تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

انگريزن طرفان سنڌ جي فتح

صح جي وقت، 17 فيبروري 1843ع تي، انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري، حيدرآباد جي قلعي تي، 21 فيبروريءَ تي سنڌ جو ستن ڳاڙهين ۽ اڇين پٽين وارو جهندو لاهي، يونين جيڪ جو جهنڊو چاڙهي، سنڌ کي برٽش ايسٽ انديا ڪمپنيءَ جي ڪالونين ۾ شامل ڪري ڇڏيو. برٽش فوج قلعي اندر ڦرلٽ ڪري، زيورن ۽ جواهرن کانسواءِ ڏهه لک پائونڊن جيترو خزانو هٿ ڪيو، جنهن ۾ سر چارلس نيپئر کي ستر هزار پائونڊ حصي ۾ مليا. (جنت السنڌ صفحو 745)
نيپئر، سيپٽمبر 1842ع ۾ پوني کان، زينو يا جهاز رستي سنڌ ۾ ريزيڊنٽ طور پهتو. (ٽالپرن جي مختصر تاريخ، صفحو 186) ۽ 1847ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ نوڪري کان رٽائر ٿي، مظفر نالي جهاز ۾ عدن ۽ سوئيز کان ٿيندو لنڊن ويو.
سنڌ تي قابض ٿيڻ شرط، سڄي سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ويئي. سڀ انتظامي ڪامورا، مليٽري آفيسر مقرر ڪيا ويا. مليٽري ۽ سول ڪورٽون قائم ڪيون ويون، جيڪي ڏوهارين کي ترت سزائون ۽ ڏنڊ وجهنديون هيون. ڪيسن ۾ اپيل جو حق هوندو هو، پر اپيل تي غور ڪيو وڃي يا نه، سا سندن مرضي هوندي هئي. (نئين مصر جا پراڻا ورق ص 319) مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن جي مدد ۾ هيٺين شخصيتن اهم ڪردار ادا ڪيو. 1. مير علي مراد، والي خيرپور رياست، 2. سيٺ نائون مل، 3. سر آغا خان (سوانح حيات آغا خان ص30) سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ انگريزن، ميرن سان جيڪي عقوبتون ڪيون تن جو احوال سندن سوانح حياتين ۽ انگريزن جي رڪارڊ ۾ ملي ٿو، انهيءَ تي اڳ به ڪافي لکجي چڪو آهي. انگريزن جي سنڌ تي ڪاهه جا هي سبب نظر اچن ٿا.
1. 1807ع ۾ فرانس جي نيپولين بونا پارٽ ۽ روس جي زار اليگزينڊر پهرئين، ٽلسٽ جو عهد نامو ڪيو ۽ پاڻ گڏجي، هندستان تي حملي جون تياريون ڪرڻ لڳا. انهيءَ وقت کان وٺي برٽش حڪومت کي هميشه هي کٽڪو لڳل هوندو هو ته روس يا فرانس، هندستان يا سندس گڏيل آزاد رياستن تي قبضو نه ڪري.
2. انگريزن سنڌ جي فتح کان ڪَئين سال اڳ، سنڌ جي سموري علائقي جي، چوري چوري، ڪئين ڀيرا سروي ڪرائي، پر 1836ع ۾ برٽش فوج جي ماهر سروي آفيسر ڪارليس کان سڄي سامونڊي علائقي جي مڪمل سروي ڪرائي وئي. سنڌ جو هي وسيع سامونڊي علائقو انگلينڊ کي ويجهو هو. ٻيو ته اهو ايران ۽ سڄي عرب دنيا کي پڻ ويجهو هو. جڏهن ڪراچي اڃا ننڍڙو ڳوٺڙو هو، تڏهن هڪ انگريز آفيسر، ڪراچيءَ جي سامونڊي علائقي جي سروي ڪري، وائيسراءِ هنڌ کي رپورٽ ڏني ته هي علائقو، ڪڏهن سڄي هندستان جو مرڪزي شهر هوندو ۽ دنيا جي مکيه شهرن ۽ بندرن مان هڪ هوندو.
