تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

اقوام متحده جو قيام

ٻي عالمي لڙائي دوران اتحادي ملڪ سندن دوست ملڪن جي ساٿ کي سڏيندا ئي ”اقوام متحده“ هئا، جنگ کان پوءِ قائم ٿيندڙ عالمي تنظيم کي اهو ئي نالو ڏنو ويو. پهرئين جنوري 1942ع ۾ 26 اتحادي ملڪن ٻي عالمي لڙائي جي اسباب ۽ مقاصد بابت هڪ پڌرنامو جاري ڪيو. انهيءَ پڌرنامي جو عنوان هو ”اقوام متحده جو پڌرنامو“ انهيءَ وقت کان وٺي ”اقوام متحده“ وارو لفظ پکڙجي مشهور ٿيڻ لڳو.
واشنگٽن شهر جي هڪ علائقي ڊمبارٽن آڪس ۾ 21 آگسٽ 1944ع کان 27 آگسٽ 1944ع تائين دنيا جي چئن وڏن اتحادي ملڪن آمريڪا، برطانيه، روس ۽ فرانس طرفان منعقد ڪانفرنس ۾ هن مستقل عالمي تنظيم جي جوڙجڪ لاءِ مکيه ۽ اهم ڪم ڪيو ويو هو، پر انهيءَ بابت هڪ مڪمل ۽ متفق منصوبو جُڙي ڪو نه سگهيو، ڇو ته آمريڪا ۽ برطانيه جو ٻن مکيه معاملن تي اختلاف ٿي پيو. هڪڙو مجوزه سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ فيصلو ڪن ووٽ يعني ويٽو پاور جي اختيار وارو مسئلو، ٻيو اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ واري اصول جو اختلافي مسئلو. روس سوويت يونين جي سمورين رياستن جي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ جداگانه ۽ آزادانه ميمبرسپ جي گهر ڪئي هئي، اها برطانيه ۽ آمريڪا قبول ڪانه ڪئي، بعد ۾ يالٽا ڪانفرنس دوران آمرڪي صدر روزويلٽ، برطانوي وزيراعظم چرچل ۽ روسي صدر اسٽالن مٿين اختلافن کي ختم ڪيو ۽ اقواممتحده نالي تنظيم ۾ اڳوڻي عالمي تنظيم ۾ موجود ٽرسٽي شپ وارو نظام رائج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙيءَ طرح يالٽا ڪانفرنس ۾ ڊمبارٽن ڪانفرنس واري خاڪي ۾ ترميمون آڻي، اقوام متحده جي جوڙجڪ لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هڪڙو مناسب بنيادي خاڪو اتفاق راءِ سان جوڙيو ويو. انهيءَ موجب 25 اپريل 1945 تي اتحادي ملڪن ”سينفرانسسڪو“ شهر ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي. جنهن ۾ اقوام متحده جو چارٽر مرتب ڪيو ويو. انهيءَ چارٽر تي انهن 46 ملڪن 26 جون 1945ع تي صحيح ڪئي جن جي نمائندن ”سينفرانسسڪو“ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس هلندي چئن ٻين قومن، يوڪرين، بائلوروس، ارجنٽائن ۽ ڊينمارڪ کي پڻ انهيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. تنهن کانسواءِ هن ڪانفرنس ۾ شامل نه رهندڙ ملڪ پوليند کي پڻ اقوام متحده جو ميمبر بنايو ويو. اهڙيءَ ريت اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جو تعداد 51 بڻيو. 24 آڪٽوبر 1945ع تي اقوام متحده وارو چارٽر اصولي طور لاڳو ڪيو ويو. انهيءَ وقت چئن عالمي طاقتن يعني، آمريڪا، برطانيه، روس ۽ فرانس سان گڏ باقي ميمبر ملڪن جي اڪثريت انهن تي چارٽر موجب عائد ضروري اسناد پيش ڪري ڇڏيون هيون. سينفرانسسڪو ڪانفرنس گذريل ٻن هزار سالن جي ڊگهي عرصي ۾ عالمي پئماني تي سڏايل پهرين ڪانفرنس هئي، جنهن تي ڪنهن به يورپي قوم جو غلبو ڪو نه هو.
سينفرانسسڪو ڪانفرنس نه فقط جاگرافيائي طور تي يورپ کان تمام پراهين پڊ تي منعقد ڪئي وئي هئي، پر انهيءَ ۾ سوويت روس جي اولهه وارن فقط نون (9) يورپي ملڪن شرڪت ڪئي هئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي 21 مُلڪن، 7 ويجهن مشرقي ملڪن، 6 دولت مشترڪه جي ملڪن، 3 سوويت رياستن 2 ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ 2 آفريڪي ملڪن سموريءَ دنيا جي نمائندگي ڪئي. اتحادي ملڪن جي مخالف (9) نوَن ملڪن، جرمني، اٽلي، جاپان، هنگري، آسٽريا، رومانيا، بلغاريه، فنلينڊ ۽ ٿائلينڊ، 8 غير جانبدار ملڪن: سئيزرلينڊ، اسپين، پرتگال، سويڊن، آئرلينڊ، افغانستان، آئيس لينڊ ۽ يمن ۽ پڻ پولينڊ جي هن ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪانه هئي.
هن ڪانفرنس جي روزاني ڪارگذاري ۽ تقريرون پنجن ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ گهربل تعداد ۾ سمجهائيندڙ ۽ مترجم ڪم سان لڳايا ويا، جيڪي پنجن ٻولين انگريزي، فرينچ، اسپينش، روسي ۽ چينيءَ ۾ مذڪور مواد تيار ڪري حاضرين مجلس نمائندن ۽ مُبصرن ۾ ورهائيندا هئا. ڪانفرنس جي تياريءَ وارن اجلاسن جي صدارت واري واري سان چئني وڏين طاقتن کي ڏني ويندي هئي. مذڪور چئن وڏن جي غير رسمي ڳالهين جو انهن اجلاسن تي گهرو اثر ٿيندو هو.
