تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

مصر ۾ آيل 1952ع وارو انقلاب

23 جولاءِ 1952ع ۾، مصري فوج جي هڪڙي نوجوان ڪاموري ٽولي، جنهن کي ”فري آڦيسرس موومينٽ“ سڏيو پي ويو تنهن جي اڳواڻي جمال عبدالناصر ۽ جنرل محمد نجوئب ڪري رهيا هئا، مصر ۾ انقلاب جو آغاز ڪيو. مصري فوج جي مذڪوره انقلابي ٽولي طرفان برپا ڪيل انقلاب جو نصب العين، مصر ۾ نامنهاد آئيني بادشاهت جو خاتمون، مصر ۽ سوڊان ۾ موجود امير شاهي نظام حڪومت جو انت، مصر ۽ سوڊان تي برطانوي سامراجي قبضي جو خاتمون ۽ مصر ۽ سوڊان ۾ سياسي آزاديءَ تي مشٽمل حقيقي جمهوري نظام حڪومت جو قيام هو. مصر ۾ هن فوجي انقلابي حڪومت مصري قوم پرست ۽ برطانوي سامراج جي مخالف منصوبي موافق حڪمت عملي اختيار ڪئي. انهيءَ سان گڏ مصر جي انقلابي حڪومت عالمي سطح تي غيرجانبدار ملڪن جي قائم ڪيل بين الاقوامي اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪئي، جيڪو اتحاد ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ سامراجي ملڪن کان آزادي حاصل ڪندڙ ايشيائي، آفريڪي ۽ ڏکڻ آمريڪي ملڪن قائم ڪيو هو. انهيءَ عالمي صورتحال سبب، سامراجي ملڪن طرفان غلام بنايل قومن ۽ ملڪن ۾ آزاديءَ جي تحريڪ قومپرستيءَ جي بنيادن تي منظم ٿي اڳتي وڌڻ لڳي. تنهن ڪري مصر جي انقلابي حڪومت کي ترت ئي برطانيه ۽ فرانس جي سامراجي ڌمڪين ۽ حملن کي سامهون ٿيڻو پيو. ڇاڪاڻ ته برطانيه مصر تي سن 1882ع کان پنهنجو سامراجي تسلط برقرار رکيو ويٺو هو ۽ فرانس پڻ انهن آفريڪي ملڪن تي گذريل صديءَ کان وٺي قابض هو، جن ملڪن ۾ مصر واري انقلاب کان پوءِ آزادي جي تحريڪن زور ورتو هو. ٻئي طرف فلسطين جي عرب عوام جي حمايت ڪرڻ سبب، مصر سان اسرائيل جي جنگ واري صورت حال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي. مٿي بيان ڪيل ٻن ڳنڀير مسئلن سبب مصر ۾ انقلاب پوءِ به سانده چئين سالن تائين طوالت اختيار ڪئي ۽ سُئيز ڪينال کي قومي ملڪيت ۾ شامل ڪرڻ سبب سن 1956ع ۾ برطانيه، فرانس ۽ اسرائيل مصر تي حملو ڪري مصر جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪيو ۽ کيس ڪافي فوجي نقصان رسايو. تنهن جي باوجود انهيءَ جنگ ۾ مصر کي سياسي طور سرسي ۽ فتح تصور ڪيو پي ويو، ڇو ته مصر برطانيه ۽ فرانس جي سمورين سامراجي تسلط وارين علامتن کي ميساري سوئيز ڪينال تي مڪمل قبضو ڪري ورتو، جنهن تي مذڪور سامراجين 1875ع کان پنهنجو تسلط قائم ڪيو ۽ 1956ع تائين اهو برقرار رکيو ھو. سئيز ڪينال تي مصر جي ڪامياب قبضي ٿيڻ واري عمل ٻين عرب ۽ آفريڪي ملڪن ۾ آزادي ۽ انقلاب جي تحريڪن کي گهڻي اخلاقي جلا بخشي، منجهن انقلابي روح ڦوڪي ڇڏيو. انقلاب جي شروعاتي پندرهن سالن دوران ملڪ ۾ زرعي سڌارا، وڏي پيماني تي صنعتڪاري، رستن روڊن پلين ۽ عمارتن جي خاطر خواه تعمير ۽ شهرن ۾ توسيع جي صورت ۾ مصر جي انقلابي حڪومت معيشيت توڙي معاشرت ۾ انقلابي عمل جاري رکيو. انهيءَ ڪري سن 1960ع واري ڏهاڪي دؤران عرب سوشلزم هڪ حاوي نظرئي طور تي مصر جي معاشي نظام جو بنياد مرڪزي منصوبابنديءَ سبب مستحڪم ٿيو. اولهه وارين سامراجي طاقتن جي پٺڀرائي سان رد انقلاب جي خدشي، ملڪ اندر موجود مذهبي انتها پسنديءَ، مُقوي اشتراڪي داخلا ۽ اسرائيل سان جهڳڙي واري صورتحال جي برقراريءَ وارن سببن ڪري مصر ۾ سياسي مخالفت ۽ ملڪ ۾ گهڻين سياسي پارٽين واري سياسي نظام تي بندش لڳائي وئي. ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي لڳل پابندي انور سادات جي صدارتي دؤر ۾ به برقرار رهي، جنهن دؤر ۾ ڪيترين ئي انقلابي پاليسين ۾ ترميم ڪئي وئي ڪيترين ئي ٻين انقلابي پاليسين کي ته رد به ڪيو ويو. مصر ۾ برپا ٿيل انقلاب کي شروعات ۾ حاصل ٿيل ڪاميابين وچ اوڀر ۽ آفريڪا جي غلام قومن ۽ ملڪن جهڙوڪ الجزائر ۽ ڪينيا ۾ هلندڙ قوم پرست آزادي جي انقلابي تحريڪن جي همت افزائي ڪئي ۽ منجهن جرئت پيدا ڪئي. تنهن ڪري انهن ملڪن ۾ سامراجي تسلط جي خلاف بغاوت ۽ جدوجهد ۾ شدت پيدا ٿي ۽ سامراجين جي حمايت ڪندڙ بادشاهتن کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد زور ورتو. سن 1952ع ۾ مصري انقلاب پنهنجو جياپو مصر جي عوام جي خواهش ۾ ڳولهي لڌو، ڇو ته انهي انقلابي تحريڪ کي عوام جي حمايت حاصل هئي. مصر جي تاريخ جي تمام آڳاٽي زماني ۾ فرعون بادشاهن جي حڪمرانيءَکان پوءِ مصر تي لڳاتار ڌارين حاڪمن جي حڪومت هلندي آئي ۽ فقط 1952ع ۾ انقلابي حڪومت جي قيام جي صورت ۾ مصر جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ جو اهو پهريون موقعو ميسر ٿيو. اها نئين انقلابي حڪومت، مذهب، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سموري مصري عوام جي گڏيل حڪومت هئي. متعلق العنان حڪومت جي خاتمي، برطانيه طرفان ٿيندڙ ناجائز مداخلت جي خاتمي جي پڻ نشاندهي ڪئي. هن انقلابي حڪومت جا سمورا اهلڪار مصري قوم جا افراد هئا، تنهنڪري هن حڪومت ۾ مصري سماج جي ڀلائي وارا اپاء اختيار ڪرڻ جي توقع هئي. مصر ۾ حرام خور جاگيرداري ۽ زرعي سرمائيداري نظام جي طرفان پورهيت ۽ هاري طبقي جي ٿيندڙ استحصال، جاگيرداري نطام جي خلاف جدوجهد چالو ڪرائي، ملڪ مان ڪپهه جو وڪجي ڏيساور وڃڻ ۽ ڏيهاڙي اُجرت تي پورهيو ڪندڙ مزدور طبقي جي وجود ۾ اچڻ سبب، مصر ۾ اُوڻيهئين عيسوي صديءَ جي آخري چوٿائيءَ کان وٺي سرمائيداريءَ جو اوائلي اقتصادي نظام رائج هو. سن 1948ع ۾ اسرائيل سان جنگ ڪرڻ سبب ٿيل نقصان، مصر جي نوجوان فوجي اهلڪارن کي بادشاه فاروق خلاف بغاوت ڪرڻ جو جواز پيدا ڪيو، ڇو ته بادشاه واقعتاً سندس درٻاري اميرن سميت رشوت خوريءَ جو مرتڪب ۽ بلڪل نااهل حڪمران هو. تنهن جي خلاف مصر جي نوجوان فوجي اهلڪارن مصر جي عوام ۾ پرچار ڪيو ۽ بادشاه کان مُتنفره بنايو. انهن نوجوان فوجي اهلڪارن بادشاهي نظام جي خلاف ”فري آفيسرس موومينٽ“ جي نالي سان هڪڙي سياسي تحريڪ منظم ڪئي، جنهن کي سوويت يونين ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي پُٺڀرائي هئي. انهي تحريڪ جو اڳواڻ، نوجوان فوجي اهلڪار، جمال عبدالناصر هو. هن نوجوان فوجي ٽولي سان هڪڙو جنرل، محمد نجوئب پڻ شامل هو. انهيءَ جنرل، محمد نجوئب 26 جولاءِ 1952ع تي بادشاه فاروق کي سندس بادشاهي ڇڏڻ لاءِ تاڪيدي حڪم ۾ حڪومت تان هٿ کڻڻ لاءِ هيٺ ڏنل سبب ڄاڻايا. اول ته بادشاه جي بدعهدي ۽ بدعنواني سبب، ماضي قريب ۾ ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ۽ رُسوائي پلئه پئي، ٻيو ته سرڪار جي سمورن شعبن ۾ رشوت خوريءَ سبب تباهي ۽ برباري عيان آهي. ملڪي آئين جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ عوام جي ضرورتن ۽ گهرجن کي ڪا به اهميت نه ڏيڻ، اٽلو عوام جي گهرجن ۽ خواهشن کان نفرت ڪرڻ کي بادشاه پنهنجو وطيرو بنائي ڇڏيو آهي. جنهن سبب عوام کي گذر جي تنگي ۽ مجبوريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي عوام جي عزت ۽ عصمت به سلامت نه رهي آهي. قوم جا سمورا غدار ۽ راشي اهلڪار ۽ سياسي عهديدار، سياسي، سماجي ۽ اخلاقي ڏوهاري ٽولا ۽ عوام دشمن گروه بادشاه جي پُٺ ۽ مُٺ سان راڪاسن وانگر ملڪ ڀيلاڙ ڪري رهيا آهن. بادشاه جي ظلم، زوري ۽ نااهليءَ سبب ڏيساور ۾ به ملڪ بدنام ٿيو آھي. فلسطين جي مسئلي بابت اسرائيل سان جنگ کان اڳ ۽ پوءِ بادشاهه هٿيارن جي خريداري واري بدعنواني ۽ رشوت خوريءَ جو مرتڪب ٿيو. ملڪ جي بدنام ڏوهارين کي بچائڻ ۽ سزائن کان آجو ڪرڻ واسطي بادشاهه ملڪي عدالتن جي عمل ۾ ناجائز مداخلت ۽ قانون جي کلم کلا ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. اهڙيءَ طرح عدالتن ۽ انصاف جي بيحرمتي پيو ڪري. تنهن ڪري مصر جي عوام جي نمائندگي ڪندڙ مصر جي هٿياربند فوج مون تي اعتماد ڪندي مون کي تمام اهم ۽ ھَنگامِي ذميواري سونپي وئي آهي، جنهن تحت توهان کي هدايت ڪجي ٿي ته اڄ تاريخ 26 جولاءِ 1952ع مطابق 4 ذوالقعد 1371هه ڇنڇر جي ڏينهن، 12 وڳي منجهند جو پنهنجي تخت تان دست بردار ٿي، اهو تخت ولي عهد، شهزادي، احمد فواد جي حوالي ڪيو ۽ اڄ ئي شام جو ڇهين بجي کان اڳ ۾ ئي مصر جي مُلڪ مان نڪري وڃو. تخت تان دستبرداريءَ ۾ ناڪاميابيءَ جي نتيجي ۾ مصري عوام جي خواهش مطابق، مصر جي فوج اوهان کي سمورن ناجائز ۽ بدڪردارن جو مرتڪب ۽ ذميوار بنائندي انهيءَ وقت مصر جي مطلق العنان حڪومت، راشي، برطانوي سامراج جي ڇاڙتي ۽ عيش عشرت ۾ مگن هئي. سرڪار جا اهي پرڪار ۽ ڪرتوت نوجوان اھلڪارن جي تحريڪ، توڙي مصر جي مظلوم ۽ مجبور عوام کي مور نٿي وڻيا ۽ ڪاوڙ ۽ نفرت پيدا ڪندڙ هئا. ڇاڪاڻ ته شاهه فاروق جي سرڪار برطانوي سامراج جي هٿن ۾ قومي غداريءَ ۽ عوام دشمنيءَ وارو بدترين ڪردار ادا ڪري رهي هئي. مصري سرڪار جي مکيه محڪمن، جهڙوڪ پوليس، شاهي درٻار جي امير شاهي، خود شاهه فاروق ۽ سرڪار جي نوازيل سياسي پارٽين جي وجود جو دارومدار مڪمل طور رشوت خوريءَ ۽ بدعنوانيءَ تي هو. 1948ع ۾ اسرائيل سان ٿيل جنگ سبب پهتل فوجي سياسي ۽ اقتصادي نقصان سبب فري آفيسرس موومينٽ کي شاه فاروق جي ڪردار تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ انهيءَ تحريڪ مصري عوام کي شاهه فاروق جي سرڪار جي ڪرتوتن کان آگاهه ڪيو. تنهن کان پوءِ سن 1951ع ۽ 1952ع جي سياري واري مند دؤران مصر جي پوليس ۾ موجود قوم پرست اهلڪارن، مصري مجاهدن، فدائين طرفان مصر جي مکيه شهرن، قاهره، اسڪندريه ۽ سوئيز ڪينال وٽ موجود برطانوي سامراج جي بااختيار عملي تي ٿيندڙ حملن کي ڪامياب بنائڻ ۽ فدائين کي بچائڻ ۽ سندن پُٺڀرائي ڪرڻ شروع ڪري ڏني، اسماعيلھ شهر جي ويجهو برطانوي تنصيبات ۽ بحري جهازن تي فدائين جي هڪڙي مخصوص ۽ نهايت خطرناڪ حملي ۾ ڪيترائي برطانوي فوجي مارجي ويا هئا، انهيءَ حملي کي پسپا ڪندي برطانوي فوج فدائين کي شهر اندر اچي سوڙهو ڪيو ۽ 25 جنوري 1952ع تي ڏٺو ته پسپا ٿيندڙ فدائين، مقامي پوليس جي بيريڪن ۾ وڃي لڪا هئا. تڏهن برطانوي ڪاموري پوليس کي چيو ته توهان وٽ لڪل فدائين کي اسان جي حَوالي ڪريو. پوليس طرفان فدائين کي برطانوي فوج جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي برطانوي فوج هڪ اهلڪار جي هٿان پوليس کي ڌمڪي ڏياري موڪلي ته فدائين سميت پوليس به اچي پيش پوي. پر فدائين برطانوي فوج جي قاصد کي اٽلو ماري وڌو، تڏهن تيش ۾ اچي برطانوي فوج اسماعيليھ شهر ۾ پوليس جي انهن بيرڪن تي زوردار حملو ڪري، پنجاهه کن پوليس آفيسر ماري وڌا ۽ سؤ کن ٻين کي زخمي ڪيو. برطانوي فوج طرفان اِسماعيليھ شهر ۾ پوليس جي بيرڪن تي ڪيل حملي ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس آفيسرن جي قتلام کان پوءِ مصر ۾ سامراجي بالادستي ۽ شاهي حڪومت جي خلاف نفرت ۽ بغاوت ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي سڄي ملڪ ۾ طوفان وانگر پکڙجي