انگريزن سان لک اختلاف پنهنجي جڳهه تي، پر هنن جي دور انديشيءَ کي سلام آهي. اهو ئي سبب هو جو هنن سنڌ جي فتح کان تقريباً ٽي سال اڳ 1839ع ۾ رئيرائڊمرل فريڊرڪ ميٽل جي ڪمانڊ هيٺ بحري فوج ذريعي ڪراچيءَ تي اڳ ئي قبضو ڪري ڇڏيو هو ۽ نيپئر پڻ، سنڌ تي قبضي کان پوءِ حيدرآباد نه پر ڪراچيءَ کي پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو ته جيئن ڪراچيءَ کي سنڌ جي مرڪزي حيثيت حاصل ٿئي ۽ پاڻ فوج جو هيڊ ڪوارٽر به ڪراچيءَ ۾ ڪيائين. ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر، پريڊيءَ کان بنگلو خالي ڪرائي پاڻ انهيءَ ۾ رهيو.
ڪيترن سالن کان سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي، ڪئين بندر ٺهندا ۽ ڦٽندا رهيا آهن. جتان سڄي دنيا سان واپار هر وقت چالو هوندو هو. انهن ۾ هيٺيان بندر شامل آهن.

1. گهوڙا ٻاڙي بندر.
2. ڪيٽي بندر،
3. گذري بندر.
4. لاهري بندر.
5. شاهه بندر.
6. ٺٽو بندر.
7. کڙڪو بندر.
8. اُرنگا بندر.
9. علي بندر.
انهيءَ کانسواءِ هندستان، بلوچستان ۽ عرب جا هي بندر پڻ سنڌ جي ويجها هئا ۽ انهن جي حيثيت پڻ سنڌ جي مددي بندرن جي هئي.

هندستاني بندر:
1. مانڊوي بندر (ڪڇ).
2. لکپت بندر (ڪڇ)
3. پوربندر (ڪاٺياواڙ)
بلوچستان جا بندر:
1. گوادر بندر.
2. سون مياڻي.
3. پسني بندر (عُمان اومان)
4. مسقط بندر (اومان)
مٿين سامونڊي بندرن ۽ انهن تي هلندڙ واپار جو اندازو ۽ اهميت، انگريز گهڻو اڳ لڳائي چُڪو هو. بندرن جي اهميت ميرن لاءِ ڪا خاص ڳالهه ڪا نه هئي. ڇو ته ميرن جي حڪومت صرف سنڌ تي هئي. پر انگرين جي نظر هندستان ۽ سڄي دنيا تي هئي. انهيءَ ميدان ۾ انگريزن جي اڳيان ميرن جي ڪا اهميت ڪا نه هئي. انگريزن جون نظرون فرانس، روس، ڊچ، پورچوگيزن ۽ جرمنيءَ تي هيون.
3. درياء سنڌ سڄو ئي جهاز رانيءَ جي قابل آهي. جنهن ۾ افغانستان، صوبه خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ ۾ جهاز رانيءَ سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي تمام گهڻا مالي فائدا ٿيندا ۽ درياء سنڌ معرفت هندستان جي ٻين صوبن ۾ پڻ جلد مال پهچايو ويندو ۽ روانو ڪيو ويندو. انگريزن درياء وسيلي واپار ڪرڻ لاءِ ميرن سان معاهدو به ڪيو ۽ ان مقصد لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ جي قبضي کان ڪيترو اڳ ”انڊس فلوٽيلا“ نالي جهاز ران ڪمپني به قائم ڪري ڇڏي هئي. ڪن مورخن جو اهو خيال آهي ته انگريزن سنڌ تي دولت جي ڪري قبضو ڪيو، پر ائين نه هو. ڇو ته سنڌ جي آمدني انهيءَ وقت انگلينڊ جي هڪڙي بي ڪلاس لارڊ جي آمدنيءَ کان به گهٽ هئي. انهيءَ وقت سنڌ صوبو هندستان جي ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ غريب هو ۽ اڄ وانگر خوشحال ۽ امير صوبو ڪو نه هو. هتي برسات گهٽ هئڻ ڪري آبادي گهٽ ٿيندي هئي. درياء جي ڀر سان جيڪي زمينون، اُٿل سبب آباد ٿينديون هيون، سي ميرن پنهنجي شڪار گاهن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيون. جنهن ڪري سنڌ جي ڪُل آمدني صرف پنجويهه لک وڃي بچي. جڏهن ته ڪلهوڙن جي وقت ۾ اها هڪ ڪروڙ کان به مٿي هئي. اڄ جي سنڌ جيڪا ٽن بئراجن، پئٽرول، گئس، ڪوئلي، بندرن ۽ ڪارخانن هئڻ ڪري، سڄي دنيا جي نظرن ۾ آهي. سا اُن وقت نه هئي. انگريزن جا سنڌ تي قبضي جا بظاهر اهي ئي مکيه سبب نظر اچن ٿا.

