ابتدائي صنعتي تهذيب ۾ پورهيتن جي حالت زار
جهڙيءَ ريت بونا پارٽ پنهنجي زبان درازي سان ملڪ جي نومولود حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار فرينچ نوجوان طبقي کي پنهنجي ناجائز مفادن خاطر استعمال ڪري سڄي يورپ ۾ قتلام ڪرايو. ساڳئي ريت يورپ جي صنعتي ملڪن جي صنعتڪار طبقي پنهنجي لالچ ۽ هٻڇ سبب صنعتي حرفت جي مدد سان غريب عوام کي گذر جي آسري تي پنهنجي ڪارخانن ۾ اچي اڙايو ۽ سندن محنت مان خوب نفعو ڪمايو، پر سندن خوراڪ، رهائش ۽ صحت جي بهبود لاءِ ڪو به اپاءُ نه ورتو. هي صنعتڪار طبقو انساني تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ تخريبڪار، خود مطلب ۽ مڪار طبقي طور پيدا ٿيو. جڏهن ته معروضي تقاضا موجب صنعتي يعني معاشي ترقيءَ سان گڏ معاشري کي اخلاقي ترقي پڻ گهربل هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ نيڪ ڪارخانيدارن ۽ اصلاح پسندن جي هجڻ سان اصل مقصد ۽ حقيقي طور فلاح عام جو حصول مُور ممڪن نه هو. هن نهايت دکدائڪ صورتحال کي تبديل ڪري فلاح عام جاري ڪرڻ لاءِ ته حقيقي اخلاقي تبليغ جي وڌي پئماني تي اشد ضرورت هئي ته جيئن صنعتي تهذيب جي ناانصافين جو احساس پيدا ٿئي ۽ اخلاقي سڌاري جو جذبو جاڳي، ڇو ته پورهيت طبقي سان ٿيندڙ غير انساني انياء جو تدارڪ سيڙپ جي گهڻائي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نفعي جي ادائگيءَ جي ضمانت جي يقين داني سان ٿي سگهڻ جو ته ڪوبه امڪان ڪو نه هو.
هن صنعتڪاريءَ واري نئين تهذيب جي پيدائش سبب نوان سياسي ۽ سماجي نظريا وجود ۾ آيا. سي مفاد پرستيءَ تي مشتمل هئا. ڇو ته انهن جو مکيه محرڪ، منافعو هو. انهيءَ دوران عام ڀلائي وارين ڌرين ۾ پڻ ڪجهه واڌارو ٿيو. جن جو نصب العين هن نئين تهذيب جي پيدا ڪيل خرابين جو انت آڻڻ هو. ماديت ۽ خيال پرستي، مذهب، ۽ مفاد پرستي ۽ خود مطلبيءَ جو پاڻ ۾ خوب ٽڪرٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ اوڻيهين صديءَ واريون نيون تاريخي روايتون وجود ۾ آيون.
فرينچ والار پسنديءَ واري انهيءَ دور ۾ اولهه يورپ ۽ اتر آمريڪا جي ٻهراڙين ۽زرعي علائقن ۾ نئين صنعت ڪاري پکڙندي رهي. انهن ڪارخانن وارن علائقن ۾ ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهون ميلن تائين پکڙندو رهيو. اتي جون نهرون ۽ واهه ڪارخانن مان نڪرندڙ غليظ مادن جي انهن ۾ داخل ٿيڻ سبب ٿرجي ويا ۽ سندن پاڻي کاڌي پيتي ۽ ٻي استعمال جي لائق نه رهيا. انهيءَ دور ۾ پاڻيءَ جي زور تي هلندڙ مشينن کي ٻاڦ وسيلي هلائڻ جو تجربو ڪامياب ٿي رهيو هو. تنهن هن صنعتي انقلاب کي وڌيڪ زور وٺايو. ڪن وڏن واهڙن جي ڪنارن تي وڏي تعداد ۾ فقط ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا لڳايا ويا. اتي پڻ صفائي ۽ صحت جو فقدان برقرار رهيو.
