تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

طوفان نوح عليھ السلام

حضرت آدم عليھ السلام کانپوءِ حضرت نوح عليھ السلام پهريون نبي هو، جنهن کان الله تعاليٰ انسانذات توڙي ٻين حيوانن جي زندگي جي بقا لاءِ پنهنجي عجيب قدرت ۽ حڪمت سان بچاء وارو نرالو طريقو اختيار ڪرايو. سندس نسل جو ڪيترن ئي شجرن مان هڪڙو هيٺيون آهي.
نوح بن لامڪ بن متو شالح بن انوخ يا خنوخ بن يارد بن مهلئيل بن قنيان بن انوش بن شيث بن آدم عليھ السلام. هي شجرو توريت ۾ ڄاڻايل آهي. قرآن شريف ۾ شجري بابت ڪو احوال موجود نه آهي. توريت ۾ آدم عليھ السلام ۽ نوح عليھ السلام جي وچ واري عرصي جو پڻ ذڪر آهي. بهرحال شجري توڙي سندس وچ واري عرصي کي مختصر ۽ ٿورو ڪري بيان ڪيو ويو آهي. حالانڪ شجري ۾ ڪثرت ۽ عرصي ۾ طوالت جو امڪان سئو سيڪڙو موجو دآهي.
قرآن شريف ۾ حضرت نوح عليھ السلام جو ذڪر 28 سورتن ۽ 43 آيتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سندس وقت واري قوم توحيد جي خلاف ڪيترن ئي قسمن جي بُتن جي پوڄا ۾ مشغول رهندي فخر محسوس ڪندي هئي. کين بُت پرستيءَ کان باز آڻڻ ۽ توحيد جي تلقين لاءِ الله پاڪ سندن ئي قوم جي هڪڙي متقي ۽ پرهيزگار شخص حضرت نوح عليھ السلام کي پيغمبر مقرر ڪيو. هن پنهنجي قوم کي ڪفر ۽ بُت پرستيءَ کان منع ڪئي ۽ کين واحد سچي خدا جي هستيءَ جي بندگيءَ ۽ حق ۽ سچ واري واٽ تي هلڻ جي دعوت ڏني، پر سندس قوم کيس ٺڪرائي ڇڏيو. اٽلو ساڻس شرارت ۽ سرڪشي ڪرڻ لڳا. وقت جي صاحب حيثيت ماڻهن ۽ سندن ڇاڙ تن هُن جي تذليل ۽ تنقيد ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي. جن مسڪين ماڻهن مٿس ايمان آندو انهن تان پڻ مَسخَريون ۽ ڇٿرون ڪرڻ لڳا. چوڻ لڳا ته تون هنن خصيص ماڻهن کي پاڻ وٽ نه رک کين موٽائي ڇڏ، ته پوءِ اسين تو سان رجوع ڪنداسين.
قرآن شريف جي سورت هود جي آيت نمبر 27، 28، 29، 30 ۽ 31 جو ترجمو آهي ته: پوءِ قوم جي انهن سردارن، جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي. چيو ته اسان ته تو ۾ سواءِ ان ڳالهه جي ڪجهه ڪو نه ٿا ڏسون ته تون به اسان وانگر هڪ ماڻهو آهين ۽ جيڪي تنهنجي پٺيان لڳا آهن اهي به انهن ماڻهن کانسواءِ ڪجهه نظر نٿا اچن جيڪي ذليل ۽ خوار آهن ۽ بغير سوچڻ سمجهڻ جي تنهنجي پيروي ٿا ڪن ۽ توهان مان ڪنهن کي به اسان کان مٿي ڪو نه ٿا ڏسون. بلڪه توهان کي ڪوڙو ٿا سمجهون. نوح عليھ السلام چيو اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آئون پنهنجي پروردگار طرفان هڪڙي روشن دليل تي هجان ۽ هن مون تي رحمت به بخشي هجي پر اها توهان کي نظر نه اچي ته پوءِ آئون ان جي مڃڻ لاءِ اوهان کي ڪهڙي نموني مجبور ڪري سگهان ٿو. حالانڪه توهان ان کان بيزار آهيو۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! آئون جو ڪجهه ڪريان پيو ان لاءِ دولت جو طلبگار ڪو نه آهيان. منهنجي خدمت جي اجرت الله پاڪ تي آهي ۽ اهو به سمجهي ڇڏيو ته جن ماڻهن ايمان آندو آهي انهن کي پاڻ وٽان تڙي ڪڍڻ وارو ڪو نه آهيان. انهن کي به پنهنجي پروردگار سان ملڻو آهي. پر آئون ڏسان ٿوته هڪڙي جاهل جماعت آهيو. اي منهنجي قوم وارا مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آئون (ايمان وارن کي) پاڻ وٽان تڙي ڇڏيان ته پوءِ الله پاڪ جي مقابلي ۾ ڪير آهي جيڪو منهنجي مدد ڪندو؟ پوءِ توهان غور ڇو نٿا ڪريو؟ ۽ ڏسو آئون نٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ غيب جو علم ڄاڻان ٿو ۽ مان ڪو فرشتو آهيان، اهو به نٿو چوان ته جن ماڻهن کي توهان نفرت ۽ حقارت سان ڏسو ٿا انهن کي الله ڀلائي ڪو نه ڏيندو. انهن جي دلين ۾ جو ڪجهه آهي اهو الله پاڪ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن آئون توهان جي خواهش مطابق چوان ته بيشڪ ظالمن مان ٿيندس.“
حضرت نوح عليھ السلام جي انتهائي ڪوششن جي باوجود قوم ڪو نه مڃيو، اٽلو بغض ۽ دشمنيءَ وچان تڪليفون ۽ ايذاء جا ڪئين حربا استعمال ڪيائون. ڪافرن جي سردارن عوام کي تنبيهه ڪئي ته توهان بتن جي پوڄا هر گز نه ڇڏيو، سوره نوح جي شروعاتي ڏهن آيتن جو ترجمو آهي ته:
”بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي ڊيڄار، حضرت نوح عليھ السلام چيوته اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان ته الله پاڪ جي عبادت ڪريو ۽ منهنجو چيو مڃيو ته الله توهان جا گناهه معاف ڪري ۽ مقرر وقت تائين توهان کي مهلت ڏي ڇو ته الله پاڪ جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو ته ان کي پٺتي ڪو نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن سمجهو ٿا نوح عليھ السلام چيو اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجي قوم کي ڏينهن ۽ رات پڪاريو پوءِ منهنجي سڏڻ تي هيڪاري ڀڄڻ لڳا ۽ بيشڪ مون جڏهن به سڏيو ته تون انهن کي معاف ڪرين ته انهن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پاڻ تي پنهنجا ڪپڙا ويڙهيائون ۽ ڪفر تي قائم رهيا ۽ تمام گهڻو غرور ڪيائون. وري به بيشڪ کين ڏاڍيان سڏيو، ظاهر ظهور ۽ تمام ڳجهي طرح به انهن کي چيم، پوءِ چيم ته پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو. بيشڪ اهو گهڻو معاف ڪندڙ آهي.“
سورت هود جي آيت نمبر 32 موجب انهن ڪافرن چيو ”اي نوح عليھ السلام تو اسان سان گهڻو جهڳڙو ڪيو هاڻي جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته اسان تي اهو عذاب آڻ جنهن جو تو واعدو ڪيو هو.“
آيت نمبر 33 موجب نوح عليھ السلام چيو جيڪڏهن الله چاهيو ته هو ضرور ان عذاب کي به آڻيندو ۽ توهان الله پاڪ کي عاجز ڪندڙ ڪو نه آهيو. سوين سالن جي مسلسل تبليغ جو نوح عليھ السلام جي قوم تي ڪو به اثر ڪو نه ٿيو ته هو ڏاڍو مايوس ۽ پريشان ٿي پيو. انهيءَ تي الله پاڪ کيس ڏڍ ڏيندي سوره هود جي آيت نمبر 36 ۾ فرمايو! ”۽ نوح ڏي وحي موڪليو ويو ته جنهن ايمان آندو آهي، تنهن کان سواءِ تنهنجي قوم مان ٻيو ڪو به ايمان ڪو نه آڻيندو. پوءِ اهي جيڪي پيا ڪن تنهن تي تون غمگين نه ٿي.