ميرن جي هارائڻ جا سبب:
انگريزن کي مٿين سببن ڪري، سنڌ تي قبضو ڪرڻو هو. سو ته ڪنهن به حالت ۾ ڪن ها، پر ايتري ٿوري تعداد يعني فقط اٺاويهه سو انگريز فوج سان، هيڏي وڏي فوج يعني ٻاويهه هزار سنڌي فوج جي هارائڻ جا مکيه سبب هيٺان نظر اچن ٿا.
1. ميرن جي گاديءَ جو هنڌ يعني حيدرآباد ۽ حيدرآباد جو قلعو درياء جي ڪناري تي، سنڌ جي وچ ۾ هڪ وڏو شهر هو. جنهن ۾ جڏهن ڪو ٻاهرئين ملڪ جو سياح ايندو هو ته سکر يا ٺٽي کان درياء رستي ايندو هو ۽ سڄي ملڪ جو نقشو ۽ ملڪ جي صورتحال سندس اڳيان هوندي هئي. ڀروارن ملڪن جي بادشاهن ۽ انگريزن کان سنڌ جي ڪا به ڳالهه ڳجهي نه هئي. جيڪو انهيءَ وقت جي صورتحال مطابق درست نه هو.
2. ميرن وٽ سندن باڊي گارڊن ۽ قلعي ۾ ٻن ٽن سوَن فوجين کان سواءِ ڪا به باقائده فوج ڪانه هئي. جنگ جي وقت ۾، جاگيردار پنهنجا ماڻهو وٺي ميرن وٽ ايندا هئا. جيڪي پنجويهه ٽيهه هزار کن ٿي ويندا هئا. جيڪي تلوارون ته هلائي ويندا هئا، پر جنگي فن کان بلڪل اڻ ڄاڻ هئا. اهي راڄن جي جهيڙن لاءِ ته صحيح هئا، پر ڌارئين فوج سان جنگ جي ميدان ۾، ڪامياب مقابلو ڪرڻ جي هڪڙي ٽڪي جي به صلاحيت نه رکندا هئا. اهو ئي سبب هو، جو مياڻيءَ جي جنگ ۾ اهڙي نموني هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. جيئن اڄڪلهه ماڻهو جلسن ۾ ايندا آهن.
3. ميرن جو عوام سان ڪو به رابطو نه هو. سندن وقت، اڪثر ديرن ۾ عيش عشرتن ۾ گذرندو هو. پاڻ سڄي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو پنهنجن شڪارگاهن تي ويندا هئا.
4. درياء جي ڀرواريون سٺيون زمينون، جيڪي ڪلهوڙن ڏاڍيون محنتون ڪري آباد ڪرايون هيون. سي سڀ، هنن پنهنجون شڪارگاهون ڪرائي ڇڏيون. جنهنڪري سنڌ خوشحال ملڪ مان ڦري هڪ غريب ملڪ بنجي پيو. هڪ طرف انهن زمينن جي آبادي نه هئڻ ڪري، هر طرح جي اناج جي کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي، ته ٻئي طرف ڍل گهٽ ملڻ سبب خزانو خالي ٿيڻ لڳو.
5. سنڌ ڪلهوڙن يا انهيءَ کان اڳ ڪنهن هڪ بادشاهت هيٺ هڪڙو سڄو ملڪ هوندو هو. پر ميرن ان کي چيري ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏيو. هڪ ٽُڪر حيدرآباد جي ميرن وٽ هو جنهن ۾ وري چار ڀائيوار:
1. مير صوبدار خان.
2. مير محمد خان.
3. مير نور محمد خان.
4. مير نصير خان.
نالو چوياريءَ جو، پر هڪ ٻئي تي ايتري بي اعتباري جو رات جو سمهندا به گڏ هئا. ٻيو ٽڪر ميرپورخاص جي ميرن وٽ ۽ ٽيون ٽڪرو خيرپور جي ميرن وٽ هو. انهن حاڪمن جا پاڻ ۾ اختلاف به شڪست جوڪارڻ بڻيا. ڇو ته خيرپور جي والي مير علي مراد خان نه صرف انگريزن جي مالي مدد ڪئي، پر پنج سو سنڌي گهوڙي سوارن جو جٿو به چارلس نيپئر کي ڏنو، جيڪو مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن سان گڏ هو. انهن سنڌي گهوڙي سوار دستن جي ڪمانڊ، ڪئپٽن رُسيل ۽ ڪئپٽن جيڪب ڪري رهيا هئا.
6. انگريزي فوج وٽ جڏهن انگلينڊ کان نوان ۽ جديد هٿيار پهچندا هئا ته هو پراڻا هٿيار، هندستان جي راجائن ۽ ٻين ڀرپاسي وارن ننڍن حاڪمن کي وڪرو ڪري ڏيندا هئا. اهي مدي خارج هٿيار، مير به کانئن وٺندا هئا. حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ بندوقن ۽ گولي بارود جا ننڍڙا ڪارخانا هوندا هئا. پر اهي انگلينڊ جي هٿيارن جي مقابلي جا نه هئا. مير شڪار لاءِ ته پنهنجن گماشتن معرفت، ٻاهرين ملڪن مان سُٺيون بندوقون گهرائيندا هئا، پر جنگ لاءِ وٽن ڪي به جديد هٿيار نه هئا وٽن جيڪي توبون هُيون انهن جي هلائڻ وارا به غير مقامي ماڻهو هئا. جيڪي جنگ دوران وڪامجي چُڪا هئا. ۽ توبن جا مُنهن مٿي ڪري ڇڏيائون. ميرن جي توبن جو انچارج هڪ انگريز جان هاويل John Howell هو. جنهن پڻ مياڻيءَ جي جنگ دوران غداري ڪئي. انگريزن جي مقابلي ۾ ميرن وٽ نه جديد هٿيار هئا. ۽ نه سٺا هٿيار هلائيندڙ. اهو ئي سبب هو جو هيڏي ساري فوج صرف اٺاويهه سو انگريزي فوج هٿان شڪست کائي وئي. سو به پنهنجي ملڪ ۾ ۽ پنهنجي ئي ميدان تي.
انگريزن جنگ کٽڻ کان پوءِ، مير حاڪمن کي پهريائين حيدرآباد ريزيڊنسيءَ ۾ نظر بند ڪيو ۽ وڌيڪ حڪمن لاءِ گورنر جنرل کي لکيو، جتان پهرين آرڊر پهتو ته ميرن کي عدن موڪليو وڃي، پر ترت ئي پوءِ ٻيو حڪم پهتو ته کين بمبئي پهچايو. اتي به کين عارضي طرح رهايو ويو، جتان پوءِ کين ميسور موڪليو ويو. ڏهه مهينا ميسور جيل ۾ رکڻ کان پوءِ کين ڪلڪتي ۽ پوءِ هزاري باغ ۽ دَمدَم موڪليو ويو. (پري ميونٽي رڪارڊس جي ڪئٽالاگ، صفحي 116 تان ورتل)
هزاري باغ کان پوءِ ميرن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري، ڪن کي اُتي ئي هزاري باغ ۾ ۽ ڪن کي وري ٻين ويران جڳهين ۾ جدا جدا رکيو ويو. ميرن کي بمبئي جيل روانو ڪرڻ کان پوءِ نيپئر ٻن ڳالهين ڏانهن خاص ڌيان ڏنو. هڪ ته سڀني جاگيردارن کي گڏ ڪري سندن جاگيرون بحال ڪري سندن همدرديون حاصل ڪيون. ٻيو ته ملڪي انتظام جي جوڙجڪ انگريزي قاعدن ۽ قانونن مطابق ڪئي. ان لاءِ نيپئر جي حڪم موجب سڄي سنڌ جي جاگيردارن کي اطلاع ڪيو ويو ته پنهنجي جاگيرن جي پروانن ۽ سَنَدن سميت، اچي حيدرآباد جي قلعي ۾ حاضر ٿيو.