هن نئين طاقت يعني ٻاڦ جي ايجاد سبب وڏن ۽ ڀاري ڪارخانن جي چوڌاري سقيم پورهيت طبقو وڏي تعداد ۾ رهڻ تي مجبور ٿيو. جتي تمام گهڻي غلاظت گُهٽ ۽ ٻُوسٽ ۾ رهندڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. هن ٻهراڙين ۾ ڪارخانن جي قيام ۾ نه فقط انهن هنڌن پاڻيءَ جي وڏي مقدار ۾ موجودگي جو سبب هو، پر انهن هنڌن تي ڪوئلو پڻ وڏي مقدار ۾ لڌو ويو ۽ ٽرانسپورٽ جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو ويو. ان سان گڏ انهن علائقن جي آبهوا پڻ نهايت سٺي هئي. انهيءَ دور ۾ اتر اولهه انگلينڊ ڪپهه جي صنعت جو مرڪز ۽ لنڪاشائر وارو سمورو علائقو سموري دنيا جي صنعتڪاريءَ جو محور ٿي پيو. ڪارخانن ۾ ٻاڦ جي استعمال صنعت ۾ لوهه ۽ ڪوئلي جي طلب ۾ گهڻو اضافو آندو.نتيجي طور سال 1830ع کان 1833ع تائين واري مختصر عرصي اندر انگلينڊ ۾ لوهه جي پيداوار ۾ نهايت انقلابي اضافو ٿيو. جنهن دوران اهو ڇهه لک اسي هزار ٽنن کان وڌي وڃي ٽيهه لکن ٽنن کي پهتو. هينري بيسمر Henry Besemer طرفان ٿوري خرچ سان فولاد ٺاهڻ واري طريقي جي ايجاد کان پوءِ ته هن صنعت ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي ۽ فولاد جي پيداوار ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. هن عرصي دوران انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ فرانس ۽ آمريڪا ۾ صنعتڪاري جي رفتار سست رهي. 1830ع تائين امريڪا ۾ اوني توڙي سوٽي ڪپڙي ٺاهڻ لاءِ پراڻا گهرو آڏاڻا ڪم ايندا هئا. صنعتي ترقيءَ جو دارومدار آمدرفت جي وسيلن جي ترقيءَ تي به ٿي پيو. اتر اولهه يورپ ۾ نهرون ۽ درياءَ چڱي تعداد ۾موجود هئڻ سبب ريلوي جي ايجاد تائين انهن ندين کان موصلات جو خوب فائدو ورتو ويو.
اتر آمريڪا ۾ مواصلات جي مقصد لاءِ پهريون وڏو ڪينال نيويارڪ کان ايري ڍنڍ تائين کوٽيو ويو جيڪو 1825ع ۾ مڪمل ٿيو. هن کان ڏهه سال پوءِ انگلينڊ ۾ واهن تان آمدرفت جو رجحان گهٽجڻ لڳو ۽ ريلوي ۽ خشڪي رستن ٺاهڻ جو رجحان پيدا ٿيو. ٽيلفورڊ ميڪدم Telford Macadam نالي هڪ اسڪاٽ سائنسدان رستي پڪو ڪرڻ لاءِ مصالحو تيار ڪيو، جنهن جي تشهير انگلينڊ جي پارليامينٽ پنهنجي ڪميٽيءَ ذريعي 1819ع ۾ شروع ڪرائي ۽ انگلينڊ جي سمورن شاهي رستن کي پڪو ڪيو ويو. انهيءَ سبب ڪيترن ئي شهرن جي وچ ۾ روزانه ٽرانسپورٽ سروس شروع ٿي وئي. اهڙي ريت بار ڍوهيندڙ ۽ مسافر گهوڙي گاڏين جو رواج آهستي آهستي گهٽجڻ لڳو. سن 1813ع ۾ تيار ٿيل پفنگ بلي Puffing Billy نالي ريلوي انجڻ پهرين انجڻ تصور ڪئي وڃي ٿي. جيڪا هيڊلي Hedley ڪمپني طرفان ٺاهيل هئي.