حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان اڳ عربن جو احوال ۽ سندن ولادت، نبوت ۽ هجرت جو احوال
آهي مستغرق، عالم انهي ڳالهه ۾.
(شاهه)
اڄڪلهه عرب ملڪ تيل ۽ ٻي معدنيات جي موجودگيءَ سبب دنيا جي شاهوڪار ملڪن ۾ شامل آهن. پر حضور اڪرم حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي ولادت مبارڪ وقت هيءَ سر زمين جهالت ۽ غربت ۾ غرق، قبائلي جنگين جي آماجگاهه ٿي پئي هئي. جنهن جي باقي دنياءِ انساني ۾ ڪا به وقعت ۽ حيثيت ڪا نه هئي.
يمن واري ڏاکڻي ڀاڱي کانسواءِ سمورو ملڪ شاهي رڻ پٽ جي صورت ۾ واريءَ جي طوفانن، لُڪُن ۽ جهولن جي ور چڙهيل هو. البت ڪٿي ڪٿي ڪنهن ننڍي وڏي چشمي جي موجودگيءَ سبب ڪو کجين جو باغ ڏسڻ ۾ آيو ٿي. ڪنهن وڏي چشمي واري کجين جي باغ ۾ جَوَ ۽ جوئر وغيره پوکبي هئي. هن جابلو علائقي جا باشندا بدو خانه بدوش هوندا هئا، جيڪي خيمن ۾ رهندا هئا. انهيءَ ڪري يوناني کين ساراسين سڏيندا هئا. دنيا جي ماڻهن کي اها ڳالهه وهم گمان ۾ به ڪا نه هئي ته هن جاهل قوم ۾ ڪڏهن اهڙي غير معمولي شخصيت جو مالڪ يعني خيرالورا پيدا ٿيندو. الله سبحانهُ و تعاليٰ نبي آخر زمان طور چونڊي کين هڪ اهڙي دين جي اشاعت جو فرض سونپيندو جنهن سان نيڪي، امن، ايمان، ڀائيچارو، ترقي ۽ خوشحالي هن تباهه حال خِطي جو مقدر بڻجندي ۽ عالم ۾ اسلام جو اهاء ٿيندو.
هتي جي ماڻهن کي ٻي دنيا جا ماڻهو لادين، ڪافر ۽ وحشي قوم سمجهندا هئا. تنهنڪري يهودين توڙي عيسائين جو هن خطي ۾ تبليغ جي خيال کان اچڻ خير ڪو ٿيو، يثرب شهر جنهن کي هاڻي مدينو سڏجي ٿو. تنهن ۾ ڪجهه زراعت پيشه يهودي اچي آباد ٿيا. جن پنهنجي مذهب سان گڏ هتي جي بُت پرستي پڻ اختيار ڪئي.
يمن رياست تي بازنطيني حڪومت قبضو ڪري اتي عيسائيت جو پرچار ڪيو. جنهن سبب ڪجهه مقامي ماڻهن عيسائيت اختيار ڪئي، اتر عرب ۾ ڪجهه قبيلن عيسائيت قبول ڪئي. پر عام بدو لوڪ يهوديت توڙي عيسائيت کي پنهنجي مذهب کان مٿڀرا دين سمجهڻ جي باوجود انهن کان گهڻي قدر بدگماني توڙي خطري جو شڪار رهيا. ڇو ته ايرانين 570ع ۾ سندن ڏاکڻي رياست يمن تي اچي قبضو ڪيو. جنهن تي هن کان اڳ ابيسينا (حبش-هاڻ ايٿوپيا) وارن جو قبضو هو. ان کان اڳ ۾ هتي يهودين اچي عربن کان حڪومت کسي هئي.
ستين صدي عيسوي جي شروع ۾ وچ عرب وارن چند قبيلن عيسائيت جي مختلف فرقن کي قبول ڪيو هو. پر مجموعي طور تي عرب ماڻهو هڪٻئي کان ڇڙوڇڙ، باهمي جنگين جا شڪار، غيرمتمدن ۽ مشرڪ ئي رهيا. منجهن چوري چڪاري، ڦرمار ۽ دنگو فساد معمول جو مشغلو هو. خانه بدوش زندگي سندن ورثو هو. ايتري قدر جو شهرن ۾ اچي آباد ٿيندڙن جي مزاج تي پڻ انهي اصلي خانه بدوشي طرز زندگيءَ جو گهرو اثر برقرار رهيو. جنهن کان اهي مڪمل طور آزاد ڪو نه ٿيا هئا. اهي اُٺ پاليندا هئا ۽ پاڻ کي رڻ پٽ جو اولاد سڏائيندي فخر محسوس ڪندا هئا.
دجله ۽ فرات جي زرخيز ميداني علائقن ۾ رهندڙ عربن جو پيشو زراعت هئڻ سبب کين اُٺ پالڻ ۽ خانه بدوش ٿيڻ جي مجبوري ڪانه هئي. پر خشڪسالي ۽ قحط وارن ڪئين سالن تي مشتمل عرصن کين صحرائي نخلستانن جي ڳولا ڪارڻ خانه بدوش بنجڻ تي مجبور ڪيو، ته جيئن اهي پنهنجو گذر ۽ جانورن جو چارو هٿ ڪري سگهن. سندن خوراڪ گهڻي ڀاڱي اُٺن جو کير ۽ گوشت تي مُبني هئي. اهڙي طرح صحرا ۾ موجود مختلف چشمن ۽ نخلستانن تي مختلف قبيلن پنهنجو تسلط ۽ تصرف قائم ڪيو. هيءَ صحرائي زندگي ڏاڍي ڏُکي هئي. جتي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪافي عرصي تائين بُک ۽ اُڃ جو شڪار رهندا هئا. زندگيءَ جي ضروريات جي حصول ڪارڻ اڪثر پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا.
هنن صحرائي بدولوڪن ۾ قبائلي نظام موجود هو، جنهن تحت قبيلي جو سردار قبيلي جي هر شخص جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ذميوار هو. جڏهن ته ان ذميواري کي صحيح طور نڀائڻ خاطر قبيلي جو هر فرد سندن سردار جو حڪم مڃڻ لاءِ هر وقت پابند رهندو هو.
قبيلي جي هر فرد ۾ موجود سماجي خوبين جي مجموعي لاءِ هڪ لفظ مَرِواه ڪتب آڻيندا هئا. جنهن ۾ جرائت، مردانگي، سهپ، صبر، ظالم کان بدلو وٺڻ جي خواهش، ڪمزورن ۽ نادارن جي مدد ۽ طاقتور ۽ جابر اڳيان به سچ چوڻ کان نه ڪيٻائڻ وغيره واريون سموريون خصوصيتون شامل هيون. مَرِواه وارو لفظ ڪٿي ڪٿي مذهبي ڪردار پڻ ادا ڪندو هو. عربن ۾ موت کان پوءِ واري زندگي جو تصور عدم موجود هو. سندن معاشري جي اصولن تحت فرد واحد جي انفرادي طور تي ڪا به حيثيت يا اهيمت ڪا نه هوندي هئي. سندس عزت يا اهميت ڪنهن قبيلي سان وابستگي موجب طئي ٿيندي هئي. هن قبائلي زندگيءَ ۾ ڦرمار يا قتل وغيره ڪو به ڏوهه تصور ڪو نه ڪيو ويندو هو. اهڙي طرح بدلي جي رواج موجب ڦرمار ۽ قتل و غارت جو سلسلو جاري ۽ ساري هوندو هو. بدلو نه وٺندڙ قبيلي يا ڌُر کي گيدي ۽ بزدل ڪوٺي ان جي سخت تذليل ڪئي ويندي هئي. ڌاڙا ۽ ڦرون ڪرڻ کي ”غُزِي“ سڏيندا هئا. اهو فعل هنن وٽ فخر جوڳو عمل ليکبو هو. ڦورو ٽولا ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ ۽ سرهڻ کان اڳ املاڪ ۽ جانور وغيره چورائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ حتي الامڪان ڪوشش ڪندا هئا. منجهن ننڍن ٻارن خصوصاً ڇوڪرن کي مارڻ جو ظالمانه رواج عام هو. ڇو ته عيش و عشرت ۽ ڪثرت ازواج جي تقاضا موجب ڇوڪرين کي ڪو نه ماريندا هئا پر ڪي ظالم ماڻهو پنهنجي نياڻين کي به ڄمڻ شرط جيئري ئي زمين ۾ پوري ڇڏيندا هئا.
هنن بدو لوڪن ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج ڪو نه هوندو هو. البت منجهن ڪي ماڻهو شاعر به هوندا هئا. جيڪي کين شعر ٻڌائيندا هئا. سندن خيال موجب شاعرن تي جنن ۽ ڀوتن جو اثر آهي ۽ شاعريءَ ۾ جادو سمايل آهي. تنهنڪري شاعرن کي عربن وٽ وڏو مان ۽ مرتبو حاصل هو. کين اهو وهم هوندو هو ته سچي شاعر جي پِٽَ ماڻهوءَ کي نهوڙي نيندي ڇو ته انهن کي روحاني طاقت حاصل آهي. شاعر مُلان توڙي درويش جو پارٽ پڻ ادا ڪندا هئا.
بدو قبيلن ۾ جوتشي، ڀوپا ۽ نجومي به موجود هوندا هئا، جيڪي اڳڪٿيون ۽ خوابن جا تعبير پڻ ڪندا هئا. هنن بدو ماڻهن ۾ ڪجهه، مذهبي ۽ روحاني عقيدا پڻ مروج هئا. اهي ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن کي مقدس سمجهندي، انهن جي چڱي توقير ۽ ادب ڪندا هئا.
اهي ڪعبة الله کي سڀني ماڳن ۽ مڪانن کان وڌيڪ پاڪ ۽ اعليٰ حيثيت واري جاءِ ليکيندا هئا. ڪعبي شريف جي ڀرسان آب زم زم وارو پاڪ کوهه موجود هو. هن پاڪ جڳهه جي اوڀر واري ديوار جي ڪُنڊ تي دروازي جي ڀرسان نَصب ٿيل ڪارو پٿر سندن خيال موجب شهاب ثاقب هو، جيڪو الله پاڪ عربن کي تحفي طور عطا ڪيو هو. رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي دور ۾ ڪعبو شريف عربن جي مکيه ديوتا ”هبل“ جي نالي سان منسوب هو. انهيءَ ديوتا جو بت نيباتين جي ملڪ يعني اُردن مان آڻي ڪعبي شريف ۾ نَصب ڪيو ويو. اُن کان اڳ ۾هن مقدس جڳهه کي عربن جي سڀ کان وڏي معبود الله پاڪ جو گهر ڪري مڃيندا هئا ۽ ان جي چوڌاري ست چڪر لڳائيندا هئا. انهيءَ عمل کي هو طواف نالي عبادت ڪوٺيندا هئا. ڪعبي شريف جي چوڌاري ٻين 360 ديوتائن جون مورتيون به رکيل هيون. ڪيترائي بدڪار ماڻهو ننگا ٿي طواف ڪندا هئا.
ڪعبي شريف جي چوڌاري ويهن ميلن جي علائقي ۾ هر قسم جو شڪار، جهيڙو فساد ۽ خون وغيره تي سخت بندش هئي. اهو مذهبي اصول هو. ڪعبت الله شريف سمورن سامي توڙي حامي قبيلن ۽ قومن جو هڪڙو گڏيل مذهبي ۽ روحاني مرڪز هو.
هن عمارت جي چوڌاري رکيل 360 مورتيون قديم سُميري مذهب کان متاثر ٿي هتي پڻ گهڙائي رکيون ويون. ڇو ته سُميري باشندا 360 ڏينهن وارو سال ڪم آڻيندا هئا ۽ هر روز هڪ مقرر ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا. اُن سال ۾ پنج ڏينهن وڌيڪ شامل ڪري انهن ڏينهن تي فقط زمين ۽ آسمان کي مهاديوتا ڪري پوڄيندا هئا، عربن انهن پنجن ڏينهن کي حج جي ڏينهن ۾ بدلائي ڇڏيو. مشرڪين عرب آڳاٽي وقت حج جون رسمون خزان جي مُند ۾ بجاآڻيندا هئا. جيئن ديوتا مهربان ٿي سُٺي برسات وسائي، طوفان جي ديوتا جو گهر صفا ۽ مروا جي بُٺين جي وچ ۾ حائل زمين کي سمجهيو ويندو هو. اُتي ڊوڙون پائيندا هئا. مڪي شريف کان وِيهارو کن ميل پري عرفات جبل واري ميدان ۾ ساري رات جاڳي عبادت ڪندا هئا، منيٰ جي ماڳ تي ٽِن پِيلَرَن تي کڙيون هڻندا هئا ۽ آخر ۾ مٿو ڪوڙائي جانورن جي قرباني ڪندا هئا.
حج وارن ڏينهن ۾ مڪي شريف ۾ هزارن جي تعداد ۾ حاجي ايندا هئا ته هتي ميلي جو سمان ٿي ويندو هو ۽ واپار وڏي پئماني تي ٿيندو هو. ان صورتحال سبب مڪي شريف کي مرڪزي تجارتي حيثيت پڻ حاصل هئي.
عربستان ۾ ڪعبي شريف کانسواءِ ٻيا به ڪجهه مقدس مڪان هئا،جتي مختلف ديوتائن ۽ ديوين جي پوڄا ٿيندي هئي، پر ٽن ديوين کي گهڻي مڃتا مليل هئي. انهن کي (بنات الله) يعني ”الله پاڪ جون ڌيئر“ سڏيندا هئا.انهن جا نالا الات، المنات ۽ العزي هئا. الات ديوي جو مندر طائف نالي شهر ۾ هو. نخله نالي ماڳ وٽ العزي ديوي جو مندر ٺهيل هو. اهڙي ريت ثقيف قبيلي وارن الزبه نالي ديويءَ جو مندر ٺاهيو هو، هنن ديوين کي بنات الدهر يعني قسمت جون ديويون پڻ ڪوٺيندا هئا. عربن جو مذهب انهن مندرن تائين محدود هو. اهي پنهنجي گهرن ۾ پوڄا ڪرڻ لاءِ بت يا مورتيون ڪو نه رکندا هئا. عربن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به موجود هئا جيڪي مروج مذهب ۽ رسم و رواج کان باغي هئا. انهن ماڻهن جو ڳچ تعداد شهرن ۾ آباد هو. ستين صدي عيسوي تائين هي سمورو عرب سخت افراتفري، ڦرمار، خون و غارتگريءَ ۾ ٻُڏل هو. ڪٿي به امن امان نالي ڪا به شي موجود نه هئي. البت شهرن جو ماحول معاشرو ٿورو مختلف هو. مڪو شريف ۽ يثرب يعني مدينو منوره سماجي توڙي معاشي طور تي سڌريل ۽ ترقي يافته شهر هئا. مڪي شريف جي سموري عرب ۾ مذهبي، سماجي توڙي تجارتي لحاظ کان سوين سالن کان وٺي مرڪزي شهر واري حيثيت هئي. مڪو شريف پنهنجي بيهڪ جي لحاظ کان ٽڪرين سان گهيريل جهول واري يا ترائي واري پٽ تي اڏيل شهر آهي. جيڪو اتر کان ڏکڻ ڏانهن وڌندو رهي ٿو. شهر جي اولهه طرف واريون ٽڪريون ان جي اوڀر طرف وارين ٽڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اوچيون آهن. ڪعبو شريف شهر جي بلڪل وچ تي اڏيل هو. شهر جون گهٽيون پٿر جي فرش سان ٻڌل هيون ۽ سمورن گهرن کي قلعه بند ڪوٽ اڏيل هئا. شهر جي سردار اعليٰ جو محل جنهن کي ”دارالندوه“ سڏيندا هئا. اهو ڪعبي شريف جي بلڪل ڀرسان اڏيل هو. جنهن جو مکيه دروازو ڪعبي شريف جي سامهون هو. اهڙيءَ طرح مڪو شريف هڪ محفوظ ۽ خوشحال شهر جي ڏيکائي ڏيندو هو.
ڪعبت الله شريف جا اصل سنڀاليندڙ ته آل اسماعيل هئا، پر اٽڪل ٽي چار سئو ق.م. ۾ بابلي بادشاهه ڏنڊي جي زور تي اهو بني جُرهُم جي حوالي ڪيو، جنهن شهر جي توڙي سموري حجاز پرڳڻي جي مذهبي توڙي سياسي اقتدار تي براجمان رهندي پاڻ کي ”مَلَڪ“ جي خطاب سان سڏائڻ شروع ڪيو. ٽي صدي عيسوي جي شروعات ۾ يمن جي رهاڪو ”بني خُزاء“ نالي قبيلي وارن مڪي شريف کانسواءِ باقي سموري حجاز تي قبضو ڪري بني جُرهُم جو اقتدار ختم ڪري ڇڏيو. ان عرصي دوران بني اسماعيل وارن اهل بابل هٿان ٿيل پنهنجي تباهيءَ جي حتي الامڪان ازالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي طرح بني اسماعيل واري قبيلي جي هڪ فرد نالي ”عدنان“ بني جُرهُم جي سردار جي ڌيءَ سان شادي ڪري مڪي شريف ۾ رهائش اختيار ڪئي. عدنان جو پٽ معد حجاز توڙي نجد ۾ رهندڙ بني اسماعيل جي سمورن قبيلن جو سردار هو. معد جي اولاد ۾ ڪافي عرصو پوءِ ”فهر“ نالي هڪ شخص پيدا ٿيو جيڪو هڪ عالي همت ۽ پُروَقار شخصيت جو مالڪ هو.کيس قُريش جو لقب مليل هو. بني جرهم جيڪو اصل ۾ بني خزاء قبيلي جي هڪڙي شاخ هئي، تنهن کي ڪعبي شريف جي متوليءَ وارو عهدو ٻن صدين کان وڌيڪ عرصي تائين حاصل هو.اٽڪل پنجين صدي عيسوي ڌاري بني جرهم قبيلي واري مڪي جي آخري سردار جليل جي وفات تي فهر، ملقب قريش جي اولاد مان ”قُصي“ نالي هڪڙي فرد جيڪو سردار جليل جو نياڻو به هو. مڪي شريف جي مذهبي توڙي سياسي اقتدار تي قبضو ڪري بني جرهم يا بني خزاء وارن کي مڪي شريف مان ڪڍي ڇڏيو. نه قط ايترو پر قُصي سموري حجاز پرڳڻي جو حاڪم ٿي ويو. هن مڪي شريف ۾ نظم و نسق ۽ امن امان طرف گهڻو ڌيان ڏنو. ڪعبي شريف تي سندن قبضي کي برقرار رکڻ لاءِ ۽ ان جي حفاظت خاطر جيڪي قريش قبيلي جا خاندان جهڙوڪ: قُصيءَ جو ڀاءُ زهرا، چاچو تيم ۽ سئوٽ مخزوم، سهم ۽ جمع وغيره شهر جي ٻاهرين ڀاڱن ۾ رهندا هئا. انهن کي قُصي لڏائي اچي ڪعبي شريف جي چوڌاري طواف ڪرڻ لاءِ گهربل ميدان ڇڏي انهيءَ سان لڳو لڳ مورچا بند ڪوٽن وارا عاليشان گهر تعمير ڪيا.
قُصيء پنهنجو محل پڻ انهن گهرن سان گڏ تعمير ڪرايو، جنهن جو دروازو ڪعبي شريف جي سامهون طواف واري ميدان وٽان هو. انهيءَ محل کي دارالندوهه جي نالي سان سڏيندا هئا، مڪي شريف توڙي سموري حجاز پرڳڻي جا سياسي سماجي ۽ مذهبي مسئلن بابت درالندوه ۾ اجلاس ٿيندا هئا ۽ احڪام جاري ڪيا ويندا هئا. چاليهن سالن کان گهٽ عمرواري ڪنهن به شخص کي دارالندوه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڪا نه هئي. البت حاڪم جي جانشين سان اهو قلم لاڳو ڪو نه هو. ڪنهن جنگ تي روانو ڪرڻ وقت قريشي فوجي سالار کي سردار اعليٰ قُصي پاڻ خود جهنڊو ڏيندو هو ۽ هڪ نيزي جي ڦر کي سفيد ڪپڙو ويڙهي جنگي سردار کي يا پنهنجي پُٽ کي هٿ ۾ ڏيئي لشڪر سان گڏ روانو ڪندو هو. اُن رسم کي ”عقد اللِوا“ سڏيندا هئا. هن ڪعبي شريف جي زيارت ۽ حج ڪرڻ لاءِ آيل پرديسي ماڻهن کي کاڌي جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ هن اهل مڪھ تي چندو مقرر ڪيو. اهو رواج اسلامي دور ۾ به سوين سالن تائين جاري رهيو. ان کانسواءِ قُصي مڪي شريف ۽ ان جي آسپاس پاڻيءَ جي کوهن جي سنڀال ۽ پاڻي پهچائڻ جو انتظام يعني سقايه ۽ حُجا به يعني ڪعبي شريف جي ڪنجي برداري ۽ ”سناده“ يعني ڪعبي شريف ۾ ديوتائن جي رکيل مورتين کان زندگيءَ جي مختلف مسائل بابت ڏس پتووٺڻ لاءِ ڪاهن يا ڀوپا مقرر ڪرڻ جهڙا ڪيترائي ڪم پنهنجي نگرانيءَ ۾ڪرائيندو هو ۽ اهڙي ريت هو هڪ برجستو ۽ ڪامياب حاڪم ٿي رهيو، جنهن قريش قبيلي جو مان ۽ مرتبو وڌايو هو. قُصي ڊگهي عمر ماڻي ۽ سن 480ع ڌاري وفات ڪئي.
سندس وفات بعد سندس پٽن عبدالدار ۽ عبدالمناف ۾ اقتدار ۾ حصي رسيءَ نسبت جڳهڙو ٿي پيو. عبدالدار کي سهم، مخزوم، جمع ۽ چاچي عدي جي خاندانن جي حمايت حاصل هئي. انهيءَ گروهه کي ”احلاف“ جي نالي سان سڏيندا هئا. عبدالمناف کي پنهنجي ڀائٽي اسد، زهراه، تيم، ۽ محترم الحارث ابن فهر جي حمايت حاصل هئي. هن گروهه وارن همراهن خوشبودار پاڻيءَ سان ڀريل هڪ وڏو ٿانءُ کڻي ڪعبي شريف ۾ داخل ٿي پنهنجا هٿ اُن پاڻيءَ سان ڌوئي هڪٻئي کي ساٿ ڏيڻ جو انجام ڪيو. تنهنڪري هن گروهه جي ماڻهن کي ”مُطيبون“ يعني خوشبوءِ لڳل افراد سڏڻ لڳا. ڪافي ڪشمڪش بعد ٻئي دريون اقتدار ۾ ڀائيواري وارن شرطن موجب ٺهي ويون. اُن ٺاهه موجب سقايه يعني مڪي شريف ۾ معنافات جي پاڻيءَ جو انتظام ۽ ٻيو رفاده يعني پرديسي زائرين جي خوراڪ جو بندوبست ۽ ان لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جو انتظام عبدالمناف جي اولاد جي حوالي ڪيو ويو. باقي حجابه يعني ڪعبي شريف جي ڪُنجي برداري ندوه يعني قومي مجلس جو انعقاد ۽ لِوا يعني جنگي معاملات عبدلدار جي اولاد جي حوالي ڪيا ويا،پر هن قريش قبيلي جي تقسيم هنن ٻن گروهن جي صورت ۾ صدين تائين يعني حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وقت به موجود هئي، جنهن سبب قبيلي ۾ داخلي اختلافات ۽ مخاصمت برقرار رهي.
عبدالمناف سندس حصي ۾ آيل ڪمن جو انتظام پنهجي وڏي پٽ عبدالشمس جي حوالي ڪيو، پر تنگ دست هئڻ سبب شمس سقايه ۽ رفاده جون ذميواريون پنهنجي ننڍي ڀاءُ هاشم کي رضا خوشيءَ سان سونپيون ڇو ته تجارت پيشه ۽ مالدار هئڻ سبب قريش خاندان ۾ هاشم کي وڏي حيثيت حاصل هئي.
مڪي شريف ۽ ان جي آسپاس آباد قريش خاندانن جو گذر سفر جو ذريعو واپار هو. هاشم جي انهن تاجرن ۾ پڻ وڏي اهميت هئي. هو سال ۾ ٻه ڀيرا وڏا وڏا تجارتي قافلا يمن ۽ شام ملڪن ڏانهن موڪليندو هو. ڪعبي شريف لاءِ سموري عرب مان زائرين سدائين پيا مڪي شريف ايندا ۽ ويندا هئا. تنهنڪري هي شهر عربستان ۾ هڪڙي وڏي تجارتي مرڪز جي صورت اختيار ڪري ويو. ڇو ته اهو ٻن وڏن تجارتي رستن جي به وچ ۾موجود هو. هڪڙو حجاز وارو شاهي رستو جيڪو ڳاڙهي سمنڊ جي اوڀر طرف واري ڪناري سان لڳو لڳ هلندو يمن، شام، فلسطين ۽ اردن کي پاڻ ۾ ملائيندو هو، ٻيو نجه وارو شاهي رستو هو جيڪو يمن کي عراق سان ملائيندو هو. اهڙي طرح اهل قريش واپار ۾ ڪاميابي ۽ پنهنجي مڪي ۾ ڏاهپ سان حڪمراني ڪرڻ سبب ڇهين صدي عيسوي ۾ پوري عرب ۾ وڏي اقتصادي ۽ سياسي قوت طور اُڀري آيا. انهيءَ زماني ۾ پوري قريش ۾ هاشم کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت حاصل هئي. هن سن 510ع ڌاري غزه شهر ۾ انتقال ڪيو. سندس بعد سقايه ۽ رفاده جو انتظام سندس وڏي پٽ شيبه جي حوالي ٿيو. شيبه جي وفات تي مٿيان معاملا سندس ننڍي ڀاءُ عبدالمطلب جي حوالي ٿيا. جنهن کي اهل مڪھ اڳي ئي وڏي عزت ڏيندا هئا. سندس خصلتن موجب کيس الغيص جو خطاب ڏنو ويو.
ڪعبي شريف جي ڀر ۾ موجود آب زم زم وارو مشهور چشمو بني خزاء وارن پنهنجي ايامڪاريءَ دوران لٽي ڇڏيو هو. عبدالمطلب اهو چشمو نئين سر ڳولي صاف ڪرائي جاري ڪرايو. ياد رهي ته زائرين ڪعبھ ۽ حاجين کي آب زم زم پيارڻ جو شرف بني هاشم کي ئي حاصل هو. عبدالمطلب وڏو واپاري هئڻ سان گڏ اٺن جي تمام وڏي وڳ جو پڻ مالڪ هو. انهيءَ وقت مڪي شريف جي حڪومت جو ڪاروبار عبدالدار ۽ عبدالمناف سان وابسته خاندانن ۾ ورهايل هو.انهن جو تعداد ڏهه هو. انهن ڏهن ڄڻن کي ”الشريف“ جي نالي سان سڏيندا هئا. انهن کاتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
1. حجابه: يعني ڪعبي شريف جي ڪنجي برداري جو عهدو عبدالدار جي خاندان جي حوالي هو، اسلام جي ظهور وقت عهدي تي عثمان بن طلحه فائز هو.
2. سقايه: يعني آب زمزم ۽ ٻين سمورن کوهن جي پاڻيءَ جو انتظام بنو هاشم جي افراد جي حوالي هو. رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم طرفان مڪي شريف جي فتح وقت انهيءَ جو انتظام رسول پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چاچي حضرت عباس ؓ جي حوالي هو.
3. ديات: يعني ديواني ۽ فوجداري عدالت تيم ابن مره جي خاندان جي حوالي هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي نبوت کان اڳ واري دور ۾ انهيءَ عهدي تي عبدالله بن قحافه يعني حضرت ابو بڪر صديق فائز هو.
4. سفارت: يعني مڪي جي رياست توڙي ڏيساور ۾ سرڪاري نمائندگيءَ وارو تمام اهم عهدو حضرت عمر رضه جي حوالي هو.
5. اللوا: يعني قومي جهنڊي جو محافظ سپهه سالار جو عهدو بنو اُميھ جي خاندان جي حوالي هو، مڪي شريف جي فتح کان اڳ اُن عهدي تي نبي سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم جو جاني دشمن ابو سفيان بن حرب فائز هو.
6. رفاده: يعني حاجين زائرين ۽ ٻين مسڪين ماڻهن کي کاڌو کارائڻ ۽ انهيءَ لاءِ مقرر چندو گڏ ڪرڻ وارو نيڪ ڪم بنو هاشم جي حوالي هو پر ابو طالب جي وفات کان پوءِ نوفل بن عبدالمناف جي خاندان جي حوالي ٿي ويو. حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وقت ۾ اهو انتظام حارث ابن عمرو جي حوالي هو.
7. الندوهه: يعني قومي مجلس جو انتظام حڪومت جي سڀ کان اعليٰ فرد جي حوالي هوندو هو. رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي دور ۾ العزي قبيلي جي هڪ فرد اسود جي قبضي ۾ رهيو.
8. خائمه يا قبه يعني قومي مجلس گاهه جي متولي وارو عهدو مخزوم قبيلي جي فرد خالد بن وليد جي حوالي هو.
9. خازنه: يعني بيت المال جو انتظام حسن بنڪعب خاندان جي فرد حارث ابن قيس جي حوالي هو.
10. ازلام: يعني انهن تيرن جي سار سنڀال جيڪي ڪعبي شريف ۾ رکيل بتن کان منجهيل مسئلا حل ڪرائڻ خاطر هوا ۾ اڇلايا ويندا هئا، وارو منصب ابو سفيان جي ننڍي ڀاءُ صفوان کي حاصل هو.
انهن سمورن عهديدارن ۾ جيڪو سڀني کان وڏو هوندو هو، اُن کي وڌيڪ اثر ۽ رسوخ حاصل هوندو هو. کيس رئيس ۽ سيد جا لقب مليل هئا رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وقت ۾ اهو مرتبو سندن چاچي حضرت عباس رضه کي حاصل هو.
بهرحال عبدالمطلب جي حيثيت پنهنجي قبيلي توڙي پوري عرب علائقي ۾ اعليٰ ۽ ارفع هئي. هن ڪعبو شريف ۾ ديوتائن جي بتن اڳيان پنهنجي پٽاڻي اولاد کي قربان ڪرڻ جي باس باسي هئي. انهيءَ جي پورائي لاءِ سندس ننڍي پٽ عبدالله يعني رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي والد بزرگ وار کي کڻي ڪعبي شريف پهتو پر قادر ڪريم کي ڪجهه ٻي ڳالهه منظور هئي. تنهنڪري بُتن جي ڪاهن يعني پروهت يا ٻانڀڻ هڪڙي عورت هئي، جنهن جو نالو نسجاع هو تنهن انساني قرباني عيوض هڪ سئو اٺن جي تقاضا ڪئي. جيڪا بروقت پوري ڪئي وئي. بعد ۾ پوري عرب ۾ انساني خون بها هڪ سئو اُٺ مقرر ۽ مروج ٿي ويو.
حضرت عبدالله زهره قبيلي جي سردار وهب جي ڌيءَ آمنه سان شادي ڪئي. انهيءَ سال سندن شاديءَ کان ست اٺ مهينا پوءِ يمن جو حاڪم ابرهه وڏو لشڪر ساڻ ڪري مڪي شريف تي ڪاهي آيو. پاڻ هڪڙي هاٿيءَ تي سوار لشڪر جي اڳيان اڳيان پي آيو ۽ جڏهن مڪي شريف وٽ اچي پهتو ته مڪي جا ماڻهو هيڏو سارو شاهي لشڪر ۽ ان سان گڏ هڪڙو نرالو ۽ هيبتناڪ جانور يعني هاٿيءَ کي ڏسي دهلجي ويا ۽ پهاڙيءَ ۾ لڪڻ لڳا. ڌڻيءَ جي قدرت عجيب جو جڏهن فوج شهر ۾ داخل ٿيڻ جي تياري ڪرڻ شروع ڪئي ته پوري آسمان تي ابابيل نالي ننڍڙا پکي نمودار ٿيا جن پنهنجي چهنبن سان ابرهه جي فوج تي باريڪ پٿرين جي برسات شروع ڪري ڇڏي. اهي سنهيون پٿريون زرهون چيري ماڻهن کي زخمي ڪري مارڻ لڳيون، جنهن ڪري فوج ۾ سخت ڊپ ۽ حراس پکڙجي ويو. ابابيلن جي گم ٿيڻ شرط خوفناڪ طوفان سان گڏ برسات شروع ٿي وئي. جنهن سبب فوج جا سپاهي پنهنجن خيمن سميت برسات جي پاڻي ۾ لڙهندي غرق ٿيڻ لڳا. برسات پوري ٿيڻ سان سموري فوج طاعون جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي وئي. اهڙي بدترين صورتحال جو شڪار ابرهه خود زخمن سان چُور، باقي بچيل چند سپاهي ساڻ ڪري واپس يمن ويو جتي ترت ئي مري ويو.
هن عبرتناڪ واقعي کان ترت ئي پوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جو والد ماجد حضرت عبدالله يثرب ڏانهن سفر دوران 25 ورهين جي ڦوهه جواني ۾ اجل جو شڪار ٿي پنهنجي حامله گهرواريءَ کي غمزده ڇڏي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وفات کان چند ڏينهن پوءِ بي بي آمنه رسول پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي جنم ڏنو. اها ربيع الاول جي ٻارهين تاريخ، سومرجو ڏينهن مطابق 29 آگسٽ سن 570ع هئي. ڏاڏو حضرت عبدالمطلب معصوم کي ڪعبي شريف ۾کڻي ويو ۽ محمد نالو رکيو. هڪ رات عبدالمطلب خواب ۾ ڏٺو ته ٻار جي چيلهه وٽان هڪڙو وڻ ڦٽي وڌندو وڃي آسمان سان لڳو. ۽ اُن جي ٽارن ۽ شاخن سان سموري ڌرتي ڇانئجي وئي. انهيءَ وقت انهيءَ وڻ مان ايترو ته سوجهرو ٿيو جو سموري ڌرتي عجيب طرح منور ٿي وئي.
انهيءَ دور ۾ عبدالمطلب جو خاندان معاشي تنگي جو شڪار هو، قريش جي رواج مطابق معصوم بني سعد قبيلي جي هڪ ٻاريتِي مائي نالي حليمه کي ٿڃ پيارڻ ۽ پالڻ لاءِ ڏنو ويو. انهيءَ سال خشڪ سالي سبب بي بي حليمه جو خاندان پڻ ڪسمپرسيءَ جو شڪار هو ۽ بي بي حليمه کي پنهنجي ٻار جي پورائي لاءِ به مناسب مقدار ۾ ٿڃ ڪا نه هئي، پر جڏهن هن حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي پنهنجي هنج ۾ ويهاري ٿڃ ڏني ته سندس ڇاتي ٿڃ سان ايتري ته ڀرجي وئي جو اها وهڻ لڳي. پاڻ سڳورن خوب ٿڃ ڌاتي ۽ سندس ٿڃ شريڪ ڀاءُ يعني بي بي حليمه جي پٽ به پيٽ ڀري ٿڃ ڌاتي، پر ڇاتيءَ ۾ کير جي گهٽتائي محسوس ڪا نه ٿيس، بي بي حليمه جي چوڻ موجب سندس ڏاچي به اُن ڏينهن کان وٺي گهڻو کير ڏيندي هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي پالنا وارو سمورو عرصو بي بي حليمه جي خاندان خوش گذاريو. نيٺ مقرر وقت تي رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي پنهنجي خاندان کي واپس ڪيو ويو. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم ڇهن سالن جي عمر کي پهتا ته سندن والده ماجده بي بي آمنه رحلت ڪئي. تڏهن کان وٺي پاڻ پنهنجي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب وٽ رهڻ لڳا جيڪو کين بيحد گهڻو پيار ڪندو هو، ٻه سال پوءِ جڏهن نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن اٺن سالن جا ٿيا ته سندن ڏاڏي حضرت عبدالمطلب پڻ وفات ڪئي. ان کانپوءِ کين سندن چاچي حضرت ابو طالب پنهنجي گهر آڻي رهايو. هو هڪڙو نهايت نيڪ دل شخص هو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم کي ڏاڍو ڀائيندو هو. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي طبيعت ۾ نهايت شريف ۽ حليم، ٻين جي ڏک ۽ غم کي محسوس ڪندڙ ۽ متاثر ٿيندڙ، ماٺيڻا ۽ ڳنڀير سوچ ويچار جا مالڪ، هر دل عزيز شخصيت جا مالڪ هئا. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هڪڙي يورپي سوانح نگار ”ڪيرن آرمسٽرانگ“ پنهنجي ڪتاب ”محمد رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي بايو گرافي تي صفحي 109 تي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي دائي بي بي حليمه جي روايت قلم بند ڪندي لکيو آهي ته ”ملائڪن سڳورن پيغمبر صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جو سينو کولي دل ٻاهر ڪڍي ڌوئي صاف ڪري واپس سيني ۾ رکي وري سڄو ۽ صحيح سلامت ڪري ڇڏيو.“ سيد امير علي جي ڪتاب روح اسلام ۾ صفحي 83 تي لکيل آهي ته ”الله پاڪ جي ملائڪن سڳورن نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جو سينو کولي نور سان ڀري ڇڏيو.“ پاڻ سڳورا ننڍپڻ ۾ ئي سلڇڻا، سچار، ماٺيڻا، اورچ ۽ محنتي هوندا هئا. پنهنجي چاچي کي هر ڪم ڪار ۾ پيا وارو وٺائيندا هئا. هڪ ڀيري شام ويندڙ تجارتي قافلي ۾ حضرت ابو طالب نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو. قافلو جڏهن بصره شهر پهتو ته بحيره نالي هڪڙي عيسائي پادريءَ ڏٺو ته هڪڙو ڪڪر قافلي جي مٿان مسلسل ڇانءُ ڪريو اچي. اُن نشانيءَ مان کيس يقين ٿيو ته جنهن نبي سڳوري صلي الله عليھ و الھ وسلم جي پيدا ٿيڻ بابت آسماني صحفين ۾ ذڪر ڪيل آهي. پڪ اهو هن قافلي ۾ شامل آهي. انهيءَ جي ديدار ۽ ڪچهريءَ خاطر هن ابو طالب کي سموري قافلي جي ماڻهن کي ماني کارائڻ جي دعوت ڏني. سڀني کان ننڍو هئڻ سبب رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي قافلي جي سنڀال لاءِ ڇڏي باقي سمورا ماڻهو دعوت تي رونا ٿيا. جتي ميزبان سندن دل سان آجيان ڪئي، پر ڪچهريءَ مان معلوم ٿيس ته حاضرين مان ڪنهن به شخص ۾ نبوت جي ڪا به نشاني ڪانهي. اُن تي هُن بيساخته ٿي حضرت ابو طالب کان پڇيو ته اوهان جي قافلي جا سمورا ماڻهو هتي حاضر آهن يا اڃان ڪجهه پويان رهيل آهن؟ تڏهن قافلي وارن کي ياد ڪندي سخت ندامت ٿي ته افسوس اسان حضرت عبدالمطلب جي پوٽي کي پويان ڇڏي آيا سين. کين ضيافت ۾ اچي شامل ڪيائون. تنهن کان پوءِ راهب بحيره رسول پاڪ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي نويڪلائي ۾آڻي ڪجهه سوال جواب ڪندي يقين ڪيو ته هي ڇوڪرو ئي زماني جو نبي سڳورو آهي. تڏهن حضرت ابو طالب کي تلقين ڪندي چيائين ته پنهنجي ڀائيٽي کي نهايت حفاظت سان واپس ڳوٺ وٺي وڃ ۽ تمام گهڻو خيال رکجينس، ڇو ته هن ڇوڪر جو مستقبل نهايت تابناڪ ۽ عظيم آهي. تنهنڪري هر حال ۾ هر قسم جي حفاظت ۾ رکجينس کيس يهودين کان خاص ڪري بچائي رکج، ڇو ته جيڪڏهن هو کيس سڃاڻي ويا ته پوءِ اهي هن جا جاني دشمن ٿي پوندا.
رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن شام جي مذهبي پستي ۽ معاشرتي بي راهرويءَ کان ڏاڍا متاثر ۽ پريشان ٿيا. 25 سالن جي عمر کي رسندي نبي ڪريم جن مڪي شريف ۾ هڪڙي نهايت قابل، محنتي ۽ ايماندار شخص طور پنهنجي ساک پيدا ڪري چُڪا هئا. مڪي شريف جا ماڻهو سندن خُلق عظيم موافق کين ”الامين“ جي حقيقي خطاب سان پڪاريندا هئا. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم سُهڻي سيرت سان گڏ هڪ سهڻي ۽ دلنشين صورت جا پڻ مالڪ هئا. اهي سڀ مٿن واليءَ جا وڙ هئا. سندن قد پورو پنو ۽ جسم جانٺو مٿي ۽ ڏاڙهيءَ مبارڪ جا وار ڀنڀا هوندا هئا. سندن چهري مبارڪ مان سدائين پيو نور جهلڪندو هو. پاڻ سڳورا نهايت شفيق، مهربان، همدرد، نيڪ دل ۽ ٻاجهاري طبيعت سان گڏ بي مثال قوت ارادي ۽ اولالغزميءَ جا مالڪ به هئا. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم هر ڪم نهايت اَورچائي ۽ سچائي سان ڪندي نيٺ ڪامياب ٿيندا هئا. کيڪارڻ دوران هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪو نه ڪندا هئا. ڳالهائيندڙ جي اکين ۾ نهاريندا هئا ۽ سندن سربستي ڳالهه ٻڌندا هئا. نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فوجي سکيا پنهنجن چاچن کان حاصل ڪئي. جن کين تيراندازي، تلوار بازي ۽ واسطيدار ٻين پهلواني ڪسرتن ۾ ڀڙ ڪري ڇڏيو. سندن هم عمر چاچو حضرت حمزه جنگي فنن جو ماهر هو ۽ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان وڌيڪ سگهارو ۽ قداور هو. سندن ٻئي چاچي حضرت عباس وياج جو ڪاروبار شروع ڪيو. پاڻ سڳورن جي دلچسپي واپار ۾ هئي ۽ اُن سان وابستھ رهيا. شام، فلسطين ۽ عراق ويندڙ واپاري قافلن جي اڳواڻي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيندا هئا. سن 595ع ڌاري سندن پري جي مائيٽياڻي، اسد قبيلي جي صاحب ثروت عورت نالي خديجھ ؓ جو مال کڻي پاڻ سڳورا شام ويا. اُن دوران ساڻن سندن مالڪياڻي صاحبھ جو گماشتو پڻ شامل حال هو. جيڪي واقعا ساڻن پيش آيا اهي هوبهو اچي کيس بيان ڪيائين. جهڙوڪ رستي ۾ هڪڙي عيسائي پادريءَ پاڻ سڳورن سان ملڻ شرط چيو ته هي شخص الله پاڪ جو اهو سچو نبي سڳورو آهي. جنهن جو صدين کان انتظار آهي، ٻيو ته جڏهن گرمي ۽ اُس وڌي ٿي وئي تڏهن محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مٿان ڪڪر ڇانءُ ٿي ڪئي. انهيءَ کانسواءِ پاڻ سڳورن پنهنجي تجارتي ذميواري اهڙيءَ ته ايمانداريءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان نڀائي جو بي بي صاحبه ڏاڍي خوش ۽ متاثر ٿي کين شاديءَ جي آڇ ڪئي. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي چاچن جي صلاح سان سنڱ قبول ڪيو ۽ ترت ئي شادي ٿي. سمورن اهل قريش خوشي ملهائي. حضرت خديجه ؓ عمر ۾ وڏي هئي پر زال ۽ مڙس جو هڪٻئي سان نهايت گهڻو پيار هو. بي بي خديجه ڪا اجائي عمر رسيده ڪا نه هئي. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي منجهائنس چار نياڻيون ۽ ٻه پُٽ يعني ڇهه ٻار پيدا ٿيا. بي بي صاحبه نه فقط هڪڙي زال پر اها نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي رازدان، صلاحڪار ۽ دوست پڻ هئي، ڇو ته ڪنهن به مشڪل وقت ۾ پريشانيءَ سبب رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن هميشه خديجه ؓ جن سان مشورو ڪندا هئا. هوءَ پنهنجي ذهانت سان نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي حقيقي دلجوئي ڪري صحيح صلاح ڏيندي هئي ۽ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي تسلي ۽ اطمينان حاصل ٿيندو هو. حضرت بي بي خديجه ؓ ئي اها پهرين شخصيت هئي، جنهن نبي پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي نبوت تي ايمان آندو ۽ کين حوصلو ڏنو ته بلاشڪ توهان تي الله پاڪ وحي موڪلي پنهنجي طرفان رسول مقرر ڪيو آهي، ڇو ته اڄڪلهه انسان ذات سماجي ۽ اخلاقي طور تي تباهي جي ڪناري تي اچي پهتي آهي. انهيءَ جي سڌاري، انصاف جي حصول، نيڪي ۽ ترقيءَ لاءِ توهان جهڙي الامين شخصيت ئي اهو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. بي بي صاحبه جي حياتيءَ دوران رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ٻي شادي ڪا نه ڪئي، ڇو ته سندن ازدواجي زندگي نهايت سڪون واري هئي. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي بي بي خديجه رضي مان ٻه پٽ القاسم ۽ عبدالله ۽ چار نياڻيون: بي بي زينب ؓ بي بي رقيه رضه، بي بي اُم ڪلثوم رضه ۽ بي بي فاطمھ الزهره رضي الله عنها پيدا ٿيون. رسول پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جا پٽ ننڍڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا، جن جو نبي سائين جن کي ڏاڍو ڏک هو. اُن غم مٽائڻ لاءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم بي بي خديجھ رضه جي طرفان مليل زيد بن حارث نالي غلام کي پُٽيلو ڪري سانڍيو. اهو ”ڪلب“ قبيلي مان هو. جڏهن بي بي فاطمھ رضه جي عمر چار سال کن هئي تڏهن حضرت ابو طالب جي تنگي ۽ غربت سبب رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سندس ننڍي پٽ حضرت علي ڪرم الله وجهھ جن کي نهايت پيار ۽ پاٻوهه سان پالي وڏو ڪيو. جيڪي اڳتي هلي اسلام جا عظيم سپوت بڻيا.
رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي شاديءَ کان ترت پوءِ مڪي شريف ۾ برپا بدامنيءَ کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ هڪڙي تنظيم قائم ڪئي وئي. جنهن جي اڳواڻي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي سونپي وئي، ڇو ته مڪي شريف ۾ ايندڙ ٻاهرين ماڻهن کان اهل مڪھ ڏينهن ڏٺي سمورو مال متاع سان گڏ سندن ٻار ٻچا به کَسي وڃڻ لڳا. جنهن جو ڪو به تدارڪ ڪو نه پئي ٿيو. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن بني هاشم، بني مطلب، بني زهره ۽ بني تيم جي سردارن کي ڪوٺائي ”حلف الفضول“ نالي انجمن برپا ڪرائي هئي. جنهن جي قيام سان غريبن، ڪمزورن ۽ مظلومن کي ڪافي حد تائين انصاف ۽ امن نصيب ٿيو.
ستين صدي عيسوي جي شروع ۾ عثمان بن حويرث حجاز کي بازنطيني سلطنت ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مخالفت ۽ ڪوشش سبب اهو منصوبو ناڪام ٿيو ۽ عثمان ڀڄي وڃي شام ۾ لڪو، جتي کيس زهر ڏئي ماري ڇڏيائون.
اهڙي طرح سن 605ع ۾ ڪعبي شريف جي تعمير دوران حجر اسود جي لڳائڻ واري معاملي کي پڻ رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن نهايت سهڻي سلوڪ سان سلجهايو. ڪعبي شريف جي تعمير نو ۾ شامل سمورن قبيلين جي هر سردار جي خواهش هئي ته حجر اسود کي ڪعبي شريف جي ديوار ۾ لڳائڻ وارو مقدس فعل مون کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ڪري. اُنهيءَ تي سخت ڇڪتاڻ ٿي پئي ۽ خون خرابي جو امڪان ٿي پيو. آخرڪار فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي صبح جو جيڪو به شخص ڪعبي شريف ۾ سڀ کان اڳ ۾ اچي داخل ٿيندو. اُن ماڻهوءَ کان فيصلو ڪرائبو، جيڪو سڀني کي قبول هوندو. انهيءَ وچ ۾ حاضرين مجلس هي فيصلو راز ۾ رکندا، ڇو ته راز کلڻ سبب هر ڌُر پنهنجو ماڻهو موڪلڻ جي ڪوشش ڪندي. قُدرتاَ َ انهي وقت رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ٻاهر ويل هئا، جن رات جو سفر پورو ڪري ٻاهران ئي اچي اول ڪعبي شريف جي زيارت ڪئي. اها خبر ٻڌي سمورين ڌرين کي اطمينان ۽ يقين ٿيو ته فيصلو درست ٿيندو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن حقيقت ڄاڻي ڪپڙي جي هڪڙي مضبوط ۽ وڏي چادر گُهرائي حجر اسود پنهنجي هٿن سان کڻي چادر جي وچ تي رکيو ۽ سمورن اڳواڻن کي چادر جي پلاند ۾ هٿ وجهائي مقرر جڳهه تي کڻائي پهچايو ۽ پنهنجي هٿن مبارڪن سان ديوار ۾ نصب ڪيو. اهڙي ريت اهو ڳنڀير مسئلو خوش اسلوبيءَ سان حل ٿي ويو.
اهڙي قسم جي ڪيترن مسئلن ۽ معاملن کي حل ڪرڻ ۽ پنهنجي ايمانداري ۽ سچائي سبب مڪي شريف جي ماڻهن جي دلين ۾ حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سان خاص انس ۽ عزت پيدا ٿي ۽ اهل مڪھ کين ”الامين“ جو هڪ عظيم المرتبت خطاب عطا ڪيو.
شاديءَ کان پوءِ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن واندڪائيءَ وارن ڏينهن ۾ اڪيلي سر ته ڪڏهن ڪڏهن عيال سميت حرا جبل جي هڪڙي غار ۾ ويهي عبادت ۽ مراقبو ڪندا هئا. هن غار ۾ پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم اڪثر ڪري سڄيون ساريون راتين جون راتيون عبادت ۽ غور و فڪر ۾ گذاريندا هئا. اهڙي ريت رب العالمين جي حضور ۾ حاضر رهندا هئا. ابن هشام ۽ ابن الاثير جي تحريرن موجب حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن رمضان شريف جي پوري مهيني دوران غار حرا ۾ عبادت ڪندا هئا. غريبن جي گهڻي مدد ۽ بُکين ۽ ڏکين ماڻهن کي کاڌو کارائڻ ۾ مشغول هوندا هئا. حرا جبل کي اڄڪلهه جبل نور سڏيندا آهن. سيد امير علي ڪتاب ”روح اسلام“ ۾ لکي ٿو ته ”جهڙوڪر پوري عرب قوم هڪڙي شخص جي ذات ۾سمائجي سموري انسانذات جي نمائنده بنجي وئي ۽ پيغمبر اسلام صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن الله پاڪ جي ڪلام يعني قرآن مجيد جي تعليم جا معلم ۽ مبلغ بنجي ويا.“ رمضان شريف جي هڪڙي رات جو قادر مطلق جي ساري ڪائنات تي سڪون ڇانيل هو. اُن رات رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن غار حرا ۾ مراقبي ۾مشغول هئا ۽ رات اڌ کان وڌيڪ گذري چڪي هئي ته هڪڙي تمام زبردست ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي حڪم ٿيو ته ”پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان“ اهو آواز ٻه ڀيرا ٿيو، پر رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن حيراني ۽ اڻڄاڻائي جي عالم وچان حڪم جي تعميل ڪو نه ڪري سگهيا. تڏهن هڪ طاقتور هستي يعني حضرت جبرائيل عليھ السلام کين پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي زور ڏئي وري به چيو ته پڙهه. تنهن تي نبي پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کانئس پُڇيو ته ”ڇا پڙهان؟“ فرشتي وراڻيو ته ”پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان“ الله پاڪ طرفان کيس علم ۽ عقل عطا ڪري اعليٰ مرتبي تي رسايو ۽ قلم وسيلي انهن شين جي ڄاڻ ڏني جن جي کيس خبر ڪانه هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جڏهن بيخوديءَ جي عالم مان بيدار ٿيا ته کين ائين محسوس ٿيو ته فرشتي جا چيل لفظ سندن دل جي تختيءَ تي لکيا ويا آهن. پاڻ ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ڏڪڻي وڌي وئي ۽ سڌا بيهي نٿي سگهيا. بي بي خديجه جي هنج ۾ مٿو رکي کيس چيو ته ”مون تان ڪمبل وجهو“. ڪتاب روح اسلام ۾ لکيل آهي ته ڳچ دير کان پوءِ پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم جڏهن سامت ۾ آيا ته بي بي صاحبه کي چيائون ته ”خديجه آئون خفقاني چريو ٿي پيو آهيان.“ بي بي خديجه رضه وراڻيو ته نعوذ بالله اي ابو قاسم (سندس پٽ قاسم جي نسبت) الله پاڪ توهان سان ڪڏهن به اهڙي واردات ٿيڻ ڪو نه ڏيندو. ڇو ته توهان هميشھ سچ ڳالهائيندا آهيو. بُرائي جو بدلو برائي سان ڪو نه ڏيندا آهيو. ايماندار آهيو، نيڪوڪار آهيو، عزيزن ۽ قريبن سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪندا آهيو. توهان بازارين ۾ فضول ڳالهيون به ڪو نه ڪندا آهيو. ٻڌايو ته توهان ڪهڙي خوف ناڪ شئي ڏٺي آهي؟ ڇا ٿيو آهي؟ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته هائو، ۽ سمورو واقعو بيان ڪيو. تڏهن بي بي خديجه ؓ چيو ته توهان کي خوش ٿيڻ گهرجي. جنهن خدا تعاليٰ جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي، اهو گواهه آهي توهان هن زماني جا پيغمبر آهيو. اُن کان پوءِ بي بي خديجه رضه اُٿي پنهنجي عمر رسيده مائٽ ورقه بن نوفل وٽ وڃي مذڪور ماجره بيان ڪئي. ورقه بن نوفل تورات ۽ انجيل جو عالم هو ۽ پيريءَ سبب نابين ٿي ويو هو. سربستي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ خوش ٿي چوڻ لڳو ته ”قدوس! قدوس!“ يقيناَ َ هي اهو ئي ناموس اڪبر (قرآني نزول) آهي. جيڪو هن کان اڳ ۾ عيسيٰ عليھ السلام ۽ موسيٰ عليھ السلام تي لٿو هو. محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم پنهنجي وقت جو پيغمبر آهي. کيس چئو ته پنهنجي دل مضبوط رکي. ڪيرن آرمسٽرانگ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي سوانح ۾ رقم طراز آهي ته ”بعد ۾ جڏهن ورقه بن نوفل جي رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سان ڪعبي شريف ۾ ملاقات ٿي ته هن پنهنجي مسيحي برادريءَ جي حاضرين سان تعارف ڪرايو ۽ انهن احترام ڪندي اڳتي وڌي حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هٿن مبارڪن کي چميو.“ رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي نزول قرآن شريف ان جي تبليغ ۽ اشاعت واري ذميواري سان مشروط ۽ لازم هو. جنهن تحت غريب ۽ يتيم، معذور ۽ مجبور، مظلوم ۽ لاچار انسانن جي امداد، فلاح ۽ بهبود واري نصب العين جوحصول يقيني ۽ دائمي طور بحال رهي سگهي ۽ امن و امان ترقي ۽ خوشحالي انسانذات جو ورثو بنجي. قرآن پاڪ ۾ ڄاڻايل آهي ته سمورن انبياء ڪرام تي نازل ٿيل سمورن صحيفن جي تعليمات جو تت انسانذات جي فلاح ۽ بهبود آهي ۽ قرآني تعليمات انهن مڙني الهامي صحيفن جو نچوڙ ۽ روح آهي.
حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي سڀ کان پهرين حضرت بي بي خديجه رضه ايمان آندو کين حوصلو ڏياريو ۽ الهامي حڪم کي مڃيندي بت پرستي ترڪ ڪري ساڻن گڏ رب العالمين جي حضور ۾ مسجود ٿي.
شروعات ۾ نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجن مائٽن ۾ نزول واري حقيقت بيان ڪئي. بي بي خديجه رضه کان پوءِ حضرت علي رضي مٿن ايمان آندو ۽ سندن هٿ مبارڪ تي بَعَيَت ڪئي. واندڪائي واري وقت ۾ آنحضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم بي بي خديجه رضه ۽ حضرت علي سائين، ٽيئي گڏجي شهر کان ٻاهر سنسان وادين ۾ وڃي الله پاڪ جي عبادت ڪندا هئا.
ابن هشام موجب: هڪڙي ڀيري حضرت ابو طالب اتي کين نماز پڙهندي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو ۽ اچي رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم کان پُڇيائين ته اي ڀائيٽيا! هي ڪهڙي دين جي عبادت پيو ڪرين؟ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته هي الله پاڪ، ان جي ملائڪن، ان جي موڪليل سمورن نبين ۽ اسان جي اصل ابي حضرت ابراهيم عليھ السلام وارو دين آهي. الله پاڪ مونکي انسانذات جي هدايت لاءِ پيغمبر ڪري موڪليو آهي ته جيئن آئون کين سچائي ۽ هيڪڙائي ۽ حق جو رستو ڏيکاريان. اي پيارا چاچا! انهن سمورن ماڻهن ۾ توهان ڀلا انسان آهيو. تنهنڪري اهو مناسب ٿيندو ته آئون توهان کي ڌڻيءَ جو پيغام سڻايان ۽ اهو به نهايت مناسب ٿيندو ته توهان اُن سچائي کي قبول ڪريو ۽ انهيءَ پيغام جي اشاعت ۾ منهنجي مدد ڪريو.حضرت ابو طالب پنهنجي اباڻي مذهب کي ترڪ ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر ساک سان چيائين ته مون کي قسم آهي انهيءَ الله پاڪ جو ته جيستائين جيئرو آهيان. تنهنجي وار کي ونگو ڪرڻ جي به ڪنهن کي جُرئت ڪا نه ٿيندي. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ حضرت علي رضه کان پڇيائين جنهن وراڻي ڏنس ته اي ابا! مون الله پاڪ ۽ سندس رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آندو آهي ۽ سندن پيروي ڪريان ٿو، حضرت ابو طالب پٽس جو جواب ٻڌي خوش ٿي چيو ته پٽ اها سٺي ڳالهه آهي. هو توکي فقط نيڪيءَ ڏانهن وٺي ويندو. تنهنڪري منهنجي طرفان توکي اجازت آهي ته تون ڀلي سندس پيروي ڪر.
تنهن کان پوءِ زيد بن حارث جيڪو آزاد ٿيڻ جي باوجود نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڇڏي پنهنجي مائٽن ڏانهن ڪو نه ويو ۽ وٽن ئي رهيو. اسلام قبول ڪيو ۽ ان سان گڏ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چئن ئي نياڻين اسلام قبول ڪيو. سندن رشتيدارن مان حضرت ابو طالب جي ٻئي پٽ حضرت جعفر ؓ ۽ سندس ماسات ۽ خاص دوست حضرت عبدالله بن جحش ۽ سندس ڀيڻ بي بي زينب ؓ ۽ سندن ٻيو ڀاءُ حضرت عبدالله ؓ جيڪو اڳي وحدانيت جو قائل هو، اسلام ۾ داخل ٿيا. حضرت عباس جي گهر واري حضرت ام الفضل ........ رضه ۽ حضرت حمزي جي گهرواري حضرت سلمھ رضه سندن مڙسن جي مرضيءَ کانسواءِ ئي مشرف به اسلام ٿيون. اهڙي ريت حضرت جعفر جي گهر واري حضرت اسماءؓ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي پڦي حضرت صفيهؓ پڻ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آندو. نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي آزاد ڪيل ٻانهي حضرت بي بي ايمن پڻ اسلام قبول ڪيو. نبوت جي شروعاتي ٽن سالن دوران حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تبليغ جو دائرو پنهنجي عزيزن قريبن دوستن ۽ احبابن تائين محدود رکيو. ڪجهه وقت پوءِ حضرت ابو بڪرؓ رضه حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آندو.سندس اصل نالو عتيق ۽ ڪنيت عبدلله ۽ عبدالڪعبه هيس. قبول اسلام کانپوءِ ابوبڪر سڏجڻ لڳو. سندس والد جو نالو عثمان ۽ ڪنيت ابو قحافه هئي. حضرت ابو بڪرؓ تيم قبيلي مان هو. هو هڪڙو وڏو شاهوڪار واپاري هو ۽مڪي شريف ۾ اعليٰ شخصيتن مان هڪڙو هو. هو نرم مزاج، نهايت قابل ايماندار ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان عمر ۾ ٻه سال ننڍو هو. کانئس متاثر ٿي مڪي شريف جي ٻين اهم شخصن هر هڪ بنو اميه جي حضرت عثمان رضي بن عفان، عبدالرحمان بن عوف، سعد بن ابي وقاص ۽ بي بي خديجھ ؓ جي ڀائيٽي زبير بن عوام نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو. حضرت ابو بڪر ؓ خوابن جي تعبير به ڪندو هو. عبد شمس قبيلي جي هڪڙي اهم فرد خالد بن سعيد هڪڙو ڊپ ڏياريندڙ خواب ڏٺو. تنهن اچي حضرت ابو بڪر ؓ کي ٻڌايو ته خواب ۾ ڏسان ٿو ته آئون هڪڙي وڏي کاهيءَ جي ڪناري تي بيٺو آهيان، جنهن ۾ تمام وڏي باهه پئي ٻري. منهنجو پيءُ مون کي ان باهه ۾ ڪيرائڻ جي ڪوشش پيو ڪري ۽ آئون جڏهن باهه ۾ ڪرڻ وارو آهيان ته عين اُن وقت ڪنهن ماڻهو مون کي ڀاڪرن ۾ جهلي ڪرڻ کان بچائي کاهي کان پري آڻي پهچايو آهي. سندس چهرو ڏسڻ سان آئون حيران ٿي ويس ته اهو ٻيو ڪو نه پر حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن خود پاڻ هئا. سموري ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ حضرت ابو بڪر رضي کيس ٻڌايو ته اهو خواب سچو آهي ڇو ته حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن عرب توڙي پوري انسانذات کي ظلمات ناانصافي ۽ جهالت مان نجات ڏياريندر الله پاڪ جا سچا نبي آهن. سندن پيغام کي برحق ڄاڻي مٿن ايمان آڻڻ ۾ اسان سمورن جي ڀلائي ٿيندي. سندس صلاح قبول ڪندي حضرت خالد سڌو نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن وٽ حاضر ٿي مشرف به اسلام ٿيو. پر اهو راز ڪافي عرصي تائين پنهنجي خاندان تي ظاهر نه ڪيو. غريب ۽ نادار طبقي مان به ڪجهه ماڻهن ايمان آندو، جن ۾ حضرت بلال رضي سرفهرست هو.
مڪي شريف جو باشندو ابن شماب الزهري نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وصال کان 41 سال پوءِ پيدا ٿيو. اهو اسلامي تاريخ جو پهريون لکندڙ هو. تنهن لکيو آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي پنهنجي نصب العين حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ڪو نه لڳو. هُو ڄاڻائي ٿو ته جن ماڻهن پهرين شروعات ۾ اسلام قبول ڪيو، انهن ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هئا. هڪڙا ڪمزور ۽ نادار ۽ ٻيا نوجوان، هنن ٻنهي ئي پَرتَن جي ماڻهن کي مروج معاشرتي نظام جي ڀيٽ ۾ اسلام سچ حق ۽ انصاف تي مبني هڪڙو صحيح سماجي نظام ڏسڻ ۾ آيو. تنهنڪري هنن نئين مذهب کي سچي نيت ۽ دل سان قبول ڪيو. انهن مان ڪيترائي تاريخ اسلام ۾ وڏي حيثيت جا حامل رهيا. جنهن دور ۾ نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن اسلام جي تبليغ شروع ڪئي. ان وقت سمورا قريش قبيلا ٽن مکيه ٽولن ۾ ورهايل هئا. هڪڙي ٽولي ۾ الهاشم، المطلب، الزهره، تيم، الحارث ابن فهر ۽ العدي قبيلا شامل هئا. هنن قبيلن جو تعلق ”حلف الفضول“ نالي اتحاد سان هو. هي قبيلا شهر جا بنهه مسڪين ماڻهو هئا. منجهن عدي خاندان وارا البت پاڻ ڀرا هئا.
ٻئي ٽولي ۾ عبد شمس، نوفل، اسد ۽ عامر قبيلا شامل هئا. ٽئي ٽولي ۾ مخزوم، سهم، جمع ۽ عبدالدار قبيلا شامل هئا. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي تعليمات جي مخالفت پويَن ٻن ٽولن جي صاحب ثروت ۽ حزب اقدار ماڻهن وڌي ۽ چڙهي ڪئي. ڇو ته اسلامي نظام ۾ کين مڪمل تباهي نظر اچي رهي هئي. تنهن هوندي به انهن قبيلن جي ڪن مکيه ماڻهن مثلاً حضرت عثمان رضي ۽ خالد رضي وغيره اسلام قبول ڪيو. هن نئين صورتحال ۾ نو مسلمن ۽ سندن خاندان توڙي قبيلن ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا. 615ع ۾ محدود پئماني تي تبليغ ڪندي رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ٽي سال گذري چُڪا هئا. تڏهن وحي وسيلي الله پاڪ حڪم ڪيو ته هاڻي تبليغ نهايت کلي طرح ۽ سمورن ماڻهن ۾شروع ڪئي وڃي. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن حتي الا مڪان تعميل شروع ڪري ڏني ۽ بنو هاشم جي چاليهن مکيه ماڻهن کي ماني جي دعوت تي گهرايو، جتي سادي خوراڪ کائڻ کان پوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن اسلام جا بنيادي اصول بيان ڪندي کين ٻڌايو ته الله پاڪ مون کي نبي مقرر ڪيو آهي ته جيئن آئون انسانذات جي ڀلائيءَ لاءِ الله پاڪ جو پيغام اوهان تائين پهچايان. اها حقيقت ٻڌڻ شرط نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هڪڙي چاچي ابو لهب سخت ڪاوڙ وچان نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ٽوڪيو. جنهن ڪري ڪچهري ناراضگيءَ دوران گُل ٿي. تبليغ جي سلسلي ۾ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي قبيلي وارن جي ٻيو ڀيرو به دعوت ڪئي ۽ کين اسلام قبول ڪرڻ جي لاءِ تلقين ڪئي پر سمورا ماڻهو ماٺ ۾ رهيا ۽ ڪي ڪين ڪڇيائون ۽ حضرت علي رضي طرفان نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي دلاسي ۽ پنهنجي مدد جو يقين ڏيارڻ لاءِ ڳالهايل لفظن تان سڀئي ڪاوڙيا ۽ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ڪيترائي الزام هڻندا راهي ٿيا. انهن نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وڏي ناٺيءَ ابوالعاس ابن ربيع کي حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي نياڻي حضرت زينب ؓ جو نڪاح ڇڏائڻ لاءِ زور ڀريو، ڇو ته اها اڳئي اسلام قبول ڪري چُڪي هئي. پر ابو العاس انڪار ڪيو، جنهن سبب خاندان ۾ وڌيڪ اختلاف پيدا ٿي پيا. اهو قلم ٻين نو مسلمن سان به لاڳو رهيو. رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي خاندانن ۾ فساد پکيڙيندڙ، خفقاني ۽ جادوگر هئڻ جا الزام مڙهيا ويا، پوءِ آنحضرت صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن الله پاڪ جي حڪم جي تعميل ڪندي شهر جي ماڻهن کي صفا جبل وٽ گڏ ڪري نهايت سليقي سان اسلام جا اصول بيان ڪيا ۽ ماڻهن جي غلط ڪمن ۽ بت پرستيءَ تي تنقيد ڪئي. اڳئين زماني ۾ پنهنجي پيغبرن کي نه مڃيندڙ قومن تي الله پاڪ ڪئين عذاب نازل ڪيا ۽ کين فنا ڪري ڇڏيو. انهن واقعن ذريعي کين ڊيڄاري کين راهه راست تي اچڻ ۽ نيڪيءَ وسيلي اجر حاصل ڪرڻ لاءِ تلقين ڪئي. انهيءَ تي ڪفار مڪھ کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ اهي مذاق، چرچا ۽ چٿرون ڪندا هليا ويا. جڏهن اهل قريش نبي ڪريم جن کي مثبت موٽ ڪا نه ڏني ته مايوس ٿي خاموش رهڻ جي بدران پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم حج ڪرڻ ۽ واپار سانگي مڪي شريف ايندڙ ٻاهرين ماڻهن کي به الله پاڪ جو پيغام اسلام پهچائڻ شروع ڪري ڏنو. اهل مڪه انهيءَ ڳالهه کان به سخت خائف ٿيا ۽ پرديسي ماڻهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خلاف سخت مڪروه پرچار ڪيائون. مڪي ڏانهن ايندڙ سمورن رستن تي پهرو بيهاري سمورن ٻاهرين ماڻهن کي برغلايائون ته حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن (نعوذ بالله) نهايت خطرناڪ جادوگر آهن. تنهنڪري اوهان کي صلاح ٿا ڏيون ته توهان سندن شر کان بچڻ لاءِ نه ملو ۽ سندن ڳالهيون نه ٻڌو. هن غليظ پرچار جو ڪجهه به اثر نه ٿيو. اٽلو نبيءَ ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جون ڳالهيون پنهنجي پنهنجي ڳوٺ وارن سان وڃي ڪيائون ته مڪي شريف ۾ محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم نالي بنو هاشم جو فرد نبي آخر زمان جي حيثيت ۾ دين اسلام جي تبليغ پيو ڪري. بت پرستيءَ کي ترڪ ڪري فقط هڪڙي معبود يعني الله تعاليٰ رب العالمين جي عبادت جي تلقين ٿو ڪري.
اهل قريش جي وڌندڙ مخالفت ۽ زيادتين کي ڏسندي حضرت ابو طالب هڪ قصيدو لکي اهل قريش کي ننديو ۽ کين تنبيهه ڪئي ته رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خلاف اجايون سازشون ۽ زيادتيون جاري رهيون ته بنو هاشم ۽ بنو مطلب جو ٻچو ٻچو پيغمبر اسلام جي حفاظت ۽ حمايت ڪندو. ان دڙڪي جو ڪو به اثر نه ٿيو. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڪعبي شريف ۾ نماز پڙهڻ کان روڪيو ويو. نماز جي حالت ۾ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ۽ سندن پوئلڳن تي گند ڪچرو اڇلايو ويندو هو. ٻارن ۽ بدمعاش ماڻهن کي بڇي سندن تذليل ڪرائي ويندي هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ بيا مسلمان جن رستن تان لنگهندا هئا ۽ جن هنڌن تي مسلمان نماز پڙهندا هئا، انهن جڳهين تي ڪفار ڪنڊا ۽ ٻي گندگي پکيڙي ڇڏيندا هئا. ان ڪم ۾ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چاچي يعني ابولھب جي گهر وارِيءَ پيش پيش هوندي هئي. سندن خاندان رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ مسلمانن جو جاني دشمن ٿي پيو. قريش قبيلي جي ساڻن ۽ مسلمانن سان هيترو تعصب ۽ دشمني ڏسي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي سڀ کان ننڍي چاچي حضرت حمزه اسلام قبول ڪيو ۽ هو دلير سپاهي ٿي رهيو. حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن هر قسم جي مخالفت ۽ ڏاڍ صبر سان سهندي اسلام جي تبليغ نهايت جوش ۽ جذبي سان جاري رکي ۽ اهل قريش کي گمراهي ۽ بت پرستي ترڪ ڪري هيڪڙائي۽ حق جي واٽ اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪندا رهيا.
نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کين قيامت ۽ حساب ڪتاب جي يادگيري ڏياري نيڪي جي جزا ۽ بديءَ جي سزا کان خبردار ڪيو. کين ڪفر ۽ ايمان جون حدون ۽ سندن نفعو ۽ نقصان سمجهايو. کين گذريل زماني جي ڪافر قومن جو حشر ٻڌائي ڊيڄاريو. ۽ ايمان آڻيندڙن کي مليل اجر جا فضائل بيان ڪيا. اهڙي ريت تبليغ جاري رهڻ جو مثبت اثر ٿيو ۽ ماڻهو حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳا ۽ آهستي آهستي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
مذڪوره تبديلي اهل قريش کي سخت پريشان ڪري وڌو، ڇو ته هنن اسلام جي ڪاميابيءَ ۾ سندن اقتدار جو خاتمو محسوس ڪيو. اسلامي تعليمات موجب الله تعاليٰ جي اڳيان سڀ انسان برابر آهن. بهتر اهو آهي جنهن جا عمل بهتر آهن. اهو اصول اهل قريش جي قبيلائي قانون جي خلاف ۽ هر مراعات يافته ۽ صاحب ثروت فرد يا خاندان جي خلاف هو. جن نابرابري غير ذميواري ۽ ناانصافي برقرار رکي هئي. تنهنڪري فيصلو ڪيو ويو ته نئين مذهب کي شايع ۽ ڪامياب ٿيڻ کان اڳ ئي تباهه ڪجي. هر خاندان تي اهو فرض عائد ڪيو ويو ته جنهن به گهر جي ڀاتيءَ، غلام يا ڪنيز ۾ مسلمان هئڻ جو شڪ هجي ته انهن تي هر قسم جو تشدد ڪيو وڃي. جيئن ته هو اسلام ترڪ ڪري. اهڙي ريت اهل قريش طرفان مصيبتن جو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو. غلام مسلمانن تي ته ظلمن جا پهاڙ ڪري پيا. رمضان جبل ۽ بطحا جو ميدان مسلمانن تي تشدد ڪرڻ جا مکيه ماڳ هئا. سيد امير علي لکي ٿو ته جيڪي مسلمان مرد ۽ عورتون بتن جي پوڄا ڪو نه ڪنديون هيون. انهن کي عين ٻنپهرن جي وقت تتل واريءَ تي سج ڏانهن منهن ڪري ليٽايو ويندو هو. اتي حياتي بچائڻ لاءِ وٽن بت پرستيءَ کي وري قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به وسيلو ڪو نه هو ۽ الله پاڪ کانسواءِ ٻيو ڪو به مددگار ۽ ڪارساز ڪو نه هوندو هو. ڪي ڪمزور ماڻهو في الحال جان ڇڏائڻ لاءِ آڻ مڃيندا هئا پر آجو ٿيڻ شرط نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن وٽ پهچي ويندا هئا. پر مسلمانن ۾ گهڻن ماڻهن اهي سختيون صبر ۽ استقلال سان به سٺيون ۽ پنهنجي ايمان تي قائم رهيا. اهڙين شخصيتن ۾ حضرت بلال رضي الله عنھ سرفهرست هو. هو اسلام ۽ پيغمبر جن جي جاني دشمن اُميھ بن خلف جو غلام هو. اُميھ روزانو ٻنپهرن جو بطحا جي ميدان تي وٺي وڃي حضرت بلال رضي جا پُٺا اگهاڙا ڪري تتل واري تي ليٽائيندو هو. ۽سندس منهن سج ڏانهن ڪرائيندو هو. سندس ڇاتيءَ تي ڳرو پٿر رکائي کيس چوندو هو ته جيڪڏهن تون اسلام ترڪ نه ڪندين ته تو سان مرڻ تائين اهو سلوڪ روا رکبو. حضرت بلال رضي اها سموري عقوبت صبر سان سهندو آيو ۽ ان زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش واري صورتحال ۾ اُميھ کي جواب ۾ فقط احد احمد چوندو هو. اهڙين عقوبتن سبب حضرت بلال رضي اچي مرڻينگ ٿيو. اها خبر ٻڌڻ کان پوءِ حضرت ابوبڪر رضي کيس اُميَہ کان خريد ڪري آزاد ڪيو. هن اهڙن ٻين ڇهن غلامن کي به آزاد ڪرايو. حضرت ياسر اُميَہ سندس زال سميه اُميَہ کي سخت عذاب ڏيئي ڪافرن شهيد ڪري ڇڏيو. سندن پٽ حضرت عمار اهو تشدد سهي بچي ويو. ٻئي طرف اهل قريش رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي تبليغ تان هٿ کڻائڻ لاءِ دنيا جي هر مال ۽ متاع ڏيڻ جي آڇ ڪرڻ لڳا. الزهري جي تاريخ ۾ قلم بند آهي ته هڪ ڀيري رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ڪعبي شريف وٽ اهل قريش کان پري الڳ ويٺا هئا ته اُنهَن مان هڪڙو شخص عُتبه بن ربيع نبي صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي اچي چيو ته ”اي مُنهنجي ڀاءُ جا پٽ! تون پنهنجي اوصاف ۽ حسب نسب موجب اسان سمورن کان ممتاز آهين، پر تون اسان جي خاندان ۾ تفرقو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ديوتائن ۽ ديوين کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين ۽ اسان جي وڏن تي ناپاڪيءَ جي تهمت ٿو لڳائين. آئون تو وٽ هڪڙي تجويز کڻي آيوآهيان. چڱيءَ طرح سوچي ڏس ته انهيءَ ۾ تنهنجي ڀلائي آهي يا نه جيڪڏهن تون اسلام جي تبليغ دولت گڏ ڪرڻ لاءِ ٿو ڪرين ته اسين توکي ايتري دولت ڏينداسين جو تون اسان سڀني کان وڌيڪ شاهوڪار ٿي ويندين.جيڪڏهن توکي اڳواڻيءَ جو شوق آهي ته اسين سمورا قريش توکي پنهنجو سردار ٿا ڪريون ۽ تنهنجي حڪم کانسواءِ ڪا به ڳالهه ڪا نه ڪنداسين، جيڪڏهن حڪومت ٿو گهرين ته اسين توکي پنهنجو بادشاهه بنائڻ لاءِ به تيار آهيون ۽ جيڪڏهن تون ڪنهن آسيب جو شڪار آهين ته ان مان ڇوٽڪاري لاءِ جيترا پيسا خرچ ٿيندا ته اسين ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، تون فقط اسان جي دين جي خلاف پرچار بند ڪر“.
جڏهن عتبه ماٺ ڪئي ته نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پُڇيس ته تنهنجي ڳالهه پوري ٿي؟ هن جواب ڏنو ته هائو. تڏهن رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن چيو ته هاڻ منهجي ڳالهه ٻُڌ. ”آئون پنهنجي ڳالهه الله پاڪ جي نالي سان شروع ڪريان ٿو جيڪو رحمان ۽ رحيم آهي. هي ڪلام انهيءَ جي طرفان نازل ڪيو وڃي ٿو. هي هڪ ڪتاب آهي جنهن جون آيتون صاف صاف بيان ڪيل آهن. يعني اهو قرآن آهي، عربي زبان ۾ ۽ انهن ماڻهن جي هدايت لاءِ جيڪي ان جا خواهشمند آهن. ان ۾ سمجهڻ وارن لاءِ خوشخبري ۽ نه سمجهندڙن لاءِ تنبيهه آهي، پر گهڻا ماڻهو انهيءَ کان مُنهن موڙين ٿا. ڪَنِ نٿا ڏين ۽ چون ٿا ته تون اسان کي جنهن ڳالهه ڏانهن سڏين ٿو اها ڳالهه اسان جي دل کي نٿي آئڙي. اسان جي ڪنن تي تاڙي چڙهيل آهي. پاڻ جي وچ ۾ هڪڙو پردو حائل آهي. تنهنڪري تون پنهنجو ڪم ڪر ۽ اسين پنهنجو ڪم ڪريون. انهن کي چئي ڇڏ ته آئون اوهان جهڙو ئي ماڻهو آهيان، پر مون تي وحي نازل ٿيو آهي. جنهن موجب الله پاڪ فقط هڪ ئي آهي، تنهنڪري سڌو اوڏانهن وڃو ۽ ان کان ئي معافي گهرو. بد بخت آهن اهي مشرڪ جيڪي زڪوات نٿا ڏين ۽ آخرت تي ايمان نٿا آڻين. جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا. انهن لاءِ آخرت ۾ اهڙو اُجر آهي جيڪو ڪڏهن به ختم ڪو نه ٿيندو“. نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن انهن آيتن جي تلاوت ختم ڪري عتبه کي چيو ته تو اهي الله پاڪ جون قرآني آيتون ٻڌيون، هاڻي جيڪا واٽ وڻي اٿئيِ سا اختيار ڪر.
اهل قريش طرفان مسلمانن تي ظلم ۽ تشدد وڌائڻ سبب رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن مسلمانن کي هدايت ڪئي ته في الحال وڃي خدا ترس عيسائي بادشاهه نجاشيءَ جي ملڪ حبش ۾ پناهه وٺو. اميد ته اهو رحمدل بادشاهه توهان کي پناهه ڏيندو ۽ جڏهن حالتون ساز گار ٿين ته وري موٽي اچجو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هدايت تي پندرهن مومن ترت لبيڪ چئي حبش روانا ٿي ويا. اسلامي تاريخ ۾ اها پهرين هجرت هئي جيڪا نبوت جي پنجين سال برابر سن 615ع ۾ ٿي هئي. ترت پوءِ ٻيا به 86 مسلمان اوڏانهن روانا ٿي پهرين پندرهن ڄڻن سان وڃي گڏيا. اهڙي طرح ڪُل 83 مرد ۽ 18 عورتون حبش پهتيون. قريش وارن کي مسلمانن جي هجرت تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري نجاشيءَ جي درٻار ۾ هڪڙو وفد موڪلي مسلمانن کي موٽائڻ جو مطالبو ڪيو. قريش وارن مسلمانن تي مکيه الزام نئين مذهب اختيار ڪرڻ جو لڳايو.
