روس جو آڪٽوبر انقلاب
جڏهن کان روس جي ”زار“ حاڪمن، مغربي ملڪن جي ايجاد ڪيل صنعت، حرفت ۽ ڪاريگريءَ کي روس ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن کان وٺي روس جي تعليم يافته ماڻهن جي هڪڙي گروهه کي مغربي ملڪن ۾ مروج انساني حقن بابت آگاهي به حاصل ٿي.انهن ماڻهن ۾ اڪثريت انساني حقن ۽ جمهوريت جي خواهش رکندڙ ماڻهن جي هئي ته ڪي منجهائن انتها پسند ۽ انقلابي خيالن جا حامل پڻ هئا. اعليٰ تعليمي ادارو، يونيورسٽي، انقلابي عمل جو ڄڻ ته ڳڙه ٿي پئي. اتي شروع ۾ فنائيت يعني دنيا جي شين سان ڪا به دلچسپي نه رکڻ ۽ دنيا سان سمورا لاڳاپا ترڪ ڪرڻ وارو رُجحان موجود هو. تنهن کان پوءِ اُتي ڇُڙواڳي، لاپرواهي ۽ لاقانونيت وارو عنصر نمودار ٿيو. پر آخرڪار يونيورسٽي ۾ مشهور جرمن مُفڪر ڪارل مارڪس جي پيش ڪيل سماجي انقلابي نظرئي تي بحث مباحثا ۽ مذاڪرا منعقد ٿيندا رهيا ۽ انهيءَ انقلابي نظرئي جو پرچار به ٿيڻ لڳو. سن 1861ع ۾ روس جي بادشاهه اليگزيندر ٻئي آئين ۾ سڌارو آڻي غلامن کي آزاد ڪيو ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ راه هموار ڪئي، پر غلامن جي آزاديءَ واري نئين قانون، هاري طبقي تي سخت معاشي قانون ۽ شرط شروط مڙهي رکيا، جيڪي هاري طبقي جون حقيقي گهرجون پوريون ڪري نٿي سگهيا. مُلڪ ۾ صنعت ڪاري سبب، پورهيت طبقو، ڪارخانن ۾ مزوري ڪرڻ خاطر شهرن ۾ اچي گڏ ٿيو. صنعت ڪار جي استحصال جو شڪار اهو پورهيت طبقو ظلم ۽ ظالم طبقي خلاف ٿيندڙ ڳالهيون، ٻين سڀني ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻڌڻ لاءِ وڌيڪ ويجهو ۽ ٻڌڻ لاءِ بلڪل تيار موجود هو. ٻئي طرف عيسائي مذهب جي دقيانوسي، لاپرواه ۽ جابر پادري طبقي مذهب کي بلڪل جامد بنائي رکيو ۽ مٿس تنقيد ڪندڙ فرد کي ناجائز طور سزائون ڏياريندو رهيو ۽ غير روسي اقليت وارن يهودي مذهب رکندڙ ماڻهن جو سخت ظالماڻي طريقي سان قتلام جاري رکيو، تنهن ڪري انهيءَ مظلوم يهودي اقليت جي گهڻن ماڻهن، عالمي سطح تي قائم ڪيل يهودين جي انتها پسند ”سيهوني تحريڪ“ ۾ شموليت اختيار ڪئي. زار شاهيءَ جي ظالم حڪومت دوارن تقريباً سڀني غير روسي اقليتن سان اهو ويڌن برقرار رهيو. نتيجي طور سموري غريب عوام ۾ زار شاهي سرڪار لاءِ پيدا ٿيل نفرت وڌندي رهي.
سن 1903ع ۾ روس ڪيترين ئي سياسي توڙي سماجي تنظيمن ۽ پارٽين جو حامل ملڪ ٿي پيو. روسي جاگيردار طبقي مذهبي پيشوائن سان ڳٺ جوڙ ڪري روس جي آپيشاهيءَ کي لوڏي ڪمزور ۽ کوکلو ڪري وڌو. تنهن وقت سرمائيدار طبقي جي خواهش هئي ته ملڪ ۾ آئيني بادشاهت قائم ٿئي. آزاد خيال وچئين طبقي پنهنجي الڳ سياسي تنظيم، ”آئيني جمهوري پارٽيءَ“ جي جوڙجڪ ڪئي. هاري طبقي جي ساٿ سان تعليم يافته گروه، سوشلسٽ انقلابي پارٽي جوڙي. ان کان سواءِ شهري صنعتي مزدور طبقي ڪارل مارڪس جي نظريئي کان متاثر ٿي، روس جي سنجيده تعليم يافته ماڻهن جي رهبريء ۾ ”سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي“ قائم ڪئي، پراها اعليٰ قيادت ۾ انقلاب جي حوالي سان حل نه ٿي سگهندڙ نظرياتي اختلاف ۽ حڪمت عمليءَ بابت اختلاف پيدا ٿيڻ سبب ”بالشيوڪ“ يعني اڪثريت وارو گروپ ۽ ”مينشيوڪ“ يعني اقليت تي مُبني گروپ نالي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي. سن 1905ع وارو روسي انقلاب 22 جنوري 1905ع ۾ تڏهن شروع ٿيو، جڏهن روس جي گاديءَ واري شهر ”سينٽ پيٽرس برگ“ يعني پيٽروگراڊ جي هڪڙي عيسائي مذهبي پيشوا جي اڳواڻيءَ ۾شهر جي مزورن جو هڪڙو بي هٿيار ٽولو، کاڌي جي اڻاٺ ۽ مهانگائي خلاف شهنشاه زار کي هڪ ياداشت نامون پيش ڪرڻ لاءِ شاهي محل ڏانهن پئي ويو ته انهن هٿين خالي پُر امن مزورن جي ٽولي تي روسي فوج گولي هلائي سوين مزورن کي ماري وڌو. پوءِ انهي آچار واري ڏينهن کي ”بلڊي سَنڊي“ يعني پورهيتن کي قتلام ڪرڻ وارو آچار سڏيندي، سرڪار خلاف عوامي احتجاج شروع ٿي ويو، جيڪو هڙتالن، فسادن، خونريزين، سامونڊي فوج طرفان ٿيندڙ بغاوتن ۽ هاري طبقي طرفان ٿيندڙ حڪومت مخالف احتجاجن جي صورت ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهيو. سرڪار جي خلاف هيڏي وڏي پيماني واري طويل عوامي بغاوت ۽ جپان سان ٿيل جنگ سبب ڪمزور ۽ مجبور ٿي صاحب حيثيت افراد تي مشتمل محدود ووٽ وسيلي چونديل عوامي نمائندن واري هڪڙي مشاورتي اسيمبلي ”ڊوما“ قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو،پر مڇريل عوام سرڪار مخالف سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال برپا ڪئي، جنهن ملڪ ۾ سمورو ڪاروبار ۽ وهنوار ٺپ روڪي ڇڏيو. تڏهن مجبور ٿي ”زار نڪولس ٻئي“ هڪڙو پڌرنامون جاري ڪيو، تنهن موجب عوام جي شهري حقن کي تسليم ۽ منظور ڪيو ويو ۽ جمهوري اصول موجب چونديل، عوامي نمائندن تي مشتمل هڪ اسيمبلي قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. انهيءَ پڌرنامي جي اشاعت کانپوءِ انقلابي ڌارا ۾ سرڪاري چالاڪيءَ ۽ خود غرض افراد جي خيانت سبب ڏار پئجي ويا. جيڪي ماڻهو پڌرنامي مان مطمئن هئا، انهن آڪٽوبرسٽ پارٽي جوڙي. ڊوما کي وڌيڪ اختيار ڏيارڻ جي خواهشمند ماڻهن نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي بنائي. سوشل ڊيموڪريٽ، جن سينٽ پيٽرس برگ شهر ۾ سوويت ڪائونسل قائم ڪئي هئي، انهن حقيقي سماجي سڌارن آڻڻ لاءِ زار شاهي حڪومت کي مجبور ڪرڻ خاطر هڙتال جاري رکي، پر سرڪار ڪاوڙ ۾ اچي سوويت ڪائونسل کي ڊسمبر 1905ع ۾ گرفتار ڪري ان کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ مزورن جي بغاوت کي طاقت سان دٻائي ڇڏيو. جڏهن حالتون ٺاپر ۾آيون ۽ سرڪاري اختيار بحال ٿيو، تڏهن زار چند مکيه قانونن جي نفاذ جو اعلان ڪيو، جن تحت ڊوما يعني اسيمبليءَ کي بلڪل محدود اختيار ڏنا ويا. زار جي وزير اسٽوليپن اقتصادي سڌارن لاءِ ڪجهه تدبيرون اختيار ڪيون پر اهي ناڪام ويون. ساڳئي وزير انقلابي تحريڪ کي ڏاڍي بي رحميءَ سان ڪُچلي ڇڏيو.
جڏهن سن 1914ع ۾ پهرين عالمي لڙائي ڇڙي پئي، تڏهن بالشيويڪن کان سواءِ باقي تقريباً سمورين سياسي پارٽين گڏجي زار جي جنگ بابت پاليسيءَ ۽ عملي اقدام جي حمايت ڪئي. جڏهن ته فوج جي بار بار پسپائي، خوراڪ جي شديد مصيبتن ۾ گهيريل هئڻ واري انتهائي خطرناڪ صورتحال سن 1916ع جي آخر ۾ انقلابي وايو منڊل پيدا ڪري وڌو. شهنشاهه نڪولس ٻئي جي زال اليگزينڊريا فيوڊرو وِنا، جنهن کي عام طرح زارينا يعني زار جي راڻي چوندا هئا، زار جڏهن فوجي ڪمانڊ پاڻ سنڀالڻ لاءِ اوڏانهن ويو ته حڪومت جون واڳون زارينا جي حوالي ڪري ويو ۽ زارينا تي انهيءَ وقت هڪڙي جرائيم پيشه شخص راسپوٽين جو مڪمل اثر هئڻ سبب، ملڪ ۾ سرڪاري غنڊن ۽ داداگير ڏوهارين کان سواءِ شهنشاه زار جي حمايت ڪرڻ وارو ڪو به ڪو نه بچيو هو. روس ۾ مُروج پراڻي ڪئلينڊر موجب 28 فيبروري 1917ع تي گادي واري شهر سينٽ پيٽرس برگ، جنهن کي پيٽروگراڊ به سڏيندا هئا ۽ ماسڪو جي تقريباً سمورن صنعتي توڙي عام مزورن کاڌي جي شين جي کوٽ خلاف هڙتال شروع ڪئي ته اتي فساد ۽ وڳوڙ پڻ ڀڙڪي اٿيو، پر اڪثر فوجي سپاهين هڙتالي باغين کي ماري مڃائڻ کان انڪار ڪيو ۽ فوج ۾ ڪامورن جي حڪم عدولي ۽ سرڪار سان بغاوت پکڙجي وئي. زار نڪولس ٻئي مزدورن کي تشدد سان دٻائي، سندن تحريڪ کي ڪچلي ڇڏڻ گهريو ۽ ڊوما کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. صورتحال پنهنجي فائدي ۾ ڏسندي، ڊوما سرڪاري اعلان کي ٿڏي ڇڏيو. 2 مارچ 1917ع تي پيٽرو گراڊ جي بَلوائين گاديءَ واري شهر تي قبضو ڪري ورتو ۽ زار کي تخت ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو. ڊوما يعني اسيمبليءَ زار جو حڪم رد ڪري هڪڙي عبوري حڪومت جوڙي، جيڪا مجموعي طرح وِچٿرن ماڻهن تي مشتمل هئي. عبوري حڪومت جو اڳواڻ ”پُرنس لِووف“ مقرر ٿيو، جنهن سان گڏ مِليوڪوف ۽ ڪيرينسڪيءَ کي وزيرن طور مقرر ڪيو ويو. جيتوڻيڪ روسي عوام زار شاهي ظالم حڪومت جي خاتمي جو خوشيءَ سان استقبال ڪيو، پر عبوري حڪومت کي عوام کان گهربل حمايت حاصل ڪا نه ٿي. پيٽروگراڊ يعني گاديءَ واري شهر ۾ قائم مزدورن ۽ سپاهين جي سوويت ڪائونسل جو فوج، مواصلات ۽ ٽرانسپورٽ تي ڪنٽرول هو. سوويت ڪاميٽين