اها انجڻ نيوڪيسل شهر جي ويجهو ولام Wylam ڳوٺ وٽ ڪوئلي جي کاڻين ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. ريلوي انجڻ جو مشهور موجد جارج اسٽيفينسن هن ئي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ نهايت غريب مزور هو. جيڪو کاڻين ۾ ڇڪڙا ڇڪڻ وارو ڪم ڪندو هو. اسٽيفنسن ننڍي هوندي مال چاريندو هو ۽ ٻنين ۾ مزوري ڪندو هو. بعد ۾ کيس ڪوئلي جي کاڻ ۾ بٺي ٻارڻ وارو مزور ڪري رکيو ويو، جتي وڌيڪ مزوري ملڻ سبب رات جو هلندڙ اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين. انهيءَ دوران کاڻين ۾ ڪم ايندڙ هڪڙي سيفٽي ليمپ Safety lamp ايجاد ڪئي. سن 1814ع ۾ هن پهرين لوڪو موٽِوِ انجڻ تيار ڪئي. بعد ۾ هن اسٽاڪٽن کان ڊارلنگٽن شهر تائين ريلوي لائين تيار ڪئي جيڪا 1825ع ۾ مڪمل ٿي. تنهن کان پوءِ لِور پول ۽ مانچيسٽر ريلوي لائين وڏي مقابلي ۾ ڪاميابيءَ سان ٺاهي ورتي. جنهن دوران هن راڪيٽ نالي تيز رفتار انجڻ تيار ڪئي. جيڪا 35 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ريل گاڏي ڇڪيندي هئي. اهڙي طرح چيف انجنيئر جي حيثيت سان انگلينڊ جي اوائلي ريلوي لائين ٽريڪ جارج اسٽيفنسن تعمير ڪيو. انگلينڊ کان ٻاهر يورپ ۾ پهرين ريلوي انجڻ پڻ جان ڪاڪَرِل John Cockerill نالي هڪڙي انگريز پنهنجي ڀاءُ جي شراڪت سان بيلجم ۾ قائم ڪيل انجنيئرنگ ڪمپني ۾ تيار ڪئي.
هن دور ۾ سمورن صنعتي ملڪن جي صنعتي پيداوار ۾ حيرت ناڪ اضافو ٿيو ته ڪارخانيدارن ۽ سيڙپڪارن جو دين ايمان ئي گهڻو نفعو ڪمائڻ ۽ تجارت کي وڌائڻ ٿي پيو. ۽ هنن نفعي واري رقم وسيع واپار ۾ سيڙائي، پر مزور طبقي جي مزوريءَ ۾ واڌاري ۽ سندن عام فلاح لاءِ ڪو به قدم ڪو نه کنيو. فرانس ۾ ته مزوريءَ جي شرح انگلينڊ کان به گهٽ هئي. آمريڪا جي آبادڪاريءَ ۽ برطانوي ۽ ٻين يورپي قومن جي قائم ڪيل بيٺڪن ۾ واپار ۽ استحصال جا نوان ۽ انيڪ موقعا مُيسر ٿيا، جنهن ڪري انهن ڪالونين مان صنعتي ڪچو مال پڻ يورپ پهچڻ لڳو ته صنعت تمام گهڻي ترقي ڪئي. تيار مال ڪالونين ۾ وڪجڻ لڳو. ڏيساور کان ڪچي مال جي رسد ۾ دير ٿيڻ سبب ڪيترن ئي مهينن تائين مزدور طبقو بي روزگاريءَ جو شڪار ٿي ويندو هو. اها صورتحال اڪثر ۽ بيشتر برقرار رهندي هئي. ڪپهه جي ڪارخانن لاءِ گهربل ڪپهه آمريڪا مصر ۽ هندستان مان گهرايوويندو هو. اُن گهڻي ڀاڱي آسٽريليا مان ايندي هئي. انگلينڊ گهربل اناج آمريڪا ۽ ڪيناڊا مان گهرائڻ لڳو.