انهيءَ لاءِ حيدرآباد شهر ۾ وڏي درٻار جو اهتمام ڪيو ويو. سڄي سنڌ مان ڪي جاگيردار ته رضا خوشيءَ سان آيا، پر ڪن کي گرفتار ڪري هن درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. جيڪي جاگيردار انگريزن جي ڪوٺايل هن درٻار ۾ پيش ٿيا، تن سڀني جا پروانا ۽ سندون ڏسي، سندن جاگيرون بحال ڪيون ويون. تنهن هوندي به تمام گهڻا جاگيردار هن درٻار ۾ نه آيا. انهيءَ لاءِ پوءِ انگريزن اهو قانون ٺاهيو ته جيڪي جاگيردار هن درٻار ۾ نه آيا آهن، پر جيڪڏهن سندن وارث، سندن جاگيرن جا پروانا ۽ سندون انگريز عملدارن کي پيش ڪندا ۽ انگريز عملدار انهن جي تصديق ڪرڻ کان پوءِ انهن جي وارثن کي اهي جاگيرون بحال ڪري ڏيندا. انگريزن انهيءَ لاءِ باقاعده جاگيرن جو کاتو شروع ڪيو ۽ تنهن لاءِ هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.اها درٻار 24 مئي 1844ع تي منعقد ٿي. جنهن ۾ هر جاگيردار کي سرچارلس نيپئر جي صحيح ساڻ سندون ڏنيون ويون. درٻار ۾ نيپئر جو منشي وڏي واڪ، هر هڪ ماڻهوءَ جو نالو وٺندو ويو ۽ واري واري سان آيل جاگيردار پنهنجي پنهنجي جاگير جون سندون وٺندا ويا. جاگيرن جا ٽي قسم هئا.
1. فرسٽ ڪلاس.
2. سيڪنڊ ڪلاس
3. ٿرڊ ڪلاس جاگير.
انهيءَ وقت سموري سنڌ جي زمينن جو ڏهون حصو جاگيرن طور جاگيردارن کي مليل هو. انهيءَ ڏهه سيڪڙو زمين مان به تمام ٿورو حصو زمين جو آباديءَ هيٺ هو، نه ته گهڻي زمين غيرآباد پيل هئي. اهي جاگيرون مليٽري ۽ سول خدمتن جي ڪري ڏنيون وينديون هيون.
سنڌ ۾ جاگيرداريءَ جي شروعات مغل دور ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن سنڌ مغل بادشاهت هيٺ هئي. جاگيرن ۽ جاگيردارن جو انگريز حڪومت ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو هو ۽ انهيءَ جو مڪمل رڪارڊ تيار ڪري ڪمشنر ڪراچي آفيس ۽ ڪليڪٽر ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ رکيو ويو. اهو ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ ٻين فائلن سان گڏ لاهور موڪليو ويو. جيڪو اُتي ڪيترو وقت جڳهين ۽ ڪٻٽن نه هئڻ سبب، ٻاهر اُس ۾ ۽ برساتن ۾ خراب ٿيندو رهيو. جڏهن ون يونٽ ٽوڙيو ويو تڏهن به لاهور کان تمام ٿورو رڪارڊ صحيح سلامت واپس ڪراچيءَ پهتو. نه ته سنڌ جو سڄو رڪارڊ جيڪو انگريزن ٺاهيو، سو وڏي مقدار ۾ اُسَ، برساتن، اڏوهيءَ ۽ لاغرضيءَ ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويو. انهيءَ کانسواءِ سنڌي ٻولي جي لپي تيار ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ تعليم جاري ڪرڻ جو به هڪ وڏو رڪارڊ هو. اهو رڪارڊ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ هو. تنهن جي به خبر ڪانهي ته اُتي محفوظ آهي يا نه. سنڌ ۾ انگريزن جي فوجي ڇانوڻين، پوليس، چوڪين ۽ انسپيڪشن بنگلن تي پڻ هنن ابتدا کان وٺي هر قسم جو سياسي ۽ غير سياسي رڪارڊ ۽ وزيٽرس بوڪ رکايا. انهن دفترن ۾سنڌ جي گذريل دور جو هڪ ناياب ذخيرو موجود هو. جنهن جي اڄ ڪا به خبر ڪانهي، پرتنهن هوندي به ڪراچي ڪمشنر جي آفيس ۽ سنڌالاجيءَ ۾سنڌ متعلق ڪجهه نه ڪجهه رڪارڊ ۽ فائيل موجود آهن. ٿي سگهي ٿوته ڪن خانگي ادارن، لائبريرين ۽ ڪن فردن وٽ به ڪجهه ان متعلق مواد هجي، جنهن کي گڏ ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جي اڄ تمام گهڻي ضرورت آهي. جاگيرن ۽ جاگيردارن جي مواد کي گڏ ڪري ڇپرائجي ته سڄي سنڌ کي ان جي ڄاڻ پوي ۽ ڳجهيون حقيقتون پڌريون ٿين.
