تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

ٻي عالمي جنگ

آمريت تي ٻڌل حڪومتن جي قيام ۽ استحڪام سبب اٽلي توڙي جرمني وري به عالمي امن لاءِ خطرو ٿي پيا ۽ سموري يورپ کي دٻائڻ لڳا. پهرين عالمي جنگ ۾ ڳچ ايراضي هٿ نه اچڻ تي اٽليءَ کي ڪافي ڪاوڙ ۽ رنج پهتل هو. انهيءَ ڪروڌ جي ڪري هن 1935ع ۾ آفريڪي ملڪ ايٿوپيا تي فوج چاڙهي وڃي قبضو ڪيو. ”ليگ آف نيشنس“ ۾ ايترو دم ئي ڪو نه هو جو اها اهڙي حملي کي روڪي سگهي، ٻئي سال يعني 1936ع ۾ فرانس ۽ جرمنيءَ جي وچ واري علائقي رهائينلينڊ تي جرمنيءَ قبضو ڪيو.سن 1938ع ۾ خود آسٽريا تي قبضو ڪري انهيءَ کي جرمني رياست جو هڪڙو ڀاڱو بنائي ڇڏيائون. انهيءَ خطرناڪ صورتحال سمورن مغربي ملڪن کي منجهائي وڌو. هٽلر سندن دلجوئي ڪرڻ خاطر بيان ڏنو ته سندس مقصد فقط اهو آهي ته سمورن جرمن باشندن کي متحد ڪري قوم کي هڪ ملڪ ۾ ڪٺو ڪجي. تنهن لاءِ جيڪي جرمن ڪزيڪو سلوواڪيا ۾ آهن. انهن کي سندن علائقن سميت جرمنيءَ ۾ شامل ڪيو ويندو. باقي ٻين قومن کي جرمنيءَ مان خطرو محسوس ڪرڻ جي ضرورت ناهي. انگلينڊ ۽ فرانس ٻي مهاڀاري جنگ لڳڻ کان سخت ڊنل هئا ۽ ساڳئي وقت جرمنيءَ جي نئين طاقت کان پڻ مرعوب هئا. تنهنڪري جرمنيءَ طرفان ڪزيڪوسلوواڪيا کي پهرين تقسيم ڪري پوءِ انهيءَ تي قبضو ٿيندو خاموشيءَ سان ڏسندا رهيا.
جڏهن اٽليءَ ۽ جرمنيءَ وانگر جاپان۾ پڻ ڊڪٽيٽرشپ قائم ٿي ته سن 1937ع ۾ هنن ٽنهي ملڪن پاڻ ۾ باهمي دوستيءَ جو معاهدو ڪيو. جاپان کي پڻ پنهنجي معيشيت کي سڌارڻ بحال ڪرڻ ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ وڌيڪ زمين ۽ قدرتي وسيلن جي حصول جي گهڻي تانگهه هئي. انهيءَ ضرورت ۽ مقصد جي حصول خاطر جاپان پنهنجي گهڻي بري ۽ بحري فوج تيار ڪئي، جيئن ايشيا جي ڪمزور ۽ قدرتي وسيلن سان ڀرپور قومن ۽ علائقن تي قبضو ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين قدم طور 1931ع ۾ جاپان اتر چين جو منچوريا وارو ڀاڱو چين کان کسي ورتو.
جرمنيءَ، اٽليءَ ۽ جاپان جو عسڪري اتحاد هاڻ Axis Power محوري قوتون سڏجڻ لڳيون، هنن ملڪن جي پاڻ ۾ ٺاهه ٿيڻ واري سال 1937ع ۾. جاپان چين جي ڳچ ۽ اهم علائقن تي قبضو ڪري ورتو.
مذڪور حالات ۽ واقعات سبب باقي مغربي ملڪ مجموعي طور حيران ۽ پريشان ٿيا ۽ جنگ کان لنوائيندڙ هئا. فرانس ۽ انگلينڊ هٽلر کان سخت خائف ۽ ڊنل هئا. انهيءَ صورتحال تي آمريڪا کي پڻ سخت ڳڻتي هئي. پر في الحال يورپ جي ڪشمڪش ۾ ملوث ٿيڻ کان پاسو ڪري رهيو هو ۽ جرمني ۽ جاپان توڙي اٽليءَ جي ارڏائين کي روڪڻ لاءِ اڃا حرڪت ۾ ڪو نه آيو ۽ خاموش تماشائي ٿي ويٺو هو.
