تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

شهادت ذوالفقار علي ڀٽو

آئون اڃا تيرهن سالن جو هوس تڏهن صدر ايوب اسان جي ڳوٺ ٻني کان ٽي ميل پري ٻگهي ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ آيو هو، تڏهن آئون پنهنجي والد ارباب نور محمد پليجي سان گڏجي اتي ويو هوس. اهو شڪار جنرل ايوب کي ٺٽي ضلعي جي هڪ نهايت معزز شخصيت محترم محمد يوسف چانڊئي ڪرايو هو. جيڪو بابا سائينءَ جو نهايت عزيز دوست هو. جيتوڻيڪ بابا سڄي زندگي ترقي پسند سياست ڪئي ۽ چانڊيو صاحب حاڪمن کي هميشه ويجهو رهيو، پر ٻئي ڄڻا سڄي زندگي هڪ ٻئي جا ساٿاري ۽ دوست رهيا. وٽس جڏهن به ڪي ملڪي يا غير ملڪي سربراهه شڪار تي ايندا هئا، ته پاڻ بابا سائينءَ کي ضرور دعوت ڏيندو هو. آئون ان زماني ۾ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس، پر جڏهن ڳوٺ ايندو هوس ته بابا سائين مون کي اهڙين دعوتن تي وٺي ويندو هو. هيءَ به هڪ اهڙي دعوت هئي، جنهن ۾ شڪار کان پوءِ، مانيءَ جي ميز تي مون پهريون دفعو پاڪستان جي ان وقت جي سڀ کان ننڍي عمر واري وزير، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏٺو، جيڪو پنهنجي شخصي اسٽائيل ۽ نرالي ڊزائين جي لباس جي ڪري هڪ شهزادو ٿي لڳو! سندس شخصيت، اُتي موجود سڀني ماڻهن کان مختلف، نرالي ۽ پروقار ٿي محسوس ٿي. ٻيو دفعو مون کيس حيدرآباد ۾ مارڪيٽ ٽاور واري ماڳ وٽ، ڪنهن بئنڪ جو افتتاح ڪندي ڏٺو، جتي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به موجود هو، جيڪو پڻ هڪ سَحَرِ انگيز شخصيت جو مالڪ هو. ڀُٽي صاحب کي فل سوٽ پهريل هو ۽ سندس ڳالهائڻ بلڪل ٺيٺ اُترادي سنڌي لهجي ۾ هو. ٽيو دفعو مون ڀٽي صاحب کي اسان واري مسلم ڪاليج جي نئين بلڊنگ جي افتتاح ڪرڻ وقت ڏٺو، تڏهن به فل سوٽ پهريل هوس ۽ سندس شرٽ جو آخري ٻيڙو کليل هو، جنهن ڪري سندس نيڪ ٽائي هيٺ ٿي لڳي پوءِ مون کي خبر پئي ته اها سندس عادت هئي. اسان جي ڪاليج جي پرنسيپال، سائين نظاماڻي صاحب، انگريزيءَ ۾ سپاسنامو پڙهيو ۽ ڀٽي صاحب به انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي. انهيءَ دور ۾ پاڻ صرف انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندو هو ۽ تمام گهڻو پوءِ پاڻ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ تقرير ڪرڻ شروع ڪيائين. پاڻ سنڌي تمام صحيح ۽ سٺي ڳالهائيندو هو، شايد ان جو سبب، گهر ۾ سنڌي ڳالهائڻ هجي، برصغير ۾ ڀُٽي خاندان ۽ نهرو خاندان پنهنجي حيثيت مڃرائي، دنيا جي اڳيان ثابت ڪيو آهي ته سندن هٿ عوام جي نبض تي آهن ۽ عوام جي واضح اڪثريت ساڻن گڏ آهي. پاڪستان ۾ واحد ڀٽو ئي ليڊر آهي، جنهن تي ملڪي ۽ غير ملڪي صحافين، ليکڪن ۽ سياستدانن گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي. غير ملڪي ليکڪن ۾ ڀٽي تي لکندڙن ۾ ٻين سان گڏ اٽالين صحافڻ اوريانا فلاسي به آهي، جنهن هڪ هنڌ لکيو آهي ته مون آمريڪا جي وزير خارجه ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کان انٽرويو ورتو، ته پاڻ مون کان هڪ سوال ڪيائين، ته تو سڄي دنيا جي مک ماڻهن کان انٽرويو ورتا آهن، انهن سڀني ليڊرن مان، توکي وڌيڪ ذهين ڪير لڳو؟ ته مون چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن تي ڊاڪٽر ڪسنجر چيو ته واقعي ڀٽو دنيا جو ذهين ترين ليڊر آهي. چون ٿا ته ڀٽو جڏهن وزير خارجه هو، تڏهن آمريڪا جي دوري دوران تنهن وقت جي آمريڪي صدر جان ڪينيڊي کانئس متاثر ٿي کيس چيو ته تون جيڪڏهن آمريڪي شهري هجين ها ته آئون توکي پنهنجو وزير خارجه ڪريان ها! جنهن تي ڀٽي کيس پر اعتماد انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن آئون آمريڪا جو شهري هجان ها، ته اڄ آمريڪا جو صدر تون نه پر آئون هجان ها ۽ توکي وزير خارجه طور کڻان ها! ڀٽي جي جواب تي ڪينيڊي ڏاڍو کليو. اسان جي ڪاليج جي افتتاح کان پوءِ، ڀٽي صاحب لاءِ چانهه پارٽيءَ جو بندوبست ڪيل هو، اتي پاڻ اڌ ڪلاڪ کن شاگردن سان ڳالهايو ۽ انهن کي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو هڪ واقعو ٻُڌايائين ته هتي ڇوڪرا فرسٽ ڪلاس ۽ سُٺن گريڊن لاءِ گهڻو ٿا سوچين، پر انگلينڊ ۾ ائين ڪونهي. پاڻ ٻُڌائين ته هڪ شاگرد استاد وٽ ويو ۽ چيو ته مون کي اي گريڊ ملڻ کپندو هو پر نه مليو آهي، جنهن تي پروفيسر سواءِ ڪنهن بحث جي کيس گريڊ وڌائي ڏنو. ٻيو اسان کي چيائين ته پاڻ وٽ امتحان ٻه ٽي دفعا ملتوي ٿيندا آهن، جنهن ڪري سڄو تدريسي عمل پٺيان پئجي وڃي ٿو، جڏهن ته انگلينڊ ۾ ڪيترن سالن کان هڪ ئي تاريخ تي امتحان ٿيندا آهن ۽ اڄ به انهيءَ تاريخ تي ٿين ٿا. ان وقت ڀٽو دنيا جو هڪ مڃيل رهنما ڪو نه هو، پر هڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي ڪابينه جو رُڪن هو، پر پوءِ به سندس سوچ ترقي پسند هئي. سندس شخصيت پُرڪشش ۽ ڳالهائڻ جو انداز متاثر ڪن هو. جهڙوهو سهڻو، تهڙائي سٺا کيس ڪپڙا پاتل هئا. پاڻ اسان سان ڪجهه منٽ گذاريائين، پر سڀني شاگردن تي هڪ سٺو تاثر ڇڏي ويو.وري آئون کيس سندس وزارت دوران محمد يوسف چانڊئي جي بنگلي تي لاڏين ۾ مليس جتي پاڻ شايد شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلويءَ سان گڏ شڪار تي آيل هو. پوءِ جيسين وزارت تان نه لٿو تيسين ساڻس ڪٿي ملڻ ياد ڪو نه ٿو اچي. پاڻ جنرل ايوب جي حڪومت ۾ رهندي به پنهنجي نرالي سوچ ۽ دور انديشيءَ جي ڪري پاڪستان کي روس ۽ چين جي گهڻو ويجهو آندو، جنهن جي نتيجي ۾ چين سان ڪيترائي تجارتي معاهدا ڪرايا ۽ روس سان پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا ۽ اسٽيل مل ٺاهڻ جو واپاري ٺاهه ڪرايو. سن 1965ع ۾ جڏهن پاڪ هند جنگ لڳي ته ان وقت پاڪستان ۾ آمريڪا جو فوجي اڏو پشاور ويجهو بُڊابير ۾ هو ۽ آمريڪا