وئي. تنهن کان پوءَ فري آفيسرس موومينٽ جي ڪارڪنن قاهره شهر ۾ سرڪار مخالف بغاوت شروع ڪئي جنهن دؤران هڪ سرڪاري عمارت کي باهه لڳائي وئي. شهر جي فائر برگيڊ اها باهه ڪانه وسائي، تنهن ڪري اها باهه وڌيڪ پکڙجڻ ڪري شهر ۾ فساد پڻ وڌي ويو. آمريڪي ۽ روسي اخبارن قاهره جي وڳوڙن ۽ باه لڳڻ واري واقعي کي سڄي دنيا ۾ نشر ڪيو ۽ پيشنگوئيِ ڪئي ته قاھره شهر ۾ سرڪار جي خلاف چالو ٿيل هلچل ۽ شهر ۾ باه لڳڻ جو واقعو مصر ۾ بادشاهت واري نظام حڪومت جي خاتمي جي شروعات ٿيڻ جو دليل آهي. ٻئي ڏينهن يعني 26 جنوري 1952ع ڇنڇر جي ڏينهن، جنهن کي مصر جي عوام سياه ڇنڇر ٿي سڏيو، انقلابي عمل چالو ٿي ويو. ٻئي طرف مصر جي بادشاه، فاروق وزيراعظم مصطفيٰ ال ناهاس واري حڪومت کي ڊاهي ڇڏيو ۽ ايندڙ پنجن مهينن جي مختصر مدت ۾ پنهنجن ڪرتوتن جي سزا کان بچڻ ۽ انقلاب کي ختم ڪرڻ خاطر مختلف طالع آزمائيندڙ سياستدانن کي حڪومتون ٺاهڻ لاءِ هدايت ڪئي ۽ انهن ٽنهي ڄڻن واري ملڻ سان حڪومتون جوڙيون، پر گهربل مقصد حاصل نه ڪري سگهڻ سبب، پنهنجي واري اچڻ سان ڊهي ويون. انهن سياستدانن مان اول اول علي مهر حڪومت ٺاهي، سا 27 جنوري کان پهرين مارچ تائين هلي ڊهي پئي. ٻي حڪومت احمد نجوعب الھلالي 2 مارچ تي جوڙي جيڪا 29 جون تي ڊاٺي وئي، تنهن کان پوءِ حسين مصري 2 جولاءِ تي حڪومت ٺاهي اها به 20 جولاءِ تي ڊاهي ڇڏيائون. تنهن کان پوءِ احمد نجوعب اَلھلاليءَ کي وري ٻيو ڀيرو به حڪومت ٺاهڻ لاءِ بادشاه فاروق زور ڀريو، تنھن 22 جولاءِ تي حڪومت تشڪيل ڪئي، پر اها انقلاب جي حتمي عمل سبب ٻئي ڏينهن ئي يعني 23 جولاءِ تي ئي ختم ٿي وئي. اهڙي طرح ملڪ ۾ بادشاهي نظام حڪومت بچائڻ، برقرار رکڻ، شاه فاروق جي اقتدار کي بچائي، برقرار رکڻ ۽ انقلاب کي ناڪام بنائڻ خاطر ٺهندڙ ٽيئي وزارتون / حڪومتون زوال پذير بادشاهي نظام حڪومت کي بچائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ سبب ازخود فنا ٿي ويون. مصر جي فوج ۾ شاه فاروق جي حڪومت سان ناسازيءَ، بي اطميناني ۽ ناراضگيءَ کي شدت سان محسوس ڪيو پئي ويو. تنهن ڪري سن 1952ع جي جنوري مهيني ۾ جن شاه فاروق جي مخالف فوجي آڦيسرن کي فري آفيسرس موومينٽ جي پٺڀرائي حاصل هئي، انهن فوجي آڦيسرن جي ٽولي، آفيسرس ڪِلب جي گورننگ بورڊ تي انقلابي ضابطو نافذ ڪري ورتو. تنهن کان ڇهه مهينا کن پوءِ 16 جولاءِ 1952ع ۾ بادشاهه مخالف ۽ انقلاب جي حامي فوجي ڪامورن کي فوجي آفيسرن واري ڪِلَب جي گورننگ بورڊ تي ڪنٽرول ڏياريندڙ چونڊ کي ناجائز سڏي رد ڪري ڇڏيو ۽ انهن انقلاب پسند ڪامورن جي بدلي ۾، فوج کي وري به پنهنجي ضابطي هيٺ آڻڻ جي ارادي تحت اتي شاهه پنهنجا حامي ڪامورا مقرر ڪيا. انقلابي فوجي آفيسرن جي ٽولي 5 آگسٽ 1952ع تي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو هو، پر انقلابي فوجي اڳواڻن اقتدار تي انقلابي قبضو ڪرڻ واري منصوبي کي 22 جولاءِ واري رات جو ئي عملي جامون پهرائڻ لاءِ عملي قدم کنيو، ڇو ته فري آفيسرن مان هڪڙي ساٿي ڪاموري جنرل نجوعب کي سچي سُڻس پئي ته 19 جولاءِ تي شاهه فاروق جي قيادت ۾ منعقد هڪ خصوصي اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ ۾ شاه مخالف فري آڦيسرن کي گرفتار ڪرڻ خاطر انهن جي هڪ ڊگهي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ شاه پرست اعليٰ فوجي اڳواڻن کي اها ذميواري سونپي وئي آهي. انهيءَ صورتحال مطابق نوجوان انقلابي فوجي اڳواڻن پنهنجي ساٿي فوجي اڳواڻ خالد مُحي الدين جي گهر ۾ گڏجاڻي ڪري انقلاب برپا ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري گهر کان ٻاهر نڪري مقرر حڪمت عمليءَ تحت 22 جولاءِ واري رات اقتدار تي انقلابي قبضي ڪرڻ جو عمل چالو ڪيو.