شِيشيءَ ۾ سِرَجندڙ ٻار
1. آءِ وي ايف جي پهرئين مرحلي کي ماهواريءَ جي نظام تي سائنسي طور مناسب ضابطو رکڻ سڏجي ٿو. انهيءَ مقصد جي حصول واسطي عورت کي ٻن هفتن تائين روزانه هڪ سئي لڳائبي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماهواري جي قدرتي ڦيري تي گهربل ضابطو ٿي وڃي ٿو.
2. آءِ وِي ايف جي ٻئي مرحلي کي Super ovulation سُپر اووِيوليشن، يعني مادي پيداواري بيضن جو معمول کان وڌيڪ تعداد ۾ اخراج چئبو آهي. انهيءَ ٻئي مرحلي ۾ عورت کي فوليڪل اِسٽِيمِيُوليٽِنگ هارمون نالي، زرخيزي وارن هارمون يعني جزن جون ٺهيل دوائون ڏنيون وڇڻ ٿيون، جنهن سبب مادي پيداواري جزا (بيضا) معمول کان وڌيڪ تعداد ۾ خارج ٿيڻ لڳن ٿا.
3. آءِ وي ايف جي نَئين مرحلي کي رِٽرائيونگ دِي ايگس يعني مادي پيداواري بيضا ٺاهيندڙ ڳوٿريءَ مان هٿرادي طريقي سان بيضا ڪڍَڻ وارو مرحلو چئبو آهي. مادي پيداواري بيضا ڪڍڻ لاءِ خصوصي طور تيار ڪيل سنهي سُئي بيضن واريءَ ڳوٿريءَ ۾ داخل ڪري سُئيءَ جي ٻاهر نڪتل چيڙهي ۾ چوسيندڙ مشين لڳائي، مشين جي چوس سبب مادي پيداواري جزا سندن ٿيلهي مان نڪري چوسيندڙ مشين وسيلي ٽيسٽ تيوب يا مخصوص شيشيءَ ۾ گڏ ڪيا ويندا آهن. انگلينڊ جي برمنگهام يونيورسٽيءَ ۾ تحقيق ڪندڙ علم حياتيات جي سائنسدانن، هِيُوَمين ريپِروڊَڪشَن نالي سائنسي رسالي ۾ لکيو ته جيڪڏهن شيشيء ۾ ڳڀ تيار ڪندڙ ڊاڪٽر چاهين ته اَسسِٽنگ رِيپِروڊَڪِٽِوِ ٽيڪنالاجي جي مرحلي کانپوءِ سندن علاج هيٺ رهندڙ عورت کي ٻار ڄڻڻ جي لاءِ وڌ ۾ وڌ موقعا ميسر ٿين، ته کين گهرجي ته عورت جي بيضن واري ڳوٿريءَ مان هڪڙيء ئي چڪر ۾ لڳ ڀڳ پندرهن 15 کن بيضا ڪڍي شيشيءَ ۾ گڏ ڪن.
4. آءِ وي ايف جي چوٿين مرحلي کي نر نسلي جزن جو مادي پيداواري بيضن سان ميلاپ ۽ زرخيزي سڏجي ٿو. انهيءَ مرحلي دؤران مادي پيداواري بيضي سان نر نسلي جُزي کي ميلاپ ڪرائي شيشيءَ کي هڪ فزائي ضابطي تحت هڪ چيمبر ۾ رکيو وڃي ٿو. انهيءَ کان چند ڪلاڪ پوءِ نر نسلي جزو مادي پيداواري بيضي ۾ داخل ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر به نر نسلي جزو سُئيء وسيلي بيضي ۾ داخل ڪندا آهن. انهيءَ عمل کي آءِ سي ايس آءِ سڏبو آهي.