جاگيرن جي مسئلي حل ڪرڻ سان گڏ، انگريزن سندن طور طريقي مطابق سڄي سنڌ ۾ انتظامي جوڙجڪ ڪرڻ شروع ڪئي. اها هن ريت آهي: ابتدا ۾ هنن سنڌ اندر ٽي ڪليڪٽوريٽ ۽ ڪيترائي ضلعا قائم ڪيا. سندن تفصيل هيٺيون آهي.
1. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ: ان جو ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊيءَ کي مقرر ڪيائون، جنهن جي نالي سان ڪراچيءَ ۾ اڄ به پريڊي اسٽريٽ آهي. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ ٽي ضلعا قائم ڪيائون.
1. ضلعو گهوڙا ٻاري: ان ضلعي ۾ وري هيٺيان پرڳڻا قائم ڪيا ويا.
1. ڪُو ڪيريلا.
2. ساڪرو.
3. سائيتري.
4. ڳاڙڪا.
گهوڙا ٻاري ضلعي جي ڊيگهه ستر ميل ويڪر پنجاهه ميل ۽ آدمشماري (76440) ڇاهتر هزار چار سئو چاليهه هئي.
2. ضلعو جهرڪ هو، جنهن جا هيٺيان پرڳڻا قائم ڪيا ويا.
1. سيري.
2. سونڊا.
3. مانجهند.
4. ڪوٽڙي.
جهرڪ ضلعي جي ڊيگهه (سيوهڻ جي لڪي پرڳڻي سميت) هڪ سئو پنجاهه ميل۽ ويڪر 70 ستر ميل ۽ آدمشماري (105036) هڪ لک، پنج هزار ڇٽيهه هئي.
3. ضلعو سيوهڻ. جنهن جا پرڳڻا هيٺيان هئا.
1. لڪي.
2. سيوهڻ.
3. بوبڪ.
4. سامتاڻي.
سيوهڻ ضلعي جي ڊيگهه پنجاهه ميل ۽ ويڪر چاليهه ميل ۽ آدم شماري (158556) هڪ لک اٺونجاهه هزار پنج سئو ڇا ونجاهه هئي. ڪليڪٽوريٽ جو انچارج ڪليڪٽر ۽ ضلعي جو انچارج ڊپٽي ڪليڪٽر هو. پرڳڻي جو انچارج ڪاردار هو. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جي سالياني آمدني هن ريت هئي.
سال آمدني روپين، آنن ۽ پائين ۾
سال پايون آنا روپيا
44 1843ع 5 7 228211
45 1844ع 6 6 645119
46 1845ع 11 5 585921
47 1846ع 4 12 625781
سنڌ جو ٻيو ڪليڪٽوريٽ حيدرآباد مقرر ڪيائون. ان جو ڪليڪٽر ”ڪئپٽن اي بي راٿبورن“ مقرر ڪيائون. سندس پگهار 1209 روپيه ماهوار هو. هن ڪليڪٽوريٽ ۾ ڇهه ضلعا قائم ڪيائون.