نجاشيءَ مسلمانن کان پُڇا ڪئي ته ماجرا ڇا آهي. اُن تي انهن مسلمانن جي اڳواڻ حضرت جعفر بن ابو طالب بادشاهه سان مخاطب ٿيندي چيو ته ”اي بادشاهه سلامت! اسين اڳي جهالت ۽ ظلم جي ڌٻڻين ۾ غرق هئاسين. بُتن جي پوڄا ڪندا هئاسين. مردار کاڌو کائيندا هئاسين، بدڪار، فاحش ۽ ناپاڪ زندگي گذاريندا هئاسين. مهمان نوازي ۽ پاڙي وارن جا حق پائمال ڪري ڇڏياسين، طاقت کانسواءِ ڪو به قانون ڪو نه مڃيندا هئاسين. مطلب ته انسانيت جا سمورا اصول ترڪ ڪري چڪا هئاسين. ان صورتحال دوران اسان ۾ هڪ اهڙو انسان پيدا ٿيو، جنهن جي شرافت، راستبازي، امانتداري ۽ پاڪيزگيءَ جو اسان سڀني کي ڀلي ڀت علم هو. ان نيڪ انسان اسان کي الله پاڪ جي وحدانيت تي يقين ڪامل آڻڻ جي دعوت ڏني ۽ خبردار ڪيو ته اُن واحد ذات سان ڪنهن به ٻي هستيءَ کي شريڪ نه بنايو. اُن شخص اسان کي بُت پرستيءَ کان منع ڪئي ۽ هميشه سچ ڳالهائڻ، واعدو پاڙڻ، ٻين جو احترام ڪرڻ، عورتن، يتيمن، پاڙيسرين جي حقن جو خاص احترام ڪرڻ جي خاص هدايت ڪئي. هن نيڪ انسان اسان کي بُڇڙن ڪمن کان بچڻ، نماز پڙهڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ روزو رکڻ جو حڪم ڪيو. اسان اُن شخص تي ايمان آندو آهي ۽ سندس تعليم ۽ هدايت قبول ڪئي آهي ۽ اسين فقط الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا آهيون ۽ ساڻس ڪا به ٻي هستي شريڪ نٿا ڪريون.انهن سببن ڪري اسان جي قوم جا ماڻهو اسان جي خلاف ٿي پيا ۽ اسين سندن ظلمن کان تنگ ٿي هتي توهان وٽ پناهه وٺڻ آيا آهيون. اسان کي اميد آهي ته تون اسان کي اهل قريش جي ظلم و ستم کان بچائيندين“. هن تقرير نجاشيءَ تي وڏو اثر ڪيو. مسلمانن کي مظلوم ڄاڻي اهل قريش جي مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح قريش ناڪام ٿي موٽي ويا.
مڪي شريف ۾ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن قريش جي هر قسم جي ظلم ۽ ستم جي باوجود توحيد، نيڪيءَ ۽ حق جي پيغام جي تبليغ ۾ سخت مشغول رهيا. انهيءَ ڪري اهل قريش پنهنجو وفد ابو طالب ڏانهن موڪليو ۽ مطالبو ڪيو ته تون حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي حمايت ترڪ ڪر ۽ اسان سان اهو به واعدو ڪر ته هاڻي تون کيس پناهه ڪو نه ڏيندين. ڇو ته هو اسان جي ديوتائن کي باطل سڏي ٿو. اسان جي وڏن کي ڪافر ڪوٺي ٿو ۽ اسان جي رهڻي ڪهڻيءَ کي کل جوڳو چوي ٿو. تون کيس اسان جي خلاف تبليغ کان روڪ يا ته اسان کي اجازت ڏي ته اسين کيس پنهنجي طريقي سان سمجهايون. ابو طالب جي اڳيان صورتحال سنگين هئي. ايمان نه آڻڻ جي باوجود بنو هاشم قبيلي جي سردار جي حيثيت ۾ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي حفاظت مٿس قبائلي فرض هو. تنهنڪري وفد کي في الحال بنا ڪنهن واعدي موٽائي ڇڏيائين. هوڏانهن نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي نصب العين جي حصول لاءِ سرگرم رهيا ته ابوجهل ۽ سندس ساٿين به اسلام ۽ رسول ڪريم جن سان مقابلو برقرار رکيو ۽ عجيب غريب تقاضائون ڪرڻ لڳا. چي الله تعاليٰ کي عربن ۾ رسول موڪلڻو هو ته وليد ۽ ٻين وڌيڪ اهم ماڻهن کي ڇڏي محمد رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم ڇو مقرر ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن عبدالله جو پُٽ سچو نبي آهي ته ٻين نبين وانگر معجزا ڇو نٿو ڏيکاري؟ ٻين نبين تي سندن قرآن هڪ ئي وقت مڪمل طور وحي ڪيا ويا. پر محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم تي ائين يڪو نزول ڇو نٿو ٿئي؟ ڪن ڪافرن جو الزام هو ته نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڪن يهودين ۽ عيسائين جي حمايت ۽ مدد شامل آهي. ڪفار مڪه هاڻي حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي شان ۾ بيجا گستاخي ڪرڻ لڳا. عبادت دوران مٿن چٿرون ڪندا هئا. هڪڙي ڏينهن ڪفار مڪه جي بدمعاش ٽولي رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي طواف دوران گهيرو ڪري سندس چادر ۾ هٿ وجهي کين گِرڻ لڳا. ان تي حضرت ابو بڪر هڪل ڪري ڪافرن کي چيو ته هن شخص کي اوهين فقط انهيءَ ڪري مارڻ ٿا گهرو جيڪو چوي ٿو ته منهنجو رب الله پاڪ آهي. حضرت ابو بڪر جي وچ ۾پوڻ تي ڪافر حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڇڏي هليا ويا. اُن واقعي جي رد عمل طور ڪيترائي نيڪ نيت ماڻهو رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جا طرفدار ٿيا ۽ منجهائن ڪجهه ماڻهن نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان به آندو ۽ اسلام جا جانباز سپاهي ثابت ٿيا. هڪ ڏينهن ابوجهل نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خلاف تمام گهڻي بدتميزي ڪئي. اها خبر هڪ عورت نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چاچي حضرت حمزي سان ڪئي. هو اڃان مسلمان ڪو نه ٿيو هو. پر نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سان ٿيل بي واجبيءَ تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ ابو جهل کي ڳولي وڃي سندس بي عزتي ڪئي ۽ چيائينس ته جيڪڏهن آئون مسلمان ٿيان ته تون مون تان به مسخري ۽ ٺٺولي ڪندين ڇا؟ ابوجهل جي ماڻهن حضرت حمزي تي حملو ڪرڻ چاهيو، پر ابوجهل کين روڪيو. هن واقعي سبب ڪجهه عرصي لاءِ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خلاف ڪافرن طرفان ٺٺولي ۽ بدتميزي بند ٿي وئي.
هن ڪٺن صورتحال ۾ به ماڻهن جو نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آڻن ۽ اسلام قبول ڪرڻ جو بنيادي معجزو خود قرآن شريف جي قدرتي ڪشش ئي هئي. سن 616ع ۾ مختلف علائقن کان جيڪي حاجي ۽ زائرين آيا، انهن کي ابوجهل جي ساٿين حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان پري رهڻ ۽ سندن ڳالهيون ٻڌڻ کان سخت منع ڪئي. ۽ کين ڊيڄاريو ته هو ماڻهن تي زبان سان جادو ڪري کين گمراهه ڪري ڇڏيندو آهي. تنهنڪري جيڪڏهن پنهنجو خير ٿا گهرو ته اُن کان بچڻ جي ڪوشش ڪجو. ڪافرن جي ڳالهين هڪڙي همراهه نالي سويد بن عمر کي ايترو ڊيڄاري وڌو جو هن پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏيو، پر جڏهن هن حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڪعبي شريف وٽ نماز پڙهندي ڏٺو ته پنهنجي بيوقوفي تي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ ساڻن وڃي مليو. نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن دل جي گهرائين سان سندس آجيان ڪئي ۽ اسلام جي تبليغ ڪئي پوءِ قرآن شريف جي ڪجهه آيتن جي تلاوت فرمائي. تلاوت ٻڌي سويد اهڙو ته حيران ٿيو جو چيائين ته الله پاڪ جو قسم آهي ته هن کان بهتر شئي مون ڪڏهن به نه ٻڌي آهي ۽ نه ئي پڙهي آهي. هو حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان ايترو ته متاثر ٿيو جو بروقت ايمان آندائين. هن چند سالن ۾ پنهنجي قبيلي جي ستر کن گهرن کي به اسلام ۾ آندو.
ڪيرن آرمسٽر انگ لکيو آهي ته قرآن شريف جو هڪڙو نهايت عجيب معجزو سن 616ع ۾ پيش آيو. حضرت عمر رضي ايمان آڻن کان اڳي ڪفار مڪه جو سرڪش جانباز پهلوان هو. سو حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان انهي گهر ڏانهن اُسهيو، جاسوسن موجب جتي ان وقت حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن موجود هئا. کيس پنهنجي ڀيڻ فاطمه رضي ۽ سندس گهرواري حضرت بابت اها خبر ڪانه هئي ته اهي مسلمان ٿي ويا آهن. انهن حضرت عمر جي گهر دير سان موٽڻ متعلق يقين موافق هڪڙي ٻئي مسلمان لوهار، نالي حضرت خباب رضي کي گهرائي قرآن شريف جي تلاوت شروع ڪرائي ۽ پاڻ زال ۽ مڙس ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳا ته هڪڙي مومن حضرت عمر کي تلوار سان ليس ڏسي سندس ناپاڪ ارادو ڄاڻندي کيس ڇينڀيو ته تون پهرين پنهنجي گهر جي خبر وٺ جتي تنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيويو مسلمان ٿي ويا آهن ۽ پوءِ ٻيو ڪو قدم کڻ. حضرت عمر اها ڳالهه ٻڌي، باهه ٿي ويو ۽ پنهنجي گهر روانو ٿيو، ويجهو وڃڻ تي سندس ڪن تي قرآن شريف جي تلاوت جو آواز پيو ۽ سمجهيائين ته اهو آواز منهنجي گهر مان ئي پيو اچي. گهر ۾ داخل ٿيڻ شرط وڌي هڪل ڪري پڇيائين ته هي ڪهڙو تماشو پيا ڪريو؟ انهي تي حضرت خباب ته ڊپ وچان ٻي ڪمري ۾ وڃي لڪو. حضرت عمر رضي پنهنجي ڀيڻ کي ڏاڍو ماريو ۽ مٿو ڦاڙي وڌو. رت وهندي ڏسي کيس ڇڏي ڏنو ۽ خباب وارا ڪاغذ ميڙي پڙهيائين. انهن ۾ قرآن شريف جي صورت الحديد جون آيتون لکيل هيون. اهي پڙهي حيران ٿي ويو ۽ چيائين ته هيءَ ته نهايت عاليشان ۽ سهڻي تحرير آهي. سندن دل تي قرآن ڪريم جو اهڙو ته اثر ٿيو جو مسلمانن لاءِ نفرت ۽ ڪاوڙ، انهن لاءِ عزت ۽ محبت ۾ تبديل ٿي وئي. هاڻي وري به هو نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ڏانهن ويو. گهر ۾ داخل ٿيڻ شرط نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کيس ڪُڙتي ۾ جهلي پُڇيو ته ”اي ابن خطاب! تون هتي ڇو آيو آهين؟“ پاڻ جواب ڏنائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم! آئون توهان جي هٿ تي اسلام قبول ڪرڻ آيو آهيان.“ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سندن ارادو معلوم ڪري الله پاڪ جو وڏي سڏ شڪرادا ڪيو. جنهن تي جيڪي مومن حضرت عمر رضي جي ڊپ کان ٻين ڪمرن ۾ وڃي لِڪا هئا سي به اچي گڏ ٿيا. ابن اسحاق لکيو آهي ته، ايمان آڻڻ کان اڳ حضرت عمر رضي ڏينهن رات نشي ۾ ڌُت ۽ سدائين سرڪشي ۾ پورو هوندو هو. هڪڙي ڏينهن سندس ٽولي وارن وٽس اچڻ ۾ دير ڪئي ته هو ڪعبي شريف جي طواف لاءِ اٿي ويو جتي ڏٺائين ته حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن نهايت جهيڻي آواز ۾ قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيا هئا. اها تلاوت کيس وڻي ۽ هو آهستي آهستي ٿي وڃي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي تمام ويجهو ٿيو ۽ تلاوت ڌيان سان ٻڌڻ لڳو. جنهن سبب مٿس سڪتو طاري ٿي ويو. جڏهن سامت ۾ آيو ته چوڻ لڳو ته قرآن شريف منهنجي دل نرم ڪئي ۽ اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. اهڙيءَ ريت اسلام پنهنجي سموري تب و تاب سان منهنجي روح ۾ داخل ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن هو ابوجهل وٽ ويو جنهن معمول موجب سندس نهايت گرم جوشيءَ سان آجيان ڪئي. تنهن تي حضرت عمر کيس ٻڌايو ته آئون اسلام قبول ڪري چڪو آهيان. مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسلام ئي الله پاڪ جو سچو دين آهي ۽ حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن الله پاڪ جا سچا رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم آهن. بُتن جي پوڄا واقع ڪفر آهي ۽ توهان جيڪو ڪجهه ڪريو پيا اهو سراسر غلط آهي. هو پنهنجي بيباڪيءَ سبب لِڪي نه پر ظاهر ظهور ڪعبي شريف وٽ نماز پڙهڻ لڳو ۽ ڪنهن به ڪافر کي کيس ٽوڪڻ جي جرئت ڪا نه ٿيندي هئي. هو عدي قبيلي جو فرد هو.
پنهنجي چالن ۾ ناڪاميءَ سبب ابو جهل ۽ ٻين قريش ڪافرن مڪي شريف جي سمورن قبيلن کي گهرائي فيصلو ڏنو ته بنو هاشم ۽ بنو مُطلب قبيلن سان ٻيا سمورا قبيلا پنهنجا سمورا تعلقات ۽ واسطا ختم ڪن. سمورن قبيلن فيصلو ڪيو ته مٿين ٻنهي قبيلن سان مٽي مائٽي توڙي واپار به ڪو نه ڪيو ويندو. ۽ کين کاڌي پيتي جون شيون به ڪو نه ڏنيون وينديون. ان فيصلي جي نتيجي ۾ هنن ٻنهي قبيلن حضرت ابو طالب جي علائقي ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪئي. رسول ڪريم صلي الله عليو و آلھ وسلم جن به اوڏانهن وڃي رهيا. ابولهب وري اتان لڏي اچي عبدشمس قبيلي ۾ رهڻ لڳو.
هنن ٻنهي قبيلن تي اها بندش ٻن سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهي. جنهن سبب هنن قبيلن ۾ بک ۽ بيماريءَ سبب شرح اموات وڌي وئي ۽ سندن اقتصادي حالت نهايت زبون ٿي وئي. حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ۽ سندن پوئلڳن کي چئن پاڪ مهينن دوران اجازت هئي ته اهي شهر ۾ اچن ۽ ڪعبي شريف جو طواف ڪن. ان عرصي دوران حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ٻاهران ايندڙ زائرين ۽ حاجين ۾ اسلامي تعليمات جي تبليغ جو فرض نهايت جوش ۽ جذبي سان نڀائيندا رهيا. بندش پيل قبيلن جي ٻين سڀني قبيلن سان سڌي ۽ اڻ سڌي مٽي مائٽي به هئي، انهن ۾ ابوجهل ۽ ٻين ڪافرن جي هن ظالمانه سلوڪ جي خلاف سخت نفرت پيدا ٿي ۽ لڪ ڇپ ۾ پنهنجي مجبور مائٽن کي کاڌي پيتي جون شيون پهچائڻ لڳا. جنهن تي ابوجهل وارا ڏاڍا ڪاوڙيا، پر نيٺ اها بندش تڏهن ختم ٿي جڏهن بنو هاشم ۽ بنو مطلب سان همدردي رکندڙ چئن شخصن هر هڪ هشام عامري، مطعم ابن عدي، ابوالبختري ابن هشام ۽ زمعه ابن الاسود جن گڏجي بندش ختم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور مهم هلائي. هنن سان گڏ هڪڙو وڌيڪ شخص زبير ابن ابي اميھ به هو. جيڪو حضرت ابو طالب جو مائٽ هو ۽ مخزوم قبيلي مان هو. جنهن جو اڳواڻ ابوجهل هو. منصوبي موجب مقرر ڏينهن تي هڪڙو سفيد ڪُڙتو پائي وڃي ڪعبي شريف جو طواف ڪيو ۽ واندو ٿي اهل مڪه کي مخاطب ٿي چيو ته اوهان جو ضمير ڪهڙي طرح گوارا ٿو ڪري ته هي ٻه قبيلا جيڪي اسان جا عزيز ۽ قريب آهن. اسان جي غلط فيصلي سبب فاقا ڪاٽين ۽ بي موت مري وڃن. ابو جهل هن جي ڳالهين جي سخت مخالفت ڪئي، پر ٻين چئين مذڪوره ماڻهن زبير جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ المعظم وڃي ڪعبي شريف ۾ بندش وارو دستاويز کڻي آيو. جنهن کي اڏوهي کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو. باقي فقط ”۽ الله جي نالي“ وارا لفظ بچيا هئا. ماڻهن جڏهن اهو حال ڏٺو ته وڏي واڪي چوڻ لڳا ته بندش ختم ڪئي وڃي. بندش ته ختم ٿي وئي، پر سندن مالي حالت نهايت خراب ٿي وئي هئي. ان جي بحالي نهايت مشڪل هئي. بندش ختم ٿيڻ کان ترت پوءِ حضرت بي بي خديجه رضه جن رحلت فرمائي. جنهن جو معروضي سبب غذائي قلت هئي. حضرت خديجه رضي نه فقط زال پر اها نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مشير ۽ بهترين دوست پڻ هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي ڪنهن به ٻيءَ گهرواري سندس جاءِ ڪانه ڀري. بي بي صاحبه جن جي جدائي رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي گهائي وڌو. اڃا انهيءَ حجر جو هاڃو ئي پورو ڪو نه ٿيو هو ته هڪڙو ٻيو به ڳنڀير واقعو رونما ٿيو. حضرت ابو طالب آخر عمر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ وڃڻ وارو هو تڏهن ابوجهل جي اڳواڻيءَ ۾ ڪفار مڪه ابوطالب وٽ ويا ۽ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن بابت پنهنجا ساڳيا مطالبا ڪرڻ لڳا. ابو طالب خاموش هو. پر نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کين جواب ڏنو ته مڪي شريف ۾ رهڻ ڏيو يا نه پر توهان جي ڳالهين جو جواب آئون ڪيترائي ڀيرا هن کان اڳ ۾ به ڏيئي چڪو آهيان ته عبادت جي لائق فقط هڪ هستي آهي ۽ اها الله پاڪ جي هستي آهي. اهو جواب ٻڌي ڪافر خار کائيندا ۽ ائين چَوَندا ويا ته هاڻي اسان جي ۽ محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وچ ۾ فيصلو به فقط الله ئي ڪندو، حضرت ابو طالب نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي حوصله افزائي ڪندي چيو ته هنن کي تو جيڪي ڪجهه چيو اهو بلڪل جائز ۽ درست هو. نبي ڪريم جن کيس چيو ته چاچا! هاڻي حياتيءَ جي آخري وقت ۾ اسلام تي غور ڪريو ۽ ايمان آڻيو. پاڻ نهايت نرميءَ سان جواب ڏنائين ته جيڪڏهن آئون هاڻي ائين ڪندس ته فقط پنهنجي ڀائيٽي جي خوشيءَ لاءِ هوندو. آئون پنهنجي اڳوڻي مذهب تي ئي مرڻ چاهيان ٿو.
