اٽليءَ جي تاريخ جا نه وسرندڙ واقعا
ٿورن ۽ غير مصدقه وسيلن سبب قديم اٽليءَ جي تاريخ نهايت مختصر ۽ مبهم صورت ۾ موجود آهي. قديم يوناني ۽ لاطيني ليکڪن اٽليءَ ۽ سندس نسلي گروهن بابت احوال بلڪل غير واضح ۽ غير وثوق انداز ۾ پيش ڪيو آهي. يونانين اٽليءَ جي ماڻهن جي يونانين سان لاڳاپن بابت بلڪل ٿورو احوال ڏنو آهي. انهيءَ مان به مکيه يوناني ليکڪن جهڙوڪ اينٽيوڪس، فائلٽس، ٽائيمائس وغيره جا قيمتي ۽ ذخيم نُسخا ناپيد آهن. لاطيني ادب ۾ فقط روم جو احوال نه هئڻ جي برابر آهي. ٿورو گهڻو معتبر احوال اٽليءَ جي قديم آثارن جي اُپٽار مان معلوم ٿيو آهي. جنهن مان تاريخي واقعن جي ڀيٽ ۾ تهذيبي ۽ ثقافتي سرگرمين بابت وڌيڪ معلومات حاصل ٿي آهي. انهيءَ موجب هتي جا اوائلي ماڻهو ايٽرسڪن هئا. جن کي يوناني ٽائرسينوئي يا ٽائرهينوئي سڏيندا هئا. امبريا جا ماڻهو کين ٽرسڪ۽ لاطيني کين ٽسڪي يا ايٽرسڪي سڏيندا هئا. ايٽرسڪن دستاويزن موجب اهي خود پاڻ کي راسينا Rasenna سڏيندا هئا. يوناني زبان ۾ سندن ملڪ کي ٽائر هينيانا، لاطيني ٻوليءَ ۾ ٽسڪيايا ايٽروريا چوندا هئا. هي علائقو موجوده اٽليءَ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ ٽبريا آرنو واين ۽ اپينائين جابلو علائقي جي وچ ۾ آهي. هن علائقي ۾ ايٽرسڪن ماڻهن جي موجودگيءَ جا آثارستين صدي ق.م. جي شروعات ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ايٽروريا کانسواءِ ٻين علائقن جهڙوڪ: ڪيمپينيا، ليٿيئم ۽ پو Po واري ميداني علائقي کان اتر طرف پڻ ايٽرسڪن ماڻهن جي آبادڪاري نظر اچي ٿي. هنن ماڻهن بابت هڪ راءِ اها آهي ته اهي ايجئين سمنڊ جي رستي اٽليءَ جي اوڀر ۾ واقع ليمنوس ٻيٽ کان لڏي اچي هتي آباد ٿيا. ٻي نظريي موجب ايٽرسڪن ماڻهو اٽلي جا اصل مقامي ماڻهو آهن، جيڪي انڊو يورپين ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن کان به اڳ هتي موجود هئا. موجوده وقت جي ڪن محققن جو خيال آهي ته ايٽرسڪن ماڻهو اٽڪل ٻارهن سئو ق.م، ڌاري ايجئين سمنڊ وسيلي هتي اچي آباد ٿيا.
اٽليءَ ۾ يوناني ۽ لاطينيءَ کان پوءِ ٽئين نمبر تي پهتل ٻولي ايٽرسڪن هئي، جنهن ۾ ثقافتي، تعليمي ۽ ٻين سماجي سرگرمين کي بيان ڪيو پئي ويو. سا هاڻي ادبي لحاظ کان مفقود آهي. رومي سلطنت واري دور ۾ئي گفتگو مان خارج ٿي وَئي. اڄ انهيءَ ٻوليءَ جا چند ٻول وڃي بچيا آهن. جيڪي مروج ٻولين ۾ ضم آهن.
مجموعي طور نتيجو اهو اخذ ڪيو ويو آهي. ته ايٽرسڪن ماڻهو اٺين۽ ڇهين صدي ق.م. دوران هن علائقي جي سامونڊي سوداگرن ۾ ڪجهه گهرو هنر ڄاڻندڙ قوم هئي، جيڪا هن پوري اپٻيٽ ۾ پکڙندي ۽ قابض ٿيندي رهي. پر پنجين ۽ چوٿين ق.م. ۾ مڪمل عروج حاصل ڪرڻ کانسواءِ زوال پذير ٿي پئي ڇو ته اها خود پاڻ نفاق ۽ فرقھ پرستي جو شڪار ٿي وئي ۽ محدود علاقائيت پسندي ۾ ڦاسي پئي. ايٽرسڪن سماج جو بنياد خاندان يا ڪٽنب تي ٻڌل هو. جنهن جو اڳواڻ مرد هوندو هو. هر ماڻهوءَ جي ذاتي نالي سان سندس خاندان يا نک جو نالو پڻ شامل هوندو هو. اهو اصول اٽليءَ جي غير ايٽرسڪن قومن ۾ پڻ مروج هو. غلامن ۽ ڌارين کي فقط پنهنجو ذاتي نالواختيار ڪيل هو.