صنعتڪاريءَ ۾ ترقيءَ سان گڏ يورپ ۾ آدمشماريءَ ۾ پڻ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. صنعتي شعبي ۾ مزودرن جي گهربل انگ جي برخلاف انگلينڊ جي 1801ع واري هڪ ڪروڙ چاليهه لک آبادي تيزيءَ سان وڌندي 1870ع ۾ ٽي ڪروڙ ڏهه لکن کي وڃي پهتي. ٻي سموري صنعتي يورپ ۾ پڻ لڳ ڀڳ ساڳئي رفتار سان آباديءَ ۾ اضافو ٿيو. شهر ۾ آدمشماري جي واڌ ۽ ڪارخانن ۾ توسيع سبب ڪيترائي سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيا. پورهيت طبقي جي مجموعي طور تي مشڪل صورتحال کان سواءِ هن صنعتي راڄنيتيءَ ۾ ڪي مثبت پهلو به ظاهر ٿيا. جهڙوڪ اڳوڻي زماني جي ڀيٽ ۾ ڪپڙو جام ۽ قدري سستو ۽ شاهوڪار توڙي غريب جي پهچ اندر مُيسر ٿيو. وبائي مرضن کان بچاءَ ڪارڻ ويڪسين ايجاد ٿي، جهڙوڪ جينر Jenner جي ايجاد ڪيل ويڪسين سبب ماتا جي موذي مرض تي ضابطو آيو ۽ هوريان هوريان ختم ٿيڻ لڳو.
اوڻِيهَئِين صديءَ جي پهرين ٽن چوٿائين ۾ پوري دنيا چار ڀيرا ڪالرا جي وبا جو شڪار ٿي، جنهن دوران ڪيترا لک غريب عوام موت جو کاڄ ٿي ويا.
ڪارخانن جي چوڌاريءَ قائم مزدور بستين جي حالت نهايت خراب هئي. هنن بستين جي جائزه ڪميٽي جي 1842ع ۾ ڏنل رپورٽ موجب مانچيسٽر شهر جا ڏهه سيڪڙو ماڻهو گدامن ۽ تهه خانن ۾ رهندا هئا. ٻارهن هزار ڪٽنبن جو گذر خيرات تي هو. ٻن هزارن کان وڌيڪ مزورن کي هڪ ڏهاڙي مزدوري هڪ پيسي کان وڌيڪ ڪا نه ملندي هئي. لنڊن واري صنعتي علائقي جي حالت وڌيڪ خراب هئي. 1840ع واري ڪميشن جي رپورٽ مطابق سمورن مزورن جي رهائشي علائقن جون جايون زبون حال، گهٽيون ڪني پاڻيءَ سان ڀريل، ڪاڪوس غلاظت سان اِٽيلَ، ٻيون کڏون ۽ کوٻا ڪن ڪچري سان تار جتان اٿندڙ بدبوءِ ڪئين ميلن تائين پکڙندي رهي. فرانس توڙي جرمنيءَ ۾ پڻ پورهيت طبقي جي حالت ساڳئي ريت اَبتَر هئي. مزدور ٻارن جي حالت نهايت رحم جوڳي هئي. ٻارن کان چوڏهن ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو. هڪڙي ڏينهن جي ڊيوٽي دوران هڪڙي مشين کان ٻي مشين ڏانهن ايندي ۽ ويندي ٻار ويهن ميلن کان وڌيڪ پنڌ ڪندا هئا. کين ايترو ته ٿڪ ٿيندو هو جو صبح جو کين مار ڏئي اُٿارڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو. فرينچ پارليامينٽري ڪميٽيءَ جي 1842ع واري رپورٽ موجب تمام ننڍڙا ٻار ٻارهن ڪلاڪن تائين کاڻين جي گيٽن تي دروازا کولڻ ۽ بند ڪرڻ تي مقرر هئا. جتان ٻيا مزور پٺيءَ تي بار کڻندا اندر ۽ ٻاهر پيا ويندا هئا. انهيءَ هنڌ مڪمل اونڌاهي هوندي هئي. کاڻين ۾ هوا جو گذر ۽ حفاظت جو دارومدار انهن دروازن جي صحيح حالت تي هو. ٻارن کي انهن ڏکين هنڌن تي سامان کڻائي موڪليو ويندو هو. جتي وڏا مزور وڃي ڪو نه سگهندا هئا، ڇو ته انهن کاڻين جا غار ڏيڍ فوٽ کان وڌيڪ ويڪرا ڪو نه هئا. انهن کان کاڻين جي تري مان پاڻي ڪڍڻ جو تمام ڏکيو ڪم پڻ ورتو ويندو هو. جتي اهي سمورن ٻارهن ڪلاڪن تائين پاڻيءَ ۾ بيٺا هوند اهئا. عورت مزدورن سان ته خصوصاً اسڪاٽ لينڊ ۾ ته اڃا وڏو ويل هوندو هو. کانئن پٺيءَ تي بار کڻائي چاڙهين وسيلي هيٺ يا مٿي پهچايو ويندو هو. گهٽ مزوري ۽ گهڻن ڀاتين سبب پورهيت ماڻهو پنهنجي ٻارن کان پڻ مزوري ڪرائيندا هئا. ڪارخانن جي بستين ۾ شراب جا گُتا پڻ کليل هئا. جتي مرد توڙي عورت مزدور غم غلط ڪرڻ لاءِ پهچ سارو شراب واپارائينداهئا.