حضرت ابو طالب جي وفات سبب بنو هاشم خاندان جي سرداري ابو لهب کي ملي. جيڪو حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جو جاني دشمن هو. جنهن سبب نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن توڙي ٻين مسلمانن سان ڪفار مڪه اڳوڻي کان به وڌيڪ بي واجبي طور طريقا اختيار ڪرڻ لڳا. مثلاً نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي اڳيان رڍن جي اوجهري اڇلائي ڇڏيندا هئا. نماز خراب ڪرڻ لاءِ سندن اڳيان ڌاتن جا ٿانوَ زور سان ڪيرائي رخنو وجهندا هئا. هڪڙي ڏينهن ڪافرن جي هڪڙي ڇوڪري حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي مٽيءَ جا ٻُڪ اڇلي وڌا. بندش دوران مسلمان معاشي طرح تباهه ٿي ويا هئا. حضرت ابو بڪر جي مسلمان ٿيڻ سبب قبائلي سردار اميه ابن خلف سان ازخود سندس تعلقات خراب ٿي ويا هئا. ان کي قرض نه ڏئي سگهڻ سبب اميه ابن خلف کيس سندس عزيز سميت رسن ۾ ٻڌي رڻ پٽ ۾ ڇڏي آيو. پر سندس قبيلي وارن سندس ڪا به پر گهور ڪانه ڪئي. ڪن مسلمانن کين ڳولي وڃي لڌو ۽ کين مڪي شريف آندائون. هاڻي هتي مشڪل هئڻ ڪري حضرت ابوبڪر نبيءَ اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان موڪلائي حبش روانو ٿي ويو. رستي ۾ کيس صحرائي ڦورن جو هڪڙو سردار مليو. جنهن سان حقيقت ڪيائين هن کيس نماز لڪي پڙهڻ ۽ قرآن شريف آهستي تلاوت ڪرڻ جي شرطن تي واپس مڪي آندو ۽ سندس حفاظت جي ذميواري کنئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ ابو جهل جي چور تي ابو لهب رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان حضرت عبدالمطلب جي باري ۾ فساد پيدا ڪرڻ جهڙا سوال ڪيا ۽ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي سندن خاندان سميت حفاظت ڪرڻ واري ذميواري کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهيءَ سنگين صورتحال جي پيش نظر رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ضروري اَمان حاصل ڪرڻ لاءِ طائف شهر ۾ پنهنجي واقفن وٽ ويا. کين دين جي دعوت ڏني ۽ حفاظت طلبي، انهن ماڻهن سندن حفاظت ته پري رهي، پر ٻيڻو دين جي دعوت ڏيڻ تي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي سخت ڪاوڙيا ۽ کين تمام گهڻو گهٽ وڌ ڳالهايو. نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي موٽڻ تي سندن غلامن ۽ بدمعاشن کي حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي پويان بڇيائون. انهن سنگ باريءَ سان حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي سخت زخمي ڪري وڌو. تڏهن بچاء خاطر رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن عتبه ۽ شيبا ٻن ڀائرن جي باغ ۾ وڃي پناهه ورتي. اهي ٻئي ڄڻا اتي حاضر هئا ۽ پڻ نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جا سخت دشمن هئا، پر اُن وقت کين مٿن ڪجهه رحم آيو ۽ هڪ عيسائي غلام هٿان انگورن جو ٿالهه حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڏياري موڪليو. جنهن بسم الله ڪري اچي رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي اڳيان رکيو ته کين اهي لفظ ٻڌي خوشي ٿي ۽ ساڻس شفقت سان گفتگو ڪئي. انهيءَ غلام رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان بيحد متاثر ٿيندي سندن هٿن مبارڪن کي چميو.
حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن هاڻي مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻين ٽن قبيلن جي سردارن سان اتحاد ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پر زهراه قبيلي جي سردار اخنس ابن شريف ۽ عامر قبيلي جي سردار سهيل ابن عمرو اتحاد ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏنو. البت نوفل قبيلي جي سردار معطم اتحاد جي حامي ڀري ۽ پنهنجي قبيلي طرفان حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي حفاظت ڪرڻ جو اعلان ڪيو، تڏهن پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم شهر ۾ آيا ۽ شهر ۾ ايندڙ پرڏيهي زائرين ۽ سوداگرن ۽ ٻين بدو قبيلن جي ماڻهن ۾ اسلام جي تبليغ تي گهڻو زور ڏيڻ لڳا، ڇو ته مڪي شريف ۽ آسپاس جي ماڻهن کين گهربل موٽ ڪا نه ڏني. اٽلو سندن جان جا دشمن ٿي پيا.
سن 620ع ۾ نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن حضرت علي رضي جي ڀيڻ حضرت اُم هاني جي گهر ترسيل هئا ۽ آڌيءَ رات کانپوءِ قرآن مجيد جي تلاوت شروع ڪئي. ڪافي دير کان پوءِ تلاوت ختم ڪري سمهڻ لڳا ته کين جبرائيل امين اچي جاڳايو ۽ بُراق نالي آسماني گهوڙي تي سوار ڪري کين بجليءَ جهڙي تيز رفتار سان يروشلم جي مسجد اقصيٰ پهچايو، جتي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن نماز ادا ڪئي، پوءِ جبرائيل عليھ السلام جي رهبريءَ ۾ ستن آسمانن جو سير ڪيو. پهرين آسمان تي کين حضرت آدم عليھ السلام مليو هتي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن دوزخ جو نظارو ڪيو. ٻئي آسمان تي سندن ملاقات حضرت عيسيٰ عليھ السلام سان، ٽئين آسمان تي حضرت يوسف عليھ السلام، چوٿين آسمان تي، پنجين آسمان تي حضرت موسيٰ عليھ السلام، ڇهين آسمان تي حضرت هارون عليھ السلام ۽ ستين آسمان تي حضرت ابراهيم عليھ السلام سان ٿي. ان کان مٿي وارو علائقو عرش عظيم سڏجي ٿو. جت رب العالمين جلوه افروز آهي. ان اعليٰ مقام تي الله پاڪ پنهنجي ٻانهي سان ڪمان جي ڇيڙهن جي وٿيءَ کان به وڌيڪ ويجهڙائي ۾ ملاقات ڪئي ۽ سندس امت لاءِ پنج وقت نماز ادا ڪرڻ جي افضل ترين سوکڙي عطا ڪئي. هن سموري واقعي کي معراج النبي سڏجي ٿو. ڪثرت مسلمان انهيءَ واقعي کي معروضي يا جسماني ڪري مڃين ٿا. اهل اسلام جي ٿورائي انهيءَ کي فقط روحاني سفر ۽ ملاقات تصور ڪن ٿا. ابن هشام بي بي عائشه جي حوالي سان لکيو آهي ته ”حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته منهنجو معراج وارو سفر بلڪل روحاني نوعيت وارو هو“.
ساڳئي سال 620ع ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه و آلہٖ وسلم جن جي ڪيترن ئي حاجين سان ملاقات ٿي جن ۾ ڇهه، يثرب شهر جا ماڻهو به هئا. جن ٻين حاجين جي ڀيٽ ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جون ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ نهايت فراخدليءَ سان پيش آيا. کين يقين ٿي ويو ته واقعي هي اهوئي سچو نبي سڳورو آهي. جنهن بابت پنهنجي شهر يثرب جا يهودي ڳالهيون ڪندا آهن.
يثرب مڪي شريف کان ننڍو شهر هو، جيڪو عراق ۽ شام کان آيل يهودين آباد ڪيو هو. اهي زراعت پيشه ماڻهو هئا، ڪن مورخن جو چوڻ آهي ته اهي فلسطين کان آيل ماڻهو هئا. ستين صديءَ عيسوي ۾ يثرب شهر ۾ يهودين جا ٽي وڏا قبيلا، بني قريظ، بني نُظير ۽ بني قينقاع رهندا هئا، پر ڇهين صديءَ عيسوي ۾ هتي لڏي ايندڙ ٻه قبيلا بني اوس ۽ بني خزرج ستين صديءَ عيسوي تائين معاشي ترقي ڪري مذڪور يهودي قبيلن کان وڌيڪ طاقتور ٿي ويا. جنهن سبب منجهن مخالفت پيدا ٿي پئي. نه فقط ايترو پر مجموعي طور يثرب جي سمورن شهري توڙي پسگردائيءَ وارن قبيلن ۾ باهمي فساد برپا رهيو.
حج جي موقعي تي جن يثرب جي ڇهن ماڻهن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سان ملاقات ڪئي هئي. انهن کي قدرتي طور يقين ٿي ويو ته اسان جي قبيلن ۾ برپا فساد کي انصاف سان ختم ڪري سگهڻ جي سمجهه ۽ صلاحيت فقط حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ۾ ئي آهي ۽ اهو ئي اسان جي سمورن قبيلن جو سردار اعليٰ ٿيڻ جي لائق آهي. انهن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن تي ايمان آندو ۽ واعدو ڪيائون ته اسين پنهنجي عزيزن ۽ قريبن کي اسلام جي دعوت ڏينداسين. انهي ڳالهه تي نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي سرهائي ٿي. پنهنجي ازدواجي زندگيءَ جي بحاليء خاطر پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم حضرت سڪران رضي جي بيواه بي بي سوده سان شادي ڪئي.
621ع ۾ ڇهه نو مسلم يثربي پاڻ سان گڏ ٻين ستن همدرد ماڻهن کي به گڏ وٺي آيا. انهن ۾ ٻه همراهه اوس قبيلي جا هئا. اهي سمورا ماڻهو نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن سان عقبه جي واديءَ ۾ ملاقاتي ٿيا حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هٿ مبارڪ تي بَعيتَ ڪيائون ۽ عهد ڪيائون ته اسين هاڻي صرف خدا پاڪ جي عبادت ڪنداسين ۽ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي تعليم ۽ هدايت موجب زندگي گذارينداسين. ان ملاقات کي عقبه اوليٰ سڏجي ٿو.
قرآني تعليم موجب هر انسان پنهنجي عملن موجب جزا يا سزا ڀوڳيندو. يثرب جي ماڻهن انهيءَ نظريي کي پاڻ لاءِ مناسب ۽ ضروري ڄاتو. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن مذڪور يثربين سان هڪڙو قابل مسلمان حضرت مصعب رضي ابن عمير گڏي ڇڏيو ته کين وڃي قرآن شريف جي تعليم ڏي ۽ اسلام جي تبليغ ڪري. شروع ۾ اوس قبيلي وارا حضرت مصعب جي يثرب اچڻ تي رنج ٿيا. اوس قبيلي جي برادريءَ جي سردار سعد کي جڏهن حضرت مصعب رضي جي تبليغ جي خبر پئي ته ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجي عزيز اُسيد ابن حضير کي کيس ڀڄائڻ لاءِ چوري موڪليائين. اسيد وڃي کيس للڪاريو. تنهن تي حضرت مصعب رضي کيس چيو ته پهرين تون ويهي منهنجي ڳالهه ٻُڌ، جيڪڏهن اها صحيح سمجهين ته قبول ڪج جيڪڏهن اها غلط لڳي ته انهيءَ کي کلي عام رد ڪري ڇڏج ۽ جيئن وڻيئي تيئن ڪج. في الوقت اسيد اها ڳالهه معقول ڄاڻي حضرت مصعب رضي طرفان قرآن شريف جي تلاوت ٻڌڻ لڳو. تلاوت جو مٿس ايترو ته اثر ٿيو جو هو بروقت مسلمان ٿيو ۽ واپس سعد سان وڃي احوالي ٿيو. سعد مٿس سخت ڪاوڙيو ۽ پنهنجو نيزو کڻي پاڻ خود حضرت مصعب رضي کي مارڻ لاءِ نڪتو. باغ وٽ پهچڻ تي جيئن ئي سندس ڪن تي قرآن شريف جي تلاوت پئي ته اسيد وانگر هن جي دل تي پڻ انهيءَ جو مثبت اثر ٿيو ۽ ترت ئي ايمان آندائين پوءِ پنهنجي قبيلي کي گڏ ڪري کين اسلام قبول ڪرڻ جي تلقين ڪيائين؛ جنهنڪري سندس سموري قبيلي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن تي ايمان آندو. اهڙي طرح حضرت سعد يثرب ۾ اسلام جي اشاعت ۾ نمايان ڪردار اد اڪيو. نتيجتاً ٿوري وقت ۾ ئي شهر جي تقريباً هر گهر ۾ هڪڙو مسلمان ضرور موجود هو.
مڪي ۾ انهيءَ عرصي ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم ۽ مسلمانن لاءِ حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ دکدائڪ ۽ برداشت کان ٻاهر ٿي ويون. تنهنڪري حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن يثرب شهر ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. جنهن موجب پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم يثربي يهودين کي اتحاد جي دعوت ڏني. سن 622ع جي شروع ۾ حج لاءِ ايندڙ يثربين ۾ 75 مسلمان به هئا، جن ۾ ٻه عورتون پڻ هيون. انهن 75 مسلمانن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن سان هڪڙو سمجهوتو ڪيو. جنهن تحت مڪي شريف مان لڏي ايندڙ مسلمانن جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪندا ۽ ضرورت موجب سندن هر سماجي مدد پڻ ڪندا. مسلمانن ۽ اسلام جي بچاءُ ۽ اشاعت لاءِ گهربل جنگ لاءِ پڻ عهد ڪيائون. اهو سمجهوتو نهايت راز ۾ رکيو ويو. جنهن تحت رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم ۽ ٻيا مسلمان هجرت ڪري يثرب وڃڻا هئا. انهيءَ سمجهوتي دوران حضرت براء رضي اوس ۽ خزرج قبيلن جي نمائندي طور حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جو هٿ مبارڪ پنهنجي هٿ ۾ جهلي الله پاڪ جو قسم کڻي چيو ته اسان وٽ لڏي ايندڙ مسلمانن جي حفاظت پنهنجي ٻارن ۽ عورتن جهڙي ڪنداسين. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ان موقعي تي فرمايو ته آئون اوهان لاءِ آهيان ۽ اوهين منهنجي لاءِ آهيو. آئون توهان جي دشمنن سان وڙهندس ۽ اوهان جي سڄڻن کي سڄڻ سمجهندس. ان گفتگو جي اختتام تي اهو ڳجهو سمجهوتو مڪمل ٿيو ۽ مديني جا مسلمان يثرب موٽي ويا.
622ع جي جولاءِ ۽ آگسٽ وارن مهينن دوران ستر مسلمان خاندان مديني روانا ٿي ويا ۽ اتي وڃي مسلمانن جي گهرن ۾ رهڻ لڳا. اهڙي قرباني ۽ مدد جي ڪري مدني مسلمانن کي انصار سڏڻ لڳا. حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن هجرت جو حڪم ڪو نه ڪيو هو. هر ڪنهن کي اجازت هئي ته هو پنهنجي مرضيءَ موجب لڏي يا نه لڏي. مڪي مان لڏيندڙ مسلمان سمورا گڏجي نه پر ننڍن جٿن ۽ هڪ هڪ خاندان جي صورت ۾ الڳ الڳ ۽ جدا جدا وقتن تي شهر مان نڪتا. مثلاً حضرت عمر رضي پنهنجي خاندان سان روانو ٿيو. تنهن کانپوءِ حضرت عثمان رضي پنهنجي ٻارن سان نڪتو. اهڙي طرح حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن وارو ڪٽنب، حضرت زيد رضي ۽ حضرت حمزه رضي ساڻ اُسهيو. اهڙيءَ ريت خاموشيءَ سان آهستي آهستي لڏڻ وارا سمورا مسلمان نڪري ويا. باقي حضور ڪريم صلي الله عليه و آلہٖ وسلم، حضرت ابو بڪر رضي ۽ حضرت علي رضي اڃان مڪي ۾ هئا. مسلمانن جي نڪري وڃڻ کان پوءِ قريش ڪفار کي ڏاڍو غصو ٿيو ۽ حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي نعوذ بالله شهيد ڪرڻ لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ لڳا ته جيئن اسلام مڪمل طور تي ختم ٿي وڃي. ابوجهل جي خيال تحت مختلف ڪافر قبيلن جي نوجوان جنگجوئن جو جٿو تيار ڪري نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي گهر کي گهيراءُ ڪرايو ته جيئن ئي حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ٻاهر نڪرن ته جٿي جا سمورا همراه گڏجي وار ڪري کين نعوذ بالله قتل ڪن ته جيئن ڪنهن هڪ قبيلي تي خون جو ڏوهه نه پئجي سگهي. ان ڪري گهيرو ڪندڙ جٿي صبح تائين حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪيو، پر انهيءَ رات حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن حضرت علي رضي کي پنهنجا ڪپڙا پارائي پنهنجي بستري تي سمهاري مٿانئس پنهنجي چادر وجهي ڇڏي ۽ پاڻ سڳورا گهرجي پوئين دريءَ مان حضرت ابو بڪر رضه سان گڏ نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. شهر جي ڏکڻ ۾ واقع هڪڙي غار حِرا ۾ وڃي لڪا. جتي ٽي ڏينهن لڪل رهيا. ٻئي طرف حضور صلي الله عليه و آلہٖ وسلم جن جڏهن صبح ٿيڻ جي باوجود گهر کان ٻاهر ڪو نه نڪتا ته قاتل جٿي وارا گهر ۾ داخل ٿي ڏسن ته اتي فقط حضرت علي رضي موجود هو. حضور ڪريم صلي الله عليه و آلہٖ وسلم جن جي سندن هٿن مان زنده نڪري وڃڻ تي ڪافر سخت طيش ۾ آيا ۽ سانده ٽي ڏينهن سخت ڳولا جي باوجود ناڪام ٿيڻ تي حيراني پريشانيءَ جي حالت ۾ اعلان ڪيائون ته حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي زندهه پڪڙي ايندڙ يا ماريندڙ کي هڪ سئو اُٺ انعام ڏنو ويندو. غار حِرا ۾ لڪڻ واري وقت دوران حضرت ابو بڪر جي هڪڙي ڌيءَ رات جي وقت ۾ کاڌو پيتو پهچائيندي هئي. قاتل ڪافرن جو ٽولو هڪ ڀيرو غار وٽ به اچي پهتو. جن کي ڏسندي حضرت ابو بڪر رضي ڊپ ۾ چيو ته پاڻ ته فقط ٻه ڄڻا آهيون ۽ هي ڪافرن جو يڪو ٽولو پڪ پاڻ کي ماري ڇڏيندو. تنهن تي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن وراڻيس ته پاڻ ٻن سان گڏ ٽيون الله پاڪ به آهي، جيڪو پاڻ کي بچائي وٺندو، قدرت سان غار جي مُنهن تي ڪوريئڙي جو ڄار لڳل ۽ غار جي مُنهن تي رکيل پٿر تي رکيل بيضن تي ويٺل پکي ڏسي ڪافر ٽولي کي پڪ ٿي ته هن غار ۾ ڪو هينئر موجود ڪو نه هوندو. اهي واپس موٽي ويا. ٽئين ڏينهن شام جو حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن غار مان نڪتا ۽ سواريءَ لاءِ تيار ٻن ڏاچين تي چڙهي ڏکين ۽ ڳجهن رستن تان هلندا ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي يثرب يعني مديني شريف ڀيڙا ٿيا. رستي ۾ کين هڪڙي وحشي ڪافر اچي للڪاريو پر خدا جي قدرت سان حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي ويجهو رسڻ تي ڪافر جي گهوڙي انهيءَ حمله آور کي ڪيرائي وڌو ۽ اهو خود هاڻي حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم کان جان جي امان لاءِ ٻاڏائڻ لڳو. تڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کيس معافي ڏئي ڇڏي ڏنو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن يثرب جي ويجهو پهچڻ بعد شهر کان ٻه ميل کن ٻاهر ”قبا“ نالي بستي ۾ ٻه ٽي ڏينهن رهيا. جتي حضرت علي رضي به کين اچي گڏيو. جيڪو مڪي کان پيادو آيو هو. تنهن کانپوءِ سورهن ربيع الاول مطابق 2 جولاءِ 622ع جمع جي ڏينهن صبح جو رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن پنهنجي مسلمان ڀائرن سان گڏجي يثرب ۾ آيا. اهڙي ريت مشڪل ترين حالتن تحت حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ ٻين مسلمانن هجرت ڪري اچي مدينو شريف وسايو. ان نسبت سان اسلامي سن کي هجري سن نالو ڏنو ويو، جيڪو ٻئي خليفي حضرت عمر رضي جي ايامڪاريءَ ۾ عمل ۾ آيو. مڪي شريف کان لڏي آيل مسلمانن کي مهاجر ۽ مديني پاڪ جي مسلمانن کي سندن مهاجر ڀائرن جي هر حال مدد ۽ همدردي ڪرڻ تي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن انصار جو خطاب ڏنو. جن مهاجرن کي پنهنجي گهرن ۾ رهايو ۽ ڪيترن سان رشتو به قائم ڪيو.
مديني شريف ۾ مسلمانن جي زندگيءَ جو نئون ۽ نرالو دور شروع ٿيو.جنهن جي شروعات مديني جي يهودين ۽ ٻين قبيلن سان هڪڙي سمجهوتي تحت ٿي. ان وقت مديني ۾ ٽي مکيه سماجي گروهه هئا. هڪڙو سچو اهل اِسلام جنهن ۾ مهاجرين ۽انصار شامل هئا. ٻيو اهو گروهه جنهن ۾ ڪمزور ايمان ۽ بت پرستيءَ ڏانهن راغب مسلمان هئا. سندن اڳواڻ عبدالله ابن اُبي هو. هنن کي سندن ڪردار موافق منافقين سڏيو ويو، ڇو ته اهي هر وقت حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم ۽ مسلمانن جي خلاف سازشون گهڙيندڙن جاطرفدار رهندا هئا. ٽيون گروهه يهودين جو هو، هي ٽولو مسلمانن جو نهايت خطرناڪ دشمن ٽولو هو. حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي آمد وقت هنن مسلمانن جي مخالفت ڪا نه ڪئي پر اڃا مهينو کن مس گذريو ته هنن بغاوت ۽ مخالفت شروع ڪري ڏني.
