تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

سُئيز ڪئنال واري جنگ

سن 1955ع کان وٺي مصر ۽ اولهه جي ملڪن جي وچ ۾ ان وقت تعلقات ۾ ڏارَ پَوَڻ شروع ٿيا. جڏهن ”بغداد پيڪٽ“ نالي پاڪستان ايران، ترڪي ۽ عراق جي اتحاد بابت برطانيه طرفان ڪيل ڳالهين کي مصر کي اڪيلو ۽ بي يارو مددگار ڪري ڇڏڻ جي سلسلي ۾ اهم قدم قرار ڏنو ويو.رد عمل طور ناصر آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي تنظيم طرفان ڪوٺايل بَينڊُنگ ڪانفرنس Bandung Conference ۾ اپريل 1955ع ۾ شامل ٿيو. سيپٽمبر مهيني ۾ مصر زيڪو سلوواڪيا کان هٿيار ورتا. ٻي سال جڏهن آمريڪا ۽ برطانيه اسوان ڊيم جي تعمير لاءِ گهربل رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته مصر جي صدر جمال ناصر 26 جولائي 1956ع ۾ سُئيز ڪينال کي قومي ملڪيت قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ڪينال سنڀاليندڙ ڪمپني ٽوڙي بي دخل ڪري ڇڏي. انهيءَ عرصي دوران مصر ۽ اسرائيل جا اختلاف وڌي دشمنيءَ تي پهتا. ٻي طرف فرانس مصر کي چتاءُ ڏنو ته هو فرانس جي خلاف الجزائر ۾ ٿيندڙ بغاوت جي مدد ڪرڻ بند ڪري. مصر جي طرفان مسلسل مخالف اقدام اختيار ڪرڻ سبب برطانيه ۽ فرانس سوئيز ڪينال تي ٻيهر قبضو ڪرڻ لاءِ مصر تي حملو ڪيو، پَرَ رُوسَ جي مداخلت سبب 29 آڪٽوبر کان 7 نومبر 1956ع تائين يعني 10 ڏينهن هلندڙ جنگ بند ٿي. جنهن جي نتيجي ۾سُئيز ڪينال بابت مصر ۽ برطانيه جي وچ ۾ هڪڙو معاهدو ٿيو. پهرين جنوري 1957ع تي مصر اهو معاهدو به منسوخ ڪري ڇڏيو.
هن ڏِس ۾ برطانيه ۽ فرانس جي ناڪام مداخلت ناصر کي مصر جو هيرو بنائي ڇڏيو ۽ باقي عرب دنيا ۾ سندس اهيمت وڌي وئي. اهڙيءَ ريت ناصر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وفات تائين پنهنجي پاليسيءَ سان سياسي اُفق تي حاوي رهيو.سُئيز ڪينال تي حڪومت جي گرفت اڳي کان به وڌيڪ مضبوط ٿي وئي ۽ قومي پيداوار ۾ ٻيڻو اضافو ڪرڻ لاءِ 1960ع ۾ هڪڙو پنج ساله ترقياتي منصوبو جوڙيو ويو.انهيءَ ساڳئي سال اسوان ڊيم جي اڏاوت شروع ڪئي وئي، جيڪو روسي امداد سان سن 1968ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ سڄو ملڪ سر سبز ٿي ويو. سُئيز ڪينال مغربي سامراجين کان آزاد ڪرائڻ کان پوءِ ناصر سڄي عرب دنيا جي ملڪن ۾ انقلاب برپا ڪري انهن ملڪن کي مغربي سامراج کان آزاد ڪرايو ۽ سڄي عرب ۽ مسلمان دنيا جو هيرو ٿي ويو. سندس وفات وقت ايترا ته ماڻهو گڏ ٿيا جو دنيا جي تاريخ ۾ اڃان تائين ڪنهن جي جنازي ۾ ايترا ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ڪو نه ٿيا آهن، جمال ناصر جي وفات سڄي عرب دنيا لاءِ وڏو نقصان ثابت ٿيو، جيڪو خال اڃان تائين ڀرجي نه سگهيو آهي.