آمريڪا ۾ حالتون يورپ کان مختلف هيون، جتي مزوري وڌيڪ هئي. سٺي زرعي پيدائش سبب ڪارخانن ۾ مزوري ڪرڻ لاءِ مجبور ڪو نه هئا. اتي ڪپهه جي ڪارخانن ۾ انهن مزور گهرن جون ڇوڪريون ڪم ڪنديون هيون. جيڪي ظالم زميندارن جي زمينن تي هارپ ڪندا هئا. ڪپهه جي ڪارخانن جي مزورن جون رهائشي بستيون موافق آبهوا ۾ مناسب نموني تعمير ٿيل هيون. جتي صحت ۽ صفائي جو جوڳو بندوبست ٿيل هو.
انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا ۾ صنعت جي جديد ڪاريءَ سبب ننڍن ڪارخانيدارن جو هڪڙو چڱو موچارو طبقو وجود ۾ آيو، جنهن دولت جا انبار ڪمايا، ويهئين صديءَ جي شروعات تائين لنڊن جي شهر ۾ پڻ ننڍا ڪارخانا قائم ٿيل هئا.
انگلينڊ ۾ ريلوي لائين جي ڳُوڙِهي ڄار وڇائڻ ۽ ريلوي ٽرانسپورٽ ۾ انقلاب آڻڻ جو سهرو جارج هڊسن جي سر تي سونهي ٿو. جيڪو 1800ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ غريب هاري ۽ يارڪ شهر جي ويجهو هائوس هام ڳوٺ جو ڪانسٽيبل هو. هڊسن پهرين درزڪو ڪم سکيو، پر پوءِ هڪڙي ننڍڙي واپاري سان ڀائيوار ٿيو ۽ ستاويهن سالن جي عمر ۾ شاهوڪار واپاري ٿي ويو. هڪ مائٽ جي ملڪيت مان مليل ٽيهه هزار پائونڊن مان هن مڊلينڊ ريلوي جا شيئرز خريد ڪيا، تنهن کان پوءِ يارڪ شاعر ريلوي اسڪيم جا پنج سئو شيئر خريد ڪري اهو انهيءَ پروجيڪٽ جو چيئرمين ٿي ويو.
هن يارڪ ايڊنبرا لائين جا ٻين ڊائريڪٽرن کان پنجوڻا شيئر خريد ڪيا. هن ڊَربِي تائين ٺهندڙ ٻيون ٽي لائينون به خريد ڪيون. اهڙيءَ ريت پنجاهه لک پائونڊن جي وڏي رقم سيڙائي هڪڙي وڏي ۽ نئين ريلوي ڪمپني جوڙي ۽ ان جو ڊائريڪٽر ٿيو. جيڪا مڊلينڊ ريلوي ڪمپني سڏجڻ لڳي. سن 1844ع ۾ هڊسن جي اختيار هيٺ هڪ هزار سورهن ميل ريلوي لائين ٽريڪ موجود هئي. ٻي سال هو پارليامينٽ جو ميمبر چونڊجي ويو، تنهن بعد بي ايمانيءَ سندس ڪاروبار بگاڙي وڌو. ٿيو هينئن ته هن شيئرز ڪمپني ۾ هڪ لک پنجيتاليهه پائونڊن جو غبن ڪيو، ٻه سال پوءِ خريد ڪيل نارٿ انگلينڊ ريلوي جي ڏهن وڏن ڀائيوارن سان هن 78 اٺهترملين پائونڊن جو غبن ڪيو ۽ ملڪ مان فرار ٿي ويو. جڏهن واپس آيو ته کيس قيد ڪيو ويو، پر سندس دوستن مٿس ڇڻيل قرض جي ڪجهه رقم ادا ڪري کيس ڇڏايو ۽ ڏيوالپڻي کان بچائي ورتو.
انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ سرمائيدار طبقو حڪومت ۽ اقتدار ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي موڙي جي سيڙپ جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ وسيلي قانون جوڙيا ويا. هنن ملڪن ۾ ڪيتريون ئي بينڪون قائم ٿيون جن سڻائي وقت ۾ خوب ڪمايو. فرانس جي پارليامينٽ عوام جي اسرار تي سيڙپڪاريءَ بابت هڪ اهڙو قانون جوڙيو جنهن مطابق نفعي جي گارنٽي حڪومت طرفان ڏني وئي. انهيءَ زماني ۾ برطانيه ئي واحد ملڪ هو جنهن ٻين ملڪن ۾ وڏي مقدار ۾ سيڙپ ڪئي ۽ لنڊن عالمي مالي نظام جو مرڪز ٿي پيو. انگلينڊ پنهنجي سرمائي جي سيڙپ سڀ کان پهرين ڏکڻ آمريڪي رياستن ۾ شروع ڪئي. جتي آزاديءَ جون تحريڪون هلندڙ هيون. سن 1833ع ۽ 1845ع جي وچ ۾ برطانيه پرڏيهه ۾ ريلوي اڏاوت لاءِ پنجاهه ملين پائونڊن جي سيڙپ ڪئي.
انهيءَ وقت وڏن بينڪرن جو حڪومتن ۾ چڱو موچارو اثر رسوخ هوندو هو. مثلاً روٿس چلڊ Roths Child جيڪو فرينڪفرٽ شهر جو هڪڙو يهودي هو، تنهن پنهنجو ڪاروبار ارڙهين صديءَ ۾ شروع ڪيو. هن ويانا لنڊن، پئرس نيپلس ۽ فرينڪفرٽ شهرن ۾ پنهنجن پُٽن جي نگرانيءَ ۾ بينڪون قائم ڪيون. وڏو پٽ فرينڪفرٽ بئنڪ جو انچارج ۽ ٻين سمورين بينڪن جي نگراني ڪندو هو. سندس ويانا واري بينڪ جو انچارج پٽ سولو من آسٽريا جي چانسلر ميٽرنڪ Mtternich جو دوست هو. هن ڪٽنب جا سمورين واسطيدار حڪومتن سان سٺا تعلقات قائم ٿيا. اهڙي ريت هنن بي انتها ناڻو ڪمايو ۽ عالمي پئماني تي شهرت حاصل ڪئي. هن خاندان پنهنجي سموري قبيلي کي تجارت ۾ آندو ۽ وقت جي وڏن ماڻهن سان شادين مرادين وسيلي مٽي مائٽي پيدا ڪئي.
صنعتي انقلاب غريب ۽ شاهوڪار طبقن جي وچ ۾ تضادن کي وڌائي وڌو. شاهوڪار طبقو تيزيءَ سان وڌيو ۽ حالتن مطابق وڌ ۾ وڌ فائدو، فرحت، لذت ۽ عيش عشرت حاصل ڪرڻ لڳو. انگلينڊ جو وچيون طبقو ٻهراڙيءَ ۾ زرعي فارم لڳائي ارڙهين صديءَ جي نوابن وانگر نوَن محلن ۾ ضيافتن ۽ شڪارن ۾ پاڻ وندرائڻ لڳو. ڪجهه صنعتڪار پورهيت طبقي جي ڀلائي لاءِ به ڪوشان هئا. جن ۾ جان فيلڊن به هڪ هو. جنهن جي ڪوششن سان ٻارن ۽ عورت مزورن جي ڏهاڙي وقت ٻارهن ڪلاڪن کي گهٽائي ڏهه ڪلاڪ مقرر ڪرڻ لاءِ قانون جوڙيو ويو. هن قانون جي مخالفت ۾ تمام گهڻا سرمائيدار اُٿي کڙا ٿيا هئا. حفظان صحت جي خلاف مزدور بستيون اڏڻ جي خلاف ڪوشش في الوقت ڪاميابي ڪونه ٿي، جو تقريباً سموري سرمائيدار طبقي اهڙي قانون جوڙڻ جي مڪمل مخالفت ڪئي، ڇو ته انهن مان سڀ کان ننڍي مالڪ کي به سالياني مسواڙ چاليهه هزار پائونڊن کان وڌيڪ حاصل ٿيندي هئي. يورپ جي ڀيٽ ۾ آمريڪا جي مزور طبقي کي اهڙي مشڪلات ۽ مجبوري ڪا نه هئي. هتي پورهيت طبقي کي مزوري نسبتاً مناسب ۽ رهڻ ڪرڻ جو چڱو بندوبست هو. اهو ئي سبب هو جو آمريڪا ۾ انهيءَ عرصي دوران جمهوري نظام حڪومت جو تجربو ڪامياب ٿيو.
