تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

ٽائيفون ٽِپ،1979ع وارو سامونڊي طوفان

ٽائفُونِ ٽِپِ يعني 1979ع وارو سامونڊي طوفان فلپائين مُلڪ ۾ سڏجندڙ مڪروه طوفان، سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ سڀني کان وڌيڪ وڏو سامونڊي طوفان ڪري ليکيو وڃي ٿو. اهو سامونڊي طوفان، سن 1979ع ۾ پسفڪ وڏي سمنڊ ۾ طوفانن واري مُند ۾ لڳندڙ هي اُڻيهون طوفان ۽ ٻارهون برساتي طوفان هو. هن طوفان جي چوٽي، فلپائين جي پوهِنپيئي جزيري جي ويجهو برساتي دائري ۾ فزائي خلل پيدا ٿيڻ سبب وڌي ۽ ويجهي. شروعات ۾ ڪوسي ڪمربند ۾ پيدا ٿيل طوفان، اتر اولهه طرف برساتي طوفان جي واڌ ۽ رفتار کي روڪيو، پر جڏهن هي برساتي طوفان 4 آڪٽوبر تي اتر طرف وڌيڪ پکڙيو تڏهن انهيءَ جي چوٽيءَ يا مُهاڙيءَ ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ٿي. گوئام ٻيٽ کان اڳتي وڌڻ کان پوءِ، برساتي طوفان ۾ تيزي آئي ۽ هوا جي رفتار 305 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿي وئي ۽ 12 آڪٽوبر تي سامونڊي سطح تي داٻ 870 ايم بار رڪارڊ ڪيو ويو. پنهنجي انتهائي سگهه ۾ هي سڀني کان وڏو ساموندي برساتي طوفان هو، جيڪو ڌرتيءَ جي ڪوسي ڪمربند ۾ چالو ٿيو، جنهن جو قطر 2220 ڪلوميٽر برابر 1380 ميلن تي پکڙيل هو. مُسلسل اولهه ۽ اتر اولهه طرف وڌندي طوفان جي چوٽي ڪي قدر ڪمزور ٿيڻ لڳي، پر پوءِ اهو اتر اوڀر ڪنڊ ڏانهن مُڙندو 19 آڪٽوبر تي جپان جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ڌرتيءَ تي لهندو ايڪسٽرا ٽراپيڪل سائڪلون جي صورت اختيار ڪري ويو. انهيءَ برساتي سامونڊي طوفان جي چڪاس واسطي آمريڪا جي هوائي فوج جي هڪ هوائي جهاز 60 ڀيرا طوفان واري علائقي ۾ چڪر ڏنا. انهيءَ طوفان جي چوٽيءَ مان وسندڙ برسات سبب، جپان ۾ ڪمبائينڊ آرمس ٽريننگ سينٽر ۾ بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳل باهه ۾ 13 بحري فوج جا خلاصي مري ويا ۽ 68 ڄڻا زخمي ٿيا. جپان ۾ انهيءَ برساتي طوفان خطرناڪ ٻوڏ برپا ڪري وڌي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيا به 42 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، ڪيترائي بحري جهاز ڀڄي پيا ۽ 44 ماڻهو گم ٿي ويا. هن برساتي طوفان جي برپا ٿيڻ ۾ اول برساتي هوائن واري علائقي ۾ مسلسل ٽي هوائي دائرا پيدا ٿيا، جيڪي آڪٽوبر 1979ع ۾ فلپائين کان مارشل جزيرن تائين پکڙجي ويا ۽ 3 آڪٽوبر تي گُئام جزيري جي ڏکڻ اولهه طرف فضائي خلل پيدا ٿيڻ سان، اهو ڪوسي ڪمربند واري راجر نالي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ساڳئي ڏينهن جي پوئين پهر ۾ پوهنپيئي جزيري جي ڏکڻ طرف برساتي طوفان واري صورت اختيار ڪئي. ناموافق فضائي صورتحال جي باوجود، اولهه طرف وڌندي فضائي خلل ۾ واڌارو ٿيندو ويو. راجر نالي طوفان جي تيز لهرن سبب، چُڪ جزيري جي ڏکڻ اوڀر طرف برساتي طوفان ۾ سگهه پيدا ٿي ۽ چڪاس وارين اڏامن کان پوءِ طوفان کان خبردار ڪندڙ مرڪز