اڳي سياسي ڪانفرنسن ۾ رٿن جي بحالي ۽ فيصلن لاءِ جيڪو اتفاق راءِ وارو اصول اختيار ڪيو ويندو هو، انهيءَ کي ترڪ ڪري هن ڪانفرنس جي اجلاسن ۾ فيصلن لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت وارو اصول اختيار ڪيو ويو. هن ڪانفرنس ۾ مغربي طاقتن ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ ڪيترائي سياسي مسئلا کڙا ٿيا، جهڙوڪ: يوڪرين، بيلوروس، ارجنٽائين جي اقوام متحده ۾ داخلا ۽ پولينڊ جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو پاور استعمال ڪرڻ جو خصوصي حق، مٿي بيان ڪيل مسئلا مصلحت جي بنياد تي حل ڪيا ويا. انساني حقق جي حفاظت ۽ اقتصادي ۽ سماجي بهبود واري عالمي اصولن جو مخالف مختلف علاقائي گروهي ۽ قومي حقوق متعلق مقامي اصولن تي مبني مسئلا ۽ نوآبادياتي ۽ علائقائي بچاءُ وارن اُپائن ۽ ملڪن ۽ رياستن جي برابريءَ جي مخالف وڏين طاقتن جي غلبي وارن مسئلن، مختلف ضمني گروپن ۾ اظهار ڪيو. جنهن سبب ننڍين رياستن ۽ مشرقي توڙي لاطيني آمريڪا جي رياستن سان انصاف وارو ورتاءُ ڪرڻ لاءِ ڊمبارٽن آڪس ڪانفرنس جي خاڪي ۾ يالٽا ڪانفرنس دوران گهربل تبديليون ڪيون ويون ۽ انهيءَ خاڪي هيٺين صورت ورتي.
1. اقوام متحده جا اغراض و مقاصد ۽ ميمبرشپ لاءِ اصول.
2. اقوام متحده جي بناوتي جوڙجڪ جا مکيه ادارا.
(الف) جنرل اسيمبلي.
(ب) سلامتي ڪائونسل.
(ٻ) اقتصادي ۽ سماجي بهبودي ڪائونسل.
(ڀ) ٽرسٽي شپ ڪائونسل.
(ت) عالمي عدالت براءِ انصاف.
(ٿ) سيڪريٽريٽ.
3. عالمي امن ۽ سلامتيءَ جي نگهداشت:
(الف)قومن جي وچ ۾ مسئلن جو حل.
(ب) عسڪري هٿيارن تي ضابطو.
(ٻ) چارٽر ۾ گهربل ترميم.
4. عالمي قانون جي ترقي.
5. اقتصادي ۽ سماجي تعاون.
(الف) اقتصادي تعمير نو.
(ب) هنري ۽ ٽيڪنيڪي امداد.
(ٻ) اقتصادي مالياتي ترقي.
(ڀ) تجارت ۽ ترقي.
(ت) پناهگير.
(ٺ) منشيات تي ضابطو.
(ث) خاص ڪم اُڪلائيندڙ ايجنسيون.
6. محڪوم علائقا.
(الف) اهي علائقا جتي مقامي باشندن جي حڪومت ڪونهي.
(ب) ٽرسٽي شپ سسٽم.
7. انتظاميه.
(الف) ماليات.
(ب) ملازم.
(ٻ) مراعات ۽ تقويات.
(ڀ) دفاتر، هيڊڪوارٽرس.
مقاصد ۽ ميمبرشپ
اقوام متحده جي چارٽر جي پهرئين آرٽيڪل ۾ تنظيم جي مقصدن ۾ عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ سڀ کان وڌيڪ اهم نقطو آهي. تنهن کانپوءِ قومن جي وچ ۾ برابريءَ جي بنياد تي دوستي پيدا ڪرڻ، جنهن ۾ قومن جي خود اختياريءَ وارو حق به شامل آهي. عالمي پئماني تي اقتصادي، سماجي، ثقافتي يا انساني مسئلن جي حل لاءِ عالمي تعاون مهيا ڪرڻ واسطي مرڪزي رضاڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ آهي.
آرٽيڪل نمبر ٻه موجب اقوام متحده جي ميمبر ملڪن کي پنهنجي خود مختياريءَ جا هڪجهڙا حق حاصل آهن. ڪنهن به قوم کي ٻي قوم سان جنگ ڪرڻ نه گهرجي، ان کي دٻائڻ نه گهرجي ۽ پنهنجا مسئلا اصولي ڳالهين مهاڙين سان حل ڪرڻ گهرجن. هر ميمبر رياست تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اها اقوام متحده جي چارٽر موجب سمورن ڪمن ۾ ان جي مناسب مدد ڪري، عالمي امن ۽ سلامتيءَ خاطر غير ميمبرملڪن کي پڻ اقوام متحده جي ورتل اپائن جي پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي. آرٽيڪل نمبر 7 موجب ڪنهن مخصوص قانون جي نفاذ کانسواءِ اقوام متحده ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪانه ڪندي.

اقوام متحده جا شروعاتي ميمبر ملڪ هيٺيان هئا.
1. ارجنٽائين، 2. آسٽريليا، 3. بيلجم، 4. بيلوروس، 5. بوليويا، 6. برازيل، 7. ڪئناڊا، 8. چلي، 9. چين، 10. ڪولمبيا، 11. ڪوسٽاريڪا، 12. ڪيوبا، 13. ڪزيڪو سلوويڪيا، 14. ڊينمارڪ، 15. ڊومنيڪن ريپبلڪ، 16. ايڪوار ڊور، 17. مصر، 18. ايل سلواڊور، 19. ايٿوپيا، 20. فرانس، 21. يونان، 22. گوئٽيمالا، 23. هائٽي، 24. هونڊارس، 25. هندستان، 26. ايران، 27. عراق، 28. لبنان، 29. لائبريا، 30. لگزمبرگ، 31. ميڪسيڪو، 32. نيدرلينڊس، 33. نيوزيلينڊ، 34. نڪاراگئا، 35. ناروي، 36. پاناما، 37. پيراگوئي، 38. پيرو، 39. فلپائين، 40. پولينڊ، 41. سعودي عرب، 42. ڏکڻ آفريڪا، 43. شام، 44. ترڪي، 45. يوڪرين، 46. سوويت يونين، 47. برطانيه، 48. آمريڪا، 49. يوروگوئي، 50. وينيزولا، 51. يوگوسلاويا.
ميمبريءَ لاءِ اميدوارن کي سلامتي ڪائونسل جي حمايت ۽ جنرل اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان بحال ٿيل رٿ کانپوءِ ميمبر بنايو وڃي ٿو. ميمبري فقط انهن ملڪن کي ڏني ويندي جيڪي امن پسند ۽ اقوام متحده جي چارٽر کي مڪمل طور مڃيندڙ هوندا ۽ ان تي عمل پيرا رهندا.
انهيءَ وقت سلامتي ڪائونسل جي توسيع ۽ اجازت کانسواءِ ميمبري ملڻ ناممڪن هو. انهيءَ ڪري سن 1950ع تائين ميمبريءَ جي اميدوار 31 ملڪن مان فقط 9 ملڪ ميمبر بنايا ويا.
افغانستان، آئيسلينڊ، سويڊن ۽ ٿائلينڊ سن 1946ع ۾ پاڪستان ۽ يمن سن 1947ع ۾، برما سن 1948ع ۾، اسرائيل سن 1949ع ۾ ۽ انڊونيشيا سن 1950ع ۾ ميمبري حاصل ڪئي. مٿين پيچيدگي دور ڪرڻ لاءِ سن 1955ع ۾ جنرل اسيمبليءَ جي ڏهين اجلاس ۾ ڪئناڊا جي سرڪردگيءَ ۾ 29 ميمبرن ”پيڪيج ڊبل“ نالي بل پيش ڪيو. انهيءَ بل کي واضح اڪثريت جي حمايت حاصل هئي، پر آمريڪا جي اصرار تي جاپان ۽ منگوليا کي ڇڏي باقي 16 اميدوار ملڪن کي اقوام متحده جو ميمبر بنايو ويو. سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1. البانيا، 2. آسٽريا، 3. بلغاريه، 4. ڪمبوڊيا، 5. سيلون (سريلنڪا)، 6. فنلينڊ، 7. هنگري، 8. آئرلينڊ، 9. اٽلي، 10. اردن، 11. لائوس، 12. لبيا، 13. نيپال، 14. پُرتگال، 15. رومانيا ۽ 16. اسپين.
سن 1956ع ۽ 57ع ۾ پنهنجي يارهين اجلاس ۾، جنرل اسيمبليءَ پنجن ملڪن: 1. گهانا، 2. جاپان، 3. موراڪو، 4. سوڊان ۽ 5. تيونس کي ميمبر بنائڻ لاءِ بل پاس ڪيو. سن 1957ع ۾ ملايا کي، جيڪو پوءِ ملائيشيا سڏجڻ لڳو.) ميمبر بنايو ويو. سن 1958ع ۾ مصر ۽ شام جي نمائندن گڏجي يونائٽيڊ عرب ريپبلڪ UAR جي نالي ۾ اقوام متحده جي ميمبري حاصل ڪئي. ڊسمبر 1958ع ۾ آفريڪي مُلڪ گني به اقوام متحده جو ميمبر ٿي ويو. سيپٽمبر 1960ع ۾ هيٺيان ٻيا به سورهن ملڪ ميمبر ٿيا.
1. ڪيمرون، 2. جمهوريه وچ آفريڪا، 3. چاڊ، 4. قبرص، 5. ڊاهومي، 6. گيبن، 7. آئوري ڪوسٽ، 8. جمهوريه ملاگاسي، 9. مالي، 10. نائجر، 11. جمهوريه ڪانگو، 12. ڪانگو، 13. سينيگال، 14. صوماليه، 15. ٽوگو ۽ 16. اپروولٽا. آڪٽوبر 1960ع ۾ نائيجيريا ۽ سيپٽمبر 1961ع ۾ سيراليون ميمبر بنيا. آڪٽوبر 1961ع ۾شام، مصر کان جدا ٿي پنهنجي الڳ ميمبري حاصل ڪئي ۽ منگوليا ۽ ماريطانيا پڻ ميمبر بنجي ويا. ساڳئي سال ڊسمبر ۾ تينگنيڪا Tanganyika به اقوام متحده جو ميمبر بڻيو. سن 1962ع جي سيپٽمبر ۾ 1. روانڊا، 2. برونڊي، ۽ 3. جمائڪا ۽ ڊسمبر ۾ الجزائر ۽ يوگنڊا ميمبر ٿيا.
سن 1962ع جي مئي مهيني ۾ ڪويت ۽ ڊسمبر ۾ ڪينيا ۽ زنجي بار جي ميمبر ٿيڻ سان اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جو تعداد 113 ٿي ويو. اپريل 1964ع ۾ ٻن ميمبر ملڪن رنجي بار ۽ تينگنيڪا هڪ ٺاهه تحت گڏجي هڪ ملڪ تنزانيه جي حيثيت سان ميمبري حاصل ڪئي. تنهنڪري اقوام متحده جي ميمبرن جو انگ گهٽجي 112 ٿيو، پر ڊسمبر ۾ ٽن ٻين ملڪن 1. ملاوي، 2. زيمبيا ۽ 3. مالٽا جي ميمبر بنجڻ سان اهو وڌي 115 کي پهتو.
