جي حاڪمن، بادشاهن، راجائن ۽ نوابن کي زوريءَ تخت تان لاهي، قتل ڪري ۽ ڪن کي قيد ۾ رکي انهن ملڪن ۽ رياستن تي پنهنجو مڪمل سياسي تسلط قائم ڪندي رهي ۽ پنهنجي سامراجي سلطنت جي مسلسل توسيع ڪندي رهي. باقي آزاد رهيل ملڪن ۽ رياستن جي حاڪمن تي به ساڳي عقوبت ٿيڻ جو خوف تاري هو. انهيءَ پاليسيءَ تحت راڻي لڪشمي ٻائيءَ جي گود ۾ ورتل پُٽ کي، سامراجي حڪومت، پنهنجي جهانسي واري رياست جي تخت تي ويهي بادشاهه بنجڻ جي اجازت ڪا نه ڏني. اهڙيءَ طرح ستاره، ناگپور ۽ جهانسي رياستن کي زوريءَ پنهنجي سامراجي حڪومت ۾ ضم ڪري ڇڏيو. تنهن سان گڏ سامبلپور ۽ اُڌيپور جون رياستون پڻ ساڳي زوراوريءَ سان سامراجي حڪومت ۾ شامل ڪيون ويون. راجا باجي رائو ٻئي جي گود ۾ ورتل پٽ کي انگريز سرڪار طرفان ملندڙ وظيفو برقرار رکڻ کان انگريز سرڪار طرفان انڪار ڪرڻ سبب، انگريز سرڪار ۽ مقامي حڪمران نانا صاحب جي وچ ۾ دشمني پيدا ٿي پئي. ٻيو ته برطانوي سامراجي سرڪار اعلان ڪيو ته اختيار نه پر فقط لقب رکندڙ شهنشاه بهادر شاهه ثانيءَ جي اهل عيال کي هاڻي لال قلعي ۾ رهڻ جي اجازت ڪانه ڏبي. انهيءَ اعلان عوام ۾ سامراجي حڪومت جي خلاف سخت نفرت ۽ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي. ٽيو ته ان وقت هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ڊلهائوسي، خراب انتظامي صورتحال جو بهانو بنائي، اوڌ جي شاهوڪار رياست تي قبضو ڪري، پنهنجي سامراجي حڪومت ۾ ضم ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري معزول ڪيل هزارين امير، اعليٰ عملدار سپاهي، وظيفه بردار ۽ نوڪر چاڪر بيروزگار ۽ بي يارومددگار ٿي پيا ۽ اوڌ جي سموري رياست ۾ انگريز سامراجي حڪومت جي خلاف غم ۽ غصي جي لهر ڊوڙي وئي. پنهنجي دور حڪومت ۾ برطانوي سامراج هندستان جي حوالي سان 1850ع ۾ هڪڙو قانون جوڙيو جنهن تحت جيڪي هندو، هندو مذهب ڇڏي ڪرستان يعني عيسائي مذهب اختيار ڪري ويا ۽ انهن کي سندن مائٽن جي ملڪيت جو وارث بنايو ويو، جڏهن ته هندو مذهب موجب، مذهب مٽائيندڙ فرد کي مائٽن جي ملڪيت ۾ ڪنهن به طرح ورثي جو حق حاصل ڪو نه هو. انگريز سامراجي سرڪار، سندن آندل عيسائي مبلغن ۽ مُلن جي سوين ٽولن کي اجازت ڏني ته اهي ڀلي سڄي هندستان ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪري، هندستاني ماڻهن کي عيسائي مذهب ۾ داخل ڪن. ٻئي طرف ڪجهه قانون ٺاهي ستي واري رسم ۽ پنهنجي ڌيئرن کي ڄمڻ شرط ماري ڇڏڻ واري ظالمانه رواج کي مڪمل طور بند ڪرائي ڇڏيو ۽ بيوه عورتن کي شادي ڪرڻ جو حق ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح هندستان