حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي چاڙهڻ
حضرت عيسيٰ عليھ السلام پوءِ حضرت سليمان واري عبادت گاهه ۾ ويو، جتي ويٺل تعويذ فروشن، ڪَبُوتَر وِڪرو ڪندڙن ۽ ٻين بدمعاشن جي ٽولن کي ڀڄائي ڇڏيو. سموري سماجي عمل ۾ سندس فقط ايترو ئي محدود دخل هو. پوءِ هڪ هفتي تائين شهر ۾ تبليغي عمل جاري رکيائين، جنهن دوران عوام جي تمام وڏي ميڙ جي موجودگيءَ سبب سرڪاري ڪارندن لاءِ يسوع مسيح جي گرفتاري مشڪل ٿي پئي. تڏهن سرڪاري اعليٰ عملدارن هن حيران ڪندڙ حملا آور خلاف سنجيده گڏجاڻي منعقد ڪئي. شهر تي هن غير موثر طريقي سان ٿيندڙ قبضي واري صورتحال کان يهود Judas نالي هڪڙي مکيه پوئلڳ عيسيٰ عليھ السلام کي ڊيچارڻ ۽ مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چند ڏوڪڙن جي رِشوَتَ عيوض غداريءَ جو مرتڪب ٿيو ۽ سندس گرفتاري يهودي مُلن سان صلاح مصلحت ۽ مدد سان ڪئي ويئي.
يهودين ۽ سندن وڏي پادري کي هن اوچتي فساد جي برپا ٿيڻ ڪري سخت تشويش لاحق ٿي پئي، ڇو ته هن کان اڳ ۾ سندن خلاف ماڻهن جا هيڏا وڏا ميڙ شهر جي گلين ۾ ڪڏهن به وارد ڪو نه ٿيا. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر سائفس Caiaphas نالي مُک پادريءَ جي سرڪردگيءَ هيٺ شهر جي يهودي مُلن جو سمورو لڏو مسيح عليھ السلام جي خلاف اسرائيل جي صوبي جي حڪمران پونٽيئس وٽ دانهين ٿي ويو.
پونٽيئس پائليٽ ازخود حيران ۽ پريشان هئڻ سبب يهودين جي چوڻ تي حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي چاڙهي قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي. ٿيو هينئن ته ٻارهن حوارين (مک پوئلڳن مان) هڪڙي نالي يهودا جي غداريءَ سبب يسوع مسيح کي باغ مان گرفتار ڪري پونٽيئس جي دربار ۾ اچي حاضر ڪيائون. جتي مٿس اڳي ئي داخل ڪيس هلائي صليب تي چاڙهي قتل ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي. اهڙي طرح خواهش ۽ توقع جي خلاف عوام جي ڇوٽڪاري وارو خواب اڌورو رهجي ويو. سرڪار سان هڪڙي غداريءَ واري ٺاهه موجب سندس سمورا حواري کيس ڇڏي ڀڄي ويا.
صليب تي ڪوڪا هڻي ٽنگڻ لاءِ جڏهن مسيح عليھ السلام کي جلجوٿا Golgotha نالي ٽڪريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ لڳا ته رستي ۾هلڻ دوران رومي سپاهي کيس چهبڪن ۽ ڦٽڪن سان ڪٽيندا هليا ۽ مٿانئس چٿرون ڪندا رهيا. مسيح عليھ السلام کي ٽڪريءَ ڏانهن جلوس جي صورت ۾ نيو ويو هو. انهيءَ جلوس ۾ پيٽر Peter نالي هڪڙو حواري به موجود هو. عملدارن جي پُڇا ڪرڻ تي هن حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن مسيح عليھ السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو ته ماڻهن جي ميڙ جو وڏو حصو ويندو رهيو، جنهن ۾ پيٽر به شامل هو. انهيءَ هنڌ تي باقي چند عورتون ۽ مرد وڃي بچيا جن عيسيٰ عليھ السلام کي اُڃ، بُک ۽ سور سهندي ٽنگيل ڏٺو. جتي اکين ڏٺن شاهدن جي چوڻ موجب يسوع مسيح الله تعاليٰ کي وڏي واڪي پڪاريندي چيو ته ”منهنجا مولا! مون کي ڇا لاءِ تياڳ ڏنو اٿئي؟“ انهن لفظن چوڻ کان پوءِ ترت پنهنجو دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. سندس اهي لفظ پنهنجي پوئلڳن لاءِ باقي زماني ۾ پر اسرار صدائن جي صورت ۾ موجود آهن.
حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي قتل جي هن ظالمانه واقعي اٻوجهه عوام ۾ اهڙو ته خوف ۽ حراس پيدا ڪيو جو سندن وايون بتال ٿي ويون ۽ ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي نه سگهيا. چون ٿا ته جڏهن مسيح عليھ السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو ته چوطرف گهگهه اوندهه ڇانئجي وئي ۽ حضرت سليمان واري عبادت گاهه جو غلاف شهيد ٿي ويو. پر سرڪار طرفان زهريلي پروپيگنڊا سبب عام ماڻهو بيوس ٿي رهجي ويو. هزارين سالن کان پوءِ به هاڻوڪي دنيا جي عوام لاءِ مسيح عليھ السلام کي صليب تي چاڙهڻ واري نماشام تمثيلي طور تي اڄ به موجود آهي. جتان جاءِ واردات تي حاضر چند عورتن ۽ مردن جو ننڍڙو جٿو انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ گهرن ڏانهن موٽي ٿو ته آيا مسيح عليھ السلام اڃا تائين جيئرو هو يا دم ڌڻي جي حوالي ڪيائين؟
سندس حوارين ڪجهه وقت خاموش رهڻ کان پوءِ پراسرار سرگوشيون شروع ڪري ڏنيون. چي جتي دفن ڪيو ويو هو مسيح عليھ السلام اتي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، هڪ ٻن ٻين حوارين چيو ته اسان کيس هاڻي وري جيئرو جاڳندو ڏٺو آهي. پوءِ اها ڳالهه هلايائون ته تمام گهڻن نيڪ ماڻهن کيس جسماني طور زنده ٿيندو آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو آهي. بعد ۾ اهو بيان ڏنائون ته هڪ هزار سالن کان پوءِ مسيح عليھ السلام واپس ڌرتيءَ تي ايندو ۽ الله تعاليٰ جي حڪومت قائم ڪندو. حقيقت ۾ماڻهن کي ماترائڻ ۽ ڀنڀلائڻ ۾ کين صديون گذري ويون پر حوارين توڙي سمورن پوئلڳن کي مسيح عليھ السلام طرفان مليل پيغام وسريل رهيو. جنهن ۾ کين ڌرتي تي الله تعاليٰ جي حڪومت قائم ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي هئي.