محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
انڊونيشيا جي انقلابي اڳواڻن، سوئڪارنو ۽ هتا، آزاديءَ جي اعلان ۾ هيٺيان مختصر لفظ نشر ڪرايا. ”اسين انڊونيشيا جا عوام، پنهنجي وطن انڊونيشيا جي آزاديءَ جو اعلان ڪريون ٿا. اقتدار جي مُنتقليءَ متعلق ۽ حڪومت جي ٻين مڙني معاملن کي خبرداريءَ ۽ سُچيتائي سان سنڀالي ترت ضابطي هيٺ آندو ويندو. جڪارتا 17 آگسٽ 1945ع انڊونيشيا جي عوام جي نالي ۾“ انهي اعلان واري ڪاغذ تي سوئڪارنو ۽ هَتا جا دست خط ٿيل هئا. آزاديءَ جي اعلان جي خبر ٻين به ڏوراهن جزيرن تائين پکڙي وئي، پر گهڻن ماڻهن کي انهيءَ اعلان تي يقين ڪو نه ٿيو. جيئن ئي آزاديءَ جي اعلان واري خبر پکڙي، ته انڊونيشيا جا تام گهڻا ماڻهو پاڻ کي سوئڪارنو ۽ هتا جي انقلابي پارٽيءَ سان وابستا سمجهڻ لڳا ۽ آزادي واري انقلاب جي لهر سڄي ملڪ ۾ مقبول ٿي. ملڪ تي سامراجي قبضو، نيدرلينڊس جي ڊچ قوم کان مُنتقل ٿي هاڻي ٻي عالمي جنگ ۾ فتح حاصل ڪندڙ اتحادي ملڪن جي فوجن هٿ ڪرڻ شروع ڪيو ڇو ته ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ نيدرلينڊ ايترو ڪمزور ٿي چڪو هو، جو انڊونيشيا ۾ پنهنجو تسلط برقرار رکڻ جي قابل نه رهيو. ٻي عالمي لڙائيءَ جي شروعات ۾ نيدرلينڊس کي بي دخل ڪري انڊونيشيا تي جپان قبضو ڄمايو هو، پر ٻي عالمي لڙائي ۾ هارائڻ سبب کٽندڙ ڌُرِ، اتحادي ملڪن جي مقرر شرطن موجب هٿيار ڦٽا ڪري اتحادين جي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ ٻڌل هو. جپان طرفان آڻ مڃن کان پوءِ انڊونيشيا ۾ پيدا ٿيل اقتدار جي خلا سبب، سياسي وايو منڊل غير يقينيءَ وارو ٿي پيو، البت ريپبليڪن پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ جي سلسلي ۾ عوام کي اميد جي هڪڙي چڻنگ ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي. آزاديءَ واري اعلان کان ترت پوءِ جاوا جي وڏن شهرن ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ جي نوجوان تنظيم مکيه سرڪاري تنصيبات تي ريلوي اسٽيشنن ۽ ٽِرامن جي سرشتي سميت، جپاني فوج سان معمولي جهڙپن کان پوءِ قبضو ڪري ورتو. انقلاب جي هنگامي مقصدن کي سڄي مُلڪ ۾ ترت عوام جي اڳيان پيش ڪري عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ خاطر، پنهنجي پارٽي جون اخبارون شايع ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجي ريڊيو اسٽيشن پڻ قائم ڪئي. تنهن کان سواءِ ديوارن تي قوپرستيءَ واري اصول لاءِ عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ، چاڪنگ ڪئي وئي. تقريباً سمورن جزيرن ۾ جدوجهد ڪميٽيون ۽ هٿيار بند مليشيا جٿا جوڙيا ويا. ريپبليڪن پارٽيءَ جون اخبارون ۽ رسالا، وڏن شهرن جهڙوڪ جڪارتا، يوگِواڪرتا، سُوراڪرتا ۽ ٻين علائقن ۾ عام ٿي ويا هئا، جن ليکڪن جي هڪڙي نوجوان نسل کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي. ليکڪن جو اهو نسل پاڻ کي سن 1945ع وارو نسل يعني انقلابي ليکڪن وارو نسل سڏائڻ لڳو. انهي ليکڪن جي نسل کي يقين هو ته سندن سياسي لکڻيون انقلاب جو حصو آهن. ريپبليڪن پارٽيءَ جي اڳواڻن قوم جي عام راءِ ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جا جتن پي ڪيا؛ ڪن سياسي ڌرين هٿياربند جدوجهد وسيلي انقلاب آڻڻ پي گهريو؛ ته اڃا ٻين سياسي ٽولن وري وڌيڪ معقول رويو اختيار ڪرڻ طرف ڌيان پي ڇڪايو. اڃا ڪجهه ٻين سياسي اڳواڻن، جهڙوڪ کاٻي ڌر واري سياستدان ٽين ملاڪا عوام ۾ واضح طور پنهنجي نقطه نظر جو پرچار پي ڪيو ته هيءَ هڪڙي حقيقي انقلابي جدوجهد آهي، جنهن جي اڳواڻي انڊونيشيا جي نوجوان انقلابي تنظيم ”پيمودا“ ڪري رهي آهي ۽ عوام جي حمايت سان اها ئي تنظيم ڪاميابي ماڻيندي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سوئڪارنو ۽ هَتاوارن جي خواهش هئي ته سفارڪاريءَ واري حڪمت عمليءَ سان، ملڪ تي غالب سامراجي ڌرين سان، معروضي حالتن موجب سنجيده مذاڪرات وسيلي، حڪومت ۽ واسطيدار ادارا جوڙڻ جي صورت ۾ آزادي حاصل ڪجي. جڏهن ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ انقلاب جي حمايت ۾ جِلُوسن ۽ جَلسن جو سلسلو شروع ٿي ويو. انهيءَ سلسلي ۾ کاٻي ڌُر واري سياسي اڳواڻ، تان ملاڪا، جڪارتا شهر ۾ ٻه لک کان به گهڻي تعدااد ۾ عوام تي مُشتمل جلوس ۽ جلسو مُنعقد ڪيو. سوئڪارنو ۽ هتا وارن کي انهيءَ موقعي تي فساد ٿيڻ جو کُٽڪو هو، پر اهو جلسو امن امان سان پڄاڻيءَ تي پهتو. سيپٽمبر 1945ع ۾ مڪمل آزاديءَ واسطي پنهنجي زندگي قربان ڪرڻ لاءِ تيار، خود ساخته نوجوان انقلابي گِروههَ بي صبر ۽ بي چين ٿي پيا. ڌارين قومن، جهڙوڪ نيدرلينڊس وارن ڊچن، ٻين يورپي سامراجين (اتحادي ملڪن) طرفان آندل ايشيائن ايمبونيز ۽ چائنيز ماڻهن کي انڊونيشيا ۾ هاڻي مجموعي طور تي انڊونيشيا جي ملڪ ۽ انڊونيشيا جي عوام ۽ انڊونيشيا ۾ هلندڙ آزادي ۽ انقلاب جو دشمن ڄاڻبدي کين جاسوسي ڪرڻ، انقلابي ڪارڪنن کي اغوا ڪرڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، انڊونيشيا جي انقلابي