جي معاشري ۾ ظالمانه ۽ بيجا روايتن کي رد ڪري سماجي صورتحال ۾ مناسب تبديليءَ جو عمل شروع ڪيو ويو. هندستان ۾ ريل گاڏين ٽيلي گراف ۽ ٽيلي فون جو نظام پڻ شروعات ۾ هندستاني ماڻهن لاءِ حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ جو سبب بڻيو. مُلڪ جي ٻهراڙين ۾ ڪمپني جي حڪومت طرفان زرعي زمين ۽ ان جي پيداوار تي اجائي گهڻي ڍل ۽ ٻيا ناجائز ٽيڪس مڙهڻ سبب، زميندار توڙي هاري طبقو انگريز سرڪار تي ناراض ۽ کانئس خائف هو. ڪيترائي زميندار ۽ هاري، جيڪي اهي ڳرا ٽيڪس ۽ ڍلون پيارڻ ۽ قرضدارن کي قرض واپس ڪرڻ جي قابل نه رهيا هئا، تنهن ڪري انهن جون پنهنجون اباڻيون ٻنيون ۽ ٻارا، ڳرن ٽيڪسن ۽ قرضن جي نذر ٿي ويا. سرڪار جي حامي زميندار طبقي، ڪمپني حڪومت جي فوج لاءِ سندس هاري طبقي جي نوجوان اولاد کي سرڪار جي حوالي ڪيو. سرڪار پاران هاري طبقي ۽ ڇوٽي زميندار طبقي سان ناجائز ۽ ناروا سلوڪ جو خراب اثر، انهن هارين جي اولاد، سپاهين واري فوجي طبقي تي پڻ اڻٽر طور تي پئي ٿيو. برطانيه طرفان ٿيندڙ هندستان جي سمورين محڪوم قومن جو استحصال ۽ هندستان جي روايتي اقتصادي نظام کي مڪمل طرح تباه ڪرڻ سبب هندستان جي سمورين محڪوم قومن ۽ استحصال جو سڀني کان وڌيڪ شڪار ٿيندڙ سمورن مظلوم پورهيت طبقن ۾ سامراجي سرڪار جي خلاف غصي ۽ غم جي لهر چڙهندي وئي. انگلينڊ ۾ صنعتي انقلاب ۽ اقتصادي ترقيءَ سبب، انگريزي ڪارخانن ۾ تيار ٿيندڙ عام واهپي جون سڀئي شيون ۽ جنسون، خصوصاً انگريزي ڪپڙو، هندستان ۾ سرڪاري طرح وڪرو ٿيڻ سبب، هندستان جي مکيه گهريلو صنعت يعني ڪپڙي واري صنعت کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو، ڇو ته مَشينن سان تيار ڪيل، انگريزن جون آندل ڪپڙي سميت سموريون شيون، هندستان وارين هٿ سان ٺهيل شين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سُنهڻيون ۽ سَستِيون هئڻ ڪري خوب وڪامجڻ سبب، ديسي هنرن ۽ دستڪارين کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ٻيو ته انگريزن جي ڪارخانن لاءِ گهربل ڪچو مال، هندستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان ڀڳڙن جي مُٺ تي خريد ڪري، هندستان ۾ قائم ڪيل ريلوي نظام ۽ بحري تجارتي ٻيڙن وسيلي انگلينڊ اماڻيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح هندستان کي انگريزي صنعتي نظام لاءِ گهربل ڪچو مال مُهيا ڪندڙ مکيه مُلڪ ۽ انگلينڊ جي ڪارخانن ۾ تيار ٿيل مال وڪڻڻ لاءِ بهترين بازار بنائي ڇڏيو ويو. هن سموري سياسي معاشي ۽ سنگين سماجي صورتحال، هندستان جي محڪوم قومن ۽ مظلوم طبقن ۾ انگريز سامراج جي خلاف سخت نفرت ۽ عناد پيدا ڪري وِڌو. 1857ع وارن فسادن جي شروعات ته هڪ هندو سپاهيءَ طرفان انگريز فوجي آفيسر جي حڪم عدوليءَ ۽ بغاوت ڪرڻ سان ٿي، پر اُها آهستي آهستي سماج جي ٻين طبقن ۽ پرتن کي پاڻ ۾ سمائي وئي ۽ ملڪي پيماني تي قومي آزاديءَ جي تحريڪ واري صورت اختيار ڪري وئي. هندستان ۾ تيار ڪيل برطانوي فوج جو 87 سيڪڙو کان به وڌيڪ تعداد، اصل هندستاني ماڻهن تي مشتمل هئڻ جي باوجود، انهن کي انگريز گهٽ درجي يا گهٽ ذات وارا ماڻهو قرار ڏيندي ساڻن سخت ناروا ۽ ناجائز سلوڪ ورتائيندا هئا. ساڳئي عهدي تي مقرر مقامي هندو يا مسلمان سپاهيءَ جو پگهار، انگريز سپاهي جي پگهار کان تمام گهٽ هوندو هو. ٻيو ته ڪنهن به هندستاني سپاهيءَ کي صوبيدار کان مٿئين عهدي تي ترقي هرگز ڪا نه ڏني ويندي هئي. هندستان ۾ برطانوي سامراجي سلطنت جي توسيع، هندستاني سپاهين جي نوڪريءَ لاءِ حالتن کي وڌيڪ ڏکيو بنائي ڇڏيو. هندستاني سپاهين کي سندن گهرن کان تمام پري، بيحد ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ مقرر ڪيو ويندو هو. سن 1856ع ۾ گورنر جنرل، لارڊ ڪيننگ، هڪ جنرل سروسز ايڪٽ لاڳو ڪيو، جنهن تحت برطانيه جي سمنڊن پار بيٺڪن ۾ وڃي خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ سڀني هندستاني سپاهين کي پابند بنايو ويو. انگريزن طرفان تيار ٿيندڙ بنگالي فوج ۾ اوڌ رياست جي وڏن گهراڻن ۽ اوچين ذاتين مان ڀرتي ڪئي وئي هُئي. جڏهن ته هندو مذهب موجب اها مقامي ماڻهن تي مُشتمل فوج، سمنڊ پار، خصوصاً ڪاري پاڻيءَ وارو سمنڊ ٽپي وڃي نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ڪا نه هئي ۽ انهي خوف ۾ مبتلا رهي ته خدا نه خواهسته انگريز اسان کي اسان جي مذهب مان خارج ڪري سندن عيسائي مذهب ۾ داخل ڪري ڇڏيندا. انگريز سامراج اوڌ رياست کي زبردستيءَ سان پنهنجي ڪمپنيءَ واري حڪومت ۾ شامل ڪري، اوڌ جي نواب جي جوڙيل فوج کي ٽوڙي ڇڏيو، ته اها بيروزگار بنايل سموري فوج انگريز سامراج جي فطري طور تي دشمن بنجي وئي. سن 1857ع واري بغاوت، سڻڀن ڪارتوسن جي استعمال تان سرجي، جن بابت افواه هليو ته انگريزي فوج کي مليل نئين اينفيلڊ رائيفل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪارتوسن کي ڳئون ۽ سوئر جي چربي لڳل آهي. رائيفل ۾ وجهڻ کان اڳ انهن ڪارتوسن تي لڳل سڻڀو ڪاغذ سپاهين کي چڪ سان لاهڻو پوندو هو. تنهن ڪري هندو توڙي مسلمان سپاهين، اهي رائيفلون استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو. گورنر جنرل اها غلط فهمي دور ڪرڻ لاءِ حتيٰ الامڪان ڪوشش ڪئي ۽ انهن سڻڀن ڪارتوسن جو