1. ضلعو هالا: جنهن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن اَينڊرِيسَن مقرر ٿيو، هالا ضلعي ۾ يارهن پرڳڻا قائم ٿيا.
1. چَني جا.
2. دولتپور.
3. ڌنيجاهه.
4. مئڻيجاهه.
5. ڪند چاڪرواه.
6. لائق گهي مبارڪ واهه.
7. ونجاري.
8. هالا.
9. ڪيٽي کاڻوٺ.
10. علي بحر جيسومر.
11.شاهه واهه لوهاڻا.
2. ضلعو ٽنڊو محمد خان: جنهن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ”ڪئپٽن جونس“ مقرر ٿيو، هن ضلعي ۾ ٻارهن پرڳڻا هئا.
1. سماوتي.
2. اوداجنڊي.
3. هنڱوراڻي.
4. ڪرلي ٽڪور.
5. سعيد پور لوڍاڻ.
6. چئودرا.
7. کٿڙ اگهيماڻي.
8. ڪسڪارتيار.
9. ڍنڍي کوکر.
10. شاهواه منگوبي.
12. جهولي ڍنڍي.
3. ضلعو شاهبندر: ان جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ”ليفٽينينٽ جيميسن“ مقرر ٿيو. ۽ ان ۾ پنج پرڳڻا قائم ٿيا.
1. شاهبندر.
2. جاتي.
3. ڇڇ.
4. ستا.
5. مينگر.
4. ضلعو ميرپور، اُتي ڊپٽي ڪليڪٽر، ”ليفٽيننٽ فاريس“ ۽ ان ۾ پندرهن پرهن پرڳڻا قائم ڪيا ويا.
1. مٽياري ڪنڊو.
2. علي بحر سنگڙو.
3. سرفراز واهه.
4. امام واهه.
5. نارا جوڻيجاڻي.
6. عمرڪوٽ.
7. شاهه ڳڙهه خان ڳڙهه.
8. ڪاما راهه.
9. هوسڙي بڙدو.
10. ڪاتري سپيا.
11. علي بحر خان واهه.
12. امام واهه پِنيُوب.
13. جودا.
14. ميرپور.
15. الهيار نصرپور.
5. ضلعو عالم ڪوٽ: جنهن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ”ليفٽيننٽ فيننگ“ ۽ اتي يارهن پرڳڻا جڙيا.
1. ٻنون لائقپور.
2. ڏچر والي شاهه.
3. رانٽا ٻيلو.
4. ڏاڏوڪي ڇوريا.
5. کورواهه.
6. بهرام پور سيراڻي.
7. ميرپور بٺورو.
8. دوڪ گاجا.
9. آمڙا شاهه ڪپور.
10. گڏي.
11. لاکاٽ ميرپور واه. (انگريزن ضلعي عالم ڪوٽ قائم ڪرڻ کان اڳ هن علائقي ۾ لائق پور ضلعي جي نالي سان اهو قائم ڪيو هو، پر ترت ئي پوءِ انجو نالو ضلعو عالم ڪوٽ رکيائون) (ڏسو پري ميونٽي رڪارڊس، صفحو 118)
6. ضلعو وونگا: جنهن جوڊپٽي ڪليڪٽر، جي وڊايسڪُئائِر ۽ ان ۾ ڏهه پرڳڻا قائم ٿيا.
1. داد واهه جا لاڙ.
2. بَدِيڻو ڪولڙو.
3. مانڌر.
4. لوهاري.
5. ولاسو ڪڍڻ.
6. ڪولڙي.
7.ڪديرا خيرپور.
8. شادي واهه.
9. ونگا ڪُڪ.
10. چچگام.
نوٽ: حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ ڇاونجاهه ڪاردار مقرر ٿيا. ڪيوري نمبر 15 صفحو 95.

ٽيون ڪليڪٽوريٽ شڪارپور، جنهن جو ڪليڪٽر، ميجرگولڊني کي مقرر ڪيائون. هن ڪليڪٽوريٽ ۾ پنج ضلعا قائم ٿيا.
1. شڪارپور.
2.سکر.
3. ميهڙ.
4. چانڊڪا لاڙڪاڻو.
5. پڊ عيدن.