طوفان جي پيدائش بابت اطلاع ڏنو. چُڪ جزيري جي ويجهو رهندي، فضائي خلل ڪوسي ڪمربند واري طوفان جي صورت اختيار ڪئي. هن طوفان جي چڪاس ڪندڙ هوائي جهاز زمين جي سطح تي پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت آگاهي ڏني. بيقائده وهڪري کان ڪيترائي ڏينهن پوءِ 8 آڪٽوبر تي برساتي طوفان واري چوٽيءَ اتر اولهه طرف تيزيءَ سان وڌڻ شروع ڪيو. انهيءَ وقت ڪوسي ڪمر بند واري طوفان، راجر، ايڪسٽرا ٽراپيڪل طوفان واري صورت اختيار ڪئي ۽ نتيجتاً ڏاکڻي وهڪري سان طوفاني چوٽيءَ ۾ نمودار ٿيو. تڏهن انهيءَ جي اتر اولهه طرف وڌندي گُئام جزيري وٽ زمين تي لهڻ واري اڳڪٿي ڪئي وئي، پر اهو اولهه طرف مُڙندو. 9 آڪٽوبر تي گُئام جزيري کان 45 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف پري ٿي ويو. انهيءَ ڏينهن دير سان چوٽيءَ برساتي طوفان واري صورت اختيار ڪئي ۽ موافق فضائي ڪيفيت سبب پيسفڪ وڏي سمنڊ جي اولهندي ڀاڱي ۾ تيزي پيدا ڪئي. 10 آڪٽوبر جي شام جو طوفان جي رفتار ڪيٽگري نمبر چار کي وڃي رسي ۽ ٻئي ڏينهن برساتي طوفان پنهنجي عروج کي وڃي رسيو. فضائي داٻ 92 ايم بار درجا هيٺ لٿو ۽ 9 ۽ 11 آڪٽوبر دوران هن برساتي طوفان جو قطر 2220 ڪلوميٽرن تي پکڙجي ويو. 12 آڪٽوبر تي انهيءَ علائقي ۾ داٻ 870 ايم بار درجا ڪِري پيو ۽ هوا جي رفتار 305 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کي وڃي پهتي. انهيءَ وقت طوفان جي چوٽي يا مُهاڙي گُئام جزيري کان 840 ڪلوميٽر اولهه اتر اولهه طرف پري موجود هئي. انهيءَ بابت جپان جي موسميات واري اداري اطلاع ڏنو ته طوفان جي رفتار 260 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي. 13 آڪٽوبر تي اڳين کان پوءِ طوفاني چوتي، اوڀر ميريڊيئن جي 135 ڊگري وٽان لانگهائو ٿي وئي ۽ فلپائين جي موسمياتي اداري انهيءَ برساتي طوفان کي ”وارلينگ“ نالو ڏنو ۽ انهيءَ مان پيدا ٿيندڙ اثرات جي خبر ڏني. پنهنجي عروج کي رَسڻ کان پوءِ طوفاني مهاڙيءَ جي رفتار گهٽ ٿي 230 ڪلويمٽر في ڪلاڪ ٿي. پنجن ڏينهن تائين هوائن جو گهيرو 55 ڪلوميٽرن ۽ 1100 ڪلوميٽرن جي وچ ۾ رهيو. 17 آڪٽوبر تي طوفاني مهاڙي پنهنجي حد ۾ گهٽجڻ شروع ٿي. اوڪيناوا وٽان لنگهڻ کان پوءِ ان جي رفتار ۾ وري به 75 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جو اصافو ٿيو. 19 آڪٽوبر تي برساتي طوفان جي چوٽي جپان جي هونشو جزيري ۾ زمين تي لٿي، تڏهن ان جي رفتار 130 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي. 22 آڪٽوبر تي طوفاني مهاڙي اتر اوڀر طرف وڌندي، ڪمزور ٿيندي انٽرنيشنل ڊيٽ لائين وٽان لنگهي وئي. انهيءَ جو مشاهدو الاسڪا وارن جزيرن وٽان ڪيو ويو هو. هن برساتي طوفان گُئام جزيري وٽان لنگهندي سخت برسات وسائي ۽ اينڊرسن ايئرفورس بيس وٽ 23.1 سينتي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. فلپائين واري لِيوُزن جزيري جي جابلو علائقي ۾ برسات البت گهٽ پئي هئي. سخت برسات پوڻ سبب فيوجي