فوج ۾ رائج پراڻي جوڙجڪ ۽ ضابطو رد ڪري، سموري فوج ۾ سپاهين جون ڪميٽيون ٺاهيون۽ انهن ڪميٽين هٿان چونڊ وسيلي سندن فوجي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو. پنهنجي قوت ۽ ڪنٽرول هجڻ باوجود سوويت ڪائونسل شروع ۾ اقتدار تي ظاهري طور قبضو ڪو نه ڪيو هو. سوشلسٽ انقلابين: بالشيوڪن توڙي مينشيوڪن، جيڪي تڏهن اڪثريت ۾ هئا، تن انقلاب جي انهيءَ عرصي دوران، وچئين سرمائيدار طبقي کي عبوري سرڪار هلائڻ لاءِ قبول ڪيو هو. عبوري حڪومت پنهنجي پروگرام ۾ مڪمل امن امان قائم ڪرڻ، وڌ ۾ وڌ شهري حق ۽ آزادي ڏيڻ ۽ عالمي طور مڃيل بالغ راءِ دهيءَ موجب اسيمبليءَ جو پرچار شروع ڪيو، پر اها ٻن سنگين مسئلن، يعني جاري عالمي جنگ کي بند ڪرڻ ۽ ٻيو زرعي زمين جي انقلابي اصول موجب نئين سر ورهاست ڪرڻ وارن مسئلن جو حل پيش ڪرڻ ۾ بنهه ناڪام وئي ۽ پڌرو ڪيائين ته زمين جي ورهاست وارو ڪم نئين چونڊيل آئين ساز اسيمبلي ئي ڪري سگهندي. مارچ واري مهيني ۾ سوويت ڪائونسل عبوري سرڪار کان امن امان جي قيام جي گهر ڪئي ۽ جنگ کي جاري رهڻ واري ڳالهه ڪندڙ وزير خارجه سِليوڪوف خلاف ڀرپور احتجاج ڪري مئي مهيني ۾ کيس استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو. عبوري حڪومت جي نئين سر تشڪيل ٿي، جنهن ۾ گهڻا وزير سوشلسٽ مقرر ٿيا. ڪير ينسڪي وزير جنگ مقرر ٿيو ۽ سوشلسٽ انقلابي اڳواڻ وڪٽر چيرنوف وزير زراعت مقرر ٿيو. اپريل 1917ع ۾ جرمنيءَ طرفان جرمنيءَ مان لنگهي روس وڃڻ جي اجازت ملڻ کان پوءِ لينن ۽ ٻيا انقلابي اڳواڻ جلاوطني ختم ڪري پنهنجي وطن واپس آيا. جرمنيءَ کي اميد هئي ته بالشيوڪ انقلابي، روس طرفان ٿيندڙ جنگي ڪارروائين کي بند ڪري ڇڏيندا. لينن اچڻ شرط پنهنجي ننڍڙي، پر پهري سجاڳ انقلابي پارٽيءَ کي انقلاب جي عملي تحريڪ ۾ چُست بنايو. هن انقلاب واسطي ٽن مکيه نُقطن کي ٽن طاقتور ۽ اثر انگيز انقلابي نعرن جي صورت ۾ پيش ڪري پارٽيءَ کي انقلابي تحرڪ ۾ آندو. اهي نعرا هئا: (1) جنگ ختم ڪريو، (2) سموري زرعي زمين هارين ۾ ورهايو ۽ (3) سمورو اقتدار سوويت ڪائونسل کي سونپيو. هر طرح جي فوجي هٿياربند حملي ۽ قبضي خاطر کنيل قدمن جي ناڪاميءَ جولاءِ 1917ع ۾ عبوري حڪومت کي سخت مايوس ۽ مجبور ڪري وڌو ۽ گاديءَ واري شهر ۾ برپا فسادن ۽ وڳوڙن سبب سوويت ڪائونسل طرفان اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ عوام جي خواهش ۽ سندن حمايت واري صورت حال پيدا ٿي، تنهن کان ڀلي ڀت واقف هوندي به سوويت ڪائونسل اڃا تائين صبر ڪندي پاڻ کي پٺيان رکندي آئي. انهيءَ معروضي صورت حال کان واقف عبوري حڪومت خار کائيندي بالشيوڪ پريس ۽ بالشيوڪ اڳواڻن خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي، جيتوڻيڪ خود سندس حيثيت بالڪل غير موثر ۽ ڊاوان ڊول ٿي چڪي هئي. زرعي سڌارن جي حوالي سان چيرنوف، پرنس لووف جي سخت مخالفت ڪئي، تنهن سبب لووف جولاءِ جي مهيني ۾ استعفيٰ ڏني. سندس جڳهه تي ڪيرينسڪيءَ کي مقرر ڪيو ويو، تنهن سوشلسٽن جي اڪثريت واري وزارت ٺاهي. پنهنجي طرفان عالمي جنگ ۾ شموليت دوران ڪيل تقريباً سمورن حملن ۾ ناڪام رهڻ سبب فوج ۾ نظم ۽ ضبط برباد ٿي ويو هو. عبوري حڪومت، مينشيوڪ ۽ ٻيا سوشلسٽ اڳواڻ، سوويت ڪائونسل ۾ موجود انقلابي سپاهين جي بالشيويڪن سان شامل ٿيڻ سبب سوويت ڪائونسل ۾ پنهنجي حمايت وڃائي ويٺا. جون 1917ع ۾ سوويت ڪميٽين جي پهرين ڪل روس ڪانگريس پيٽروگراڊ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ بالشيوبڪ اقليت ۾ هئا، پر اهي گهربل اڪثريت لاءِ مسلسل ڪارڪنن کي پنهنجو هم خيال بنائيندا، پاڻ سان شامل ڪندا رهيا. قدامت پرست ۽ ڪجهه وچٿرا سياستدان، جن سوويت ڪائونسل جا اختيار گهٽائڻ ٿي گهريا، اهي جنرل ڪارنيلوف جي چوڌاري ڦرندا ۽ ان جا ڪن ڀريندا رهيا، تنهن سبب هن آگسٽ جي پڇاڙيءَ ۾ پيٽروگراڊ شهر تي پنهنجي گروپ طرفان قبضو ڪرڻ خاطر شهر تي هٿيار بند چڙهائي ڪئي، تڏهن ڪيرينسڪي جي گذارس موجب بالشيويڪن ۽ ٻين سوشلسٽن شهر ۽ عبوري حڪومت جي بچاء خاطر ڪارنيلوف جي حملي کي پسپا ڪري ڇڏيو. سيپٽمبر جي وچ کان وٺي بالشوبڪن کي پيٽروگراڊ واري سوويت ڪائونسل ۾ اڪثريت حاصل رهي، تڏهن لينن سوويت ڪائونسل تي اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ زور ڀري تياري ڪرائي. اهڙيءَ طرح 24 آڪٽوبر واري رات جو ٽراٽسڪيءَ جي جوڙيل منصوبي موجب اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو آغاز ڪيو ويو. مزدورن، سپاهين، سامونڊي فوج جي سپاهين ۽ بالشيوبڪ پارٽيءَ جي محافظ جٿن گڏجي گاديءَ واري شهر پيٽروگراڊ جي سرڪاري مکيه عمارتن ۽ زار جي مَحَلَ، ”ونٽر پيليس“ تي قبضو ڪري ورتو ۽ ترت سوويت ڪميٽين جي ٻئي ڪل روس ڪانگريس پيٽروگراڊ ۾ منعقد ٿي، جنهن مان مينشيوڪن ۽ سوشلسٽن سوويت قبضي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو، پر ڪانگريس ان جي توسيع ڪئي. اتي عوامي ڪميسارن يعني وزيرن جي ڪائونسل به جوڙي وئي، جنهن جو چيئرمين لينن کي مُقَرر ڪيائون، ٽراٽسڪي خارجه ڪميسار يعني پرڏيهي وزير، ريڪوف داخله ڪميسار ۽ اسٽالن کي روس ۾ موجود قوميتن جو ڪميسار مقرر ڪيو ويو. ڪانگريس ترت ئي دشمنين کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ صلح قائم ڪرڻ جو سڏ ڏنو، سموري ذاتي ملڪيت رد ڪئي ويئي ۽ چرچ وارين زمينن ۽ خانگي زمينن توڙي سرڪاري زمينن کي اتي جي مقامي هارين کي ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان پوءِ ماسڪو شهر تي به سوويت قبضو ڪيو ويو.