ڪارڪنن کي فرداً فرداً قتل ڪرڻ توڙي انهن جو اجتماعي قتلام ڪرڻ جا ڏوهاري ڄاڻندي ساڻن مقابلو ڪرڻ ۽ سيکت ڏيڻ جو عمل شروع ٿي ويو ۽ انقلاب واري تحريڪ جي سموري عرصي دؤران برقرار رهيو، پر انهيءَ ۾ تيزي سن 1945ع ۽ 46 عيسوي ۾ هئي. تنهن ڪري انهيءَ عمل کي دشمن سان عقوبت ڪرڻ وارو عمل ڪوٺيو ويو. انهيءَ تِلخ مرحلي کان پوءِ سن 1947ع ۾ ڊچ سامراجي اختيارين انقلابي عوام هٿان تذليل ۽ مارَڪُٽ جو نشانو ٿيل ڌارين سامراجي حڪمرانن جي آندل ڌارين اهلڪارن ۽ هٿياربند ماڻهن کي انصاف ڏيڻ جي بهاني، کانئن انڊونيشيا جي انقلابي اڳواڻن ڪارڪنن توڙي انقلابي مُحب وطن عوام جي خلاف سندن قائم ڪيل نامنهاد عدالتن ۾ فرياد داخل ڪرائي، ماڻهن کي ڪيسن ۾ ڦاسائي، انقلابي عمل ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي بدنيت ڪوشش ڪئي. انهن مقدمن ۾ انڊونيشيا جي انقلابي پارٽين تي هزارين ڌارين ماڻهن کي مارڻ جا الزام لڳايا ويا. 22 آڪٽوبر 1945ع جي واردات متعلق سامراجي سرڪار، عدالت ۾ ڌارين فريادين جي ڪوڙين شاهدين جي آڌار تي انقلابي پارٽين تي هزارين ڌارين ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا بُهتان مڙهي پرڏيهه ۾ انهن جي خلاف ڪوڙو پرچار جاري رکيو ۽ هُلايو ته انقلابي هٿيار بند ڪارڪن ڌارين جاسوسن ۽ متشڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري پنهنجي ٺِڪاڻن تي آڻي کين قتل ڪري ڇڏيندا هئا ۽ 10 ۽ 11 ساله ٻارن کان انهن جي لاشن جي تذليل ڪرائيندا هئا. انقلابي ڪارڪن ڌارين عورتن کي بيدرديءَ سان ماري ڇڏيندا هئا. سامراجي حڪمرانن انڊونيشيا جي انقلابي پارٽين تي 3600 ڌارين کي قتل ڪرڻ ۽ ٻين 2000 ڌارين کي اغوا ڪري، گم ڪري ڇڏڻ جو الزام پڻ لڳايو. جڏهن ته حقيقت ۾ انڊونيشيا جا ويهن هزارن کان گهڻا انقلابي ڪارڪن ۽ مجاهد ڳڀرو جوان شهيد ڪيا ويا. آگسٽ 1945ع جي پڇاڙيءَ ۾ جڪارتا ۾ ريپبليڪن پارٽي جي مرڪزي حڪومت تشڪيل ڪئي وئي. تنهن انڊونيشيا تي جاپان جي قبضي دؤران، انڊونيشيا جي آزاديءَ لاءِ آئين جو مُسودو تيار ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪاميٽيءَ جي طرفان مرتب ڪيل آئيني مسودي کي نافذ ڪيو. سرڪاري ڪار وهنوار ۾ صدر جي مدد ڪرڻ واسطي گهربل هڪڙي سينترل انڊونيشيئن نيشنل ڪميٽي جوڙي وئي. صوبن ۽ ريجينسين جي ڪاروبار لاءِ پڻ اهڙيون مددگار ڪميٽيون جوڙيون ويون. ريپبليڪن سرڪار ٺهڻ شرط انڊونيشيا ۾ موجود مقامي طور جاگير نما علائقن تي پنهنجو اختيار رکندڙ راجائن، نوابن ۽ اميرن جي وچ ۾ نئين ريپبليڪن حڪومت جي تابعداريءَ بابت مسئلو پيدا ٿي پيو، مکيه جزيري جاوا جي مرڪزي علائقي ۾ موجود نيم خود مختيار پرنسيپلٽين پاڻ کي نئين حڪومت جي تابع هُجڻ قبول ڪيو، ته ٻئي پاسي ڊچ سامراجين جي پاليل ڪيترن ئي راجائن ۽ اميرن نئين حڪومت جي اطاعت قبول ڪرڻ ۾ گهڻي گوٿ ناٿ پئي ڪئي. مکيه جزيرن جاوا ۽ سُماترا کان جدا ڏورانهن جزيرن ۾ موجود رجواڙن، مَنجهن اسلامي انتها پسند رُجحان سبب، نئين سرڪار جو حڪم مڃڻ کان اڪثر وڌيڪ انڪاري رويو اختيار ڪيو. جڏهن ته بون ڏکڻ سُلاويس، مَڪاسار، بُگسِ ۽ بالي جزيرن جي راجائن ۽ اميرن، نئين حڪومت جي تابعداري قبول ڪئي. ڊچ سامراجي وري نئين سر انڊونيشيا تي قبضو ڪرڻ واري خدشي تحت نئين سرڪار جي اڳواڻن پنهنجي نالي ماتر سرڪاري انتظامي نظام کي مضبوط ۽ مُستحڪم بنائڻ لاءِ ترت مناسب اُپاء ورتا، جنهن جو في الحال اثر فقط جاوا تائين محدود هو ۽ ٻاهرين جزيرن سان رابطو مستحڪم ڪو نه هو. نومبر 1945ع ۾ نئين حڪومت طرفان ملڪ ۾ پارليامينٽ تي مبني نظام حڪومت قائم ڪيو. ٻي عالمي جنگ ۾ هارائي هٿيار ڦِٽا ڪرڻ کان پوءِ، ٻئي هفتي ۾ مقامي ماڻهن تي مشتمل سيکاريل هٿياربند گروپن کي جپاني فوجي عملدارن ٽوڙي منتشر ڪري ڇڏيو ۽ قومي فوج جي تشڪيل لاءِ گهربل ضروري عناصر کي ڇِڙوڇڙ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. نتيجتاً، انقلابي ريپبليڪن پارٽيءَ جو هٿياربند فورس نوجوان سيکڙاٽ ماڻهن تي مُشتمل هو. انهيءَ فورس ۾ جپان جي سکيا ڏنل افراد جو غلبو هو. انهيءَ فورس جو ڪمانڊر انچيف هڪڙي اسڪولي استاد 30 سالن جي سُدير مان کي بنايو ويو. نيدرلينڊس جي ڊچ سامراجين، سوئڪارنو ۽ هَتا تي جاپانين سان سَھڪار ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ انڊونيشيا جي نئين سياسي حڪومت کي جپاني آمريت جي تخليق سڏي ان تي سخت تنقيد ڪئي. عين انهيءَ وقت، انڊونيشيا ۾ نئين سر پنهنجي بيٺڪي سامراجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ انڊونيشيا ۾ موٽي اچڻ لاءِ، آمريڪا نيدرلينڊس جي سامراجي حڪومت کي هڪ ڪروڙ ڊالرن جي روڪڙي امداد فراهم ڪئي. ٻي عالمي لڙائيءَ سبب ٻين يورپي ملڪن وانگر، نيدرلينڊس وارو ڊچ سامراجي مُلڪ پڻ اقتصادي طور بنهه ڪمزور ٿي ويو ۽ جنگ جي اوائلي سالن دؤران، کيس نيڪالي ڏئي، سندس انڊونيشيا واري نوآباديءَ يعني سامراجي تسلط هيٺ رهندڙ ملڪ تي جپان قبضو ڪري ويٺو هو. انهيءَ دؤران انڊونيشيا ۾ آزاديءَ واري انقلابي تحريڪ زور ورتو ۽ جپان جنگ ۾ هارائي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. تنهن کان پوءِ انڊونيشيا جي آزاديءَ واري انقلابي تحريڪ، انڊونيشيا جي آزاديءَ جو اعلان ڪري ملڪ ۾ جمهوري حڪومت قائم ڪئي. انهيءَ صورتحال ۾ آمريڪا هڪ ڪروڙ ڊالرن جي امداد ڏئي نيدرلينڊس کي انڊونيشيا تي وري قابض ٿيڻ لاءِ مڪمل حمايت ڪئي، تڏهن جپان ۽ جنگ کٽندڙ ملڪن، آمريڪا ۽ برطانيه ڀڳي دل سان انڊونيشيا ۾ نگران حڪومت ٺاهڻ تي راضي ٿيا. آمريڪا، جپان جي ملڪي جزيرن ۽ سر زمين تي قبضو ڪرڻ جي خواهش رکندي، انڊونيشيا کي برطانيه جي اختيار هيٺ رکيو. ٻِي عالمي لڙايئءَ ۾ فتح حاصل ڪندڙ ملڪن برطانيه ۽ آمريڪا جون فوجون انڊونيشيا جي مختلف جزيرن جهڙوڪ ڪاليمانتان، مورونائي ۽ آئريئن جاوا جي مختلف ماڳن تي اڳئي موجود هيون ۽ انهن علائقن ۾ اڳوڻي سامراجي ملڪ نيدرلينڊس جي فوج به واپس پهچي وئي. جپان جي قبضي هيٺ سامونڊي علائقن ۾ فاتح اتحادي ملڪن جون فوجون پهچي، تُرت پنهنجو قبضو ڄمائي، انهن سڀني جزيرن ۾ موجود انقلابي تحريڪ جي سرگرمين کي روڪي رکيو. سخت مذاحمت ۽ مقابلو نه ٿيڻ سبب آسٽريليا جي ٻن ڊويزنن تي مُشتمل فوج، اوڀر انڊونيشيا تي قابض ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. برطانيه کي انڊونيشيا جي مکيه جزيري، جاوا ۾، امن امان بحال ڪري اتي غيرشاهي ۽ غير فوجي حڪومت تشڪيل ڪرڻ جو اهم ڪم سونپيو ويو، پر ٻي عالمي لڙائيءَ کان اڳي ئي انڊونيشيا تي سامراجيءَ طور قابض ۽ ٻي عالمي لڙائيءَ دوران جپان هٿان اتان بيدخل ڪيل سامراجي مُلڪ نيدرلينڊس، سمجهيو ته لڙائيءَ کان اڳ انڊونيشيا ۾ قابض هئڻ جي ناتي، هاڻي وري به اتي حڪومت ڪرڻ جو حق نيدرلينڊس جو ٿئي ٿو. تنهن ڪري انڊونيشيا ۾ سندس اقتدار بحال ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوشان رهيو. برطانيه جي انگريز ۽ هندستاني فوج 1945ع جي سيپٽمبر مهيني تائين جاوا ٻيٽ تي جپاني فوج کي هٿيار ڦٽا ڪرائڻ خاطر ڪا نه آئي هئي. جڏهن ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ برطانوي فوجي ڪمانڊر، ايڊمرل مائونٽ بيٽن کي ٽي لک جپاني فوج کي جپان روانو ڪرڻ ۽ انڊونيشيا ۾ موجود جنگي قيدين کي آزاد ڪرڻ جي ذميواري به سونپي وئي. جڏهن ته مائونٽ بيٽن وٽ، نيدرلينڊس جي حوالي ڪرڻ خاطر، درڪار طويل جدوجهد ۽ ويڙهه ڪري انڊونيشيا تي مڪمل قبضو ڪرڻ لاءِ گهربل وسيلا مُيسر ڪو نه هئا، نه ئي وري سندس اها خواهش هئي. برطانيه جي فوج جاڪارتا ۾ اول سيپٽمبر