“ مذڪور صورتحال جي پيش نظر حضرت نوح عليھ السلام ڌڻي تعاليٰ کي عرض ڪيو ته اي منهنجا پاليندڙ! ڪافرن مان ڪو به زمين تي رهندڙ نه ڇڏ. ڇوته جيڪڏهن تون انهن کي ڇڏيندين ته اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار ۽ ڪافر اولاد ڄڻيندا. الله پاڪ سندس دعا قبول ڪندي فرمايو ته اي نوح تون اسان جي حفاظت ۾ اسان جي حڪم موجب ٻيڙي تيار ڪندو رهه ۽ هاڻي مون کي انهن متعلق ڪجهه نه چئو بيشڪ اهي غرق ٿيڻ وارا آهن. جڏهن حضرت نوح عليھ السلام ٻيڙي تيار ڪري ورتي ته الله پاڪ جي وعدي جو وقت به اچي پهتو. حضرت نوح عليھ السلام ڏٺو ته هڪ تنور مان چشمو ڦٽي وهڻ لڳو، عذاب نازل ٿيڻ جي اها پهرين نشاني هئي جيڪا ظاهر ٿي. ان وقت الله پاڪ وحي وسيلي حضرت نوح عليھ السلام کي حڪم ڏنو ته پنهنجي خاندان، مومنن جي جماعت ۽ موجود سمورن ساهه وارن مان هر هڪ جو هڪ جوڙ (نر ۽ مادي) ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪر. نوح عليھ السلام حڪم جي تعميل ڪئي. ان وقت زمين مان ڪيترائي چشما ڦٽي وَهَڻ لڳا ۽ زوردار برسات پڻ شروع ٿي وئي ۽ توريت موجب اها چاليهن ڏينهن تائين برقرار رهي.
هن عبرتناڪ واقعي جو احوال، تاريخ بابت پنهنجي ڪتاب ”آسمان ڌرتي ۽ انسان“ صفحي 106 تي شروع ٿيندڙ مضمون، ”طوفان نوح جو قصو“ جي عنوان سان مولوي نور محمد سنڌيءَ لکيو آهي ته بابل وارن جي چواڻي نهايت قديم دور ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي شريپڪ نالي هڪڙو نهايت سهڻو شهر آباد هو، پر ان جا رهاڪو ڏاڍا شرير ۽ ظالم هئا. تن ديوتائن کي ڪاوڙائي وڌو. آسماني خدائن يڪراءِ فيصلو ڪيو ته شهر کي رهاڪن سميت برسات ۽ طوفان وسيلي غرقاب ڪيو وڃي، پر شهر جي هڪڙي پياري رهاڪو نالي اوتاني پشتم کي هڪ ديوتا خواب ۾ ٻڌايو ته هي شهر سمورن ساهه وارن سميت تباهه ٿيڻ وارو آهي، تنهنڪري تون هڪڙي ٻيڙي جوڙائي ان ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ هر قسم جي جانورن ۽ پکين جو هڪ هڪ نر ۽ ماديءَ جو جوڙو به سوار ڪري پنهنجي بچاءُ جي ڪوشش ڪر. ماڻهن کي ٻڌائج ته شهر تباهه ٿيڻ وارو آهي. ان ۾ موجود سمورا ساهوارا پڻ فنا ٿيندا. اوتاني پشتم خواب موجب پنهنجو گهر ڊاهي ان ڪاٺ مان هڪ زبردست ٻيڙي ٺهرائي ۽ منجهس پنهنجي خاندان کانسواءِ ساهوارن جا جوڙا پڻ سوار ڪيا پو زور شادورابي نالي ناکئي اڃا سڙهه مس چاڙهيا ته خوفناڪ برسات ۽ طوفان شروع ٿي ويو. جيڪو پورا ڇهه ڏينهن ۽ ست راتيون جاري رهيو. ستين ڏينهن نيٺ برسات ۽ طوفان ختم ٿيو ته نيڪ ماڻهو اوتاني پشتم واري ٻيڙي اچي جبل صغير سان لڳي، اٺين ڏينهن موسم جي خبر لهڻ لاءِ هن هڪ ڳيرو ٻاهر موڪليو پر اهو ٿوري دير کان پوءِ واپس آيو. جنهن جو مطلب ته اڃا زمين ڪا نه سڪي هئي، ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڪانگ جيڪو ڪجهه پرڀرو گپ ۾ وڃي ويٺو ان مان خبر پئي ته زمين خشڪ ٿي آهي پوءِ ماڻهو ٻيڙيءَ مان لٿا، جانورن ۽ پکين کي پڻ ان جبل تي لاٿو ويو. هي قصو بابلي بادشاهه گل گامشن جي داستان ۾ بيان ٿيل آهي. جيڪو لکڻ واري فن جي ايجاد ٿيڻ کان ٻه هزار سال پوءِ اٽڪل ٻه هزار ق.م. ۾ ٺڪر جي تختين تي لکيل مليو آهي.