جو پاڪستان ۾ گهڻو اثر به هو، پر تنهن هوندي به پاڪستان پنهنجي خارجه پاليسيءَ جي ڪري (جنهن جو وزير ڀٽو هو) هندستان سان جنگ بنديءَ جو ٺاهه سويت يونين جي تاشقند شهر ۾ ڪيو. قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب ”شهاب نامه“ ۾ لکيو آهي ته تاشقند ۾ سربراهي اجلاس هلندي جنرل ايوب ۽ ڀٽي ۾ تلخ ڪلامي ٿي ۽ اهو ئي سبب هو جو تاشقند اعلان کان پوءِ ڀٽو ۽ ايوب گڏ هلي نه سگهيا ۽ ڀٽي جلدي پوءِ ايوب جي ڪابينه تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ ايوب جي خلاف ايتري ته ڀرپور تحريڪ هلائي، جو مجبوراً ايوب کي اقتدار ڇڏڻو پيو. ان دور ۾ ”ايوب ڪتا هاءِ هاءِ“ جو نعرو ايترو ته هليو جو رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل جهانداد خان پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته عمر جي آخري حصي ۾ ايوب خان راولپنڊيءَ ۾ شاگردن کي ڏسي خود به خود ”ايوب ڪتا هاءِ هاءِ“ جانعرا هڻندو هو. پاڪستان ۾ اڃا تائين ايتري وڏي تحريڪ نه هلي آهي، جيڪا ايوب کي هٽائڻ لاءِ هلائي وئي. ڀٽي صاحب استعيفا ڏئي جڏهن ايوب خان خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ته ان وقت اسان يعني نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارن، جنهن جو صدر يوسف لغاري، نائب صدر آئون ۽ جنرل سيڪريٽري ڄام ساقي هو، تن ڪراچي ۾ سندس 70 ڪلفٽن بنگلي ۾ ساڻس ملي، کيس حيدرآباد ۾ شاگردن کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني، جيڪا پاڻ قبول ڪيائين. اهو سن 1966ع هو ۽ منهنجي عمر ايڪيهه سال هئي،پر 70 ڪلفٽن ڏسڻ جو پهريون موقعو هو، جتي پاڻ اسان کي پنهنجي لائبرري ڏيکاريائين، جيڪا شايد منهنجي موجوده لائبرريءَ جيتري هئي. پاڻ مقرر تاريخ تي حيدرآباد آيوته ريلوي اسٽيشن تي اسان سندس شاندار استقبال ڪيو.اسانجو جلسو شام جو جامع عربيه ڪاليج جي پٺيان، جتي هينئر نذرت ڪاليج جي بلڊنگ آهي، اتي تنهن وقت وڏو ميدان هو، اتي هو. پاڻ اتي شاگردن کي انگريزيءَ ۾ خطاب ڪيائين ۽ گهڻو ڪري پاڪستان جي خارجه پاليسيءَ تي ڳالهايو.ان دوري دوران انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرس وارن کيس انڊس هوٽل ۾ آجياڻو ڏنو.ان تحريڪ دوران مير رسول بخش ٽالپر ۽ حيدرآباد جي ٻين ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سندس دعوتون ڪيون. هڪ دفعي پاڻ مير رسول بخش جي بنگلي تي رهيل هو ته آئون، ڄام ساقي ۽ ڪجهه ٻيا دوست ساڻس اتي ملڻ وياسين. ايترا دفعا ،مِلڻ ڪري مونکي چڱيءَ طرح سڃاتائين ٿي ۽ مون کي هيتري ننڍي عمر ۾ ايترو سرگرم هجڻ جي خوشي ٿي پر بابا سائين جو سائين جي ايم سيد سان گهڻو واسطو هو،سو جيئن جيئن سياسي عمل وڌندو ويو تيئن تيئن اسان پيپلز پارٽي کان پري ۽ متحده محاذ کي ويجها ٿيندا وياسين، پر ڀٽي جي جلسن ۾ وڃڻ ۽ کيس ٻُڌڻ جو سلسلو جاري رهيو. شهيد ڀٽي جي انهيءَ سياسي طوفان ۾ ايوب خان استعيفا ڏئي، اقتدار وري به ٻئي فوجيءَ جي حوالي ڪري، ملڪ۾ ٻئي مارشل لا لڳرائي ملڪ کي هڪڙي نئين بحران ۾ وجهي هليو ويو. نئين فوجي صدر يحيٰ خان ايوب خان کي اسلام آباد ۾ رهڻ ڪو نه ڏنو ۽ کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ نظربند ڪري رکيو. يحيٰ خان پاڪستان جي تاريخ ۾ واحد غير جانبدار اليڪشن ڪرائي ۽ ون يونٽ کي ختم ڪيو، پر مستقل اقتدار جي حاصلات لاءِ ملڪ کي ٻه ٽُڪرا ڪري ڇڏيو. پر حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نه هجڻ ڪري استعيفا ڏئي ملڪ جي اقتدار جون واڳون ان وقت جي قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جي اڳواڻ ڀٽي صاحب جي حوالي ڪري پاڻ وڃي نظر بند ٿيو. ان وقت خزاني جي حالت بابت KTN کي پنهنجي ڏنل انٽرويو ۾ عبدالحفيظ پيرزادي ٻڌايو ته جڏهن اقتدار ڀٽي جي حوالي ڪيو ويو تڏهن ملڪي خزاني ۾ فقط هڪ ڪروڙ ڊالر موجود هئا، ان سان حڪومت جوڪار وهنوار ڪيئن هلائجي، پوءِ ڀٽي صاحب مونکي (عبدالحفيظ پيرزادي کي) ۽ غلام مصطفي جتوئيءَ کي ڪرنل قذافي، شهنشاهه ايران، شاهه فيصل ۽ شيخ زيد ڏانهن موڪليو ته اسان جي مدد ڪريو. انهن ان وقت جي حڪومت جي خاطر خواهه مدد ڪئي ۽ ملڪ جو گاڏو هلڻ لائق ٿيو. شهيد زوالفقار علي ڀٽي صدارت جو حلف کڻڻ جي ڪجهه ئي عرصي ۾ بين الاقوامي سامراجي ادارن کان عليحدگي اختيار ڪئي، جنهن ۾ دولت مشترڪه، سيٽو ۽ سينٽو جهڙا بدنام ادارا شامل هئا. هن پاڻ ڪيترن ئي ملڪن جو دورو ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي هندستان کان جنگ هارايل ملڪ، هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ ٿي پيو. اُهو ئي سبب هو جو پاڻ جڏهن هندستان سان ڳالهيون ڪرڻ وڃي رهيو هو، تڏهن سڄي قومي اسيمبليءَ کيس اعتماد جو ووٽ ڏنو. تنهن بنياد تي پاڻ وڏي اعتماد سان هندستان سان شملا ٺاهه ڪري، پاڪستان جا علائقا ۽ جنگي قيدي بنا ڪيس هلڻ جي ۽ بنا ڪجهه وڃائڻ جي واپس ورتا، مون کي هندستان جي ٽوئر دوران هڪ ٽوئر گائيڊ ٻڌايو ته جڏهن شملا ۾ ڳالهيون هلي رهيون هيون، انهن ڳالهين مان اهو تاثر مِلڻ لڳو ته شايد ڳالهيون ناڪام ٿي وڃن، تڏهن پاڻ اندراگانڌيءَ کي فون ڪري چيائين ته تون اجتنا ۽ الورا جي ثقافت جي وارث آهين ۽ آئون موهن جي دڙي جي تهذيب جو وارث آهيان ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون يا اسان ڪنهن چڱي نتيجي تي نه پهتاسين ته اسان جا ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. ڀارت جا سياسي تجزيه نگار اڄ به جڏهن TV تي ان ٺاهه جو ذڪر ڪندا آهن ته اهو چوندا آهن ته ڀٽو اندراگانڌي کان هر ڳالهه بنا ڪجهه ڏيڻ جي مڃرائي ويو، جيتوڻيڪ حالات اهڙا هئا جو اندرا گانڌي پنهنجي هر ڳالهه مڃرائي پوءِ ڀٽي جون ڳالهيون مڃي ها. پر حقيقت اها آهي ته