انهيءَ رات خالد محي الدين سندس گهر ۾ ئي رهي پيو ۽ ٻيو ساٿي آفيسر، انور سادات شهر ۾ سائنيما اندر فلم ڏسڻ هليو ويو. انهيءَ وقت فري آفيسرس موومينٽ جي چيئرمين جمال عبدالناصر، مصر ۾ شاهه مخالف سياسي تنظيمن، 1. مسلم برادر هُڊ ۽ 2. ڊيموڪريٽڪ موومينٽ فار نيشنل لبريشن نالي اشتراڪي تنظيم سان رابطو قائم ڪري سندن حمايت ۽ گهربل مدد جي يقين داني حاصل ڪئي. 23 جولاءِ جي صبح جو جمال عبدالناصر ۽ عبدالحڪيم امر، سادي خانگي لباس ۾ محي الدين جي گهر مان نڪري، جمال ناصر واري موتر گاڏيءَ ۾ سوار ٿي شاه جي مکيه حامي فوجي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ واسطي، گهربل موزون مجاهدن کي گڏ ڪرڻ سانگي، قاهره جي سڄي شهر ۾ ڦرندا رهيا. جيئن ته اهي شاه پرست فوجي اڳواڻ سندن بيرڪن ۾ پهچي، سندن ماتحت سپاهين تي ڪنٽرول ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي گرفتار ٿي انقلابي فوج جي حوالي ٿي وڃن. جيئن ئي گاڏيءَ ۾ سوار انقلابي اڳواڻ، مجاهدن جي تلاش ۾ ال قوبا برج ڏانهن وڌندا ويا، ته يوسف صديق جي قيادت ۾ کين هڪڙو توب خاني وارو يونٽ گڏيو ۽ پوءِ فوج جي جنرل هيڊ ڪوارٽر تي قبضو ڪري، فوج جي چيف آف اسٽاف، جنرل حُسين سِري امر سميت اتي سمورن حاضر ڪمانڊرن کي قيد ڪرڻ لاءِ يوسف صديق سندن بٽاليئن جي قيادت ڪئي. انهيءَ ڏينهن صبح جو سوير، ڇهين بَجي کان وٺي انقلابي فوجي آفيسرن جي هوائي فوج جا دستا قاهره جي شهر مٿان لڳاتار ڦيرا ڏيندا رهيا. صبح جو ساڍي ستين بجي جنرل نجوعب جي نالي سان مصر جي عوام کي سرڪاري ريڊيو اسٽيشن جي نشريات ذريعي انقلاب آڻڻ ۽ انقلاب حق بجانب هجڻ بابت آگاهي ڏني وئي. انقلاب بابت اعلان پڙهي ٻڌائيندڙ جو آواز سموري مصري عوام ٻڌو ۽ سُڃاتو ته اهو آواز فري آفيسرس موومينٽ جو جوشيلي انقلابي آفيسر ساٿي، انور سادات جو هو، جيڪو جمال عبدالناصر جي وفات کان پوءِ ملڪ جو صدر ٿيو هو. اقتدار تي انقلابي تحريڪ طرفان قبضو ڪرڻ واري ڪارروائيءَ جي نِگراني هڪ سؤ کان به ٿورن جونيئر انقلابي آفيسرن ڪئي. انقلاب برپا ٿيڻ واري اعلان کان ترت پوءِ مصري عوام قاهره شهر جي گهٽين ۾ انقلاب جي خوشيءَ ۾ نعرا هڻي جلوس ڪڍي انقلاب جي مرحبا ڪئي ۽ جشن ملھايو تڏھن مصر پنهنجي نئين تاريخي دؤر ۾، رشوت خوري، ٺڳي بدمعاشي ۽ بيحد ڪمزور ۽ لاچار حڪومتن واري سنگين صورتحال جي گهيري ۾ هو. انهن مڙني ڀيانڪ بڇڙائين جو ملڪ جي فوج تي گهرو اثر ٿيو. جن فردن ۽ ڌرين رشوت کي جائز سمجهي قبول ڪيو. انهن جو اثر رسوخ پڻ وڌيو. انهن ماڻهن جي بدڪردار سبب 1948ع ۾ اسرائيل سان جنگ ۾ مصر کي شڪست نصيب ٿي. انهيءَ شڪست نوجوان فوجي آفيسرن ۾ ڏک ۽ حڪومت جي خلاف غصو ۽ نفرت پيدا ڪئي.شڪست کائڻ کان پوءِ واري عرصي دؤران حڪومت ۾ موجود ٺڳ ۽ بدمعاش عنصرن ڪُڌن ڪرتوتن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو ۽ قوم ۽ وطن جا غدار عناصر فوج جي قيادت ڪرڻ لڳا. انهن پيشي جي لحاظ کان صفا جاهل ۽ سخت رشوت خور فرد کي لشڪر جو سالار مقرر ڪيو. تنهن ڪري مصر جو ملڪ اهڙي ڀيانڪ صورت حال ۾ گرفتار ٿي ويو، جنهن ۾ سندس بچاءَ لاءِ گهربل لشڪر جهڙو ڪر هو ئي ڪو نه. انهي خطرناڪ صورتحال مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ، فوج ۽ سرڪار کي رشوت خوري ۽ بڇڙائين کان صاف ۽ پاڪ ڪرڻ خاطر، فوج جي نوجوان طبقي مان، نيڪ، لائق، ايماندار ۽ جفاڪش نوجوان آفيسرن کي چونڊي، فوج توڙي