محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
فلپائن جو ملڪ پئسفڪ سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي وچ ۾ اٽڪل 7107 ننڍن وڏن ٻيٽن تي مشتمل آهي. انهن ٻيٽن مان 4334 ٻيٽن جو ته ڪو نالو ئي نه آهي. اهي ٻيٽ نه پر ٻيٽاريون چئجن. ڇاڪاڻ ته اهي ايترا ته ننڍا آهن جو هڪ هنڌ تي هڪ ميل جي چورس ايراضي ۾ 466 ننڍا ٻيٽ آهن. مطلب ته سڄو ملڪ ٻيٽ ٿيو پيو آهي. فلپائن کي 1521ع ۾ مئگيلان Magellan ڳولي لڌو. سن 1565ع ۾ اسپين ان تي حملو ڪري قبضو ڄمايو 330 سال پوءِ 1896ع ۾ فلپائين کي خود مختياري حاصل ٿي، پر ترت ئي اُهو عظيم سامراجي قوت آمريڪا جي بيٺڪ بنجي ويو. ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ کانپوءِ فلپائن 1941ع کان وٺي 1945ع تائين جپان جي قبضي ۾ رهيو. جنگ جي خاتمي ۽ جپان جي شڪست کان پوءِ4 جون 1946ع تي فلپائن ٻيهر خود مختياري ماڻي ۽ مينيوئل روڪساس Maneel Roxas ان جو پهريون صدر بڻيو. فلپائن ۾ 1941ع کان 1950ع دوران ترقي پسندن ۽ قوم پرستن جي اڳواڻي ۽ اثر هيٺ هاري هلچل ڪافي زور ورتو ۽ قريب هو ته اهي اقتدار تي قبضو ڪري وٺن پر مئگسيسي Magsaysay جيڪو بعد ۾ فلپائن جو صدر به ٿيو. آمريڪا جي مدد سان اُنهيءَ انقلاب کي ڪُچلي ڇڏيو. آمريڪا پنهنجن سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ پسمانده ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ پنهنجن ڇاڙتن ذريعي اهڙا ڪئين خوني ڊراما کيڏي چڪو آهي ۽ اڄ به سندس سازشي ڄار ڪيترن ملڪن ۾ پکڙِيو پيو آهي. دنيا جا ڪيترا ئي ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ انساني حقن لاءِ وڙهندڙ جوڌا جوان ۽ مهان انسان آمريڪا جي انسانيت دشمن سازشن جو بَک ٿي چڪا آهن. ايران ۾ ڊاڪٽر مصدق، انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو، ڪانگو ۾ لوممبا ۽ چلي ۾ آلندي ۽ انهن جي ساٿين جي وهيل رت سان آمريڪي دامن اڄ به داغدار نظر اچي ٿو. وچ مشرق ۾ اسرائيل جي قيام ۽ فلسطينين جي بي دخلي ۽ لبنان جي خانه جنگي آمريڪي سي.آئي.اي جو ئي ڪارنامو آهي. جنهن به ملڪ ۾ بک، بيروزگاري، رشوت خوري ۽ ڪاموراشاهي چوٽ چڙهندي آهي، تنهن ۾ سياسي اُٿل پٿل لاءِ عوام دوست قوتون به زور وٺنديون آهن. انهن عوامي قوتن جو اُڀار مقامي سطح تي استحصالي ٽولن ۽ عالمي سطح تي سامراجي قوتن لاءِ هڪجهڙو خطرو هوندو آهي. انهيءَ ڪري آمريڪا پنهنجن پاليل دلالن جي وسيلي وڏيون خون ريزيون ڪرائي هٿ ٺوڪيا عوامي ۽ فوجي آمر ملڪن تي مڙهي ڇڏيندو آهي. بلڪل ساڳيو ويل فلپائن ۾ به وهايو ويو ۽ اڄ به اهو سلسلو جاري آهي. توهان پڙهيو هوندو ته فلپائن جي گاديءَ واري شهر منيلا ۾ ملڪ جو مکيه مخالف اڳواڻ يينگنو اڪيونو کي ملڪ ۾ داخل ٿيندي ئي هوائي اڏي تي گولي هڻي ماريو ويو. اخباري رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته هوائي جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ جناب اڪيونو بليٽ پروف فولادي زره اوڍي ۽ چيائين ته ”هاڻي هو مون کي فقط مغز ۾ گوليون هڻي ئي ماري سگهندا.“ غالبن اڪيونو جا قاتل آمريڪا مان سندس جهاز ۾ سوار ٿيڻ واري وقت کان ئي ساڻس گڏ هئا. ڇاڪاڻ ته جيئن ئي هو پنهنجي ملڪ جي هوائي اڏي تي لٿوته کيس مغز ۾ گوليون هڻي ماريو ويو. حالانڪه اڪيونو کي انهيءَ انت جي اڳواٽ علم هو، پر تڏهن به هن پنهنجي وطن ورڻ جو خيال ترڪ نه ڪيو. هن چيو ته ”حالتن جي سنگينيءَ کي ڄاڻان ٿو پر منهنجو وطن مون کي پڪاري رهيو آهي.