ايٽرسڪن ماڻهن هن علائقي ۾ يوناني طرز تي شهري رياستون ۽ حڪومتون قائم ڪيون هيون. سائري Caere ٽارڪُئِينِي Tarquinii وُلسي Vulci روسيلي Roselle ويٽيولونيا Vetulonia ۽ پاپيولونيا Populonia شهري رياستون ڏکڻ طرف واري ساحل تي قائم هيون. ويئي Veii وولسِيني Volsini ڪِلُوسيئم Clusiam، پيروشيا Perosia، ڪورٽونا Cortona، اَريٽيئم Arretium، فيسوُلي Faesulae ۽ وولاٽيراء Volaterrae وغيره ساحل کان پري اپٻيٽ اندر قائم هيون. مذڪوره ڇوٽِيُون شهري رياستون مذهبي ۽ ثقاتي هڪجهڙائين جون حامل هيون ۽ منجهن اقتصادي ۽ تجارتي اتحاد پڻ ڏسڻ ۾ آيو. مٿين صورتحال ايٽرسڪن قوم تشڪيل ڪئي. جيڪا مذڪوره ٻارهن شهرن يا رياستن ۾ موجود هئي. رومي ۽ يوناني ڪالونين جي نيم موجب هنن ايٽرسڪن رياستن جا حڪمران فوجي ۽ مذهبي طور تي خودمختيار هئا. بعد ۾ ڪجهه ريپبلڪن حڪومتون پڻ مشاهدي ۾ اچن ٿيون. انهن شهري حڪومتن تي اٿينس شهري رياست جو اثر ڪارفرما رهيو، ٻي ۽ پهرئين صدي ق.م. دوران ايٽرسڪن قوم جي هنن خود مختيار رياستن تي رومي سلطنت جو سڌي طرح سياسي، تجارتي ۽ سماجي اثر ٿيڻ لڳو. جنهن جي وڌڻ سان اهي رياستون اٽليءَ جي اتحاد ۽ رومي سلطنت ۾ شموليت لاءِ راغب ٿيون. اٽليءَ جي قديم ايٽرسڪن قوم جي مذهب جو بنياد يونان ۽ روم وانگر هو جتي گهڻن ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا ڪئي، ويندي هئي، مختلف قسم جا صدقا ۽ قربانيون ٿينديون هيون. سندن عقيدي موجب ڪائنات 16 ڀاڱن يا سرائن ۾ ورهايل آهي. جتي مختلف ديوتائن جا اڳ الڳ آستانا آهن. مثلاً مکيه ديوتا اوڀر طرف رهن ٿا. مادي ديوتا ڏکڻ طرف رهندا آهن. ڪٺور ۽ جابر ديوتا اولهه طرف ۽ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ قادر ديوتا اترطرف رهندا آهن. ايٽرسڪن ماڻهن جو اهو به عقيدو هو ته ديوتا جاندار توڙي غير جاندار هر قسم جي مادي ۾ رهندڙ آهن. لاطيني ليکڪن سندن مذهبي عقيدن کي ڊسيپلينا ايٽرسڪا نالي ۾ مرتب ڪيو آهي.
سندن آسماني يا جنت مڪين عظيم ديوتا ٽن Tin يا ٽنيا Tinia آهي. ان جي حيثيت رومي ديوتا جُپيٽر ۽ يوناني ديوتا زِيئَس واري آهي. هن ديوتا وٽ کنوڻ وارا هٿيار آهن عظيم ماءُ ديوي يوني Uni آهي. اها رومي ديوي هيرا ۽ جُونو جي برابر آهي.
سيٿلان رومي ديوتا وُلڪين جي برابر آهي. ٽومس يوناني ديوتا هرمس ۽ رومي ديوتا مرڪري جي برابر آهي. اهڙي طرح يونانين ۽ رومين وانگر ايٽرسڪن ماڻهن وٽ پڻ وڏي ديو مالا قائم هئي. سندن ڪريه ڪرم پڻ رومين ۽ يونانين سان ملندڙ آهي.
ايٽرسڪن ماڻهو اوائل۾ لاشن کي ساڙي سندن رک مخصوص برتنن ۾ محفوظ ڪري رکند اهئا. بعد ۾ قبرن ۾دفن ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ اهي تابوتن ۾ پڻ رکندا هئا ۽ انهن تي فوتيءَ جي تصوير ٺاهيندا هئا.