21 جنوري 1965ع تي انڊونيشيا اقوام متحده مان نڪري وڃڻ بابت هڪ خط موڪليو هو، پر 19 سيپٽمبر 1965ع تي وري ٻيو خط موڪليو، جنهن ۾ اقوام متحده ۾شامل رهڻ ۽ تعاون ڪرڻ جو واعدو ڪيو. اهڙي ريت ان جي ميمبري برقرار رهي. سيپٽمبر 1965ع ۾ سينگاپور، مالديپ ۽ گيمبيا ميمبر ٿيا، سن 1966ع ۾ گُيانا. بوٽسوانا، ليسوٿو ۽ بارباڊوز ميمبر ٿيا. سن 1967ع ۾ ڏکڻ يمن، 1968ع ۾ ماريس سوازي لينڊ ۽ استوائي گني، 1970ع ۾ فجي ۽ سن 1971ع ۾ بحرين، ڀوٽان، عمان، قطر ۽ متحده عرب امارات جي ميمبر سازي ٿيڻ سان اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جو تعداد 132 ٿي ويو. تنهن کان سواءِ اڃا تائين 50 کن ننڍيون رياستون ميمبريءَ لاءِ درخواستون ڏئي چڪيون هيون، انهيءَ صورتحال، جنهن تحت جنرل اسيمبليءَ ۾ ننڍن توڙي ڪمزور ملڪن، توڙي غريب ملڪن جو تعداد زياده هئڻ ڪري اسيمبليءَ ۾ ووٽ ڏيڻ ۾ سياسي طور انهن جي حمايت زياده هئڻ سبب فيصلن جو وڏين طاقتن تي منفي اثر مرتب ٿيڻ سبب اقوام متحده ۾ سندن دلچسپي گهٽجڻ ۽ انهيءَ کان الڳ ٿي پنهنجي جدا طاقتور ملڪن جي سياسي تنظيم قائم ڪرڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو. مذڪوره صورتحال جي پيش نظر اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل يوٿانٽ U Thant 1967ع واري سالياني رپورٽ ۾ اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه تجويزون رکيون، ڪن ملڪن کي اُهي ڏکيون لڳيون، ڇو ته تجويزن ۾ ڄاڻايل هو ته جيڪي ملڪ اقوام متحده طرفان سونپيل ڪم پورا ڪري نه سگهندا، انهن جي ميمبري لياقت جي بنيادن تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ کين ثانوي حيثيت واري ميمبري يا مبصري ڏجي. جنهن تحت ووٽ جو حق رد ڪيو وڃي. چين جي ميمبريءَ وارو سوال پڻ 1950ع کان وٺي تعطل جو شڪار رهندو آيو. جڏهن ان جي ميمبريءَ لاءِ هندستان رٿ پيش ڪئي ۽ چيو ته ڪميونسٽ چيني رياست اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ لاءِ گهربل سمورين صلاحيتن جي حامل آهي. انهيءَ رٿ جي مخالفت ۾ 33 ۽ حمايت ۾ فقط 16 ووٽ مليا. اهڙيءَ ريت اها رٿ رد ٿي وئي. آمريڪا جي مخالفت سبب چين جي ڪميونسٽ رياست کي 1971ع تائين ميمبرشپ ڪانه ملي. انهيءَ سال جي شروع ۾آمريڪا انهيءَ شرط تي راضي ٿيو ته چين سان گڏ تائيوان جيڪو چيني رياست جو باغي حصو ۽ آمريڪا جو حمايت يافته ملڪ به جنرل اسيمبليءَ جو ميمبر رهندو. چين اهو شرط ٺڪرائي ڇڏيو. نيٺ 25 آڪٽوبر 1971ع تي جنرل اسيمبليءَ چين کي اقوام متحده ۽ ان جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر جنهن کي ويٽو پاور حاصل هوندو بنائڻ لاءِ ووٽنگ ڪرائي، جنهن تحت 76 ووٽ حمايت ۾ ۽ 35 ووٽ مخالفت ۾ پيا، ٽي ميمبر غير حاضر هئا. 17 ميمبرن ووٽن ۾ حصو ڪو نه ورتو. نتيجتاً بل پاس ٿي ويو. جنهن تحت چين اقوام متحده ۽ سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر ٿي ويو. تائيوان جي سلامتي ڪائونسل واري مستقل ميمبري ختم ڪئي وئي.

اقوام متحده جا 6 هيٺيان مکيه ادار آهن:
1. جنرل اسيمبلي، 2. سلامتي ڪائونسل، 3. اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل، 4. ٽرسٽي شپ ڪائونسل، 5. عالمي عدالت براءِ انصاف، 6. سڪريٽريئيٽ.
جنرل اسيمبلي اقوام متحده جو واحد ادارو آهي، جنهن ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي برابريءَ جي بنياد تي نمائندگي ٿئي ٿي. هر ميمبر ملڪ جنرل اسيمبليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ پنج نمائندا موڪلي سگهي ٿو. پر فقط هڪ ووٽ ڏيڻ جو حقدارآهي. هتي سمورا فيصلا اڪثريت راءِ موجب يا ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريتي ووٽن مطابق ڪيا وڃن ٿا. مختلف عملن جي طريقئه ڪار جو تعين اڪثريتي ووٽ ذريعي ڪيو ويندو آهي.
پنهنجي بحث مباحثي، ماليات، نگراني ۽ چونڊن وارن مختلف مرحلن دوران جنرل اسيمبلي اقوام متحده ۾ مرڪزي اهميت جو حامل ادارو آهي. اقوام متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل نمبر 10 ۽ 14 موجب جنرل اسيمبلي سمورن مسئلن تي غور ۽ ويچار، بحث مباحثو ڪرڻ ۽ فيصلا ڪرڻ وارو ادارو آهي. معاشي ۽ سماجي عملن ۽ محڪوم علائقن جي مسئلن سان وابسته اقوام متحده جي سمورن ادارن جي نگراني جو اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ واسطيدار ملڪ درخواست جنرل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندا آهن. جيڪا مسئلن يا ڪمن بابت واسطيدار ادارن ڏانهن سفارشون موڪليندي آهي. اڪنامڪ ائنڊ سوشل ڪائونسل ۽ ٽرسٽي شپ ڪائونسل پنهنجي سموري ڪارگذاري جنرل اسيمبليءَ جي اختيار هيٺ ڪندي آهي. اقواممتحده جا مالياتي اختيار به جنرل اسيمبليءَ کي حاصل آهن. جن تي اها چارٽر موجب عمل ڪندي آهي.