مغربي محققن جو چوڻ آهي ته حضرت نوح عليھ السلام برسات شروع ٿيڻ کان ست ڏينهن اڳ تائين ماڻهو ۽ جانور ٻيڙي ۾ سوار ڪو نه ڪيا، ڇو ته ان وقت سندس ڏاڏي متو شالح وفات ڪئي ان جي تدفين ۽ تعزيت لاءِ پڻ اهو وقت مخصوص هو. آمريڪي محققن موجب ٻيڙي صنوبر جي ڪاٺ مان ٺاهيل هئي ان جي ڊيگهه 450 فوٽ، ويڪر 75 فوٽ ۽ ڪڇي جي اوچائي 45 فوٽ هئي، ٻيڙيءَ جو پنهنجو وزن اٽڪل چوڏهن هزار ٽن هوندو. جنهن ۾ ويهه هزار ٽن وزن کڻڻ جي گنجائش هوندي. جيڪا ريل گاڏيءَ جي 522 بوگين جي برابر ٿئي ٿي. اولهه وارن جو چوڻ آهي ته هن ٻيڙيءَ جي تياري ۾ اٽڪل هڪ سو ويهه سال لڳا هوندا. هي برساتي سيلاب وارو طوفان روء زمين تي پنهنجي نوعيت جو واحد طوفان هو، جنهن زمين جي سموري ماحول تي ديرپا اثرات مرتب ڪيا. پاڻي ايتري اوچائي تي پهچي ويو، جو سمورا پهاڙ غرقاب ٿي ويا. ٻيڙي انهن جبلن جي مٿان ترندي رهي.
قرآن پاڪ موجب هن سيلاب دوران حضرت نوح عليھ السلام پنهنجي نافرمان پٽ ڪنعان يا يام لاءِ دعا گهري الله پاڪ ان ڳالهه تي ناراض ٿي حضرت نوح عليھ السلام کي تنبيهه ڪئي. سوره هود جي آيات نمبر 45، 46، 47 ۽ 48 جي ترجمي موجب: حضرت نوح عليھ السلام پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو ۽ پوءِ چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجو پٽ منهنجي گهروارن مان آهي. بيشڪ تنهنجو واعدو سچو آهي ۽ سڀني حاڪمن کان وڏو آهين. الله پاڪ فرمايو: اي نوح! بيشڪ اهو تنهنجي گهروارن مان ڪو نه آهي. بيشڪ هن جا ڪم ڪُڌا آهن. ان ڪري توکي اهڙو سوال نه ڪرڻ گهرجي. جنهن جي توکي خبر ڪانهي بيشڪ توکي نصيحت ٿو ڪريان ته تون نادانن مان نه بڻج.