مديني شريف ۾ اچڻ سان حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن مديني ۽ ان جي پسگردائي وارن سمورن قبيلن ۽ بردارين ۾ باهمي صلح صفائي ڪرائي منجهن اتحاد پيدا ڪيو. جنهن جو بنياد هڪڙي معاهدي تي مبني هو. انهيءَ معاهدي ۾ مسلمانن، يهودين توڙي ٻين برادرين جي حقوق ۽ فرائض کي انصاف موافق مقرر ڪيو ويو. انهيءَ کان متاثر ٿيندي يهودين اهو اقرار نامون قبول ڪيو. ان ۾ اهو پڻ لکيل هو ته هتي جا سمورا قبيلا جهڙوڪ يهودي، عوف، نجار، حارث، اوس، ثعلبه، حُبشم ۽ ٻيا سمورا قبيلا مسلمانن سان گڏ هڪڙي متحد قوم شمار ٿيندا. کين پنهنجي مذهب بابت مڪمل آزادي هوندي. هنن سڀني کي اسلامي حڪومت مال ۽ جان جو تحفظ فراهم ڪندي. ڏوهارين کي سخت سزا ڏبي. يهودي مديني جي بچاءُ خاطر مسلمانن جي مدد ڪندا. آخر ۾ معاهدي ۾ لکيل هو ته هن قبول ڪندڙن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ جهڳڙي فساد جو فيصلو الله لڳ رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ڪندا.
بهرحال يهودي ترت ئي بغاوت ڪرڻ ۽ شهر جو امن برباد ڪرڻ لڳا. قريش جي جاسوسي جو ڪم به پرجوش نموني ڪرڻ شروع ڪيائون، ان جي جانچ ڪري ڇهن حقيقي غدارن کي قتل ڪيو ويو.
مڪي وارن مسلمانن جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي غدارن جي مخبريءَ موجب مديني جي پسگردائي ۾ مسلمانن جي ملڪيتن تي حملا شروع ڪري ڏنا سندن مال ڪاهي ويندا هئا ۽ سندن باغ وڍي ڀڄي ويندا هئا. اڪيلن مسلمانن کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا سن ٻه هجري ۾ پنهنجي قافلن جي حفاظت جي بهاني اهي هڪ هزار لشڪر سان مديني تي چڙهائي ڪري آيا. سندن اڳواڻي ابوجهل ڪري رهيو هو. مسلمانن جا ٽي سئو مجاهد حمله آورن کي روڪڻ لاءِ اچي بدر جي ميدان ۾ ساڻن سامهون ٿيا. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ان وقت الله پاڪ کان دعا گهري ته جيڪڏهن تنهنجي مدد کانسواءِ مسلمانن جو هي ننڍڙو ٽولو ماريو ويو ته پوءِ تنهنجي سچي عبادت ڪرڻ وارو ڪو به ڪو نه بچندو. تنهنڪري اي مولا سائين! تون هنن حق جو جهاد ڪندڙن کي هنن ڪافرن تي سوڀ عطا فرماءِ.
پھريائين عرب دستور موجب قريش لشڪر جا ٽي پهلوان ميدان ۾ اچي اسلامي فوج کي للڪارڻ لڳا. ساڻن مقابلي لاءِ حضرت علي رضي، حضرت حمزه رضي ۽ حضرت عبيد رضي ميدان ۾ لٿا ۽ ٽنهي پهلوانن کي ماري مات ڪيائون. تنهن کان پوءِ ٻئي لشڪر هٿين پئجي ويا. آخرڪار سرد طوفان سبب مڪي فوج وارا ڪيترائي جنگي جوڌا مارائي جنگ هارائي ميدان ڇڏي اٿي ڀڳا. مسلمان فوج ڪيترائي مڪي فوجي قيد ڪيا. انهن مان فقط ٻن کي سنگين ڏوهن سبب قتل ڪيو ويو. کين ڪجهه مال غنيمت به هٿ آيو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هدايتن موجب جنگي قيدين کي انصار ۽ مهاجرن جي گهرن ۾ رهايو ويو ۽ ساڻن تمام سهڻو سلوڪ ڪيو ويو. جنهن جو انهن خود آزاديءَ کان پوءِ اعتراف ڪيو. مال غنيمت جي ورهاست قرآن پاڪ جي حڪم موجب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنهن تحت انهيءَ جو پنجون حصو محتاجن ۽ مسڪينن جي فلاح لاءِ بيت المال ۾ جمع ڪيو ويندو، باقي بچيل مال جي ورهاست حاڪم رياست جي مرضيءَ موجب ٿيندو. مسلمانن لاءِ بدر جي جنگ واري فتح ڀلائي واري ثابت ٿي. منجهن جوش ۽ ايمان وڌي ويو ۽ غير مسلمن تي پڻ قدرتي طور وڏو اثر ٿيو. جنهن ڪري عام ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ لڳا. ان جي برعڪس اهل مڪه پنهنجي ناڪامي تي کار کائي رهيا هئا.
پنهنجي جنگي قيدين جي واپس پهچڻ تي مسلمانن کان بدلو وٺڻ لاءِ ابوسفيان جي اڳواڻي ۾ ٻه سو گهوڙي سوار لشڪر مديني ڏانهن ڪاهي آيو ۽ مديني جي آسپاس ماڻهو ماريندو ۽ باغ وڍائيندو ويو. مسلمانن کان بدلو وٺڻ لاءِ اهل قريش مڪي جي آسپاس وارن جنگي سردارن سان معاهدا ڪري ٽي هزار اتحادي لشڪر گڏ ڪري کيس سموري جنگي سازوسامان سان هٿياربند ڪري، سن ٽي هجريءَ ۾ ابو سُفيان جي اڳواڻي ۾ اچي احد جبل جي دامن ۾ خيما کوڙيا ۽ آسپاس مسلمانن جي باغن ۽ مال متاع کي نقصان رسائڻ لڳا. مجبور ٿي مسلمانن جو هڪ هزار لشڪر حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي اڳواڻيءَ ۾ اچي سامهون ٿيو. مديني جي يهودين جي مسلمانن سان دشمنيءَ جي ڏڍ تي مسلمانن ۾ منافقن جو سردار عبدالله ابن اُبي اسلامي لشڪر ۾ شامل سندس ٽي سئو ماڻهن کي ميدان جنگ مان واپس وٺي مديني هليو ويو. هاڻي اسلامي لشڪر ۾ فقط ست سئو مجاهد بچيا ۽ وٽن فقط ٻه گهوڙا هئا. اسلامي لشڪر ڏاهپ سان اُحد جي جبل تي قابض ٿي ويو. اتي رات گذاري فجر جي نماز ادا ڪري ميدان ۾ لهي آيو. تير اندازن کي ٽڪريءَ تي بيهاريو ويو ۽ کين ڪنهن به صورت ۾ اتان کان ٻئي ڪنهن پاسي يا هنڌ نه وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو. دشمن جي پهرين حملي کي اسلامي فوج حضرت حمزه رضي جي قيادت ۾ پٺتي ڌڪي ڀڄايو ۽ فتح جو اعلان ٿيڻ وارو هو، تنهن کان اڳ تيراندازن وارو جٿو مال غنيمت جي لالچ ۾ ضابطي جي خلاف ورزي ڪندي هيٺ لهي آيو ۽ اسلامي لشڪر انتشار جو شڪار ٿي ويو. دشمن فوج جي اڳواڻ خالد بن وليد مسلمانن جي انهيءَ غلطي مان خوب فائدو وٺي اسلامي لشڪر تي گهوڙي سوارن جي ٽولي سان زوردار حملو ڪيو. جنهن سبب اسلامي فوج دشمن فوج جي چنگل ۾ ڦاسي پئي. حضرت حمزه رضي سميت ڪيترائي عظيم مجاهد شهيد ٿي ويا. مڪي فوج ان وقت سڄو زور حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي شهيد ڪرڻ تي لڳايو. جيڪي چند جانثارن جي گهيري ۾ پرڀرو بيٺل هئا ۽ ۽ زخمي به ٿي پيا هئا. سندن گهيرو ڪيل جانثار هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيندا ويا. ايتري ۾ حضرت علي رضي ۽ ڪجهه ٻيا مجاهد حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي حمله آورن کان بچائي مٿي پهاڙيءَ تي کڻي ويا. حضرت علي رضه پنهنجي ڍال ۾ پاڻي کڻي آيو ۽ حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جو چهرو مبارڪ ۽ زخم ڌوتا، ڪجهه ساهي پٽڻ کان پوءِ انهن اتي اڳين واري نماز پڙهي.
قريش فوج کي به سخت جاني نقصان ٿيو ۽ اها هاڻي مديني تي حملو ڪرڻ جو ست ساري نه سگهي. البت مسلمان شهيدن جي لاشن جي بيحرمتي ڪندي جن ۾ حضرت حمزه جو جگر ڪڍي ابو سفيان جي زال هنده چٻاڙيو ۽ ٻين شهيدن جي ڪنن ۽ نڪن جو هار ٺاهي گلي ۾ وڌو پوءِ قريش فوج واپس مڪي رواني ٿي. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن مديني شريف پهچي جانبازن جو هڪڙو ننڍڙو جٿو ڀڄندڙ مڪي فوج جي پويان تعاقب لاءِ روانو ڪيو ته جيئن اهي ائين نه سمجهن ته مسلمان قريش فوج کان ڊڄي وئي ۽ مسلمان دل شڪسته ٿي پيا آهن. ابو سفيان مڪي وڃي جلدي ٻئي حملي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏياري موڪلي. هن جنگ مسلمانن جي مخالف قبيلن جو من وڌائي ڇڏيو. اسلام قبول ڪرڻ جي بهاني مسلمانن کي پنهنجن علائقن ۾ آڻي وڃي ماري ڇڏيندا هئا. اهڙي هڪڙي واقعي دوران ستر مسلمانن کي بيرمعونه نالي چشمي جي ڀرسان غداريءَ سان قتل ڪري ڇڏيائون. انهن وارداتن ۾ مکيه ڪردار يهودي قبيلن بني سُليم، بني عامر، بني قريض ۽ بني نُضير وارن جو هو. بني نُضير وارن کان معاهدي موجب جڏهن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ديت وصول ڪرڻ لاءِ ويا ته انهن کين شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ۽ مسلمانن جي مديني ۾ اچڻ کان وٺي يهودين مسلمانن ۾ نفاق پيدا ڪرڻ ۽ کين تباهه ڪرڻ لاءِ هر حربو اختيار ڪيو. انهن نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ۽ ٻين مسلمانن تي ڪئين الزام مڙهيا. قرآن شريف جي آيتن جي معنيٰ ڦيرائڻ لاءِ انهن جي لفظن کي بگاڙي پڙهندا هئا. هي منافقن سان سدائين سازشن ۾ سازباز رهندا هئا. اهي قريش وارن لاءِ جاسوسي ڪندا هئا. يهودي شاعرن کي اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف ڀڙڪائڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ سموري عرب ۾ موڪليو ويندو هو. جيئن ته اهي ماڻهو اسلام جي خلاف قريش جو ساٿ ڏين ۽ اسلام کي تباهه ڪن. اهڙي ريت يهودي مديني ۾ قريش کان به وڌيڪ خطرناڪ دشمن ٿي ويٺا هئا. مديني شريف ۾ رهندڙ هڪڙو يهودي قبيلو قينقاع هٿيار پنهوار ٺاهيندڙ ماڻهن تي مشتمل فتني خور ۽ جهڳڙالو هوندو هو. هڪڙي ڏينهن ٻهراڙيءَ جي هڪڙي ڇوڪري هنن جي بازار ۾ کير وڪڻڻ آئي ته هڪڙي يهودي ڇوڪري ساڻس سخت بد تميزي ڪئي. تنهن تي اتي موجود هڪڙي مسلمان ڇوڪري انهن تي تنقيد ڪئي ته ان سان به وڙهڻ لڳا. مسلمانن جوش ۾ اچي يهودي ڇوڪري کي ماري وڌو. ان قتل جي ردعمل طور يهودين انهي مسلمان کي به ماري وڌو. اهڙي طرح مسلمانن ۽ يهودين جي جنگ چالو ٿي وئي. جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ڪافي ماڻهو مري ويا. حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن هي افسوسناڪ خبر ٻڌڻ شرط جاءِ واردات تي آيا ۽ جهيڙو بند ڪرايائون. بني قينقاع وارن کي تنبيهه ڪيائون ته اوهان اسلام قبول ڪري ان جي اصولن موجب مسلمانن جا ٻانهن ٻيلي ٿي شهر ۾ امن امان سان رهو يا ته شهر مان نڪري وڃو. يهودين تڪبر ڪري بد فضيلتو جواب ڏنو ته قريش تي فتح حاصل ڪري تون مغرور نه ٿي، توکي مقابلو ڪرڻو آهي ته اسين پاڻ کي مرد ثابت ڪنداسين. اهڙي طرح حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جو حڪم مڃڻ کان صاف انڪار ڪري پنهنجي قبيلي جي قلعي جو دروازو بند ڪري ڇڏيائون نظم و ضبط ۽ امن امان خاطر مجبوراً حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن سندن قلعي کي گهيرو ڪرايو. ته پندرهن ڏينهن کانپوءِ هٿيار ڦٽا ڪري هو پيش پيا. تنهن تي حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کين جان جي امان ڏيئي شهر مان ڪڍي ڇڏيو. بني نُضير وارن به بني قينقاع وانگر ئي پير کنيا ته ساڻن به ساڳيو سلوڪ ڪندي، هر قسم جو سازو سامان کسي شهر بدر ڪيو ويو. انهن شهر خالي ڪرڻ کان اڳ پنهنجا سمورا گهر ڊاهي ڇڏيا. جيئن ته مسلمانن کي ڪم نه اچن. بني نُضير ربيع الاول سن چار هجريءَ ۾ شهر بدر ٿيا ۽ خيبر جي ويجهو پنهنجي عزيزن وٽ رهڻ لڳا.
ٻئي طرف اهل قريش ۽ ٻيا اسلام جا ويري به ويهي ڪو نه رهيا. چوڌاري سفير ۽ شاعر موڪلي اسلام دشمن لشڪر گڏ ڪري ابو سفيان سموري عسڪري سامان سان ليس ڏهن هزارن وارو لشڪر وٺي مديني پاڪ تي حملي لاءِ اُسهيو ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي احد جبل جي اوٽ ۾ مديني شهر جي نهايت ڪمزور پاسي سامهون پنهنجا خيما اچي کوڙيا. سن پنج هجريءَ جي شوال واري مهيني ۾ هن ڏهه هزار ڪافر فوج جي مقابلي لاءِ مسلمانن جي لشڪر ۾ ٽي هزار کن ماڻهو مس هئا، جن ۾ منافق به شامل هئا. تنهنڪري جنگ جي بچاء طور شهر جي سمورن ڪمزور هنڌن وٽ وڏيون کاهيون کوٽيون ويون ۽ انهن مان نڪتل مٽي جيڪا شهر جي اندرئين طرف ڇڏي ويئي هئي. انهن کي مورچن طور ڪتب آندو ويو. خندق وسيلي شهر جي بچاء واري تجويز حضرت سلمان فارسيءَ ڏني هئي.انهيءَ دوران اسلامي اتحاد ۾ شامل مديني کان ٻاهر رهندڙ يهودين به غداريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ شهر ۾ موجود منافقن به مسلمانن جو ساٿ ڪو نه ڏنو. پر الله تعاليٰ جي قدرت سين اهي پنهنجي سمورن ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام رهيا. قريش لشڪر شهرتي سڌو حملو ڪرڻ جي ڪافي ڀيرا ڪوشش ڪئي پر خندق حائل هئڻ ۽ مجاهدن جي مڪمل پهري سجاڳي سبب اهي ڪامياب ٿي نه پئي سگهيا. گهڻو وقت گذرڻ سان سندن سامان کٽڻ لڳو. گهوڙا ۽ کاڌي لاءِ آندل جانور مرڻ لڳا ۽ لشڪر ۾ ڦوٽ پوڻ لڳي. هڪڙي رات جو سخت طوفاني برسات پوڻ سبب سندن خيما اکڙڻ ۽ ڪرڻ لڳا. جنهن ڪري لشڪر تي قدرتي هيبت طاري ٿي وئي ۽ ابوسفيان پنهنجو وڏو لشڪر وٺي اٿي ڀڳو. باقي ٿورا ماڻهو پاڻ مرادو منتشر ٿي ويا. اهڙي طرح نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي پيشنگوئي سچي ثابت ٿي ۽ اهل مدينه ۽ مسلمان قريش جي حملي کان محفوظ رهيا.
هن جنگ دوران اسلامي اتحاد ۾ شامل بني قريظ قبيلي جي يهودين غداري ڪئي هئي ۽ شهر کان ٻاهر آباد هئڻ ڪري هر موقعي تي دشمن سان سازباز ڪندا رهيا. تنهنڪري سندن گهيرو ڪيو ويو، تڏهن هٿيار ڦٽا ڪري اچي پيش پيا ۽ هڪڙو شرط رکيائون ته اسان جو فيصلو فقط بني اوس جو سردار سعد ابن معاذ ڪري جنهن جي فيصلي تحت سندن جنگ ڪرڻ جي لائق سڀني مردن کي قتل ڪيو ويو ۽ سندن عورتن ۽ ٻارن کي مسلمانن وٽ غلام بنايو ويو. اهڙي ريت نئين اسلامي مملڪت ڪفار مڪھ ۽ يهود حجاز جي شر کان قدرتاً محفوظ رهي. مديني جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ بدو قبيلن جي ڦرمار اڃا به جاري هئي. تن جي سرڪوبيءَ لاءِ وقتاًفوقتاً هٿيار بند جٿا روانا ٿيندا رهيا ۽ نيٺ سندن پاڙَ پٽي وئي. اهڙيءَ ريت جڏهن اسلامي مملڪت ۾ قدراً امن امان قائم ٿيو ته انهيءَ يعني هجرت جي ڇهين سال حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖوسلم جن عمرو ڪرڻ لاءِ مڪي شريف جي سفر جو اعلان ڪيو. جلدي تياري ڪري نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن هڪ هزار کان وڌيڪ مهاجرن ۽ انصارن کي ساڻ ڪري مڪي شريف ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن مڪي شريف جي قريشن کي اها خبر پئي ته اهي ٻه سئو گهوڙي سوارن جو لشڪر وٺي مڪي کان گهڻو پري مسلمانن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان اچي روڪيائون. حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي موڪليل قاصد سان انتهائي ناروا سلوڪ ڪيائون. مجبوراً حضرت عثمان رضي کي ٻيو قاصد ڪري موڪليو ويو. تنهن کي به ڪجهه وقت لاءِ يرغمال ڪري رکيائون. قريش جي ضد ۽ انڪار تي حضور صلي الله علي و آلہٖ وسلم جن هڪڙي سمجهوتي جي صورت ۾ قريش جا سمورا اگرا شرط قبول ڪيا. جنهن تحت ڏهن سالن تائين ڪا به لڙائي ڪا نه ڪئي ويندي. هينئر سمورا آيل زائرين بنا حج ۽ زيارت جي موٽي وڃن ۽ ايندڙ سال اچي ٽن ڏينهن تائين حج جون رسمون ادا ڪن. انهن ٽن ڏينهن لاءِ قريش شهر مان نڪري ٻاهر وڃي رهندا. جيڪڏهن ڪو مڪي جو ماڻهو بنا موڪل مديني ويندو ته کيس مڪي واپس ڪيو ويندو پر جيڪو مدني ماڻهو بنا موڪل مڪي ويندو انهيءَ کي واپس ڪرڻ لاءِ قريش جي ذميواري ڪا نه هوندي. هي سمجهو تو ظاهري طور مسلمانن جي سراسر خلاف هو پر قرآن مجيد ۾ انهيءَ صلح حديبيه کي فتح مبين ڪري ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ صلح جي نتيجي ۾ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن اصحابه ڪرام سميت بنا عمري ڪرڻ جي مديني موٽي آيا ۽ اسلام جي اشاعت جي سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي حاڪمن ڏانهن سفيرن وسيلي اسلام جو پيغام موڪليو. انهن ۾ شهنشاهه يونان هرقل ۽ شهنشاهه ايران خسرو پرويز جو ذڪر اڪثر تاريخن ۾ موجود آهي. ايراني شهنشاهه ڪاوڙجي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جو خط ڦاڙي ڇڏيو ۽ مسلمان سفير کي سخت بي عزتي ڪري دربار مان ڊوڙائي ڪڍايو. جڏهن ته يوناني بادشاهه هرقل مسلمان سفير جي مناسب تعظيم ڪئي ۽ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن بابت ٻين وسيلن ذريعي حقيقي معلومات حاصل ڪرڻ خاطر شهر ۾ آيل سوداگرن کي پاڻ وٽ گهرايو.انهن سوداگرن ۾ ابوسفيان به شامل هو. بادشاهه حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي باري ۾ ڪجهه سوال ڪيا. ابو سفيان جواب ۾ چيو ته هن اسان کي بتن جي پوڄا ڇڏڻ ۽ واحد خدا جي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اسان کي خيرات ڪرڻ، سچائي ۽ پاڪائي کان ڪم وٺڻ، زنا ۽ بدڪاري کان پرهيز ڪرڻ ۽ سمورين بُڇڙائين کان بچڻ جي هدايت ڪئي آهي. بادشاهه پڇيو ته محمد صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جا پوئلڳ تعداد ۾ وڌن پيا يا گهٽجن پيا. ابوسفيان جواب ڏنو ته وڌن پيا ۽ انهن ۾ هڪڙو به اهڙو ڪونهي جنهن سندس ساٿ ڇڏي ڏنو آهي.