عظيم تهذيبن جا وارث وڏا ۽ ڏکيا فيصلا ڪندا آهن. ڀٽي حڪومت جون واڳون وٺڻ شرط بينڪون، انشورنس ڪمپنيون ۽ وڏا ادارا سرمائيدارن کان ڦري حڪومت جي حوالي ڪيون ۽ اهڙو ئي قدم جڏهن چين ۾ کنيو ويو ته ان سان غربت جي چيلهه چٻي ٿي وئي، پر اسان وٽ هميشه غريبن جي چيلهه چٻي ڪرڻ جو رواج آهي. سو ان کان پوءِ وارين حڪومتن ان کي هڪ انتهائي غلط قدم قرار ڏنو ۽ سواءِ نواز شريف جي اتفاق فائونڊريءَ جي ٻيون سڀ صنعتون ۽ ادارا اصل مالڪن کي نه پر ٻين نون ماڻهن کي وڪرو ڪيا ويا، ته جيئن ڪجهه پيسا حڪومت سان گڏ حڪومتي ڪارندا به ڪمائي سگهن. نجڪاريءَ جي نالي ۾ اهو ڪم اڄ به جاري آهي. جيڪڏهن ڀٽي صاحب جو اهو قدم ايترو ئي غلط هو ته اهڙي قدم سان چين ترقي ڇو ڪئي ۽ صفا جيڪڏهن نه ته به اهي ڪارخانا سندن اصل مالڪن کي واپس ٿيڻ کپن ها، نه ڪي ڪنهن ٻئي کي. جنرل ايوب جيڪو لينڊ رفارمس جوپروگرام شروع ڪيو هو، تنهن ۾ عام خلق کي ڪو به فائدو ڪو نه ٿيو پوءِ شهيد ڀٽي پنهنجي اقتدار جي دور م اثرائتي نموني سان لينڊ رفارمس آندا، جنهن سان غريب مارو ماڻهن ۽ مسڪين، بي زمين هارين کي وڏو فائدو ٿيو. جنهن ۾ پري ايمپشن لا Preamption law خاص طرح قابل ذڪر هو. جنرل ضياء الحق پنهنجي اقتدار دوران انکي ختم ڪري ڇڏيو. ان قانون کي ختم ڪرڻ واري آرڊر ۾ اهو ڄاڻايو ته اهو قانون اسلام جي روح جي منافي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ پاڪستان ۾ سڀني اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس لاهور ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سڄي اسلامي دنيا جا سربراهه گڏ ٿيا ۽ سڀني متفقه طور تي ڀٽي صاحب کي OIC جو سربراهه چونڊيو. اهو ئي وقت هو، جڏهن وڏي عرصي کان پوءِ سڄي اسلامي دنيا گڏ ٿي ۽ هڪ آواز ٿي ۽ اهڙو وقت به آيو جڏهن سڀني عرب ملڪن آمريڪا کي تيل ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ جيسين قيمتون تقريباً ٻيڻيون نه ٿيون، تيسين تيل جي ترسيل بند رکي. ڀٽي شهيد پنهنجي ذاتي اثر رسوخ ۽ حڪمت عملي سان فرانس کان ٻه ايٽمي رِيئيڪِٽَرَ ٺهرائي وٺڻ جو فرانس سان سودو ڪيو، جنهن مان هڪ ريئيڪٽر ته سندس حڪومت دوران ئي پاڪستان کي ملي ويو، پر ٻيو ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ جي ڪري فرينچ حڪومت اهو سودو ئي ختم ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي ايٽمي فيلڊ ۾ ايتري ترقيءَ کي ڏسندي، آمريڪا ڊاڪٽر ڪسنجر کي پاڪستان موڪليو ته ڀٽي کي سمجهائي ته پنهنجي ايٽمي پروگرام تان هٿ کڻي نه ته اسان سندس برو حشر ڪنداسين، پر پاڻ ايٽمي پروگرام جاري رکڻ جي ڳالهه ڪيائين ۽ ان کي ختم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. نيٺ آمريڪا پنهنجي ڏوڪڙن سان اهڙا حالات پيدا ڪيا، جوملڪ ۾ افراتفري پيدا ٿي، تنهن بابت ڀٽي پاڻ اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته هيءَ ڪا ديسي سازش ڪانهي، پر هيءَ هڪڙي بين الاقوامي سازش آهي. منهنجي ۽ منهنجي حڪومت جي خلاف. اليڪشن ۾ ڌانڌليءَ جو بهانو بنائي، کانئس حڪومت کسي جنرل ضياء الحق جي حوالي ڪئي وئي، جنهن اسلام جي آڙ ۾ مارشل لا دوران کيس شهيد ڪيو.