واشنگٽن يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف ميڊيسين جيڪو سينٽ لوئيس ۾ قائم آهي، اتي تحقيق ڪندڙ علم حياتيات جي ماهر ڊاڪٽرن هڪ جريدي ۾ ڄاڻايو آهي ته شيشيء ۾ ڄمائي رکيل نرنسلي جزو، جنهن کي آنورن (Testicks) مان چوسيندڙ سئين وسيلي حاصل ڪري شيشن ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. اهو ڄميل نرنسلي جزو، تازي حاصل ڪيل نر نسلي جزي وانگر، شيشيء ۾ زرخيزي پيدا ڪري ڳڀ تيار ڪرڻ ۾ ڪارگر هوندو آهي، جنهن سبب حمل ڪاميابي سان ٽِڪي ٿو ۽ ڳڀ تيار ٿئي ٿو. آمريڪا ۾ هٿرادي حمل ڪرائڻ وارن ڪجهه مرڪزن ۾ انهيءَ مرحلي تي ڳڀ کي ماءُ جي رحم ۾ داخل ڪرڻ کان اڳ، ڳڀ جي نسل جي بنياد تي صحت جي چڪاس جي آڇ ڪئي وڃي ٿي. اها چڪاس ڪجهه حالتن ۾ متنازع هئڻ سبب ڪڏهن ڪڏهن ڪم آڻجي ٿي. زرخيز بيضا يعني ڳڀ ته وڌيڪ تعداد ۾ تيار هوندا آهن، پر مڪمل چڪاس ڪري انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ صحتمند ۽ سٺو هڪ يا ڪڏهن ماءُ جي مرضيءَ موجب ٻه ڳڀ رحم ۾ رکڻ لاءِ چونڊبا آهن. انهيءَ مرحلي تي ماءُ کي رحم ۾ ڳڀ رکڻ ۾ مدد ڏيڻ واسطي کيس پِروجيسٽيرونِ دواجو هڪ وزن ڏيندا آهن.
5. آءِ وِي ايف جي پنجين مرحلي کي ڳڀ جي رحم ۾ داخلا سڏيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن رحم ۾ هڪ کان وڌيڪ ڳڀ داخل ڪبا آهن. ڊاڪٽرن کي گهرجي ته اهي ماءُ واري جوڙي سان گفتگو ڪري سندس مرضي موجب هڪ يا وڌيڪ ڳڀ رحم ۾ داخل ڪن. جيڪڏهن موزون ڳڀ ملي نه سگهن ته انهيءَ صورتحال ۾ رحم ۾ هڪ کان وڌيڪ ڳڀ داخل ڪن. ماءُ جي رحم ۾ ڳڀ، هڪ سَنهِي نَليءَ وسيلي داخل ڪجي ٿو، اها سنهي نَلِي فُرجَ جي معرفت رحم ۾ داخل ٿي ڳڀ رحم ۾ پهچائي ٿي. رحم ۾ داخل ٿيڻ شرط ڳڀ رحم جي ڀت سان چمبڙي پوي ٿو ۽ پنهنجو گهربل کاڌو حاصل ڪري اُسرڻ ۽ نسرڻ جو عمل چالو ڪري ٿو. آءِ وِي ايف وارو حمل ٽڪائڻ وارو عمل انهن عورتن جي لاءِ هڪ مثالي ۽ بهترين طريقه حمِل آهي، جن کي رواجي طرح يا آرٽيفيشل اِنسيمينيشن جي ٻارهن چڪرن جي باوجود حمل نٿو ٽڪي. شيشيءَ ۾ پيداواري بيضن کي زرخيز ڪري ڳڀ تيار ڪري حمل ٽڪائڻ ۽ ٻار ڄڻڻ وارو طريقو اختيار ڪرڻ جو انهن عورتن کي حق حاصل آهي، جن کي چڪاس وسيلي معلوم ٿيو ته انهن ۾ مادي پيداواري بيضي کي پنهنجي رحم ۾ زرخيز ڪرڻ جي صلاحيت ڪانهي، ٻيو ته انهن آءِ وي ايف کان سواءِ ٻيا طريقا اختيار ڪرڻ جي باوجود ۽ زرخيزي پيدا ڪرڻ جون دوائون استعمال ڪرڻ جي باوجود ڪو فائدو ٿيو ئي ڪو نه! ۽ ٽيون ته اهي عورتون جن جي مادي پيداواري بيضو کڻي رحم ۾ پهچائيندڙ نلي (Fallopion Tube) صفا بند هوندي آهي.