اڪنامڪ ائنڊ سوشل ڪائونسل جا سمورا ميمبر ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ ٽرسٽي شپ ڪائونسل جا عارضي ميمبر جنرل اسيمبلي چونڊيندي آهي. عالمي عدالت براءِ انصاف جي ججن ۽ اقوام متحده جي سيڪريٽريءَ جي مقرري، بشمول سلامتي ڪائونسل جنرل اسيمبلي ڪندي آهي.
اقوام متحده جي چارٽر تي نظرثاني ڪرڻ، ان ۾ ترميم ۽ تبديل آڻڻ ۽ انهيءَ مقصد لاءِ گهربل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لاءِ جنرل اسيمبلي سلامتي ڪائونسل جي اختيارن ۾ ڀائيوار رهندي آهي.
اقوام متحده جي پهرين ڏهن سالن دوران جنرل اسيمبلي جي سياسي سگهه ۽ فيصله ڪن ڪردار جي اهميت ۾ اضافو ٿيو ۽ مستقل ميمبرن جي عدم تعاون سبب سلامتي ڪائونسل غير فعال رهي.
چارٽر جي آرٽيڪل 10، 11 ۽ 14 ۾ ڪم آيل فصيح زبان جنرل اسيمبليءَ جو ڪردار شروع ۾ تجويز ڪيل تخميني کان تجاوُز ڪري ويو ۽ ميمبرن جي واضح اڪثريت عمل جي انهيءَ تجاوُز تي جنرل اسيمبليءَ جي همت افزائي به ڪئي.
تنظيم ۽ طريقيڪار جي ڏس ۾ اسيمبليءَ کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بنائڻ لاءِ گهربل وسيلن ۽ اپائن تي جوڳو غور و فڪر ۽ بندوبست ٿيڻ لڳو.
جنرل اسيمبلي حسب معمول سال ۾ هڪ دفعو اجلاس سڏائيندي آهي، پر ڪنهن هنگامي مسئلي واسطي ڪڏهن خاص اجلاس به منعقد ٿيندو آهي.
مختلف ڪمن اڪلائڻ لاءِ جنرل اسيمبليءَ طرفان ڪيتريون ئي ڪاميٽيون جڙيل آهن. جهڙوڪ: مين ڪاميٽيون، پروسيجرل ڪاميٽيون، اسٽينڊنگ ڪاميٽيون، سبسيڊري باڊيون ۽ ايڊهاڪ باڊيون وغيره.
چارٽر موجب اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل کي عالمي امن ۽ سلامتي جي ڳري ذميواري سونپيل آهي. شروعات ۾ سلامتي ڪائونسل 11 يارهن ميمبرن تي مشتمل هئي. جن ۾ پنج مستقل ميمبر آمريڪا، برطانيه، فرانس، روس ۽ آمريڪا نواز قومپرست چين يعني تائيوان ۽ ڇهه عارضي ميمبر ٻن سالن جي عرصي لاءِ جنرل اسيمبليءَ چونڊبا هئا. چارٽر ۾ ترميم تحت سن 1965ع ۾ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد وڌائي 15 مقرر ڪيو ويو، جن ۾ پنج مستقل ميمبر ساڳيا رهيا، باقي ڏهن عارضي ميمبرن کي هيٺين ريت چونديو ويو.
پنج آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن مان، هڪڙو ميمبر اوڀر يورپ جي ملڪن مان، ٻه ميمبر اولهه يورپ ۽ ٻين ملڪن مان ۽ ٻه ميمبر ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن مان.
سلامتي ڪائونسل جي هر ميمبر کي واري واري سان هڪ مهيني لاءِ ڪائونسل جو صدر مقرر ڪيو ويندو آهي. سلامتي ڪائونسل جي عارضي ميمبرن جي چونڊ ۾ نه فقط جاگرافيائي حصي رسيءَ جو خيال رکيو وڃي ٿو پر عالمي امن ۽ سلامتيءَ جي سلسلي ۾ اقوام متحده طرفان سونپيل ڪم بابت اميدوار ملڪن جي ڪارڪردگيءَ کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو.
اقوام متحده جي ميمبرن جي تعداد وڌڻ سبب علائقائي ورهاست موجب ڪائونسل ۾ سمورن ملڪن کي نمائندگي ڏيڻ مشڪل ٿي پيو.
چارٽر جي باب ستين موجب عالمي امن ۽ سلامتي بحال ۽ برقرار رکڻ لاءِ اقوام متحده جا سمورا ميمبر ملڪ سلامتي ڪائونسل جي فيصلن کي قبول ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهن. اُها عالمي امن ۽ سلامتيءَ کي ڇيهو رسائيندڙ هر قسم جي تڪرار جي جانچ ۽ تپاس ڪري سگهي ٿي ۽ ان جي پر امن نبيري لاءِ سفارش ڪري سگهي ٿي. عالمي امن لاءِ خطرو پيدا ڪندڙ، اقوام متحده جي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ۽ حمله آور ٿيندڙ اقوام متحده جي ميمبرن تي سلامتي ڪائونسل مختلف قسمن جي بندش وجهي سگهي ٿي. اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جي پنهنجي سلامتيءَ لاءِ گهربل هٿيارن جي لاءِ آرٽيڪل 39 تحت به سلامتي ڪائونسل آرٽيڪل نمبر 26 موجب قدم کڻڻ جي مجاز آهي.
سلامتي ڪائونسل ۾ فيصلا نون 9 ميمبرن جي حمايت تحت ڪيا وڃن ٿا. خاص مسئلن جهڙوڪ: بندش وجهڻ ۽ چيڪنگ ۽ معائنو ڪرڻ بابت فيصلا نون ميمبرن جي حمايت سان ڪيا وڃن ٿا. انهن فيصلن جي حمايت وارن نوَن ووٽن ۾ پنجن مستقل ميمبرن جا ووٽ به ضرور هجن. ڪائونسل دائمي طور عمل پيرا هئڻ سبب سندس ميمبر ملڪن جا عيوضي هميشه هيڊ ڪوارٽر ۾ حاضر رهڻ لاءِ پابند آهن.