“ وطن جي پڪار تي اڪيونو سر جو سانگو لاهي واپس وريو. سندس لکين چاهيندڙ هن جي استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي اچي ڳاهٽ ٿيا، پر هنن جون سڀ خوشيون مسمار ٿي ويون ۽ ٻهڪندڙ چهڪندڙ چهرا اکين ۾ ڳوڙها کڻي واپس وريا. ڏکويل انسانن جا انبوهه ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پيا. منيلا جي رستن ۽ چونڪن تي هشام ماڻهن جا احتجاجي آواز اٿاريندا مارڪوس جي ڏاڍ کي للڪاريندا رهيا. اڪيونو جي خون جو ذميدار مارڪوس کي قرار ڏنو ويو. حڪومت پاڻ بچائڻ لاءِ تحقيقات جو حڪم ڏنو پر دنيا کي خبر آهي ته اهڙين تحقيقاتي ڪميشنن مان ڪو به کڙتيل نه نڪرندو آهي. قاتل به اهو ته منصف به اهو ته پوءِ انصاف ڪهڙو پلئه پوندو. سياسي مخالفن کي مارائي منظر تان هٽائي پوءِ انهن جي خون جي تحقيقات ڪرائڻ جو ڍونگ رچائڻ فاشي سياست جو محبوب مشغلو آهي. پر اهي فاشي حڪمران اقتدار جي گهمنڊ ۾ انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ کان قاصر هوندا آهن ته لهندڙ سج جا پاڇا اصل شين کان به وڏا ٿي ويندا آهن. جيڪي جيئري فاشي حڪمرانن لاءِ چئلينج هوندا آهن. سي مارجي وڃڻ کان پوءِ وڌيڪ مٿي جو سور ٿي پوندا آهن. اڪيونو قتل ٿيڻ کان پوءِ مارڪوس لاءِ ويتر وڏي للڪار بنجي ويو. حڪومت جي هزارين ڏاڍاين جي باوجود به احتجاجن ۽ تشدد گاڏڙ مظاهرن جو سلسلو جاري رهيو. هرفاشي حڪمران ماڻهن جي مسيحائي. جودم ڀري اقتدار ۾ ايندو آهي ۽ پوءِ ملڪ کي پنهنجي جاگير بنائي ويهي رهندو آهي. هو اعلان ڪندو آهي ته هن جي دم سان ئي ماڻهن جو دين ايمان ۽ ملڪ جي سلامتي قائم آهي. هن کي هٽايو ويو ته ملڪ ڪپهه جي پوڻين جيان پرزا پرزا ٿي هوا ۾ اڏامي ويندو. انهي ڪري هو پنهنجي اقتدار کي پختي ڪرڻ لاءِ مخالف سياسي قوتن تي پابنديون عائد ڪري جمهوريت جو گلو گهٽيندو آهي. اظهار راءِ جي ذريعن يعني اخبار، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي سخت سينسر لاڳو ڪري لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جون راهون بند ڪري ڇڏيندو آهي. اختيارن کي وڌ ۾ وڌ پنهنجي ذات ۾ مرڪوز ڪري ڇڏيندوآهي. مارڪوس به پنهنجي ملڪ ۾ ساڳئي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ملڪ اقتصادي طرح مغربي ملڪن ۽ عالمي بئنڪ جي قرضن ۾ ڳهيل هو. ڪامورا شاهي جي پٽ کوهه ۽ ڏاڍائي عروج تي هئي. بک ۽ بيروزگاريءَ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. پر مسٽر مارڪوس آهي، سو پنهنجن اختيارن ۾ تر جي گَهٽتائِي به ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. عوام جي سخت احتجاج جي باوجود هن پنهنجي فوج ۽ ڪامورا شاهي جي ٽيڪ سان جعلي طريقا استعمال ڪري پاڻ کي وڌيڪ ڇهن سالن لاءِ صدر چونڊرايو. ملڪ ۾ مارشل لا جي مَڙهجَڻ، انساني حقن جي مٽي پليت ٿيڻ، سياسي ۽ سماجي سرگرمين تي بندش لڳائڻ جي مسلسل عمل عوام کي بنهه بيزار ۽ حڪومت کان متنفر ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اهي دٻيل نفرت جي اظهار لاءِ زير زمين سرگرميون جن ۾ زير زمين بغاوتون پليون ۽ وقت اچڻ تي انهن ڦاٽ کائي آمريت جي اوچن ڪوٽن کي ڪيرائي ڇڏيو. ڪروڙها عوام جي سگهه کان لک فوجين جي سگهه ڪنهن به حالت ۾ وڌيڪ نه هئي. فلپائن جي موجود سياسي صورتحال هيءَ آهي ته عوام جي وڏي اڪثريت مارڪوس جي مخالف آهي. مارڪوس جو اقتدار صرف فوج ۽ ڪامورا شاهيءَ جي ظالمانه ڪارروائين سان قائم آهي. حڪومت جي جمهوريت دشمن رَوَيي جي ڪري عوام به مقابلي لاءِ غير جمهوري واٽون اختيار ڪيون آهن. هنن حڪومت جي تشدد کي عوامي تشدد سان ٽڪرائڻ لاءِ پنهنجون نيم فوجي تنظيمون ٺاهيون آهن. هنن خفيه تحريڪن، هٿياربند جدوجهد ۽ ڇاپا مار سرگرمين ذريعي حڪومت جي گماشتن، ڪارندن ۽ غدارن کي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو. آهي عوامي هلچل ۾عوام جي سڀني طبقن جا محب وطن ماڻهو شامل آهن. انهن ۾ شاگرد، واپاري، مذهبي پيشوا، هاري مزدور، ڪميونسٽ ۽ روشن دماغ، ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند سڀ اچي وڃن ٿا. فلپائن ۾ ڪم ڪندڙ اهڙين تنظيمن مان هڪ مشهور تنظيم آهي NPP يعني نيو پيپلز آرمي، عوامي هلچل جي ان طاقت سان نيٺ مارڪوس کي ملڪ ڇڏڻو پيو ۽ فلپائن ۾ اليڪشنون ٿيون جنهن ۾ اڪيونو جي زال ڪوري اڪيونو صدارتي اليڪشن لاءِ بيٺي ۽ ڪامياب ٿي، ملڪ جي صدر ٿي ۽ مارڪوس ملڪ کان ٻاهر وفات ڪئي.