جي آخر ۾ پهتي، پوءِ اتان کان اتر سوماترا جي شهر ميڊان ۾، اولهه سوماترا جي شهر، پاڊانو ۾، ڏکڻ سوماترا جي شهر، پالم بينگ ۾، مرڪزي جاوا جي شهر سمارينگ ۾ ۽ اوڀر جاوا جي شهر، سُراجاوا ۾ آڪٽوبر ۾ داخل ٿي. انڊونيشيا ۾ هلندڙ آزادي ۽ انقلاب واري هٿيار بند جدوجهد سان ٽڪرائجڻ کان بچڻ واسطي، برطانوي فوجي ڪمانڊر، ليفٽيننٽ جنرل سر فِلپ ڪرسٽپسن، ڊچ فوج کي اوڀر انڊونيشيا ڏانهن روانو ڪيو، جتي کين ويڙهه کان سواءِ ئي اقتدار حاصل پئي ٿيو. در حقيقت جاوا ۽ سوماترا ۾ برطانوي فوج پهچڻ کان پوءِ اقتدار خاطر ڪشمڪش چوٽ چڙهي وئي ۽ انڊونيشيا جي انقلابي تحريڪ کي ختم ڪري سامراجي قبضو بحال ڪرڻ لاءِ، انڊونيشيا ۾ موجود سمورين ڌارين سامراجي قومن جي فوجن، جهڙوڪ: نيدرلينڊس جي ڊچ فوج، جاپاني فوج، برطانوي فوج سان گڏ هندستاني فوج ۽ چيني فوج، انڊونيشيا جي آزاديءَ واري انقلابي عوامي فوج سان ويڙھ شروع ڪري ڇڏي. ويڙهه جو اهو مرحلو آڪٽوبر 1945ع ۾ چالو ڪيو ويو، جنهن دؤران، جاپان انهن شهرن تي وري قبضو ڪرڻ گهريو جن شهرن کي هن انڊونيشيا جي آزاديءَ واري انقلابي عوامي فوج جي حوالي ڪيو هو. انهيءَ سلسلي ۾ جاپاني فوجي پوليس، جاوا جي مرڪزي علائقي واري شهر، پيڪالونگان ۾ عوامي انقلابي فوج کي قتل ۽ غارتگاريءَ جي صورت ۾ 3 آڪٽوبر تي ماري، ڪٽي، بي دخل ڪري ڀڄائي ڪڍيو ۽ اولهه جاوا جي بينگڊُنگ شهر مان به انقلابي فوج کي خونريزيءَ سان بي دخل ڪري، اهو شهر برطانوي فوج جي حوالي ڪيو، پر جپان سمرکينک شهر ۾ تمام ڇتي ويڙھه ۾ مُلوث رهيو، برطانوي فوج انهي ءَ شهر تي 14 آڪٽوبر تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن پسپا ٿيندڙ عوامي انقلابي فوج، انتقاماَ وٽس قيد ڪيل، ڏيڍ سؤ کان ٽي سؤ جپاني فوجين کي قتل ڪري ڇڏيو. شهر تي قبضو ڪرڻ لاءِ جپاني فوج، شهر تي قابض عوامي انقلابي فوج تي ڀرپور حملو ڪيو ۽ ڇهن ڏينهن جي گهمسان جي لڙائيءَ ۾ پنج سؤ جپانين جي ڀيٽ ۾ ٻه هزار انقلابي فوجين کي ماري، برطانوي فوج پهچڻ واري ڏينهن جاپاني فوج شهر تي قبضو ڪري ورتو. فاتح اتحادي فوجن، جپان جي فوج توڙي عام شهرين کي جپان واپس اماڻيو، تنهن هوندي به جپاني فوج مان هڪ هزار فوجين کي چونڊي اتي رهايو ويو. انهن اتي رهندي آخرڪار آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ عوامي انقلابي فوج جي ويڙهه ۾ مدد ڪئي. معروضي حالات مطابق برطانيه پنهنجي ڏهه هزار هندستاني ۽ يورپي فوج انڊونيشيا مان ٻاهر ڪڍي ويو ۽ اتي اَمبراوا ