ڪِيُوبا وارو انقلاب
ڪيوبا جي ڪمانڊنٽ ۽ جاگرافيدان، اينٽونيو نيونيز جمينيز جي بيان موجب، ڪيوبا جي آباديءَ لاءِ بهترين زمين جو 75 سيڪڙو ڌارين ماڻهن ۽ ڌارين ڪمپنين جي ملڪيت هئي. نئين قائم ٿيل انقلابي حڪومت مُلڪ ۾ سماجي، معاشي ۽ ثقافتي سڌارا آڻڻ واسطي جوڙيل پاليسيءَ مطابق سڀ کان پهرين تعليم ۽ زراعت بابت سڌاراآندا. سموري وڏي زمينداري ختم ڪري مُلڪ ۾ گڏيل فارم قائم ڪيا ويا، انهن جو انتظام هاري طبقي تي مشتمل امداد باهمي تنظيم جي حوالي ڪيو ويو. زرعي سڌارن لاءِ نئين پاليسيءَ کي عملي جامون پهرائڻ واسطي سوري مارِن کي مقرر ڪيو ويو، سو هن قسم جي انقلابي سڌارن جي مخالفت ڪندي ملڪ مان فرار ٿي ويو ۽ ٻاهر وڃي هٿيار ۽ بارود گڏ ڪري، فيڊل ڪاسٽرو واري انقلابي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي اِرادي سان هٿيارن ۽ بم بارود سميت لڪ چوري ڪيوبا ۾ موٽي اچي انقلاب دشمن سِٽون سِٽڻ لڳو، پر ترت گرفتار ٿيو ۽ ماريو ويو. اهڙا ڪيترائي غير مارڪسي ۽ باتِستا مخالف سرڪرده ماڻهو انقلابي صفن ۾ لڪل هئا. انهن مان ڪيترن ئي عوام دشمن ماڻهن کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي، ڪن کي موت جي سزا ڏني وئي ۽ ٻٽن ڀائرن، مينيوئل ۽ سِپريانو جهڙن، انقلابي حڪومت جي خلاف هَٿياربندِ حملا ڪَندَڙ ٽولن کي ويڙهه دؤران ملياميٽ ڪيو ويو. اقتدار ۾ اچڻ کان ترت پوءِ فيڊل ڪاسٽرو پنهنجي انقلابي فوج ۾ توسيع آندي ته جيئن اڳوڻن مخالف ٽولن تي ضابطو آڻجي ۽ عوام جي حمايت حاصل ڪجي. انقلاب جي بچاء ۽ حفاظت خاطر انقلاب دوست ماڻهن تي مشتمل خبررسان ڪاميٽيون جوڙيون ويون. انهن پهري سُجاڳ ڪاميٽين کي انقلاب دشمن سرگرمين تي ڪرڙي نظر رکڻ، پنهنجي آسپاس جي رهاڪن جي ڪمن ڪارين، ڌنڌن ڌاڙين، وِندرن، پسند ۽ ناپسند، خصلتن، خوبين ۽ خامين، مطلب ته ماڻهن جي سمورن عملن ۽ آرڪاڻن جو مڪمل ۽ مفصل رڪارڊ تيار ڪري سرڪار کي پيش ڪرڻ واريون تمام وڏيون ذميواريون سونپيون ويون. فيبروري سن 1959ع ۾ ناجائز ۽ غير قانوني طور تي ڦٻايل ملڪيت ۽ جائداد واپس وَٺڻ لاءِ هڪڙي وزارت تشڪيل ڏني وئي. 17 مئي 1959ع ۾ تشڪيل ڪيل زرعي سڌارن واري قانون تحت ڪيوبا جي انقلابي حڪومت اهي ناجائز طرح هٿ ڪيل ۽ ڦٻايل زرعي زمينون ۽ خانگي جائداد ضبط ڪئي. جاگيرن ۽ وڏي زمينداري کي سرڪار رد ڪري ڇڏيو. زمين، واپاري ڪارٽيل ۽ ڪيوبا جي امير طبقي ۽ مٿئين وچئين طبقي جي واپاري مرڪزن تجارتي ادارن، ڪمپنين کي قومي ملڪيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ضبط ڪيل زرعي زمينن ۾ فيڊل ڪاسٽرو جي خاندان جون زمينون پڻ شامل هيون. سن 1960ع جي پڇاڙيءَ ۾ ڪيوبا جي انقلابي سرڪار 25 ارب ڊالرن جي برابر خانگي مليڪت کي قومي ملڪيت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. 6 آگسٽ 1960ع ۾ ڪيوبا جي انقلابي حڪومت، ڌارين ملڪن ۽ خصوصاً آمريڪي مليڪت قومي ملڪيت ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. انقلابي حڪومت سن 1961ع ۾ مذهبي تنظيمن ۽ ادارن جي سموري جائداد قومي مِلڪِيت ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. انهن مذهبي ادارن ۾ وقت جو مکيه مَذهبِي فرقو، رومن ڪيٿولڪ چرچ به شامل هو. ڪيوبا جي نئين انقلابي حڪومت پاڻ ؛کي غير مذهبي حڪومت جتائڻ بعد، بِشپ (يعني عيسائي مذهب جي رومن ڪيٿولڪ فرقي ۾ ڪنهن به غير رومي ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو مذهبي پيشوا) سميت سمورن مُلن کي ڪيوبا جي قوم مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. تعليم جي نظام ۾ پڻ خاطرخواهه تبيلي آڻيندي، سمورن خانگي تعليمي ادارن تي بندش وجهي ڇڏي ۽ ڪيوبا جي سمورن ٻارن جي تعليم جي ذميواري کڻندي سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن کي سڌاريو ۽ تعليم جو معيار وڌائڻ لاءِ گهربل سڀئي اپاء ورتا. جولاءِ 1961ع ۾ فيدل ڪاسٽرو جي زير قيادت 26 جولاءِ واري تحريڪ، بِلاس روڪا جي اڳواڻيءَ هيٺ، پيپلس سوشلسٽ پارٽي ۽ فائوري چومون جي رهبريءَ هيٺ 13 واري تحريڪ رِووليوُشنري ڊائريڪٽوريٽ، ٽنهي انقلابي پارٽين پاڻ ۾ ملي هڪڙي پارٽي تشڪيل ڪئي تنهن جو نالو ”انٽيگريٽيڊ رِووليوشنري آرگنائيزيشن“ ”آءِ آءِ او“ رکيو ويو. آر آر او، 26 مارچ 1962ع ۾ يونائيڊ پارٽي آف ڪيوبن سوشلسٽ رووليوشن سڏجڻ لڳي ۽ ساڳي يونائيٽيڊ پارٽي 3 آڪٽوبر 1965ع ۾ پاڻ تي ”ڪميونسٽ پارٽي آف ڪيوبا“ نالو رکيو ۽ فيڊل ڪاسٽرو ان جو فرسٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ڪاسٽرو پهرين وزير اعظم طور ۽ 1976ع کان فيبروري 2008ع تائين ڪيوبا جو حڪمران ٿي رهيو. پوءِ پاڻ سندس صدارتي عهدي تان خوشيءَ سان دستبردار ٿيو ۽ ساڳئي مهيني ۾ سندس ڀاءُ رائول ڪاسٽرو ڪيوبا جو صدر مقرر ڪيو ويو. ڪيوبا وارو انقلاب، ڪيوبا ۽ امريڪا جي وچ ۾ سمورن سياسي، معاشي ۽ معاشرتي لاڳاپن جي نسبت سان فيصله ڪُن موڙ ثابت ٿيو. شروعاتي دؤر ۾ آمريڪي حڪومت ڪاسٽرو جي قيادت ۾ ڪيوبا جي نئين انقلابي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي خواهان هئي، پر ترت ئي کيس لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ ڪميونسٽن جون انقلابي سرگرميون وڌڻ ۽ پکڙجڻ واري خدشي کان سراپجي وئي ۽ انقلابي سرڪار کي تسليم نه ڪيو. فيڊل ڪاسٽرو، انقلابي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا طرفان باتِستا حڪومت کي فوجي مدد ڏيڻ سبب، آمريڪا تي سخت تنقيد ڪندو رهيو ۽ سندس انقلابي حڪومت جڏهن ڪيوبا ۾ آمريڪا جي ڪمپنين کي قومي ملڪيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته انهيءَ جي رد عمل طور آمريڪا جي آئزن هاور سرڪار، آمريڪا ۾ ڪيوبا جا سمورا اساسا منجمد ڪري، ڪيوبا سان تجارتي لاڳاپا توڙي هر قسم جا سفارتي ناتا ختم ڪري ڇڏيا ۽ پنهنجي اتحادين تي به ڪيوبا سان تعلقات ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. سن 1961ع ۾ فيڊل ڪاسٽرو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي مقصد لاءِ انقلاب دشمن هٿياربند ٽولي جي آمريڪا ڀرپور مدد ڪئي، پر بي آف ڀنگس نالي اپسمنڊ وٽ انقلاب دشمن آمريڪا جي حمايت يافته حملو ڪندڙ ٽولي کي ڪيوبا جي انقلابي فوج ترت ئي سخت شڪست ڏني. ڪيوبا جي خلاف آمريڪا طرفان لڳل بندش، آمريڪا طرفان ڪنهن هڪ ملڪ جي خلاف لڳل بندش، امريڪا جي تاريخ ۾ طويل ترين بندش آهي جيڪا جزوي طور اڃا تائين يعني 2016ع ۾ به برقرار آهي. آمريڪا ڪيوبا سان پنهنجا لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ 2010ع ۾ ڪوشش چالو ڪئي ۽ سن 2015ع ۾ يعني اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصي کان پوءِ رسمي طور پنهنجو سفارتخانو وري کوليو. فيدل ڪاسٽرو جي انقلابي فتح ۽ انهيءَ کان پوءِ اختيار ڪيل پرڏيهي پاليسيءَ جو رد عمل عالمي سطح تي مرتب ٿيو. روس ۾ برپا ٿيل 1917ع واري سماجوادي انقلاب جي استحڪام ۽ اوڀر يورپ ۾ توسيع کان متاثر ٿيندي فيڊل ڪاسٽرو سندس انقلاب کي به ٻين ملڪن ۾ انقلاب کي ڪامياب ڪرڻ خاطر ڪتب آڻڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ ڪيريبئن ۽ انهيءَ کان به اڳتي الجزائر جي انقلابي تحريڪ کي 1960ع ۾ هٿيارن جي مدد ڪئي، تنهن کان سواءِ انگولا، يمن، نڪارا گُئا، گهانا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ هلندڙ آزادي ۽ انقلاب لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن جي هر قسم جي مدد ڪئي.