(مئي 1946ع ۾ پڊ عيدن ضلعو سکر ضلعي ۾ ضم ڪيو ويو. ايضاً، صفحا 95 ۽ 126)
شڪارپور ضلعي ۾ ٻه پرڳڻا قائم ٿيا.
1. شڪارپور.
2. نوشهرو.
سکر ضلعي ۾ چار پرڳڻا قائم ٿيا.
1. روهڙي.
2. سکر.
3. گهوٽڪي.
4. گوسرجي.
چانڊڪا لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پڻ چار پرڳڻا قائم ڪيائون.
1. مائل مرادي.
2. سُلدِينا
3. قمبر.
4. بوڪيرپور.
ميهڙ ضلعي جا پرڳڻا هن ريت هئا.
1. ٽڳڙ.
2. ميهڙ.
3. باغبان.
انگريزن ابتدا ۾ سنڌ ۾ سول کاتا هن ريت شروع ڪيا.
1. سرچارلس نيپئر 1843ع کان 1847ع تائين مليٽري ڪمانڊنگ آفيسر ۽ گورنر سنڌ. نيپئر کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيائون ۽ ان جو درجوگهٽائي ڪمشنريءَ تائين محدود ڪري، اتي ڪمشنر مقرر ڪيائون. پوءِ مليٽري کي انتظاميه کان عليحده ڪري ان جو ڪمانڊنگ آفيسر الڳ مقرر ڪيو ويو. جيڪو بمبئي جي گورنر جي سڌي ڪمانڊ ۾ ڪم ڪندو هو. ان کان پوءِ مُني صدي تائين واري واري سان هيٺيان ڪمشنرمقرر ٿيندا آيا.
1. مسٽر آر ڪي پرنگل 1847ع کان 1851ع تائين.
2. سربارٽل فريئر 19 جنوري 1851ع کان 1859ع تائين.
3. جي ڊي انويرارٽي 1859ع کان 1862ع تائين.
4. سيميوئل مينسفيلڊ 1862ع کان 1866ع تائين.
5. مسٽر رابرٽسن، قائم مقام ڪمشنر.
6. سر وليم 1866ع کان 1867ع تائين.
7. ميري ويدر 1867ع کان 1877ع تائين.
8. آچيالڊ ڊيوڊ رابرٽسن، سنڌ جي ڪمشنر جو انتظامي سربراهه يعني،
1. قائم مقام ڪمشنر.
2. ٽي ڪليڪٽر جن جو احوال اڳ ۾ ڏنل آهي.
3. سمنڊ، فشريز ۽ لوڻ جا ذخيرا.
4. پبلڪ گارڊنس جو سربراهه ميجر مسٽر بِلينڪِنس هو.
5. ڪئنال ۽ ٻيلا، تن جو سربراهه ميجر اسڪاٽ هو.
6. سِوِل جج ۽ ائڊووڪيٽ جنرل، ڪئپٽن ينگ هو.
7. پوليس ۽ جيل کاتي جو سربراهه، ليفٽيننٽ مارسٽن هو.
نوٽ: پهرئين آڪٽوبر 1847ع ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪُل 1585 قيدي جيلن ۾ نظر بند هئا. سندن تفصيل هن ريت هو.
1262 سزا مليل قيدي.
147 قيدين جا ڪيس هلندڙ هئا.
176 جنگي قيدي هئا.
1847ع ۾ سڄي سنڌ اندر ٻاويهه سئو ڏهه پوليس نفري هئي، جنهن ۾ اٺ سئو اٺٽيهه گهوڙي سوار هئا. انهيءَ وقت سنڌ جي آدمشماري ٻارهن لک، چوهتر هزار، ست سئو ٻٽيهه هئي. خيرپور رياست جي آدمشماري انهي کان الڳ هئي.
8. سامونڊي ڪسٽمس جو سربراهه، ڪليڪٽر، مئڪ ليوڊ هو.
9. پبلڪ ورڪس جو سربراهه ميجر پيٽ هو.
10. ٽريزرر.
11. اِنڊس فلوٽيلا ۽
12. بوٽ ڊپارٽمينٽ قائم ڪيا ويا جن جا سربراهه الڳ الڳ مقرر ٿيا هئا.