اڪنامڪ ۽ سوشل ڪائونسل اقوام متحده جو ٽيون مکيه ادارو آهي. جنهن کي عالمي سطح تي معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ انساني ڀلائي جا ڪئين اهم ڪم سونپيل آهن. هن ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد 1965ع کان اڳ 18 هو ۽ هاڻي 27 آهي. اهي جنرل اسيمبليءَ طرفان ٽن سالن جي مدي لاءِ چونڊيا وڃن ٿا. انهن کي ٻيو ڀيرو چونڊڻ جو پڻ امڪان رهندو آهي. هن اداري ۾ڪو به ملڪ مستقل ميمبر ڪونهي. مگر جن ملڪن جي شرڪت وڌيڪ فعال ۽ ضروري ڄاتي وڃي ٿي. انهن کي هر دفعي چونڊيو وڃي ٿو. سن 1965ع ۾ هن اداري ۾ نون ميمبرن جو اضافو ڪري اهو تعداد 27 ڪيو ويو ۽ نوَن مان ست ميمبر ايشيا ۽ آفريڪا مان، هڪ ڏکڻ آمريڪي ملڪن مان ۽ هڪڙو ميمبر اولهه يورپ جي ملڪن مان يا ڪو ٻيو چونڊڻ جو فيصلو ٿيو. هن ڪائونسل جا هڪ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه اجلاس منعقد ٿين ٿا. جن تحت ميمبر ملڪن جي معاشي ۽ معاشرتي صورتحال جو اڀياس ڪري انهيءَ ڏس ۾ توسيع لاءِ جنرل اسيمبليءَ کي سفارشون موڪلجن ٿيون. هن ڪائونسل پنهنجي ڪم کي حقيقي بنيادن تي فائديمند بنائڻ لاءِ اڪنامڪ ڪميشن، سوشل ڪميشن ۽ هيومن رائٽس ڪميشن جوڙيون آهن جيڪي هميشه پنهنجي سونپيل ڪمن جي اڀياس ۽ رپورٽون پيش ڪرڻ ۾ رڌل آهن. اهڙيون ڪميشنون سمورن کنڊن لاءِ الڳ الڳ قائم آهن. جيئن ته اڀياسي عمل تيز تر ٿئي ۽ اسيمبليءَ طرفان وقت سر گهربل اپاءُ ورتا وڃن.
ٽرسٽ ٽيريٽريز يعني دنيا ۾ وقف ٿيل علائقا اقوام متحده ۾ داخل آهن.انهن جي سار سنڀال ۽ انتظام لاءِ اقوام متحده طرفان ٽرسٽي شپ ڪائونسل برپا ڪئي وئي آهي. هن ڪائونسل جي ميمبرن جي تعداد جو اڌ اقوام متحده جي انهن ميمبرن مان مقرر ڪيو ويندو آهي. جيڪي وقف ٿيل علائقن جا ناظم الامور هوندا آهن. باقي اڌ ميمبر غير ناظم الامور ميمبرن جو هوندو آهي. انهيءَ ۾ اڌ سلامتي ڪائونسل جا مستقل ميمبر هوندا آهن ۽ باقي اڌ جنرل اسيمبليءَ اقوام متحده جي عام ميمبر ملڪن مان ٽن سالن جي عرصي لاءِ چونڊيندي آهي. ۽ ٽرسٽي شپ ڪائونسل پنهنجي ڪارڪردگي ۽ گهربل اپائن لاءِ جنرل اسيمبليءَ کي سالياني رپورٽ پيش ڪندي آهي.
انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس International Court of Justice عام طور تي عالمي عدالت انصاف سڏجي ٿي. اها اقوام متحده جو هڪ عظيم عالمي عدالتي ادارو آهي. هن ڪورٽ ۾ ڪُل پندرهن جج هوندا آهن. انهن کي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل آزاد ووٽ وسيلي چونڊيندي آهي. ڪنهن به هڪڙي رياست مان ساڳئي وقت ٻه جج ڪو نه چونڊبا آهن. ڪورٽ ۾ مکيه تهذيبن ۽ مکيه عدالتي عالمي نظامن جي نمائندگي ٿيندي آهي. چونڊيل ججن جي نوڪريءَ جو مدو 9 سال هوندو آهي. کين ٻيو ڀيرو چوندجڻ جو پڻ موقعو ميسر آهي.
عالمي عدالت جو هيڊڪوارٽر يعني مکيه دفتر نيدرلينڊس جي شهر هيگ ۾ قائم آهي. ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سمورن اختلافن، فسادن جنگين ۽ هر قسم جي تڪرارن جي سماعت هن عدالت جي دائره اختيار ۾ شامل آهي. ڪورٽ پنهنجا رايا ۽ فيصلا جنرل اسيمبلي اڳيان پيش ڪندي آهي. انهن تي عمل درآمد اقوام متحده جو ڪم آهي.

اقوام متحده جي سيڪريٽريٽ يعني مکيه دفتر جو اڳواڻ اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل هوندو آهي. جنهن کي سلامتي ڪائونسل جي سفارش موجب مقرر ڪيو ويندو آهي. 1946ع ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس ۾ ناروي جي ٽرجوي لي Trygve Lie کي پنجن سالن لاءِ سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ 1950ع ۾ سندس ملازمت جو مدو وڌيڪ ٽن سالن لاءِ وڌايو ويو. جنهن جي سوويت روس سخت مخالفت ڪئي هئي. تنهنڪري هن 1952ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني.