قوم ۽ سرڪار جي قيادت کين سونپي وئي وڏي ڳالهه ته اهي پر اعتماد، سچار، قومپرست ۽ انقلابي ھئا،کين اميد ھئي، ته سموري مصري قوم انقلاب جي آجيان ڪندي ۽ انقلابي قيادت سان مثبت جوش ۽ جذبي موافق حتي المقدور تعاون ڪندي، انقلابي اهلڪارن وٽ جيڪي ماڻهو قيدي ھئا، تِن بابت اعلان ٿيو ته، انهن ۾ جن ماڻهن جو فوج سان ناجائز واسطو هو، انهن سان ڪنهن به قسم جي بي واجبي ڪا نه ٿيندي، البت کين مناسب وقت ۽ موقعي تي آزاد ڪيو ويندو. مصر جي عوام کي يقين ڪرايو ويو ته اڄ انقلابي قيادت تحت سموري فوج قانون جي حڪمرانيءَ تحت قومي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پنهنجو بي لوث ۽ پر خلوص ڪرار ادا ڪرڻ جي لائق ٿي انقلابي نصب العين جي حصول لاءِ عمل پيرا آهي. هن موقعي تي عوام کي اپيل ٿي ڪجي ته اهي سڀني قومي غدارن کي ڀڃ ڊاهه ۽ فسادن واريون ڪاروايون هرگز ڪرڻ نه ڏين، ڇو ته اهي ڪارروايون قوم ۽ ملڪ جي فائدي وٽان هرگز ڪو نه آهن. اڄ کان وٺي جيڪو به ملڪ دشمن، انقلاب دشمن قومي غدار اهڙين ڪارروائين ۾ ملوث هوندو، تنهن کي هرگز نه بخشيو ويندو ۽ ڪيفرڪردار تي پهچايو ويندو. پوليس جي پٺڀرائيءَ سان فوج حڪومت جون واڳون سَنڀالي رهي آهي، پرڏيهي برادريءَ کي يقين ڏياريو وڃي ٿو ته سندن مفادات، سندن حفاظت ۽ سندن جائداد جي حفاظت لاءِ مصر جي فوج ذميواري قبول ڪري ٿي. شل الله تعاليٰ اسان کي فتح نصيب ڪري، جيڪو فتح جو نگهبان آهي. فوج طرفان قاهره تي قبضو ٿيڻ کان پوءِ برطانيه کان شاه فاروق کي ملندڙ حمايت ختم ٿيڻ کان پوءِ به کيس آمريڪا جي حمايت برقرار رهڻ جو آسرو هو پر انهي به ڪو مثبت رويو اختيار ڪو نه ڪيو. 25 جولاءِ تي فوج اسڪندريه شهر تي قبضو ڪري ورتو، جتي شاهه فاروق پنهنجي ”مونتضيٰ محل ۾ ترسيل هو، سو ڏاڍو ششدر ٿي پيو ۽ اهو محل ڇڏي سمنڊ جي ڪناري تي سندس ٻئي محل راس التين محل ۾ وڃي لڪو، جتان لانچ ذريعي ملڪ مان فرار ٿيڻ جو ارادو هوس. بادشاهه جي لانچ واري ڪيپٽن کي جنرل نجوعب حڪم ڪيو ته فوج طرفان حڪم ملڻ کان سواءِ لانچ نه هلائي وڃي. انهيءَ وقت معزول بادشاهه جي قسمت بابت انقلابي قيادت ۾ بحث شروع ٿيو. جنرل نجوعب ۽ جمال عبدالناصر سميت ڪجهه آفيسرن راءِ ڏني ته بادشاهه کي جلاوطن ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪيترن ئي ٻين آفيسرن جي تجويز هئي ته کيس قيد ڪري، مصر جي عوام سان جيڪي ڪرتوت ڪيائين، انهن بابت مٿس مقدمو هلائي کيس ڦاسيءَ تي ٽنگيو وڃي. نيٺ فيصلو ٿيو ته بادشاه تخت تِياڳي سندس ولي عهد پٽ کي تخت تي ويهاري. اهو ولي عهد شهزادو احمد فواد شاهه احمد ثاني جي حيثيت سان تخت نشين ٿيو ۽ هڪ ريجينسي ڪائونسل به جوڙي وئي. انهي ڇنڇر جي شام جو 6 بجي تاريخ 26 جولاءِ 1952ع تي شاهه فاروق فوج جي حڪم موجب جلاوطن جي حيثيت ۾ فوج جي نگرانيءَ تحت لانچ ۾ اٽليءَ ڏانهن روانو ٿيو.
ٻئي سال 1953ع ۾ تاريخ اٺاويهه جولاءِ تي جنرل محمد نجوعب مصر جو پهريون صدر ٿيو ۽ مصر ۾ جديد نظام حڪومت شروع ٿيو. ڪمانڊ ڪميٽي جنهن جا اڳي نو ميمبر هئا، پوءِ ٻيا به پنج ميمبر شامل ڪيا ويا، تنهن ڪمانڊ ڪميٽي کي ريووليوشن ڪمانڊ ڪائونسل سڏڻ لڳا. جنرل نجوعب انهيءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو. آر سي سي جي فيصلي موجب، فري آفيسرن مان هڪڙي، نالي، علي احمد، سِوِل حڪومت تشڪيل ڪئي، انهيءَ حڪومت دؤران سوويت يونين مخالف فري آفيسر سوويت يونين جي حامي ماڻهن کي انقلابي عمل مان خارج ڪرڻ لڳا، ته رد عمل طور انقلابي ڌارا ۾ موجود ڪميونسٽ ڪارڪنن، 12 آگسٽ، 1952ع تي ڪافر دَوَار ۾ پورهيتن هٿان وڳوڙ برپا ڪرايا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي. علي مهر جنهن کي اڃا تائين برطانيه سان دلي لڳاء هو، مُجوزه زرعي زمين جي سڌارن بابت آر سي سي سان اختلاف پيدا ٿيڻ سبب، 7 سيپٽمبر تي وزارت عظميٰ تان استعيفيٰ ڏئي انقلابي ڌارا مان خارج ٿي ويو. تڏهن جنرل نجوعب کي وزير اعظم ۽ جمال عبدالناصر کي نائب وزير اعظم مقرر ڪيو ويو. تاريخ 9 سيپٽمبر تي زرعي اصلاحات وارو قانون پاس ڪيو ويو، جنهن تحت، تُرت ئي يورپي ملڪن جي۽ خصوصاً برطانيھ جي مصر ۾ زرعي ملڪيت مصر جي انقلابي سرڪار رد ۽ ضبط ڪري ڇڏي. تنهنجي نتيجي ۾ زرعي زمين جي نئين سِر ورهاست جو منصوبو عمل ۾ آندو ويو. انهيءَ مُطابق مِصر جي هاري طبقي کي، سڀ کان وڌيڪ، سرڪار طرفان ضبط ڪيل زمين ملي هئي. انقلابي سرڪار گهڻي زمين جي مالڪيءَ واري رجحان کي روڪڻ واسطي، گهڻي زمين جي مالڪن کي حڪم ڏنو ته اهي پنهنجي زمينن ۾ ٻه سؤ گهر اڏين 9 ڊسمبر 1952ع ۾ ريووليوشن ڪمانڊ ڪائونسل اعلان ڪيو ته مصر جي عوام جي ڀلائيءَ خاطر بادشاهه جو بنايل مصر جو 1923ع وارو آئين منسوخ ڪجي ٿو. 16 جنوري سن 1953ع ۾ آر سي سي مصر ۾ سمورين سياسي پارٽين کي تحليل يعني منسوخ ڪري، سياسي سرگرمين تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي ۽ مصر ۾ ٽن سالن تي مشتمل عبوري دور جي شروعات جو اعلان ڪيو، جنهن دؤران مصر ۾ ريووليوشن ڪمانڊ ڪائونسل راڄ ڪندي. انهي ڏس ۾ هڪڙو عبوري آئيني خاڪو به تيار ڪيو ويو جنهن آر سي سي ۽ انهيءَ جي ڪاررواين کي جائز ۽ وقتائتو ڄاڻايو. اهو عبوري آئين 10 فيبروري 1953ع ۾ نافذ ڪيو ويو ۽ ترت پوءِ عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ خاطر، ”لبريشن ريلي“ جي نالي ۾ عوام ۾ سياسي پرچار شروع ڪيو. انهي سياسي پرچار واري مهم جي اڳواڻي جمال ناصر پئي ڪئي. ساڻس ٻيا به ساٿي فري آفيسر ٻانهن ٻيلي هئا. 18 جون 1953ع ۾ انقلابي قائد ڪائونسل، ملڪ ۾ بادشاهي نظام حڪومت کي منسوخ ڪري، مصر کي جمهوري مملڪت قرار ڏنو. شاه فوادثانيءَ جي نالي ماتر بادشاهي حڪومت ختم ڪري، جنرل نجوعب کي 52 سالن جي ڄمار ۾ مصر جي نئين جمهوري حڪومت جو صدر مقرر ڪيو ويو ۽ کيس وزير اعظم جي چارج به ڏني وئي. جمال عبدالناصر، جيڪو ان وقت 35 سالن جو نوجوان جونيئر فوجي آڦيسر هو، سو نائب وزيراعظم ۽ وزير داخلا مقرر ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ آر سي سي جي ٽن ميمبر فري فوجي ڪامورن تي مشتمل هڪڙي انقلابي عدالت جوڙي وئي. عبداللطيف بغدادي، انور سادات ۽ حسن ابراهيم تي مشتمل، هن ريووليوشنري ٽِرائبِـيُونَل کي بادشاهي دؤر جي بدعنوان ۽ ڌارين جي دلال سياست ڪارن جي احتساب جي ذميواري سونپي وئي. بادشاهي دؤر ۾ قائم ڪيل انقلاب دشمن تنظيم ”مُسلم بِرادرھُڊ“ انقلابي حڪومت سان ويڙه جاري رکيو آئي.
انقلابي قائد ڪائونسل جي حڪمن جي اُبتڙ، لبريشن ريلي جي ڪارڪنن، ضبط ڪيل غير مسلم پراپرٽي جي گهڻي مقدار تي قبضو ڪري، پنهنجن وفادار ساٿين ۾ ورهائي ڇڏيو ملڪ ۾ ٻين سمورين سياسي پارٽين کي منسوخ ڪرڻ، انقلابي حڪومت کان سواءِ باقي ٻين ڌرين جي سياسي سرگرمين تي بندش لڳائڻ ۽ سيڪيولرزم ۽ ماڊرنٽي کي ملڪ ۾ رائج ۽ وڌندو ويجهندو ڏسي، جنوني مذهبي دهشتگرد تنظيم مسلم برادرهڊ، کار ۽ ساڙ وچان، انقلاب دشمن ڌُرين جي هُشيءَ ۽ مَدد سان انقلابي سرڪار جي خلاف گهيرائو جلائو ۽ مار ڌاڙ تي لهي آئي ۽ جون اوڻيهه سؤ ٽيونجاه عيسوي کان وٺي مصر جي تقريباً سمورن شهرن ۾ سرڪاري املاڪ کي باه لڳائي ساڙڻ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، دنگا