استعمال به ڪافي حد تائين روڪيو ويو. پر فوج جي هندو توڙي مسلمان سپاهين ۽ سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي ڪارتوسن بابت بيچيني ۽ نفرت پکڙجي وئي. مارچ 1857ع ۾ بارڪ پور ڇانوڻيءَ ۾ منگل پانڊي نالي هڪ سپاهيءَ اهي سڻڀا ڪارتوس استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪندي، سندس انگريز بالا عملدارن تي قاتلانه حملو ڪيو. انهيءَ ڏوهه ۾ کيس 8 اپريل 1857ع ۾ ڦاسي ڏني وئي. تنهن کان مهينو کن پوءِ، ميرٺ واري ڇانوڻي ۾ پنجاسي سپاهين سڻڀن ڪارتوسن واري رائيفل هلائڻ کان انڪار ڪيو ته انهن کي ڏهه سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي. انهيءَ واقعي کان ترت پوءِ، ميرٺ جي ڇانوڻيءَ ۾ هندستان جي ديسي سپاهين بغاوت ڪري وڌي ڇو ته انهيءَ ساڳئي ڏينهن 9 مئي تي 85 سپاهين کي مٿي ڄاڻايل سزا ڏني وئي هئي. ميرٺ واري ڇانوڻيءَ ۾ ٿيل بغاوت سان حقيقت ۾ انگريز سامراجي سرڪار سان ملڪ گير بغاوت ۽ هندستان جي آزاديءَ جي پهرين لڙائيءَ جي شروعات ٿي. انهيءَ ڏينهن، 9 مئي 1857ع تي ميرٺ ڇانوڻيءَ ۾ موجود سمورن هندستاني سپاهين عام بغاوت ڪري، پنهنجن انگريز آڦيسرن کي ماري ڇڏيو ۽ جيل کي ڀڃي، اتي سمورن قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن يعني 10 مئي تي، اهي سمورا هندستاني سپاهي دهليءَ ويا، جتي ساڻن اتي موجود هندستاني سپاهي به بغاوت ۾ شامل ٿي ويا. تنهن ڪري سمورن هندستاني سپاهين گڏجي دهلي شهر تي قبضو ڪري ورتو ۽ 11 مئي تي بيمار ۽ انگريزي حڪومت جي سهاري جيئندڙ معزول بادشاه کي، ٻيهر هندستان جو بادشاه بنائي ڇڏيو. پر هو جهور پوڙهو، بيمار ۽ بلڪل نٻل شخص، گُهربَل اڳواڻي ۽ حڪومت ڪرڻ جهڙو مُور ڪونه هو. تنهن ڪري باغي فوج ۽ حڪومت کي سنڀالي ڪو نه سگهيو. اٽڪل پنجن مهينن اندر، سيپٽمبر ۾ انگريزن دهليءَ ۾ باغي سپاهين جي برپا ڪيل حڪومت تي ڪاهه ڪئي ۽ دهليءَ ۾ ڇهن ڏينهن دوران قتل و غارت جي بازار گرم رکندي، هزارين بيگناهه ۽ اٻوجهه انسانن جو خون ڪيو ۽ سوين رهبر ۽ اڳواڻ هندستاني سپاهين کي ڦاسيءَ تي لٽڪائي، دهليءَ جي شهر تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. شهنشاهه بهادر شاهه ظفر کي گرفتار ڪري ۽ ملڪ بدر ڪري رنگون روانو ڪيو ويو، جتي ذلت واري زندگيءَ جا باقي ڏينهن گهاري سن 1862ع ۾ گذاري ويو ۽ سندس پُٽن کي گوليون هڻي ماريو ويو. انهيءَ ريت هندستان ۾ مغل شهنشاهت پنهنجي افسوسناڪ انجام تي پهتي! دهليءَ تي هندستاني سپاهين جو قبضو ٿيڻ کان پوءِ هندستان جي ڪجهه ٻين علائقن ۽ رياستن ۾ به انگريز سامراج خلاف بغاوت ۽ هلچل پکڙجي وئي ۽ پٽنا کان راجستان جي دنگ وٽ وڃي رسي. غور ڪري ڏسبو ته بغاوت ۽ آزاديءَ جي جنگ واري لهر جا هيٺ ڄاڻايل ڇهه مکيه علائقا ۽ شهر هئا، جتي حقيقي طور آزاديءَ جي جنگ جوٽي وئي هئي. 1. ڪانپور، 2. لکنو، 3. بريلي، 4. جهانسي، 5، گواليار ۽ 6. بهار جو اراه وارو علائقو. لکنو شهر ۽ اوڌ رياست تي قبضو ڪري، انگريز سامراج اوڌ رياست جي فوج کان هٿيار کسي، ان کي ٽوڙي، بيروزگار ڪري، بيرڪن ۽ ڇانوڻيءَ مان بيدخل ڪري ڇڏيو. اهي بي روزگار بنايل فوجي، باغي فوج سان ملي ويا. انهيءَ گڏيل باغي ۽ بيروزگار فوج جي اڳواڻي اوڌ رياست جي سابق حاڪم جي راڻيءَ، بيگم حضرت محل ڪندي، انگريز سامراج خلاف آزاديءَ جي حقيقي جنگ لڙي، پر جديد هٿيارن سان ليس، سامراجي ڏهوڻي فوج کان هارائي نيٺ پاڻ نيپال ڏانهن نڪري وئي. پويان انگريزن لکنئو شهر تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو. ڪانپور ۾ انگريز حڪومت جي خلاف جنگ جي اڳواڻي ڪانپور رياست جي حاڪم (پيشوا) باجي رائو ٻئي جي گود ۾ ورتل پٽ، نانا صاحب ڪئي، جنهن کي انگريزن پينشن ڏيڻ بند ڪري ڇڏي هئي. نانا صاحب ڪانپور تي قبضو ڪري، پاڻ کي پيشوا بنائي ويهي رهيو. پر تازه دم فوج، اسلحه ۽ خوراڪ سميت پهچڻ سان انگريز سامراج ڪانپور تي وري قبضو ڪرڻ لاءِ پيشوا سان ڇتي ويڙه شروع ڪئي ۽ پيشوا واري بغاوت کي نهايت بي رحميءَ جو مظاهرو ڪندي ڪُچلي ڇڏيو. ڪيترن ئي سرڪرده افراد کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، پر دهشت ۽ وحشت جو ڪُڌو ڪردار ادا ڪندي، سوين هزارين فوجين ۽ عام ماڻهن کي، توپن جي مُنهن ۾ وجهي توپن جا گولا هڻي، کين ذرا ذرا ڪري هوا ۾ اُڏائي، ظلم ۽ ستم جو نئون ڏيک ڏيکاريو. جنگ هارائڻ جي خدشي تحت، نانا صاحب لڪي ڀڄي ويو، پر سندس سُچيت سالار، تانتيا توپ، انگريز سامراج جي خلاف جنگ جاري رکي، سو نيٺ ويڙه وڙهندي گرفتار ٿيو ۽ ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. جهانسي رياست جي راڻي، ٻاويهه سالھ راڻي لڪشمي ٻائي، مجبور ٿي انگريزن سان تڏهن جنگ جوٽي، جڏهن انگريز سامراج راڻيءَ جي گود ۾ ورتل پٽ کي، جهانسي رياست جي تخت تي ويهڻ ڪو نه ڏنو ۽ رياست تي قبضو ڪرڻ چاهيو. هوءَ انگريزي فوج سان نهايت دليريءَ سان وڙهي، پر نيٺ هارائي، وڃي تانتيا توپ سان گڏي. انهن گڏجي انگريزن جي ڇاڙتي، گواليار جي حاڪم، سِنڌيا کي ڊوڙائي ڪڍيو ۽ گواليار تي قبضو ڪري ورتو. تنهن ڪري راڻي لڪشمي ۽ تانتيا توپ جي قبضي جي خلاف انگريزن ڇتي ويڙهه چالو ڪئي. انهيءَ جنگ ۾ شيهڻ وانگر شجاعت سان وڙهندي راڻي لڪشمي ٻائي جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿي وئي ۽ تانتيا توپ کي گرفتار ڪري ڦاسي ڏني وئي. اهڙيءَ طرح گواليار هاڻي انگريزن جي سڌي قبضي هيٺ آيو. بهار ۾ انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي جدوجهد جي اڳواڻي، ڪنور سنگهه ڪئي. انگريز سامراجي حڪومت جي خلاف بغاوت ۽ آزادي واري هيءَ پهرين جنگ، سال کان به ڳچ وقت تائين جاري رهي، جنهن تي انگريز سامراجي فوج 1858ع جي وچ ڌاري وڃي پنهنجو ضباطو بحال ڪيو ۽ 8 جولاءِ 1858ع تي هندستان تي مقرر ٿيل انگريز گورنر جنرل، لارڊ ڪيننگ، هندستان ۾ امن امان بحال ٿيڻ جو اعلان ڪيو. سن 1857ع ۾ هندستان جي وِچئين طبقي سان وابسته پڙهيل لکيل سُجاڳ ماڻهو، واپاري طبقو ۽ ملڪ جو جاگيردار، زميندار ۽ وڏيرو ۽ سردار طبقو، ويهئين عيسوي صديءَ ۾ پيدا ٿيل وچئين طبقي توڙي مقامي حاڪم، سردار وڏيري، جاگيردار ۽ زميندار طبقي جهڙو سُچيت، دلير ۽ آزادي پسند ڪو نه هو. تنهن ڪري، انهيءَ وچئين توڙي مقامي حاڪم طبقي 1857ع ۾ آزاديءَ واري هلچل جي ڪا به حمايت يا مدد ته ڪا نه ڪئي، پر اٽلو ڌارئين دشمن انگريز جي مڪمل طرح حمايت ۽ حتيٰ المقدور مدد ڪندي انهيءَ آزاديءَ واري تحريڪ سان غداريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. ٻئي طرف باغي فوج ۽ ان جي حامي سياستدان طبقي ۾ گهربل تنظيم، اسلحه بارود ۽ پيسي جي پڻ شديد کوٽ هئي. انهن اسباب مواقف، 1857ع واري آزاديءَ واري تحريڪ، آزاديءَ جي ملڪ گير تحريڪ ٿي، آزادي جي جدوجهد کي برقرار رکي نه سگهي ۽ جديد هندستان جي ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ واري پهرين جنگ في الوقت ڪاميابيءَ سان همڪنار نه ٿي سگهي. نتيجي طور هندستان تي حڪومت ڪندڙ، برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني کي برطانيه جي حڪومت ٽوڙي ڇڏيو ۽ هندستان سڌيءَ طرح برطانيه جي توسيع شده سامراجي شهنشاهت جو هڪ مکيه ڀاڱو قرار ڏنو ويو، جتي برطانوي سامراج جي ماتحت دنيا جي ٻين غلام بنايل ملڪن وانگر انهيءَ دور جي برطانوي مهاراڻيءَ وِڪٽوريا جو راڄ نافذ ڪيو ويو. تڏهن کان هندستان تي سامراجي حاڪم، گورنر جنرل جي عهدي بدران وائيس راءِ جي لقب سان مقرر ٿيڻ ۽ حڪومت ڪرڻ لڳو. هندستان ۾ موجود برطانوي سامراجي حڪومت کي ڏن ڏيندڙ نالي ماتر آزاد ننڍين رياستن تي زوريءَ قبضو ڪرڻ واري پاليسي ترڪ ڪئي وئي. راجائن ۽ راڻين جي گود ۾ ورتل پُٽن کي قانوني طور جائز وارث هجڻ جو حق پڻ تسليم ڪيو ويو. البت انهي بغاوت ۽ آزاديءَ واري ناڪامياب جنگ مستقبل ۾ سر جي چالو ٿيندڙ، آزاديءَ جي ڪامياب ٿيندڙ تحريڪ لاءِ بنياد فراهم ڪيو ۽ راه هموار ڪئي.