ان سان گڏ بالشيويڪ مزدورن ۽ سپاهين جي مقامي سوويت ڪميٽين ملڪ جي اڪثر شهرن تي پنهنجو اقتدار قائم ڪيو. ڪيرينسڪي ملڪ مان ٻاهر ڀڄي ويو، باقي عبوري حڪومت جي ڪارندن کي گرفتار ڪيو ويو. شادي ۽ طلاق وارا اڳوڻا قانون رد ڪيا ويا. عيسوي ڪليسا تي حملا ڪري عيسائي پروهتن کي ڪليسا جي زمينن تان زوري بيدخل ڪيو ويو، ڪارخانا مزدور سوويتن جي انتظام ۾ ڏنا ويا، بيٺڪن کي قومي ملڪيت بنايو ويو ۽ ملڪ جي معاشي نظام کي هلائڻ لاءِ ملڪگير اقتصادي ڪائونسل جوڙي وئي. قانون ساز اسيمبلي ڊوما جو اجلاس جنوري 1918ع ۾ منعقد ڪيو ويو، پر ان جي ميمبرن جي واضح اڪثريت غير بالشيويڪ هجڻ سبب ڊوما کي ٽوڙيو ويو. انقلابي حڪومت جي خلاف سياسي عمل ۽ پرچار کي ختم ڪرڻ لاءِ ”چيڪا“ نالي هڪڙي سياسي پوليس تشڪيل ڪئي وئي، تنهن جو اڳواڻ ڊزر زينسڪي مقرر ٿيو. جرمني ۽ سندس اتحادين سان امن جي قيام خاطر ڳالهيون 1917ع جي پڇاڙيءَ ۾ ئي شروع ڪيون ويون ۽مارچ 1918ع ۾ بريسٽ – لٽوِسڪ ٺاهه ٿيو، جيڪو سراسر روس جي خلاف هو، ڇو ته اُن ٺاهه تحت روس کي پنهنجا تمام گهڻا علائقا جرمنيءَ جي حوالي ڪرڻا پيا ۽ پهرين عالمي لڙائيءَ ۾ جرمني ۽ سندس اتحادين کي شڪست ملڻ کان پوءِ روس ۾ برپا گهرو جنگ دوران ئي جرمنيءَ کان انهن مان ڪجهه رياستون، جهڙوڪ: يوڪرين، آرمينيا، جارجيا ۽ آذربائيجان آزاد ڪرايا. روس ۾ بالشيويڪن يعني ڳاڙهي فوج ۽ محافظن ۽ غير بالشيويڪن يعني سفيد هٿياربند گروهن ۽ فوجن جي وچ ۾ هلندڙ گهرو لڙائيءَ 1920ع تائين ملڪ کي تاراج ڪري ڇڏيو. بالشيوڪن سان گهرو لڙائيءَ ۾ مشغول مُلَڪَ جا سمورا ڪميونسٽ مخالف گروهه، ٽولا ۽ ڌڙا شامل هئا، انهن ۾ ٽوڙيل ڊوما جي ميمبرن سميت اهڙا ماڻهو به شامل هئا جيڪي ملڪ ۾ فوجي حڪومت جي قيام جي خواهش رکندڙ هئا، پر انهن ۾ شامل ڪجهه ڌڙا ته کُليءَ طرح زار جي حڪومت بحال ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. سورويت سرڪار جي هٿياربند مخالفت پهرين ملڪ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ شروع ٿي، جتي ڪارنيلوف جي اڳواڻي ۾ ڪميونسٽ مخالف جٿا ۽ گروپ ڊون ڪيوسَيڪ جي ويڙهاڪن سان وڃي شامل ٿيا. اهو يوڪرين وارو علائقو هو، اهو نومبر 1918ع ۾ عام جنگ بنديءَ لاءِ ٿيل ٺاهه کان پوءِ جرمنيءَ خالي ڪيو، ته ان تي قبضو ڪرڻ لاءِ بالشيوڪن سان سمورا ڪميونسٽ مخالف فوجي ۽ ٻيا هٿياربند گروهه وڙهڻ لڳا. اها لڙائي ٻن سالن تائين هلندي رهي.1919ع جي شروع ۾ اتي بالشيوڪن قبضو ڪري ورتو، پر ڊينيڪِن جي فوجن انهن کان قبضو ڇڏائڻ لاءِ انهن سان پنهنجي جنگ جاري رکي ۽ ڊسمبر 1919ع ۾ بالشيوڪن کي پسپا ڪري پنهنجو قبضو ڄمايو، پر ساڳئي ڊسمبر مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ ڊينيڪِن جي فوجن کان اهو قبضو ڇڏايو، پر نيٺ يوڪرين جي انهيءَ علائقي تي 1920ع ۾ پولينڊ جي فوجن اچي قبضو ڪيو.