سن ست هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ صلح حديبيه موجب نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن پنهنجي ٻن هزارن ساٿين سان گڏجي عمرو ادا ڪرڻ ويا. مسلمانن جي پهچڻ کان اڳ سمورا قريش مڪي شريف جو شهر خالي ڪري وڃي ڀرپاسي جي ٽڪرين تي ترسيا، جتان حيرانيءَ واري حالت ۾ مسلمانن کي طواف ڪندي ڏسندا رهيا. يا ته کين صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ تيز قدم هلندي ڏسندا رهيا. مسلمان ٽن ڏينهن کان پوءِ سمجهوتي موجب مڪي شريف مان نڪري مديني پاڪ روانا ٿي ويا. مسلمانن جنهن خوش اسلوبيءَ ۽ فضيلت سان عمري جا فرائض بجا آندا. انهيءَ جو اهل مڪه تي مثبت اثر ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ لڳا. جن ۾ اڪثر باوسوق دشمنان اسلام به هئا.
جڏهن قريشن صلح حديبيه جي خلاف ورزي ڪندي بني خزاء تي حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ ٻين کي ڀڄائي ڪڍيو ته مسلمانن جا اتحادي هئڻ ڪري بني خزاء وارا نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن وٽ انصاف جي حصول لاءِ دانهن کڻي آيا. حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجو اخلاقي توڙي سياسي فرض ڄاڻي مڪي شريف تي چڙهائي جي تياري ڪري سن اٺ هجريءَ جي رمضان شريف جي مهيني ۾ ڏهه هزاري لشڪر جي اڳواڻي ڪندي مڪي روانا ٿيا. رستي ۾ اتحادي قبيلن جا نوجوان به ساڻن شامل ٿي ويا. عڪرمه ۽ صفوان جي اڳواڻي ۾ سپاهين جي هڪڙي وڏي ٽولي شهر ۾ داخل ٿيندڙ مسلم فوج سان مزاحمت ڪئي، جنهن ڪري چند قتل ٿيا. باقي اسلامي فوج سواءِ ڪنهن مقابلي جي شهر ۾ فاتح جي حيثيت ۾ داخل ٿي وئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن بحيثيت هڪ فاتح جرنيل پنهنجي ڪمال رحمت ۽ مهرباني سان سمورن اسلام دُشمنن ۽ سندن جاني دشمنن لاءِ عام معافيءَ جو اعلان ڪيو. سڄي شهر ۾ فقط چئن ماڻهن کي واجب القتل قرار ڏنو ويو. ڪا به ڦرلٽ ڪا نه ڪئي وئي ۽ ڪنهن عورت جي بي عزتي ڪا نه ڪئي وئي. البت بتن کي ڀڃي ڀور ڪيو ويو ۽ قرآن شريف جي سوره بني اسرائيل جي آيتن موجب اعلان ڪيو ويو ته حق اچي ويو ۽ باطل غائب ٿي ويو ۽ واقعي باطل اچڻي وڃڻي شئي آهي. تنهن بعد اهل مڪه کي حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن خطاب ڪندي پهريائين قرآن مجيد جي روشنيءَ ۾ انساني برابري ۽ اسلامي ڀائيچاري جو بيان ڪيو. بعد ۾ ماڻهن کان پڇيائون ته اي قريش! پنهنجي طرفان اوهان کي ڪهڙي قسم جي ورتاء جي توقع آهي؟ قريشن جواب ڏنو ته توهان اسان جي شفيق ۽ مهربان ڀاءُ جو اولاد آهيو. اسانکي اوهان مان ڀلائيءَ جي ئي اميد آهي. اهي لفظ ٻڌي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ فرمايائون ته چڱو آئون به اوهان کي اهي ئي لفظ چوان ٿو جيڪي حضرت يوسف عليھ السلام پنهنجي ڀائرن کي چيا هئا ته اڄ توهان کي ڪا به ملامت نٿي ڪجي. الله توهان کي معاف ڪري، اهو وڏو مهربان ۽ نهايت رحم ڪندڙ آهي.
هاڻي هتي هڪڙي نهايت نرالي صورتحال پيدا ٿي، جنهن تحت عام توڙي خاص ماڻهن جا ٽولن تي ٽولا حضور پاڪ صلي الله عليه و آلہٖ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪرڻ لڳا. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن انهن سمورن نو مسلمن کان اهو ساڳيو واعدو ورتو ته اهي الله پاڪ سان ڪنهن به ٻئي هستيءَ کي شريڪ ڪو نه ڪندا. چوري ڪا نه ڪندا، زنا ڪا نه ڪندا، پنهنجي اولاد کي هلاڪ ڪو نه ڪندا. ڪوڙ ڪو نه ڳالهائيندا ۽ عورتن جي باري ۾ بڇڙيون ڳالهيون ڪو نه ڪندا.
پاڻ ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي نبوت جو مقصد تڪميل کي اچي رسڻ وارو ٿيو. اصحابن سڳورن کي صحرائي بدوقبيلن ۾ تبليغ لاءِ موڪليو ويو. کين هدايت ڪئي وئي ته فقط امن امان، نيڪي ۽ ڀلائي لاءِ دين جي اشاعت ڪن، هٿيار فقط بچاء خاطر استعمال ڪن. هوازن، ثقيف ۽ ٻين ڪافي سرڪش قبيلن مسلمانن جي اطاعت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ مسلمانن تي اوچتو حملو ڪرڻ لاءِ وڏي فوجي تياري ڪئي، پر حضور ڪريم صلي الله عليہ و آلہٖ وسلم جن مڪي کان ڏهه ميل پري نين جي ويجهو سندن فوجن کي شڪست فاش ڏني جنهن ڪري اهي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي طائف ۽ وادي اوطاس ۾ هڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃي لڪيون.
اوطاس واري واديء ۾ لڪل هوازن قبيلي جي ماڻهن کي پنهنجي سموري مال متاع عورتن ۽ ٻارن سميت اسلامي فوج فتح ڪري قبضي ۾ آندو. هوازن قبيلي جي مکيه ماڻهن نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم اسان تي رحم ڪري اسان جا ٻار ٻچا موٽائي ڏيو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن پنهنجي رحيم طبيعت موافق فرمايو ته آئون پنهنجو ۽ بنو عبدالمطلب جو حصو يڪدم توهانکي واپس ڪريان ٿو. انهيءَ رحمدليءَ کان متاثر ٿيندي، سموري اسلامي فوج پنهنجو حصو به واپس ڪيو.جنهن جي نتيجي ۾ طبري موجب ڇهه هزار يعني سمورا قيدي آزاد ڪيا ويا. ان نيڪيءَ ۽ مهربانيءَ جو بنو ثـقيف وارن تي اهڙو ته اثر ٿيو، جو اهي سمورا مسلمان ٿي ويا.
مال غنيمت جي ورهاست ۾ هن دفعي جنگ ۾ شريڪ نو مسلم اهل مڪه کي اهل مديني کان وڌيڪ حصو مليو. سا ڳالهه مديني وارن کي ڪا نه وڻي ۽ رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن تي ڏک ڪيائون. تنهن تي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن فرمايو ته ”اي انصار! دنيا جي دولت لاءِ پنهنجي دلين کي پِريشان ڇو ٿا ڪريو ڇا اوهان کي اها ڳالهه نٿي وڻي ته اُٺن ۽ ٻڪرين جي بدران اوهان رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي پاڻ سان گڏي مديني پاڪ روانا ٿيو. قسم آهي انهيءَ الله پاڪ جو جنهن جي وس منهنجي جان آهي ته آئون هميشه انصارن سان گڏ هوندس. اي الله! انصارن ۽ سندن اولاد ۽ انهن جي اولاد ۽ انهن جي اولاد تي رحم ڪر.“ اهي لفظ ٻڌي انصار ايترو ته رُنا جو سندن ڏاڙهيون لُڙڪن سان آليون ٿي ويون ۽ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان معافي ورتائون.
اهڙي ريت مڪي شريف جي آسپاس ۾ بغاوتن کي ڪچلڻ کان پوءِ نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي ساٿين سميت مديني شريف موٽي آيا. هتي پهچڻ کان پوءِ نائين صدي هجريءَ دوران تقريباً سموري عرب مان مختلف قبيلن جا وفد حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خدمت ۾ اچڻ لڳا ۽ اسلام قبول ڪيائون. ڇو ته مڪي شريف وارن جي ترت ايمان آڻڻ تي اهي بيحد متاثر ٿيا هئا. تنهنڪري ان سال کي ”عام الوفود“ سڏڻ لڳا.
انهيءَ سال مديني شريف تي عيسائي بادشاهه طرفان حملي جي ڌمڪي ملي ته حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جنگي تيارين ۾ مشغول ٿي ويا. مسلمانن ۾ موجود منافقن تيارين دوران ڳجهه ڳوهه ۾ ماڻهن کي جنگ ۾ نه شامل ٿيڻ لاءِ برغلايو، پر نيٺ سموري گهربل تياري ڪري اسلامي فوج نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي اڳواڻي ۾ بازنطيني سرحد ڏانهن ڪوچ ڪيو. منزل تي پهچڻ کان اڳي ئي عبدالله بن اُبي جي اڳواڻي ۾ منافقتن جو ٽولو فوج کان لڪي واپس ڀڄي آيو. اسلامي فوج لُڪن ۽ جهولن ۾ ڳهندي وڃي تبوڪ جي ميدان ۾ خيما کوڙيا. اتي حقيقت ظاهر ٿي ته بازنطيني حڪومت طرفان جنگ جي ڌمڪي فقط افواهه هو. تنهنڪري ڏهه ڏينهن آرام ڪرڻ کان پوءِ اسلامي فوج واپس مديني شريف آئي.
حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مديني شريف پهچڻ تي تُرت ئي طائف جي سرڪش ماڻهن جو هڪڙو وفد پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ته جيئن سندن سردار عروه جنهن مسلمان ٿي طائف ۾ پنهنجي قبيلي کي به اسلام قبول ڪرڻ جي وڃي دعوت ڏني. تنهن کي سندن ديويءَ جي وڏي پوڄاري طرفان اُڪسائڻ تي سنگسار ڪري ڇڏيائون. تنهن جي خون جي معافي وٺڻ ۽ اسلام قبول ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪن. جڏهن انهن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جا سمورا شرط قبول ڪيا. تڏهن کين اسلام قبول ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. سندن بُتن کي مسمار ڪرڻ وارو ڪم ابو سفيان کي سونپيو ويو. جنهن اهو ڪم عروه جي عزيز المخيره جي تعاون سان بخوبي پورو ڪيو. انهيءَ کان اڳي طي قبيلي وارن سندن سردار حاتم طائي جي پٽ عِدي جي اسلام قبول ڪرڻ ۽ کين تلقين ڪرڻ تي رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آندو ۽ اسلام قبول ڪيو.انهيءَ وقت مزينه قبيلي جي مشهور ڪافر شاعر ڪعب ابن زُهير پڻ عجيب انداز سان اسلام قبول ڪري هڪڙو عاليشان قصيدو پڙهي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان انعام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
سن نوَ هجريءَ جي ذوالحج جي مهيني ۾ قربانيءَ جي ڏينهن رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هدايت موجب حضرت علي رضي جن هڪڙي وڏي ميڙ ۾ اعلان ڪيو ته هن کان پوءِ ڪنهن به بت پرست کي حج ڪرڻ ۽ ننگو ٿي طواف ڪرڻ جي اجازت ڪا نه هوندي.
سن ڏهه هجريءَ ۾ حضر موت ۽ ڪنده سميت حجاز ۽ يمن جي تقريباً سمورن قبيلن ۽ برادرين جن ۾ يهودي توڙي عيسائي پڻ شامل هئا. اسلام قبول ڪري ورتو ۽ سمورو ملڪ ڪفر ۽ شر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري اسلام جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو. تڏهن پاڻ تي عائد نبوت واري فرض جي تڪميل محسوس ڪندي نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن رب پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ ۽ تسڪين قلب خاطر حج ڪرڻ لاءِ اٽڪل سوا لک رفيقن سان 25 ذوالقعد سن ڏهه هجري ءَ ۾ مڪي شريف روانا ٿيا. تاريخ 8 ذوالحج تي عرفات جبل جي چوٽيءَ تي پنهنجي ڏاچيءَ تي سوار جي حيثيت ۾ سمورن حاجين جي وڏي ميڙ اڳيان يادگار خطبو فرمايو. ان جا چند اقتباس هيٺين ريت آهن.
”اي انسانو! آئون جيڪي به چوان ٿو اهو غور سان ٻڌو، شايد ايندڙ سال ۽ پوءِ ڪڏهن به اوهان سان ملي نه سگهان. اي انسانو! توهان تي هڪٻئي جي جان ۽ مال قيامت تائين حرام يعني قابل احترام آهي. جهڙيءَ طرح اهو هن ڏينهن، هن مهيني ۽ هن شهر ۾ واجب احترام آهي. اوهان کي جلدي الله پاڪ جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي. جتي هو اوهان کان توهان جي عملن جو حساب وٺندو، اي انسانو! اوهان جي عورتن تي. اوهان جا ۽ عورتن جا توهان تي ڪي حق آهن. انهن ساڻ محبت ۽ مهربانيءَ سان پيش اچو، ڇو ته توهان انهن کي الله پاڪ جي ضمانت تي پنهنجون زالون بنايو آهي. ۽ خدا تعاليٰ جي ڪلام موجب پاڻ تي سندن جسم حلال ڪيو. پنهنجي امانتن ۾ ديانتدار ٿيو ۽ گناهه کان بچو، اڄ کان وٺي هر قسم جو وياج ختم ڪجي ٿو. مقروض تي اصل کان وڌيڪ ڪجهه به واجب الادا ڪونهي. جاهليت واري دور جا سمورن خونن جا رهيل بدلا ختم ڪجن ٿا. اوهان جا غلام! جيڪي توهان پاڻ کائو ۽ پهريو سو پنهنجن غلامن کي کارايو ۽ پهرايو. کانئن ڪو معاف نه ڪري سگهڻ وارو ڏوهه ٿي پوي ته کين پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ معاف ڪري ڇڏيو.
اي انسانو! منهنجي ڳالهه هڪ ڪن ٿي ٻڌو، هيءَ ڳالهه سمجهو ته سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن. ڪنهن مسلمان کي موڪل کانسواءِ ٻي مسلمان ڀاءَ جي شئي تي ڪو به حق ڪونهي. بنا اجازت ٻين جي شين جو استعمال هڪٻئي تي ظلم ٿيندو. جيڪي ماڻهو هتي حاضر آهن-سي منهنجون ڳالهيون انهن ماڻهن کي ٻڌائين جيڪي هتي حاضر ڪو نه آهن. شايد اهي هنن ڳالهين کي ٻڌندڙن کان وڌيڪ چڱي نموني ياد رکن“. خطبي جي پڇاڙيءَ ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته ”يا الله مون تنهنجو پيغام ماڻهن تائين پهچائي پنهنجو ڪم پورو ڪيو ته سموري مجموعي يڪ زبان وراڻيو ته هائو! توهان پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو.ان تي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته ”يا خدا تون هن ميڙ جي جواب جو شاهد رهج!“ مذڪوره ڪلمن سان پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم خطبو پورو ڪيو.
حج جون مڙيئي رسمون ادا ڪرڻ بعد نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن مديني شريف موٽي آيا ۽ اسلامي رياست ۾ امن امان انصاف ۽ انتظام جي مکيه ڪم ۾ مشغول ٿي ويا. مختلف صوبن ۾ ناظم مقرر ڪيا ويا، جيڪي انتظام، عدالت ۽ جزيي جي وصوليءَ لاءِ ڪوشان رهيا. انهيءَ کانسواءِ اسلامي تعليمات جي اشاعت به سندن فرائض ۾ شامل هئي. طائف جي هڪڙي يهودڻ طرفان حضور ڪريم جن کي کاڌي ۾ ڏنل زهر جو اثر مذڪور مشغولين دوران اچي ظاهر ٿيو ۽ سندن صحت تيزيءَ سان خراب ٿيڻ لڳي. بيماريءَ جي خبر ٻڌي ڪن منافق قبيلن بغاوت ڪئي ۽ ٽن ماڻهن هر هڪ طليحه بن خويلد، ٻيو حران بن حبيب جنهن کي مسيلم سڏيو ويندو هو ۽ ٽيون الاسود بن ڪعب نبوت جي دعويٰ ڪئي. الاسود سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ، چالاڪ، بازيگر ۽ مداري هو. پنهنجي ڳالهين سان ڪيترن ئي ماڻهن کي برغلائي منظم ڪري ڪجهه شهر به فتح ڪيائين ۽ يمن ۾حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مقرر ڪيل ناظم جنهن جو نالو ”شهر“ هو، کي قتل ڪري سندس زال سان زوريءَ شادي ڪيائين شهر جي بيواهه کيس نشي جي حالت دوران پنهنجي وفادار ماڻهن هٿان مارائي ڇڏيو.
ٻئي طرف حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي صحت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي وئي. تنهن هوندي به وصال کان فقط ٽي ڏينهن اڳ تائين امامت جا فرائض ادا ڪندا رهيا. ان دوران هڪ ڀيري آڌي رات جو جنت البقيع قبرستان ۾ وڃي سمورن شهيدن ۽ مماتيءَ وارن لاءِ زارو قطار روئندي سندن مغفرت لاءِ دعا گهري. علالت دوران پاڻ سڳورا بي بي عائشه جن جي حرم ۾ رهيا. ڪمزور هئڻ جي باوجود نماز جماعت سان اد اڪندا هئا. حضرت علي رضي ۽ حضرت فضل رضي کين سهارو ڏئي مسجد شريف ۾ آخري ڀيرو وٺي آيا. حمد و ثنا بعد پاڻ ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم حاضرين کي خطاب فرمايو ته اي مسلمانو! جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سان بي واجبي ڪئي اٿم ته ان جي بدلي لاءِ آئون هاڻي حاضر آهيان. ميڙ مان هڪڙي شخص اٿي کانئس ٽي درهم گهريا، جيڪي هن نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چوڻ موجب ڪنهن حاجتمند کي ڏنا هئا.
نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن اهي بروقت ادا ڪندي فرمايو ته هن دنيا ۾ شرمسار ٿيڻ آخرت ۾ شرمسار ٿيڻ کان وڌيڪ سٺو آهي. تنهن کان پوءِ پاڻ سڳورن سڀني ماڻهن کي ديني فرائض جي ادائگي ۽ صلح سانت جي هدايت ڪري دعا خير گهرندي القصص سوره جي ٻن آيتن جي تلاوت سان خطاب پورو ڪيو ۽ بي بي عائشه رضه جن جي گهر روانا ٿيا. انهيءَ کانپوءِ مسجد شريف ۾ سندن آمد ڪا نه ٿي سگهي. نفس نفيس نقاهت سبب تحليل ٿي ويو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلہٖ وسلم جو وصال بي بي عائشه رضه جي هنج ۾ 12 ربيع الاول سن يارهن هجري ۾ مطابق 8 جون 632ع سومر جي ڏينهن منجهند جو واقع ٿيو ۽ اهڙي ريت هڪ ڪامل انسان ۽ پيغمبر اعظم جي پاڪ زندگي اول کان آخر تائين الله پاڪ ۽ سندس مخلوق جي هدايت ۽ خدمت ڪندي اختتام پذير ٿي. اهڙي پاڪيزه رفيق، شفيق ۽ مهربان سان گڏ هڪ اَوَلالعَزَم، ڪمال همت پروقار مرتضيٰ، مجتبيٰ ۽ رحمت اللعالمين شخصيت لاءِ هر نيڪ دل ۾ دائمي طور عزت ۽ محبت پيدا ٿيڻ قدرتي اَمُر آهي.
سمورين انساني خوبين گڏجي سندن پاڪيزه شخصيت جي تعمير ڪئي، تنهن تي ڀٽ ڌڻي رحه فرمايو ته:
جکرو جس کرو، ٻيا مڙئي مير،
مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري.
سرور ڪائنات صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي پنهنجي پيغام پهچائڻ کي چوڏهن سو سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر اڄ تائين ماڻهن جي دلين ۾ سندن لاءِ جيڪا عزت، عقيدت ۽ محبت پيدا ٿي ان ۾ لڳاتار اضافو ٿيندو اچي ۽ اهل اسلام جو دنيا ۾ تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو طاغوتي اکين ۾ اڄ اسلام خارِ آزار ٿي پيو آهي.