فساد برپا ڪرڻ ۽ انقلابي حڪومت سان هر قسم جي جنگ ۾ مشغول رهي، تنهن کي جنوري 1954ع ۾ غير قانوني تنظيم قرار ڏنو ويو، پر اها 2011ع واري انقلاب تائين غير قانوني سياسي تنظيم طور برقرار رهي. 12 جنوري 1954ع ۾ اخوان المسلمين غير قانوني دهشتگرد تنظيم جي ڪارڪنن ۽ انقلابي سرڪار واري سياسي گروپ، ريووليوشن ريليءَ جي شاگرد ڪارڪنن جي وچ ۾ تمام وڏو جهيڙو ٿي پيو. مارچ جي مهيني ۾ خود آر سي سي جي ميمبرن ۾ به هڪ فيصلي ڪن موڙ تي جهيڙو ٿي پيو. تنهن کان پوءِ، آر سي سي جي ڪجهه ميمبرن، خصوصاً خالد محي الدين، جنهن آئيني حڪومت تخليق ڪرڻ لاءِ انقلابي عمل ۾ موٽَ کائڻ واري تجويز جي حمايت ٿي ڪئي ۽ فوج جي ڪجهه سرگرم اهلڪارن ۾ به اختلاف پيدا ٿي پيا. 26 آڪٽوبر 1954ع ۾ اسڪندريه شهر ۾ ريووليوشن ريليءَ طرفان منعقد، هڪ جلسي دؤران، غير قانوني ۽ دهشتگرد پارٽي جمال عبدالنصر تي قاتلاڻو حملو ڪيو، پر هو بچي ويو. نتيجتاً انقلابي حڪومت، انهي دهشتگرد پارٽي مسلم برادرهڊ جي خلاف سخت اُپاء اختيار ڪندي، ان جي اڳواڻن کي 9 ڊسمبر 1954ع ۾موت جي سزا ڏني وئي. تڏهن کان وٺي جمال ناصر اقتدار تي پنهنجي گرفت کي مضبوط ڪندو ويو ۽ پهرين آر سي سي جو چيئرمين چونڊيو ويو، پوءِ آخر ۾ وزيراعظم جي عھدي تي فائض ٿيو. جنرل نجوعب نالي ماتر صدر، يعني آئيني اڳواڻ ٿي رهيو، جيڪو 14 نومبر 1955ع ۾ پنهنجي صدارتي عهدي تان معزول ٿيو ۽ پنهنجي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. انهيءَ دؤر ۾ روس توڙي آمريڪا جي پُٺڀَرائيءَ هوندي مصر جي انقلابي حڪومت برطانيه ۽ فرانس سان خصوصاً سوئيزڪينال جي حوالي سان پنهنجا اختلاف برقرار رکندي آئي. باوجود مصر جي انقلابي حڪومت جي لڳاتار تقاضا، اقوام متحده ۾ مذاڪرن ۽ تجويزن ۽ ٻنهي عالمي طاقتن، آمريڪا ۽ روس دٻاء وجهڻ جي باوجود، برطانيه، مصر جي انقلابي حڪومت کي سوئيز ڪينال جي مالڪي ۽ اختيار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري مصر جي انقلابي حڪومت، مقابلي لاءِ گهربل موڙي گڏ ڪري، سوئيز ڪينال واري علائقي دميتا ۾ برطانوي ۽ فرينچ ٺڪاڻن ۽ املاڪ کي تباهه ڪرڻ واسطي پنهنجن حملن ۾ وڌيڪ طاقت ۽ تيزي آڻڻ شروع ڪري ڏني. نيٺ جمال ناصر برطانيه سان هڪڙي عهد نامي تي دستخط ڪيو جنهن تحت ايندڙ ويهن مهينن اندر برطانيه، مصر مان پنهنجي سموري فوج ڪڍي وڃڻو هو. ٻه سال پوءَ 18 جون 1956ع ۾ جمال عبدالناصر سويئز ڪينال واري مقبوضه علائـقي ۾ مصر جو قومي جهنڊو نصب ڪيو ۽ اعلان ڪيائين ته مصر مان بَرطانِـيَه جي سموري فوج نڪري وئي آهي. 16 جنوري 1956ع ۾ ته هڪ وڏي جلسھ عام کي خطاب ڪندي جمال ناصر نئين آئين جي تشڪيل جو اعلان ڪيو، ۽ اعلان ڪيو ملڪ ۾ صدارتي نظام حڪومت رائج ڪجي ٿو. صدر کي وزيرن کي مقرر ڪرڻ ۽ معزول ڪرڻ جو اختيار حاصل رهندو. 3 مارچ تي چونڊن وارو قانون به منظور ڪيو ويو، جنهن تحت مصر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي به ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو هو. 23 جون 1956ع ۾ جمال عبدالناصر مصر جي جمهوري رياست جو ٻيو صدر چونڊيو ويو. سن 1957ع ۾ صدر ناصر، جولاءِ واري مھيني ۾ ٿيندڙ قومي اسيمبليءَ جي چونڊن جي سلسلي ۾ هڪڙو چونڊن وارو محاذ قائم ڪيو، جنهن کي عربي ٻوليءَ ۾ ال اتحاد ال قومي ۽ انگريزيءَ ۾ نيشنل يونين سڏڻ لڳا. ياد رهي ته سن 1952ع کان وٺي مصر ۾ قائم ٿيندڙ اها پهرين پارليامينٽ يعني قانون ساز قومي ايوان هو. مصر ۾ يوم انقلاب، يعني انقلاب برپا ٿيڻ وارو ڏينهن 23 جولاءِ تي ملهائبو آهي.