اپريل 1953ع ۾ سويڊن جو منسٽر ڊاگ همارس جولڊ Dag Hammarsk Jold اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ۽ 1957ع ۾ وري به چونديو ويو هو پر سيپٽمبر 1961ع ۾ اتر روڊيشيا ۾ هڪڙي هوائي حادثي ۾ مري ويو. تنهن کان پوءِ آسٽريا جو ڊاڪٽر ڪرٽ والڊ هائيم، تنهن کانپوءِ پيرو جو پيريز دي ڪوٺيار، تنهن کانپوءِ مصر جي بطروس غالي ۽ ان کانپوءِ سيڪريٽري جنرل مسٽر ڪوفي عنان چونڊيو ويو، هن وقت اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل بان رڪي مون آهي. سيڪريٽري جنرل اقوام متحده جو مکيه ناظم آهي.کيس عالمي امن ۽ سلامتي جي پيش نظر هر مسئلو جنرل اسيمبلي توڙي سلامتي ڪائونسل ۾ رکڻ ۽ نبيرو ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. اقوام متحده جي چارٽر ۾ مختلف ادارن جي اختيارن جي وضاحتن جو تت هي آهي. ته جنرل اسيمبلي پنهنجي هر پاس ٿيل بل تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ فقط سفارش ڪري سگهي ٿي، پر سلامتي ڪائونسل جي فيصلن کي سمورا ميمبر ملڪ قبول ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندا. عالمي سطح تي هٿيارن جي ڦهلاءُ تي ضابطو رکڻ سلامتي ڪائونسل جي ذميواريءَ ۾ شامل آهي. انهيءَ تحت 1946ع ۾ اقوام متحده ائٽمڪ انرجي ڪميشن جوڙي هئي. 1952ع ۾ ڊس آرمامينٽ ڪميشن جوڙي ويئي.
اقوام متحده جي چارٽر جي نظرثاني ڪرڻ لاءِ سن 1955ع ۾ جنرل اسيمبليءَ ۾ هڪڙي رٿ پيش ڪئي ويئي، پر بحال ڪا نه ٿي. نيٺ سيپٽمبر 1965ع ۾ چارٽر ۾ ضروري ترميم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ۽ ٻه ترميمون ڪيون ويون. سن 1947ع جي نومبر ۾ بين الاقوامي قانون جي واڌاري ۽ سڌاري جي اجراء لاءِ جنرل اسيمبليءَ هڪڙي انٽرنيشنل لا ڪميشن جوڙي جنهن کي نازي جرمن فوجن جي هٿان ٿيل جنگي ۽ اخلاقي ڏوهن ۾ قانون جو هڪڙو مُستند دستاويز سفارشن لاءِ تيار ڪري پيش ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو.
هن ڪميشن 1957ع ۾ گهربل رپورٽ پيش ڪئي. جنهن عالمي قانون جي ڀڃڪڙيءَ ۾ ٻارهن مختلف ڏوهن جي نشاندهي ڪئي ۽ انهيءَ جي تدارڪ لاءِ چند قوانين جي سفارش پڻ ڪئي مکيه ڏوهن۾ دهشتگرديءَ جي تياري ۽ ڌمڪي، ڪنهن علائقي تي زوريءَ قبضو ۽ نسل ڪشي شامل هئا. ڪميشن ملڪن ۽ رياستن جي حقوق ۽ فرائض جي پڻ عالمي قانونن جي روشنيءَ ۾ هڪڙي وضاحت پيش ڪئي، انهيءَ کانسواءِ سينفرانسڪو ڪانفرنس جي فيصلن جي روشنيءَ ۾ انٽرنيشنل لا مرتب ڪيو ويو آهي، جنهن تحت قومن جي وچ ۾ مناسب فيصلا ٿي سگهن ۽ منجهن باهمي تعاون براءِ ترقيءَ جون راهون کُلن.
عالمي امن۽ سلامتيءَ کانپوءِ ٻي نمبر تي اقوام متحده جي اڳيان عالمي سطح تي قومن جي معاشي، معاشرتي، ثقافتي ۽ انساني بهبود وارن مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ دنيا جي قومن ۾ باهمي تعاون پيدا ڪرڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ مکيه مقصد آهي ته جيئن انسانذات پنهنجي عزت نفس، بنيادي حقن شهري آزادي، سماجي، معاشي، مذهبي ۽ سياسي آزادي سواءِ ڪنهن مذهبي، علاقائي، نسلي ۽ شخصي ٻولي، رنگ ۽ لياقت جي امتياز ۽ فرق جي ماڻي سگهي. اقوام متحده جي سمورن ادارن جي مجموعي ڪارگذاريءَ جو مول مقصد مٿي بيان ڪيل مقصدن جو حصول آهي.
انهيءَ ۾ اقوام متحده هميشه پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي، جهڙوڪ: سماجي، اقتصادي، تعليمي، ثقافتي، هنري ۽ ٽيڪنيڪي مالياتي ۽ تجارتي تحقيقات ڪرائي گهربل اپاءُ وٺي سمورن ميدانن ۾ سڌارو، واڌارو آڻڻ ۽ مذڪور شين کي ترقي ڏيارڻ ۾ اها پيش پيش آهي. پوءِ ڏک جي شڪار، قومن ۽ علائقن جي بحاليءَ واسطي يو اين رليف ايئنڊ ريهيبليٽيشن ايڊمنسٽريشن ۽ يورپ، ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا لاءِ الڳ الڳ معاشي ڪميشنون قائم ڪري واسطيدار قومن ۽ علائقن جي اقتصادي ترقيءَ لاءِ نهايت مناسب اُپاءُ ورتا ويا ۽ اهو سلسلو جاري آهي.
ٽيڪنيڪل امداد لاءِ پڻ اقوام متحده خاص فنڊ قائم ڪيو آهي، جنهن وسيلي پسمانده ملڪن جي خاطر خواهه امداد ڪئي پئي وڃي.
اقتصادي ماليات جي سلسلي ۾ سن 1956ع ۾ انٽرنيشنل فائننس ڪارپوريشن قائم ڪئي، جنهن 15 ڪروڙ ڊالرن جي موڙي خانگي توڙي سرڪاري طور غريب ميمبر ملڪن کي ڏني. انٽرنيشنل بينڪ جي الحاق سان 1960ع ۾ انٽرنيسنل ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن قائم ڪئي وئي. جنهن انهن پسمانده رياستن کي قرض فراهم ڪيو جيڪي عالمي بئنڪ جا شرط پورا ڪرڻ جي قابل نه هئا.
عالمي سطح تي تجارتي ترقيءَ واسطي ڪانفرنس سن 1964ع ۾ جنيوا ۾ منعقد ٿي. جنهن تحت تجارتي ترقي لاءِ سمورا گهربل ۽ ضروري اقدامات مسلسل ڪيا پيا وڃن.