روس جيڪو هاڻي سوويت يونين سڏائڻ لڳو هو سو ته جرمنيءَ کان سڀني کان وڌيڪ ڊنل هو. ڇو ته روس پهرين جنگ ۾ سڀني ملڪن کان اڳي جرمنيءَ کان شڪست کائي چڪو هو. سوويت يونين ۾ ڪميونسٽ حڪومت هئي. جرمنيءَ وارا نازي حڪمران ڪميونسٽن کان سخت نفرت ڪندا هئا، پر عالمي صورتحال جي پيش نظر روس ۽ جرمني سن 1939ع ۾ هڪ ٻئي تي حملو نه ڪرڻ جو معاهدو ڪيو. هن معاهدي کان تِرت پوءِ جرمني پهرين سيپٽمبر 1939ع تي پولينڊ تي حملو ڪيو، رد عمل طور روس به پولينڊ ۾ پنهنجون فوجون داخل ڪري ڪجهه ايراضي جرمن قبضي کان بچائي پر ڪافي علائقي تي جرمني قابض ٿي چڪو هو. انهيءَ قبضي خلاف فرانس ۽ انگلينڊ پولينڊ جي حمايت ۾ جرمنيءَ جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. اهڙيءَ ريت هيءَ جنگ ٻي عالمي جنگ جي صورت اختيار ڪري وئي. محوري قوتن ته جنگ لاءِ خوب تياريون ڪيون هيون. 1940ع جي اوائل ۾ جرمن فوجن ڊينمارڪ ۽ ناروي تي قبضو ڪري ورتو هو. تنهن کان ترت پوءِ فرينچن جي حمايت ۾ آيل انگريزي فوجين کي فرانس مان هڪالي ڪڍي جرمن فوجن ڳچ فرينچ ايراضيءَ تي قبضو قائم ڪيو. ٻئي طرف جرمن ۽ اٽليءَ جي فوجن اتر آفريڪا جي ڪافي علائقن تي قبضو ڄمايو. انهيءَ وچ۾ اٽليءَ البانيا تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو. سن 1941ع ۾ جرمني ۽ اٽليءَ جي فوجن بلقان علائقي وارن ننڍن ملڪن کي پڻ فتح ڪري ورتو.
جڏهن محوري قوتن کي يورپ توڙي آفريڪا ۾ مسلسل فتوحات حاصل ٿينديون رهيون ۽ سندن مخالف ملڪ جن کي اتحادي ملڪ Allied Powers ڪوٺڻ لڳا. لڳاتار شڪستن سان دوچار ٿيندا رهيا. ته انهيءَ وايومنڊل ۾ هٽلر ڀانيو ته هاڻي ته سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪا تڪليف ڪا نه ٿيندي. تنهنڪري روس سان ٿيل معاهدي کي يڪ طرفو رد ڪندي جرمنيءَ جُونِ سن 1941ع تي سوويت روس تي حملو ڪري ڏنو. جنهن عرصي دوران جرمنيءَ ۽ اٽلي يورپي ملڪن کي فتح ڪندا رهيا. انهيءَ وقت سندن ساٿاري جاپان وري ايشيا جي ملڪن تي حملا ۽ قبضا ڪرڻ ۾ مشغول هو. جنهن دوران هن چين جي وڏي حصي، ايسٽ انڊيز ۽ سموري انڊو چائنا تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو هو. تنهن کان پوءِ جاپان، فلپائين ۾ آمريڪي فوجن جي موجودگيءَ تي سندن فتوحات خلاف خطرو محسوس ڪندي، آمريڪين کي هتان نڪري وڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڏِس ۾ پهرين عملي قدم طور جاپاني بحري فوج پيسفڪ سمنڊ ۾ موجود هوائي ٻيٽ تي قائم آمريڪي بحري بندر ”پرل هاربر“ تي اوچتو حملوڪري ڪيترن ئي آمريڪي بحري جهازن کي غرق ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪي بحريه کي ڪافي نقصان رسايو. جاپان جي انهيءَ حملي جي رد عمل طور آمريڪا ڪاوڙ ۾ اچي اتحادي ملڪن يعني انگلينڊ، فرانس ۽ سوويت روس جي حمايت ۾ محوري قوتن جي خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويو. اتحادين چين کي به محوري ملڪن خلاف پاڻ سان شامل ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو صنعتي ملڪ هو. جتي هزارن جي تعداد ۾ جنگي جهاز ۽ ٽينڪون ٺهڻ لڳيون. انهيءَ سان گڏ بحري جنگي جهاز پڻ تمام گهڻي تعداد ۾ تيار ٿيڻ لڳا. آمريڪا ۾ تيار ٿيندڙ سموري جنگي سازوسامان کي ترت يورپ پهچايو ويو. ساڳئي وقت محوري قوتن لاءِ اها ڳالهه هاڻي وڌيڪ ڏکي ٿيڻ لڳي. ته اُهي ضرورت مطابق جنگي ڪُمڪ سمورن محاذن تي وقت سر پهچائين. سوويت روس ۾ جرمن فوجون سخت خطرن سان دوچار ٿيون. کين سوويت روس جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڏي ايراضيءَ وارو ملڪ هو، فتح ڪرڻ ناممڪن محسوس ٿيو.