برطانيه جي علم حياتيات ۾ زرخيزيءَ بابت تحقيق ڪندڙ سائينسدانن ڪجهه عورتن جي رحم جي ڀِتين ۾ موجود، هڪڙو مخصوص نسلي جزو ڳولي لڌو آهي، اهو مادو آءِ وِي ايف عمل دؤران مُسَلسَل نه ٽڪندڙ حمل جي نشاندهي ڪندو.
ايس ا آر ٽي نالي هڪ سائنسي اداري شيشي ۾ سرجيل ٻارن جي جيئرو ڄمڻ جي شرح، مختلف عمر جي عورتن جي مختلف گروپن سان ڀيٽي بيان ڪئي آهي، جيڪا هيٺينءَ ريت آهي.
1. 35 سال عمر کان ننڍين عورتن ۾ 41 کان 43 سيڪڙو
2. 35 ۽ 37 سالن عمر وارين عورتن ۾ 33 کان 36 سيڪڙو
3. 37 کان 40 سال عمر وارين عورتن ۾ 23 کان 25 سيڪڙو
4. 41 سالن کان وڌيڪ عمر وارين عورتن ۾ 13 کان 18 سيڪڙو
شيشيءَ ۾ سرجيل ٻار مائن جي پيٽان جيئرا ڄاوا. سِي ايم اي جي اوپن نالي تحقيقي جريدي ۾ شائع ٿيل هڪ مضمون ۾ لکيو ويو ته جن عورتن ۾ وٽامن ڊي جو مقدار مناسب حد تائين ڪافي آهي. آءُ وي ايف وارو طريقو انهن ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿئي ٿو. هڪ اڀياس ۾ ڏٺو ويو ته جن عورتن ۾ وٽامن ڊي ليول زياده هئي انهن عورتن ۾ حمل ٽڪڻ جي شرح زياده هئي، مثلاً وٽامن ڊي جي مقدار گهٽ هئڻ وارين عورتن ۾ حمل ٽڪڻ جي شرح 34.7 سيڪڙو هئي ۽ جن عورتن ۾ وٽامن ڊي جي. ليول ڪافي هئي، انهن ۾ حمل ٽڪڻ جي شرح 52.7 سيڪڙو هئي. ڪن عورتن کي آءِ وي ايف واري عمل دؤران کارائيل دوائن جي ڪري طبيعت ۾ هيٺيون خرابيون به ٿي سگهن ٿيون. جھڙوڪ دِل ڪچِي ٿيڻ، اُٻڙڪو يا آت اچڻ، بعضي اُلٽي ٿيڻ، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيڻ، طبيعت ۾ اوچتو جوش يا گرمي پيدا ٿيڻ، چِڙ يا ڪاوڙ ٿيڻ، پيٽ ۾ سُور ٿيڻ، ننڊ اچڻ ۾ ڏکائي ٿيڻ ۽ ٻچي داني وڏي ٿي پوڻ وغيره. لڳاتار روزانه سُيون لڳڻ ڪري ماڻهوءَ جو بيزار ۽ مجروح ٿيڻ ته عموماً آهي ئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن Gonadotrophins گوناڊوٽروفينس دوائن جي استعمال جي ڪري اوورين يعني مادي پيداواري بيضا ٺاهيندڙ ڳوٿرين ۾ تمام گهڻا بيضا ٺهي پوندا آهن، جنهن ڪري پيٽ ۾ سوڄ ۽ ساهه کِڻڻ ۾ ڏکائي ٿي پوندي آهي. انهيءَ پيدا ٿيندڙ حالت ۽ ڪيفيت کي OHSS او ايج ايس ايس Ovarian Hyperstimulation syndrome اووريئن هائپر اِسٽيِميِوُليشن سنڊروم يعني رحم ۾ گهڻن بيضن جي پيدائش واري حالت سڏجي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن جو وزن گهٽائڻ جو مشورو ڏنو وڃي ٿو. آءِ وِي ايف طريقه حمل ۾ نقصان جو مکيه ڪارڻ، زرخيز بيضي يعني ڳڀ ۾ نرنسلي جزن جي تعداد جو گهٽ وڌ هجڻ آهي. سُويڊن جي تحقيقي اداري نالي ڪَيرولينيسڪا اِنسٽِيٽِوُٽِ ۾ ٿيل تحقيق برطانوي ميڊيَڪل جرنل ۾ ڇپي. تنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته آءِ وِي ايف يعني هٿرادو حمل ٽڪائڻ واري عمل ۾ ڦڦڙن جي شاهه شريانين جي بند ٿي وڃڻ جو خطرو رهي ٿو ۽ حمل جي شروع وارن ٽن مهينن دؤران رت ۾ ڄميل رت جون ڳوڙهيون پيدا ٿيڻ جو خدشو رهي ٿو. رحم ۾ هڪ کان وڌيڪ زرخيز بيضن يعني ڳڀن کي داخل ڪرڻ سان ٻه يا اتفاقاً ٽي ٻار به پيدا ٿيڻ جو انديشو رهي ٿو. گهڻن ٻارن جي سرجڻ ڪري، انهن ٻارن جو وزن معمول کان تقريباً اڌ جيترو مس ٿئي ٿو ۽ اهي ٻار گهڻو ڪري پيٽ ۾ مڪمل نشو نما ٿيڻ کان سواءِ، ڄمڻ جي عمومي وقت کان اڳ ڄمن ٿا. اُنهن ٻارن جي ماءُ کي زيابيطس يعني مِٺن پيشابي جي بيماري پيدا ٿيڻ جوخطرو ٿي پوي ٿو ۽ سندس رت جي داٻ وڌڻ جو پڻ خطرو رهي ٿو. برطانيا جي طبي تحقيقي اداري هيومن فرٽيلائيزيشن اينڊ ايمبريولاجي اٿارٽي“ ڊاڪٽرن کي سفارش ڪئي آهي، ته، جن عورتن کي جاڙڻ ٻارن پيدا ٿيڻ جو خوف هُجي، انهن عورتن جي رحم ۾ فقط هڪ ررخيز بيضو يا ڳڀ رکيو وڃي. ڪارڊف يونيورسٽيءَ جي سائينسدانن، فرٽيلٽي اينڊ اِسٽيريلٽِي نالي هڪ سائنسي رسالي ۾ 2012ع ۾ هڪ مضمون شايع ڪرايو، جنهن ۾ هُنن هڪ جديد طريقھ ڪار تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي، جنهن تحت هٿرادو حمل ٽِڪائڻ لاءِ سڀني ۾ سٺو رزخيز بيضو چونڊي سگهبو، ۽ هڪ کان وڌيڪ ٻار ڄڻڻ واري خطري کان عورتون بچي وينديون. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ييل اسڪول آف ميڊيسين جي تحقيق ڪارن ۽ سندن ساٿي سائينسدانن،انساني پيداواري بيضي جي زرخيزي گھُربل پيماني تائين وڌائڻ ۽ سُڌارڻ لاءِ نر نسليِ جُزي ۾ اُها صلاحيت دريافت ڪئي، جنهن مطابق اُهي سُٺو ۽ صحتمند زرخيز بيضو چونڊڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جيڪو آءِ وِي ايف طريقه حمل لاءِ بهترين بيضو ثابت ٿيندو. انهيءَ سِلسِلي ۾ سائنسدانن هڪ نئون طريقو تيار ڪيو آهي، ان کي ”ٽائيم ليپس اِميجنگ“ سڏين ٿا. انهي طريقيڪار کي استعمال ڪرڻ سان ٻارن لاءِ سڪندڙن کي ٻار ڄڻڻ جا وڌيڪ موقعا مُيسر ٿيندا ڇو ته سائينسدان سٺو ۽ صحتمند زرخيز بيضو يا ڳڀ سُڃاڻڻ ۾ جلدي ڪامياب ٿيندا.