سن 1946ع ۾ پناهگيرن جي ڀلائي ۽ آبادڪاريءَ خاطر انٽرنيشنل رفيوجيز آرگنائيزيشن، اقواممتحده طرفان قائم ڪئي وئي هئي، جنهن اٽڪل ڏهه لک يورپي پناهگيرن جي آبادڪاري ڪئي ۽ سندن روزگار جو بندوبست ڪيو. مذڪور آرگنائيزيشن 1951ع ۾ ٽوڙي وئي ۽ ان جي بدران پناهگيرن لاءِ هاءِ ڪميشن جوڙي وئي، جنهن جو سربراهه هڪ هاءِ ڪمشنر براءِ پناهگيرن سڏيو ويو. 1974ع ۾ هانگ ڪانگ وارن چيني پناهگيرن ۽ عرب پناهگيرن لاءِ فنڊ هن ڪميشن طرفان مهيا ڪيا ويا.
سن 1948ع ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ڪميشن براءِ انساني حقوق قائم ڪئي ۽ سمورن کنڊن ۾ انهيءَ جون شاخون برپا ڪيون، جيڪي ڪم ڪندڙ آهن. هن ڪميشن 1954ع ۾ شهري، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حقن متعلق مسودو جنرل اسيمبليءَ اڳيان پيش ڪيو. جنهن تحت هندستان، ڏکڻ آفريڪا، هنگري، رومانيا ۽ بلغاريه ۾ شهري ۽ سياسي ڀڃڪڙين ۽ انساني تذليل تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. اقوام متحده مذڪور ملڪن کي گهربل تنبيهه ڪئي ۽ مٿن بندش لڳائي ۽ 1964ع ۾ هر قسم جي نسلي متڀيد کي ناجائز ۽ غلط ڄاڻائي رد ڪيو ويو. جنرل اسيمبليءَ 1946ع ۾ ڪميشن آف نارڪوٽڪ ڊرگس کي منشيات جي نقل و حمل ۽ تياريءَ خلاف سمورن مناسب اقدام لاءِ اختيار ڏئي ڇڏيا. جنهن تحت اها اڃا تائين عمل پيرا آهي.

عالمي سطح تي مختلف مقصدن جي حصول لاءِ موجود ڪيتريون ئي تنظيمون اقوام متحده سان لاڳاپيل آهن ۽ ان سان سهڪار ڪندڙ آهن. انهن ۾ مکيه تنظيمن ۽ ادارن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.
1. IMCO يعني انٽرگورنمينٽل ميريٽائيم ڪنسلٽيٽوَ آرگنائيزيشن.
2. ILO يعني انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن.
3. UNESCO (يونيسڪو) يعني يونائيٽيڊ نيشنس ايجوڪيشنل سائنٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن.
4. FAO يعني فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن.
5. ICAO يعني انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن.
6. ورلڊ بئنڪ يعني انٽرنيشنل بئنڪ آف ريڪنسٽرڪشن اينڊ ڊيولپمينٽ.
7. WHO يعني ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن.
8. ITU يعني انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين.
9. UPU يعني يونيورسل پوسٽل يونين.
10. WMO يعني ورلڊ ميٽئورو لاجيڪل آرگنائيزيشن.
11. IAEA يعني انٽرنيشنل ايٽمڪ انرجي ايجنسي.
12. IDA يعني انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن.
13. IFC يعني انٽرنيشنل فائننس ڪارپوريشن.
مٿين عالمي تنظيمن کانسواءِ ٽي سئو کان به وڌيڪ نان گورنمينٽل آرگنائيزيشنون عالمي سطح تي موجود آهن. جن سان اقوام متحده وارو اڪنامڪ اينڊ سوشل ڪائونسل نالي ادارو عملي رابطي ۽ تعاون ۾ آهي. اقوام متحده جي بجيٽ هر سال سيڪريٽري جنرل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندو آهي. سن 1946ع ۾ اقوام متحده جو مجموعي خرچ هڪ ڪروڙ نوي لک ڊالر هو. جيڪو 1972ع ۾ وڌي ويهه ڪروڙ ڊالر ٿي ويو. سن 1949ع ۾ اقوام متحده طرفان فيلڊ سروس ۽ فيلڊ آبزرورس نالي هڪ ٻئي جا سهڪاري گروپ قائم ڪيا ويا.
فيلڊ سروس گروپ ڪميشن جي صورت ۾ اقوام متحده جي نگهداشت ۽ سنڀال هيٺ علائقن ۾ جنگ بنديءَ دوران انتظام ۽ امن امان برقرار رکندو ۽ راءِ شماري ڪرائيندو آهي ۽ امن قائم رکندڙ فوج جي نگراني ڪندو آهي. فيلڊ آبزرور گروپ فيلڊ سروس گروپ جي چيڪنگ به ڪندو آهي. ۽ سندس گهربل مدد پڻ ڪندو آهي.
جنرل اسيمبليءَ پنهنجي پهرئين ئي اجلاس ۾ نيويارڪ شهر ۾ اقوام متحده جو هيڊ ڪوارٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جان ڊي راڪفيلر جونيئر انهيءَ لاءِ نيويارڪ شهر جي مين هٽن Manhattan علائقي ۾ پنهنجي نجي زمين ڏني، جتي اقوام متحده جي سيڪريٽريٽ ۽ ٻين دفترن جون عظيم عمارتون سن 1951ع ۾ جڙي راس ٿيون. ته ترت منجهن آفيسون کوليون ويون. جنرل اسيمبليءَ ۾ مختلف ڪائونسلن جا دفتر 1952ع ۾ جُڙي راس ٿيا. سن 1947ع ۾ اقوام متحده جو جهنڊو هلڪي نيري رنگ جو ٺاهيو ويو. جنهن جي وچ تي اقوام متحده جو علامتي نشان اڇي رنگ سان ٺاهيل آهي. جنرل اسيمبلي ”24 آڪٽوبر“ کي ”يوم اقوام متحده“ قرار ڏنو.