انگلينڊ پهريون ملڪ هو جتي صنعتڪاري سڀ کان اَوَلِ قائم ٿي. نتيجتاً هتي صنعت کي زراعت تي فوقيت حاصل ٿي. فرانس۾ آباديءَ جو مکيه طبقو هاري ۽ ننڍو آبادگار طبقو هو. جنهن کي وڏيون جاگيرون ختم ڪري زمين جا ننڍڙا ٽڪرا ڏنا ويا، جن کي آباد ڪري پنهنجو گذر ڪرڻ لڳو ۽ سياست کان پري رهڻ لڳو. فرينچ مزور طبقو تمام ننڍڙي اقليت جي صورت ۾ سياسي طور غير فعال رهيو ۽ هاري ۽ آبادگار طبقي کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪري نه سگهيو. جڏهن ته فرينچ زميندار ۽ امير طبقو پنهنجي زمين جو مالڪ رهيو. جنگين جي عرصي دوران جرمني ۽ اسپين۾ غلام داري تقريباً ختم ٿي وئي، پر آسٽريا، روس ۽ ترڪي ۾ بادشاهت ۽ جاگيرداري سماجي نظام برقرار رهيو. جتي وچيون طبقو نالي ماتر موجود هو. امير ۽ جاگيردار طبقو مقامي توڙي رياستي اقتدار تي قابض هو. آباديءَ جو مکيه وڏو حصو غلام ۽ نيم غلام هاري طبقو جاگيرن ۾ پورهيو ڪندي جاگيردارن جي مڪمل قبضي ۾ هو. جرمني ۾ پڻ فرانس وانگر وڏيون جاگيرون ٽوڙي انهن هارين ۾ ورهايون ويون، جيڪي انهن کي آباد ڪندا هئا. البت هڪڙو مراعات يافته زميندار طبقو اڃان به موجود هو. جنهن کي جنڪر Junker سڏيندا هئا. انگلينڊ ۾ جاگيردار ۽ پورهيت طبقي جي وچ ۾ تمام وڏو خليج ۽ اختلاف پيدا ٿيو، جنهن هڪ قسم جي زرعي سامراج واري شڪل اختيار ڪئي. کيت مزدورن جي حالت نهايت ابتر هئي. کين تمام گهٽ مزدوري ملندي هئي ۽ رهائشي صورتحال سنگين هئي. مهانگائي پڻ ڏاڍي هئي. آئرلينيڊ ۾ هن پورهيت طبقي سان اڃا وڌيڪ انياء هو. مجموعي طرح سموري دنيا ۾ زراعت ۾ روايتي طورطريقا استعمال ۾ هئا. البت انگلينڊ ۽ آمريڪا ۽ چند يورپي مُلڪن زمين پوکي راهي جا نوان طور طريقا عمل ۾آندا. آمريڪا ۾ زرعي شعبي ۾ مشينريءَ جو استعمال تيزي سان شروع ٿيو. آمريڪا جي ڏاکڻي ڀاڱي جو زميندار طبقو نوَن طور طريقن ۽ نوَن سڌريل اوزارن جو استعمال ڪرڻ ڏانهن مائل ڪو نه ٿيو هو، ڇو ته اهو زميندار طبقو سياسي طرح پڻ رجعت پرست هو. انهيءَ ڪري سندن غلام هاري طبقي ۾ نون طريقن ۽ اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ گهربل شعور ۽ شوق عدم موجود هو.