ان ڪيس جي هڪڙي جج، جسٽس صفدر شاهه BBC کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اهو قتل جو مقدمو نه پر مقدمي جو قتل آهي. PPC جي سڄي تاريخ ۾ صرف اهو هڪڙو ڪيس آهي جنهن ۾ ججن جي ايتري مختلف راءِ هجڻ باوجود، چيف جسٽس پنهنجي راءِ ڏئي ڀٽي کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو. FIR ۾ ڄاڻايل آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي سندس سياسي مخالف احمد رضا قصوريءَ خلاف هڪ سازش ڪري کيس مارائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گولي ان کي لڳڻ بدران ان جي پيءَ کي لڳي، جنهن جي خلاف ڪا سازش ئي ڪا نه هئي ۽ جنهن جي خلاف سازش ٿي اهو ته اڄ به جيئرو آهي ۽ جنهن بَقَول FIR سازش ڪئي ان کي ڦاسي ڏني وئي. مسئلو هو آمريڪا جي حڪم جي تعميل جو ۽ آڻ مڃائڻ جو، پر ڀٽي شهادت قبول ڪئي ۽ آڻ ڪا نه مڃي! بقول شيخ اياز.
آڻ مڃين ها عيش ڪرين ها، هينئن جوانيءَ ۾ نه مرين ها،
جواب:
تون ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان، ويس بدل سان ورڻو آهيان،
تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان، جاري آهي جاري رهندي.
۽ واقعي ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کي سال ٿيا آهن، پر جيئي ڀٽو جو نعرو اڄ به سڄي پاڪستان ۾ ائين گونجي ٿو، جيئن سندس حياتيءَ ۾ گونجندو هو. پاڻ ويس بدلائي ٻئي روپ ۾ به انهن طاقتن سان وڙهي رهيو آهي، جيڪي هن ملڪ تي حڪومت جو اڪيلو حق سمجهن ٿيون. جنهن نسل نه ڀٽي کي ڏٺو آهي ۽ نه ان کي ٻڌو، اهو نسل به اڄ جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي ٿو، ان جو ڪو ٻيو سبب ڪونهي، سواءِ ان جي ته نئون نسل به ان حقيقت کان واقف آهي ته عام غريب ماڻهوءَ جي زبان ذوالفقار علي ڀٽي جي وات ۾ هئي.
پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي بيان جي آخر ۾ چيو هئائين ته: اب آپ مجهي بڙي شوق سي پهانسي پر چڙها سڪتي هين! ۽ جنهن تي فيض چيو ته:
لائو تو قتل نامه ميرا مين بهي ديکهون،
ڪس ڪس ڪي مهر هي سر منظر لگي هوئي!
دنيا جي تاريخ ۾ اهڙين قربانين جا گهٽ مثال ملن ٿا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿئي ۽ سندس ٻه پُٽ پنهنجي جوانيءَ ۾ شهيد ٿين.
پهول مُرجها گئي هين ساري، تهمتي نهين آنسو آسمانون ڪي.
۽ نياڻيون جلاوطن هجن، صرف ان ڏوهه ۾ ته خدارا عوام ۽ عوام جي سچن پچن نمائندن کي اقتدار ڏنو وڃي. الله تعالي ڪري ته ڀٽي خاندان جي شهيدن سميت سڀني شهيدن جون قربانيون رنگ لائين ۽ خلق خدا جو راڄ اچي.