سن 1943ع ۾ هن عالمي جنگ جي صورتحال ۾ نمايان تبديلي آئي. آمريڪا جي شامل ٿيڻ سبب اتحادي ملڪن جي حالت عسڪري طور وري بحال ٿي وئي ۽ اهي بچاءُ واري جنگ مان گذري هاڻي محوري قوتن تي سمورن محاذن تي حملا ڪرڻ لڳا. سن 1943ع ۾ روسي فوجن جرمن لشڪر تي وڏي پئماني تي حملا شروع ڪري ڇڏيا. ساڳئي سال اتحادي فوجن اٽليءَ ۽ جرمنيءَ طرفان آفريڪا ۾ ڪيل قبضا خالي ڪرايا ۽ اٽليءَ جو ملڪ خود سندن يعني اتحادي قوتن جي قبضي هيٺ آيو. سن 1944ع ۾ جرمن قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ اتحادي فوجون فرانس ۾ داخل ٿيون. جنهن ڪري جرمن قابض فوج اتحادي فوجن جي گهيري ۾ اچي ويئي ۽ جرمن لشڪر جو وڏو حصو مري کپي ويو. باقي تمام ٿوري تعداد ۾ جرمن لشڪر ڀڄي جان بچائي. سن 1945ع ۾ سوويت روس جي اڳواڻيءَ ۾اتحادي فوجون جرمنيءَ ۾ Elbe ايلبي نديءَ وٽ اچي پهتيون. تڏهن جرمنيءَ کي پنهنجي شڪست جو احساس ٿيو ۽ جرمنيءَ جي مرد آهن هٽلر خودڪشي ڪئي. انهيءَ صورتحال يورپ ۾ ٻي عظيم جنگ جو انت آندو. جرمنيءَ کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو ۽ هڪ هڪ ڀاڱو انگلينڊ، آمريڪا، فرانس ۽ سوويت روس جي حوالي ڪيو ويو.
ٻي عظيم جنگ يورپ سان گڏ ايشيا ۾ پڻ لڙي پئي ويئي، آمريڪي فوجن سن 1942ع ۾ پيسفڪ سمنڊ ۾ جاپان جي زير تسلط ٻيٽن تي حملا ڪيا. آمريڪا جي هوائي ۽ بحري ٻيڙي کي جاپان تي اڳي ئي برتري حاصل هئي. تنهنڪري جاپان آهستي آهستي هار کائيندو ۽ قبضا خالي ڪندو ويو. آمريڪين پنهنجي اتحادين سان گڏجي جاپانين کي پيسفڪ ۾ سندن سمورين بيٺڪن تان دستبردار ڪري کين پنهنجي ملڪ تائين اچي محدود ڪيو. پر جاپان پنهنجي هوڏ تان اڃا ڪونه هٽيو هو. تنهنڪري آمريڪا جاپان جي شهر هيروشيما تي 6 آگسٽ 1945ع تي ايٽم بم ڪيرايو ۽ ٻيو ايٽمي بم جاپان جي ٻئي صنعتي شهر ناگاساڪيءَ تي ڪيرائي، جاپان جي لکين ماڻهن کي ماري ۽ لکين ماڻهن کي اپاهج بنائي سندس معيشيت توڙي عسڪري قوت کي مڪمل طور فنا ڪري جاپان کي آڻ مڃڻ لاءِ بيوس ۽ مجبور ڪري وڌو. نتيجي طور لڳاتار ڇهن سالن کان جاري هيءَ ٻي عالمي لڙائي 2 سيپٽمبر 1945ع تي اختتام پذير ٿي. هن عظيم جنگ ۾ پهرين عالمي جنگ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو مالي توڙي جاني نقصان ٿيو هو. مجموعي طور ڏيڍ ڪروڙ فوجي مئا ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ تعداد ۾ هن جنگ ۾ عام شهري اجل جو شڪار ٿيا يورپ توڙي ايشيا ۾ گولاباري سبب تمام گهڻي تباهي ٿي چڪي هئي. جنگ جي شڪار هر ملڪ جا ڪارخانا، ريل جا رستا، توڙي موٽر رستا صفا برباد ٿي ويا. ڪروڙين ماڻهو فاڪا ڪشيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا.