انهيءَ عرصي دوران ڊينيڪِن پنهنجي فوج پي اني رينگل جي حوالي ڪري ڇڏي. روس ۽ پولينڊ جي وچ ۾ جنگ بنديءَ وارو ٺاهه عمل ۾ اچڻ کان پوءِ بالشيووڪن اين رينگل جي فوجن کي يوڪرين مان ڀڄائي ڪِريميا ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو ۽ مٿن دٻاء جاري رکيو. تنهن ڪري رينگل نيٺ پنهنجن ويڙهاڪن کي ڪريميا مان به ڪڍي وڃي قسطنطنيه شهر ۾ پناهه ورتو. بالشيوڪ دشمن سفيد فوجن کي اوڀر روس ۾ به تباهه ڪُن شڪست پلئه پئي. ٽوڙيل ڊوما جي ڪجهه سوشلسٽ ميمبرن جي هڪڙي هٿياربند ٽولي سائبريا جي سمارا شهر ۾ بالشيووڪ مخالف حڪومت ٺاهي، تنهن کي چيڪوسِلاويڪيا جي فوج جي حمايت حاصل هئي، ڇو ته انهيءَ چيڪ فوج ٽرانس سائيبريا واري علائقي تي پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو هو. سيپٽمبر 1918ع ۾ سمارا واري بالشيوڪ مخالف حڪومت، سائبريا جي اومسڪ شهر ۾ قائم قدامت پرست حڪومت ۾ ضم ٿي وئي ۽ چند هفتن اندر اها حڪومت پڻ بالشيووڪ دشمن ايڊمرل ڪولچاڪ جي ڊڪٽيٽر حڪومت جي قبضي ۾ اچي وئي. جيتوڻيڪ ڪولچاڪ وارو ڪميونسٽ دشمن لشڪر شروع ۾ سوڀارو ٿيندو، اوڀر روس جي گهڻي علائقي تي قابض رهيو، پر جنوري 1920ع کان اڳ ئي بالشيوڪ فوج روس جي ڏور اوڀر علائقي ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. سن 1920ع ۾ ولاڊيواتسڪ شهر کان سواءِ باقي سمورو سائبريا بالشيوڪ حڪومت جي قبضي هيٺ اچي چڪو هو پر روس دشمن اتحادي مُلڪن برطانيه، فرانس ۽ آمريڪا جي گڏيل فوجن طرفان ٿيل بيجا مداخلت سبب روس ۾ هلندڙ گهرو ويڙه کي طويل ۽ وڌيڪ پيچيده بنائي وڌو. اتحادي فوجن، جرمني طرفان اتحادي ملڪن جي مال خانن تي قبضو ڪرڻ جي خدشي جو بهانو بنائيندي مارچ 1918ع ۾ مُرمانِسڪ تي ۽ ان کان پوءِ ارخانجلسڪ تي قبضو ڪري ورتو. بالشيووڪ فوجن اهي علائقا اتحادي فوجن کان نومبر 1919ع ۾ خالي ڪرايا. اتحادي فوجن وِلاڊيواسٽڪ تي به قبضو ڪيو هو پر جپان کانئن ڦري 1922ع تائين اتي قابض رهيو. بالشيووڪ فوج جي فتح ٻن سببن جي ڪري ممڪن ٿي. هڪ اهو ته مختلف ڪميونسٽ دشمن فوجن جو پاڻ ۾ ۽ هڪٻئي سان گهربل باهمي تعاون ۽ مدد جو فقدان هو ۽ ٻيو اهو ته ٽراٽسڪي جو وزير جنگ ٿيڻ کان پوءِ ڪميونسٽ ڳاڙهي فوج کي حالتن جي تقاضا موجب، نئين سر منظم ۽ مضبوط ڪيو ويو. نيٺ اها گهرو ويڙه بالشيوڪ ڳاڙهي فوج کٽي، پر ان لاءِ تمام وڏي قرباني ڏني وئي. سن 1920 تائين روس تباه ۽ برباد ٿي چڪو هو.