ايٽرسڪن لوڪن جا علوم و فنون رومي سمنڊ ۽ يورپ وارين همعصر رسومَ و روايات سان مماثلت رکندڙ هئا. جن ۾ لوهه جي دريافت واري دور جي ثقافتي سرگرمي ڪارفرما رهي. سندن برتنن تي جاميٽريءَ موجب چٽ گُل ۽ وڻن ٻوٽن توڙي ساهوارن جون شڪليون چٽيل آهن. ستين صدي ق.م. ۾هن علائقي ۾ايٽرسڪن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ رسم روايت ۾ مشرقي ۽ مغربي فنون و علوم توڙي رسمن ۽ رواجن ۾ امتزاج جي شروعات ٿي ۽ جلد ئي يوناني فنون جو اثر وڌڻ لڳو. پنجين صدي ق.م جي پهرئين اڌ تائين اصل ايٽروريا رياست دولت توڙي طاقت جي عروج تي رسيل هئي ۽ انهيءَ جا يونان جي سنگتراشي واري تهذيب سان گهرا لاڳاپا موجود هئا. جڏهن يونان خاص ڪري اٿينس پنهنجي عروج کان زوال پذير ٿيو انهيءَ وقت به ايٽروريا وارن جو عروج برقرار رهيو. چوٿين صدي ق.م. جي شروعات ۾ جڏهن يوناني فنون نقاليءَ جي حيثيت گهٽجي وئي، تڏهن ايٽرسڪن ماڻهن سموري اٽليءَ کي فني طور ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا رومي فنون جو بنياد ٿي اُڀري.
ايٽرسڪن قوم جي اقتدار ۾ توسيع پڻ انهيءَ دور ۾ ٿي، جيڪا سندس سامونڊي طاقت سبب عمل ۾ آئي ۽ رومي سمنڊ واري علائقي ۾ ايٽرسڪن ماڻهن بيٺڪون قائم ڪيون. اهي بيٺڪون اسپين جي ساحل کان وٺي اٽليءَ واري اُپٻيٽ تائين پکڙيل هيون. انهن ۾ آئوليا ٻيٽ Aeolia Island سسلي ڪور سيڪا سارڊينيا ۽ ٻيا ڪافي علائقا شامل هئا.
ايٽرسڪن ماڻهن علاقائي توسيع پنهنجي تجارتي ترقي ۽ ڏيساور جي مارڪيٽن جي حصول لاءِ عمل ۾ آندي. هن دور ۾ ٽامي، لوهه ۽ چانديءَ جو واپار ايٽرسڪن ماڻهن وٽ مکيه عنصر هو. تنهنڪري انهن بيش بها ڌاتن جي ذخيرن کي فوئنيشيا ۽ يونان وارن جي حريص نظرن کان بچائڻ هنن لاءِ نهايت ضروري هو.
وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ ڪشمڪش جي نتيجي ۾ ايٽرسڪن ماڻهن جي طاقت گهٽجڻ لڳي۽ يوناني ڪارٿيج زور وٺڻ لڳا. يونانين سان ايٽرسڪن ماڻهن جا تعلقات گهڻ رخا ۽ سُٺا هئا. مگر حرص ۽ حَوَس پاڻ ۾ ويڙهائي وڌا. نتيجي طور يونان، ڪارٿيج ۽ فوئنيشيا وارن سان معرڪھ آرائي ڪندي ڪندي ايٽرسڪن پنهنجون ڏکڻ ۾ قائم بيٺڪون وڃائي ويٺا. چوٿين صدي ق.م. ۾پوري قديم اٽليءَ جي صورتحال ۾ فيصلا ڪن تبديليءَ مان گذري ايٽروريا رياست ڪمزور ۽ ننڍڙي ٿي پئي. روم ۽ ايٽروريا رياستن ۾ مقابلا ٿيندا رهيا. نيٺ سن 396ق.م. ۾ روم ايٽروريا تي سوڀ حاصل ڪئي ۽ ڏکڻ ايٽرورِيا تي قبضو ڪيو ته بعد ۾ ايٽروريا جي مکيه اترين شهرن ڪلوسيئم، پيورگيا ۽ اريزو امن ۽ شانتيءَ سان رومي سلطنت ۾ شموليت اختيار ڪئي. 265ق.م. ۾ روم ووليسنيءَ تي قبضو ڪيو. اهڙي ريت ٽئين صدي ق.م جي وچ ڌاري سموري ايٽروريا يعني ايٽرسڪن قوم جي رياست رومي تسلط هيٺ اچي وئي ۽ آخرڪار سن 90 ق.م. ۾ سموري اٽليءَ جي رهاڪن تي رومي سلطنت جي شهريت لاڳو ڪئي وئي. اهڙيءَ ريت ايٽروريا رياست پنهنجو وجود وڃائي ويٺي ۽ رومي سلطنت طاقتور رياست ٿي اُڀري، جنهن لاطينيءَ کي سلطنت جي قومي زبان قرار ڏنو.
اٽليءَ جي اولاهين ڀاڱي ۾ آباد ٻيا نسل اپوليئن ۽ لاطيني نسلي گروهه هئا.