ڪيمپ ۾ ٻوڏ کان بچاء واري ديوار ٽٽي پئي، جنهن سبب پاڻي ڪناري تي اڏاوتن ۾ ڪاهي آيو ۽ اتي تيل جي ذخيري مان تيل وهي پکڙجڻ لڳو، تنهن کي باهه لڳي وئي. انهيءَ ڪري 13 بحري خلاصي مري ويا ۽ 68 ڄڻا زخمي ٿيا. ۽ جزوي طرح جائين جڳهين کي پڻ نقصان رسيو. اتي بيرڪن کي نئين سر تعمير ڪيو ويو ۽ اجل جو شڪار ٿيل ماڻهن جي لاءِ هڪ يادگار قائم ڪيو ويو. طوفان جي ابتو ڦرڻ دوران اهو اوڪيناوا جزيري جي اوڀر طرف کان اٽڪل 65 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تان 72 ڪلويمٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان لنگهيو. هن برساتي طوفان جي برپا ٿيڻ سبب جپان جي زرعي شعبي ۽ مهايگيريءَ واري شعبي کي ڪروڙين ڊالرن جو نقصان ٿيو. اٺ بحري جهاز ڀڄي ڀُري غرق ٿي ويا. 44 مهاڻا مري غرق ٿي ويا. چين جو هڪ بحري جهاز به ڀڄي ٻه اڌ ٿي پيو پر انهيءَ ۾ سوار 46 ماڻهن کي بچايو ويو. هن طوفان جي برسات سبب جپان جي جابلو علائقن ۾ ڇهه سؤ کان وڌيڪ ڇپون ڪري پيون، ٻاويهه هزار گهر ٻڏي ويا. جپان ۾ 70 هنڌن وٽان بچاء بند ٽٽي پيا، 27 پليون تباه ٿي ويون. انهن کان سواءِ 105 هنڌن وٽان به بند ٽٽا هئا. 11 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا، سارين توڙي صوفن ۽ ٻين ميون جا باغ به اجڙي ويا. پنج وڏا بحري جهاز گهري سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا ۽ ٽوڪيو شهر ۾ ٻه چارماڙ عمارتون به ڊهي پيون. آمدرفت ۽ سواري يعني ٽرانسپورٽ جو نظام بگڙي ويو. 200 ريل گاڏيون ۽ 160 هوائي اُڏامون منسوخ ٿيون. گذريل تيرهن سالن ۾ هن جهڙيون طوفاني خطرناڪ برساتون ڪو نه پيون هيون. هي برساتي طوفان، ٽائفونِ ٽِپ ڪوسي ڪمر بند ۾ لڳندڙ، سڀني کان وڏو طوفان هو. جنهن جو قطر 2220 ڪلويمٽرن تي مُحيط هو. هن کان اڳ سن 1951ع ۾ برپا ٿيل ٽائفون مرج نالي برساتي طوفان جو قطر 1130 ڪلويمٽر يعني هن طوفان واري قطر کان اڌو اڌ گهٽ هو. هن طوفان جي مرڪز ۾ گرميءَ جو درجو 30 ڊگري سينٽي گريد هو. جپان جي موسمياتي کاتي جي رڪارڊ مطابق ٽائفون ٽِپ نالي برساتي طوفان، رڪارڊ ٿيل ڪوسي ڪمر بند وارن طوفانن ۾ سڀني کان وڏو طوفان هو ۽ سڀني کان وڌيڪ طاقتور طوفان پڻ هو. هن طوفان ۾ داٻ 870 ايم بار ڊگريون گهٽ هو. گهري اڀياس کان پوءِ ٽن مُحققن انڪشاف ڪيو ته هن طوفان کان پوءِ آئل ٻه طوفان: 1. اينجلا، جيڪو 1995ع ۾ برپا ٿيو هو ۽ ٻيو گي برساتي طوفان، جيڪو 1992ع ۾ آيو هو. اهي ٻئي طوفان، ٽائفون ٽِپ طوفان کان وڌيڪ طاقتور هئا. هن کان پوءِ پيدا ٿيل طوفان، ٽائفون هائين جيڪو سن 2013ع ۾ آيو، تنهن دؤران داٻ 858ايم بار ڊگريون گهٽ هو. سن 2015ع ۾ آئيل طوفان، هريڪين پيٽريشيا دؤران داٻ 872 ايم بار ڊگريون گهٽ هو ۽ انهيءَ جي رفتار 345 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي. هن برساتي طوفان واري سگهه ۽ انهيءَ سبب پيدا ٿيل نقصان کان هٽي ڪري، سن 1983ع، 1986ع ۽ 1989ع ۾ برپا ٿيل برساتي طوفانن کي ٽِپ نالو ڏنو ويو.