تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

11 سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا ۾ القاعده جا دهشتگرد حملا

عرب اسلامي دهشتگرد انتها پسند تنظيم، القائده جي اوڻيھن ويڙهاڪن، 11 سيپٽمبر، 2001ع اڱاري جي ڏينهن، صبح سوير، آمريڪا جي هوائي جهازن جي هڪڙي ڪمپنيءَ جا چار مسافر هوائي جهاز، مسافرن سميت اغوا ڪيا ۽ آمريڪا جي شهرن نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ خودڪش حملن ۾ استعمال ڪيا. اغوا ڪيل هوائي جهازن مان ٻه نيويارڪ شهر ۾ موجود ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٻن جاڙين عمارتن سان واري واري سان ٽڪرايا ويا. اغوا ڪيل ٽيون هوائي جهاز آمريڪا جي فوج جي مرڪزي هيڊڪُوارٽر ”پينٽاگان“ جي عمارت سان ٽڪرايو ويو ۽ اغوا ڪيل چوٿون هوائي جهاز، دهشتگردن سان ٿيل مسافرن جي مقابلي سبب، پينسِلوانيا رياست جي هڪ ٻهراڙيءَ واري ٻنيءَ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو. دهشتگرديءَ جي انهن حملن ۾ ٽن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهو مُئا، ورلڊ ٽريڊ سينٽر جون ٻئي فلڪ بوس عمارتون سڙي مڪمل طور تباهه ٿي ويون، واشنگٽن شهر ۾ مرڪزي فوجي دفتر جي عمارتن ۾ به ڀڃ ڊاهه ٿي ۽ ڪافي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. تنهن ڪري ان وقت آمريڪا جي صدر جارج بُش تي آمريڪي عوام طرفان گهڻو سياسي دٻاء پيو، نيويارڪ ۽ واشنگٽن شهرن ۾ ٿيل حملن ۾ مري ويل ماڻهن ۾ چار سئو کان وڌيڪ تعداد ۾ پوليس عملدار ۽ باهه وسائڻ وارا اهلڪار به شامل هئا، جيڪي باهه ۾ وڪوڙيل عمارتن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائي ڪڍڻ وارين ڪوششن دوران اجل جو شڪار ٿيا هئا. يارهين سيپٽمبر 2001ع ۾ اڱاري جي ڏينهن، صبح جو اٺ لڳي پنجيتاليهن منٽن تي آمريڪا جي هوائي جهازن جي ڪمپنيءَ جو هڪڙو مسافرن کڻڻ وارو هوائي جهاز “ ”بوئنگ 767“ جنهن ۾ اٽڪل ويهه هزار گيلن تيل ڀريل هو، نيويارڪ شهر ۾ موجود ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي جاڙين عمارتن مان اُترئين طرف واري عمارت سان ٽڪرايو، جنهن سبب انهيءَ هڪ سئو ڏهن طبقن واري عمارت جي اسي هين طبقي ۾ پيدا ٿيل خول (وڏي خال) ۾ باهه لڳي وئي ۽ سوين ماڻهو مري ويا ۽ مٿئين طبقن ۾ به سوين ماڻهو ڦاسي پيا. نيويارڪ شهر ۽ ملڪ جي اڪثر ٽيلي ويزن چينلن تان انهيءَ عمارت ۾ لڳل باهه، ماڻهن جي مرڻ، ڀڄڻ ۽ بچاءُ وارين ڪارروائين کي سنئون سڌو، مسلسل ڏيکاريو پئي ويو. اُترئين عمارت تي حملي کان پورا ارڙهن منٽ پوءِ، يونائيٽيڊ ايئرلائينس ڪمپنيءَ جي فلائيٽ نمبر 175 وارو ساڳي سائيز يعني”بوئنگ 767“ مسافر هوائي جهاز، آسمان ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي عمارتن جي مٿان اوچتو ظاهر ٿيندي تيزيءَ سان هيٺ ايندي ٽريڊ سينٽر جي ڏکڻ طرف واري جاڙي عمارت سان ان جي سٺهين (60) ماڙ وٽ ٽڪرائجي اندر گهڙي ويو، جنهن