نوح (عليھ السلام) چيو اي منهنجا پالڻهار آئون بغير ڪنهن تردد جي ان باري ۾ جنهنجو مون کي علم ڪونهي توکان پڇڻ کان، توکان پناهه گهران ٿو ۽ جيڪڏهن تون معاف ۽ رحم نه ڪندين ته آئون نقصان پائڻ وارن مان ٿيندس، چيو ويو ته اي نوح: اسان جي طرفان تون ۽ تو سان گڏ جماعت اسان جي سلامتيءَ ۽ برڪتن سان زمين تي لهي وڃو.
سورة هود آيات نمبر 43 ۽ 44 موجب نوح عليھ السلام جي پٽ چيو ته مان جلدئي ڪنهن جبل جي پناهه ٿو وٺان. جيڪو مون کي غرق ٿيڻ کان بچائي وٺندو، حضرت نوح عليھ السلام اهو ٻڌي فرمايو ته: اڄ خدا جي حڪم سان ڪو به بچڻ وارو نه آهي. فقط اهو ئي بچندو جنهن تي الله جو رحم ٿي وڃي ۽ ان دوران انهن ٻنهي جي وچ ۾ لهر اچي وئي ۽ هو غرق ٿي ويو ۽ پاڻي لٿو. قرآن شريف موجب ڪم پورو ڪيو ويو ۽ ٻيڙي جودي جبل تي بيٺي ۽ چيو ويو ته ظالم قوم تي لعنت هجي.
توريت ۾ جودي جبل کي اراراط سڏيو ويو آهي، جيڪو حقيقت ۾ هڪ ٻيٽ آهي، جيڪو فرات ۽ دجله ندين جي وچ ۾ حائل آهي. پاڻي جڏهن گهٽ ٿيو ته ٻيڙيءَ جي سوارن رب ڪريم جي مهربانيءَ سان ٻيهر زمين تي قدم رکيا.
1840ع ۾ اراراط يعني جودي پهاڙ کي ٻرندڙ جبل قرار ڏنو ويو، ڏهن سالن کان پوءِ جبل ڦاٽو ۽ ٿڌو ٿيو ته ماڻهن جو توجهه اوڏانهن ڇڪيو ۽ نوح عليھ السلام واري ٻيڙي پڻ لڌي وئي، جنهن ۾ عذاب الاهي کان نجات حاصل ڪئي وئي. ڪجهه روايات مطابق ٻيڙي لنگر ڪرڻ کان چاليهه ڏينهن پوءِ حضرت نوح عليھ السلام هڪ ڪانگ ۽ ڳيرو ٻاهر موڪليا ته ٻاهرين ماحول جي خبر ڏين. ڪجهه دير کان پوءِ ٻئي واپس آيا، ڇو ته اڃا خشڪي ظاهر ڪا نه ٿي هئي. ستن ڏينهن کان پوءِ وري پکي ٻاهر اماڻيا ويا ته ڳيرو چهنب ۾ زيتون جي ٽاري کڻي موٽي آيو. ان جو مطلب هو ته طوفان ختم ٿيو ۽ عذاب ٽري ويو. اڄڪلهه پڻ امن جي نشانيءَ طور ڳيري جي چهنب ۾ زيتون جي ٽاري ڏيکاري ويندي آهي. اڃا به هڪ هفتو رکي پوءِ سمورا ماڻهو ۽ جانور ڌرتيءَ تي خير سان لهي آيا.
زمين تي لهي اچڻ کان پوءِ حضرت نوح عليھ السلام هڪ عبادتگاهه ۾ هڪڙي قربانگاهه تعمير ڪرائي، ڪن روايتن موجب پاڻ حضرت آدم عليھ السلام جي اڏيل ڪعبي شريف جي تعمير نو ڪئي، جيڪو سيلاب ۽ طوفان سَبَبِ تباهه ٿي ويو هو. توريت جي شاهديءَ موجب حضرت نوح عليھ السلام ٻني ٻارو اختيار ڪيو. طوفان کان پوءِ 350 سالن تائين ديني تبليغ کان پوءِ نو سئو پنجاهه سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، کيس آدم ثاني پڻ چيو ويندو آهي، ڇو ته سندس نبوت دوران طوفان کان بچي انسان ذات نئون جنم حاصل ڪيو.