جنگ جي خاتمي کانپوءِ هٽلر جي ظلمن جا داستان مشتهر ڪيا ويا. ايشيا ۾ جاپانين جي ظلمن جا داستان پڌرا ڪيا ويا. سندن سفاڪاڻي ڪردار سبب جاپان ۽ جرمني جي مکيه اڳواڻن تي جنگي ظلمن جا ڪيس هلائي، منجهائن گهڻن کي موت جي سزا ڏني وئي ۽ باقي اڳواڻن کي قيد جون ڊگهيون سزائون ڏنيون ويون. هنن ٻن عالمي جنگين سبب يورپي قومن جي عالمي طاقتن واري اڳوڻي حيثيت ختم ٿي وئي. جنهن تحت عالمي واپار تي سندن قبضو هوندو هو ۽ تمام وڏيون ۽ گهڻيون بيٺڪون سندن تسلط هيٺ هيون. هنن جنگين سبب مجموعي طور يورپي ملڪن جي معيشيت بالڪل تباهه ٿي وئي. ٻئي طرف يورپ جي تسلط هيٺ ايشيائي ۽ آفريڪي بيٺڪن يعني يورپي قومن جي غلاميءَ ۾ ڦاٿل ايشيائي آفريڪي قومن آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ منظم جدوجهد جو آغاز ڪري ڇڏيو.
ٻي عالمي جنگ جي خاتمي وقت يورپ جون ڪافي بيٺڪون آزاد ٿي چڪيون هيون. جنهن سبب يورپي ملڪن کي پنهنجي معيشيت جي اوسر لاءِ گهربل سستو ڪچو مال ۽ مزور ملڻ گهٽجي ويو ۽ اهو آخر بند ٿي ويو. جنهن ڪري يورپي ملڪن کي گهربل مال توڙي مزدور تمام گهڻي رقم جي عيوض وٺڻو ٿي پيو. جيڪو في الوقت سندن دسترس کان ٻاهر هو.
مذڪور صورتحال ۾ مُثبت تبديلي ۽ سڌارو آڻڻ لاءِ آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ اتحادي ملڪن ڪافي اپاءُ ورتا، جنهن تحت آمريڪا متاثر ملڪن کي سندن معيشيت جي بحاليءَ لاءِ تمام وڏا قرض هڪ منصوبي موجب جاري ڪيا. انهيءَ منصوبي کي ”مارشل پلان“ نالو ڏنو ويو ڇو ته انهي منصوبي جي جوڙجڪ ۾ انهيءَ وقت جي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ يعني وزير خارجه جارج مارشل جو مکيه ڪردار هو. انهيءَ منصوبي تحت جيڪي قرض جاري ڪيا ويا انهن وسيلي ڪجهه سالن اندر اولهه يورپ جي ملڪن ۽ جاپان جي معيشيت بحال ٿي وئي ۽ اهي ملڪ ترقيءَ جي نئين راهن تي گامزن ٿي ويا. هن عالمي لڙائيءَ سبب برطانوي سامراج جي عالمي پڳ لهي پئي ۽ اها آمريڪا جي سر تي سجائي وئي، ڇو ته حرفت صنعت توڙي اثر ۾ اهو سڄي دنيا ۾ زور آهي.