ڪري هڪ تمام زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ جهاز ۽ عمارت جو ٻرندڙ مادو، چوڌاريءَ موجود ٻين عمارتن ۽ رستن تي وڃي ڪِريو. تڏهن واضح ٿيو ته آمريڪا تي اهو اوچتو ۽ نهايت ڀيانڪ حملو ٿيو هو. حملھ آور، سعودي عرب ۽ ڪيترن ئي ٻين عرب ملڪن جا دهشتگرد هئا، جن کي سعودي عرب مان ڀڄي ويل ”اُسامھ بن لادِن“ جي قائم ڪيل عالمي دهشتگرد تنطيم ”القائده“ جي مالي ۽ فوجي مدد حاصل هئي. انهن دهشتگردن بابت ڄاڻايو ويو ته انهن آمريڪا طرفان اسرائيل جي حمايت ڪرڻ، ايراني نار ۾ هلندڙ جنگ ۾ شريڪ هئڻ ۽ وِچ اوڀر علائقي ۾ آمريڪا جي فوج جي مسلسل وڌندڙ ۽ مستقل موجودگيءَ جي خلاف احتجاج طور 11 سيپٽمبر تي آمريڪا تي اهي حملا ڪيا ويا هئا. انهن مان ڪي دهشتگرد، هڪ سال کان به وڌيڪ وقت کان آمريڪا ۾ رهيل هئا ۽ آمريڪا جي هوائي جهاز هلائڻ جي سکيا ڏيندڙ ڪمرشل فلائيٽ اسڪولن مان هوائي جهاز هلائڻ جي سکيا به حاصل ڪئي هئي. سندن باقي ٻيا ساٿي دهشتگرد، حملن کان ڪجهه مهينا اڳ آمريڪا آيا هئا ۽ مَٿيَن حملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هئائون. اهي حيرت انگيز طور تي، آمريڪا جي اوڀر طرف واري ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ واري سامونڊي ڪناري تي قائم ٽن اهم هوائي اڏن تان، وِٽن گهربل موجود اوزار ۽ هٿيار لِڪائي کڻي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن چئن مسافرن وارن چئن هوائي جَهازن ۾ چڙهيا، جيڪي ڪيليفورنيا رياست ڏانهن ڊگهو سفر ڪرڻ واسطي تيل جو تمام گهڻو ذخيرو کڻيو پئي ويا. اُڏامڻ کان ترت پوءِ، دهشتگردن جهازن کي اغوا ۽ مٿن مڪمل قبضو ڪري ورتو ۽ انهن جهازن کي گائيڊيڊ ميزائيلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل انهن حملن سبب پيدا ٿيندڙ معروضي صورتحال کي آمريڪا ۾ لکين ماڻهو ٽيلي ويزن ذريعي ڏسي، حيران ۽ پريشان ٿي رهيا هئا. انهي دوران دهشتگردن جي قبضي ۾ ٽيون جهاز، جيڪو آمريڪن ائيرلائينس ڪمپنيءَ جي اُڏام نمبر 77 وارو ”بوئنگ 757“هو، اهو صبح جو نَوَ لڳي پنجيتاليهن منٽن تي، آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن جي مٿان ڦيرو ڏئي آمريڪا جي فوج جي مرڪزي هيڊ ڪوارٽر”پينٽاگان“ وارين عمارتن ڏانهن، هيڊڪوارٽر جي الهندي طرف کان مڙي عمارتن سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ جهاز مان نڪرندڙ تيل، اهڙي ته تباهه ڪُن باهه لڳائي، جو پينٽاگان واري عظيم عمارت جو هڪڙو حصو مڪمل طور سڙي ڍير ٿي ويو، جنهن ڪري انهيءَ ڀاڱي ۾ موجود 125 فوجي اهلڪار ۽ عام شهري، توڙي هوائي جهاز ۾ سوار 64 ڄڻا ئي اجل جو شڪار ٿي ويا. پينٽاگان تي حملي کان پندرهن منٽن کان به ٿوري وقت کان پوءِ نيويارڪ شهر ۾ موجود ورلڊ ٽريڊ سنيٽر وارين حملي جو شڪار عمارتن مان ڏکڻ طرف واري فلڪ بس عمارت، دونهن ۽ رک جي ڍير جي صورت ۾ ڊهي اچي پٽ پئي، تنهن ڀيانڪ صورتحال آمريڪا جي سموري ملڪ ۾ خوف ۽ حِراس پکيڙي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته انهن عمارتن کي عام طور تي لڳندڙ باهه، 200 ميل في ڪلاڪ رفتار وارن طوفانن ۽ برساتن، توڙي وڏي درجي وارن زلزلن اچڻ جي باوجود ڪنهن گهڻي نقصان جو انديشو ڪو نه هو پر ناگهاني طور هوائي جهاز واري تيل ۾ لڳندڙ باهه جي شعلن ۽ پيدا ٿيل بيحد گهڻي گرميءَ، انهيءَ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عظيم عمارت کي ڳاري ۽ ساڙي رک جي وڏي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو! ٿوري دير پوءِ، صبح جو ساڍي ڏهين لڳي، ٽريڊ سينٽر جو ٻيو، اتر طرف وارو ٽاور (عمارت) به مسمار ٿي ويو. انهيءَ هيبتناڪ واقعي ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ آس پاس ۾ موجود اٽڪل ٽي هزار ماڻهو مري ويا. انهن فوتين ۾ 343 باهه وسائڻ وارا ڪارڪن ۽ ترت طبي امداد پهچائڻ وارا اهلڪار، نيويارڪ شهر جا 23 پوليس عملدار ۽ پورٽ اٿارٽي جا 37 پوليس عملدار پڻ شامل هئا ڇو ته اهي سمورا اهلڪار ۽ عملدار بدنصيب عمارتن جي مَٿِيئَن طبقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي زنده بچائي سلامتيءَ سان ٻاهر آڻڻ وارين ڪوششن دوران موت جو شڪار ٿيا هئا! لڳ ڀڳ ڏهه هزار زخمي ماڻهن کي گهربل طبي امداد ڏني وئي. انهن ۾ واضح اڪثريت شديد زخمي ماڻهن جي هئي. انهيءَ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي دوران ئي اوڻهين مان جدا ٿيل چئن دهشتگردن، چوٿون هوائي جهاز، جيڪو نيوجرسي جي نيويارڪ بين الاقوامي هوائي اڏي تان اڏامندڙ، يونائيٽيڊ ايئرلائينس جي فلائيٽ نمبر 93 وارو جيٽ جهاز هو، سندس اُڏام کان تقريباً چاليهه منٽ پوءِ اغوا ڪيو، پر اهو جهاز پنهنجي اُڏام واري مقرر وقت کان ڪجهه دير پوءِ اُڏاڻو هو. تنهن ڪري انهيءَ جهاز م سوار مسافرن کي سندن مائٽن ۽ دوستن جي فونن وسيلي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل حملي ۽ تباهي جي ڄاڻ حاصل هئي، تنهن ڪري جڏهن کين خبر پئي ته سندن جهاز پڻ اغوا ڪارن جي قبضي ۾ هئڻ ڪري، سندس مقرر منزل يعني ڪيليفورنيا ڏانهن نه پيو وڃي، تڏهن مسافرن مان هڪ گروپ اغوا ڪارن تي حملو ڪري، هوائي جهازآزاد ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو. مُسافرن مان هڪ ڄڻي نالي ”ٿامس برنيٽ جونيئر“ فون وسيلي سندس زال کي ٻڌايو ته ”اسين سمورا مسافر اِجهو مرڻ وارا آهيون. اسان مان ٽي ڄڻا اغواڪارن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڀريا آهن. آئون تو سان سچو پيار ڪريان ٿو! ٻئي مسافر نالي ”ٽوڊ بيمر“ پنهنجي ساٿين کان پڇيو ته ساٿي! ڇا توهان اغوا ڪارن سان مقابلي لاءِ تيار آهيو؟ اچو ته انهن ڏانهن ليٽندا ليٽندا هلون. هوائي جهاز جي هِڪڙي ميزبان، نالي ”سينڊي براڊشا“ فون تي سندس مُڙس کي ٻُڌايو ته ”آئون ڪجهه ٿانون ۾ ٽهڪيل پاڻي پئي ڀريان. سڀ مسافر فرسٽ ڪلاس ڏانهن ڊوڙندا وڃن. آئون به اوڏانهن ٿي وڃان! خدا حافظ! مسافرن چئن اغوا ڪارن سان ويڙهه ڪئي. اُنهن باهه وسائڻ جي اوزارن سان ڪاڪ پٽ تي حملو ڪيو هو. تنهن کان پوءِ هوائي جهاز ڪلٽي کائي، زمين ڏانهن مُڙيو. ان وقت جهاز جي رفتار 500 ميل في ڪلاڪ هئي. صبح جو ڏهه لَڳِي ڏهن مِنٽن تي، پينسِلِوانيا رياست جي الهندي ڀاڱي ۾ ٻهراڙيءَ جي هڪ ٻنيءَ ۾ جهاز زمين سان زور سان ٽڪرايو، جنهن ڪري منجهس سوار سمورا 45 ئي ماڻهو مري ويا! انهيءَ هوائي جهاز جي اغوا ڪارن جو ارادو خبر ڪانهي ته ڪهڙي هنڌ حملي ڪرڻ جو هو! پر مُبصرن جو خيال آهي ته ”آمريڪا جي صدر جو دفتر، ”وائيٽ هائوس“ ميري لينڊ ۾ ڪميپ ڊيوڊ نالي صدر جي مهمان سراء يا ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي ساحل تي قائم ڪيترن ئي ايٽمي توانائيءَ جي ڪارخانن مان ڪنهن هڪڙي تي حملو ٿيڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. آمريڪي صدر، جارج ڊبليو بُش، مُلڪ جي مختلف ماڳن جو معائنو ڪندو، شام جو ستين بجي وائيٽ هائوس موٽي آيو ۽ رات جو نوين بجي ٽيلي ويزن ذريعي قوم کي خطاب ڪندي چيو ته دهشتگردي جي اهڙي قسم جي حملن سان اسان جي مُلڪ جي عظيم عمارتن جا بُنياد ته لوڏي سگهجن ٿا، پر اسان جي وطن آمريڪا جي بنياد کي ڇُهي به نٿو سگهجي! هن قسم جي دهشتگردي وارا مڪروه عمل، آمريڪي قوم جي عزم کي گهٽائي نٿا سگهن. هڪ فوجي مُذاڪري دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن پڌرو ڪيو ته حمله آور دهشتگردن ۽ سندن اڳواڻ دهشتگردن ۾ اسين ڪو به فرق ڪونه ڪنداسين. آزاديءَ کي مستحڪم ڪرڻ واسطي، افغانستان ۾ طالبان واري حڪومت ختم ڪرڻ ۽ اُتي اوسامھ بن لادِن جي قائم ڪيل دهشتگرد تنظيم ”القائده“ کي تباهه ڪرڻ لاءِ، آمريڪا جي اڳواڻي ۾ عالمي ڪوششون عملي طور 7 مئي 2001ع ۾ شروع ٿيون ۽ ٻن مهينن جي مختصر مُدت ۾ آمريڪي فوجن طالبان جي حملا ڪرڻ واري دهشتگرد تنظيم ۽ قوت جڏي ڪري وِڌي، پر دهشتگريءَ جي خلاف جنگ جاري رکي ۽ پاڪستان ۾ سندن ٺِڪاڻن ۽ تربيت گاهن کي تباهه ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ سندس اتحادي مُلڪن جي فوجن، افغانستان توڙي پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي اڏن ۽ مرڪزن تي حملا چالو ڪري ڏنا. 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا تي ٿيل حملن جو سرغنه، اُسامھ بن لادن، ڏهن سالن کان به ڊگهو عرصو، آمريڪي ۽ ان جي اتحادي فوجن کان لڪندو ۽ بچندو رهيو، تنهن کي به نيٺ ٻه مئي، 2011ع ۾، پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد ۾ هڪ اڻ لکي گهر تي حملو ڪري، آمريڪا جي سامونڊي فوج جي ڪمانڊو دستن قتل ڪري، مبينا طور لاش سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏيو. ساڳئي سال يعني 2011ع جي جون واري مهيني ۾، آمريڪي صدر، ”بارڪ اوباما“ افغانستان مان آمريڪي فوجون ڪڍي وڃڻ جي شروعات جو اعلان ڪيو ۽ 2014ع جي پڇاڙيءَ تائين پنهنجون سموريون فوجون ڪڍي وڃڻ جي پڻ پڌرائي ڪئي.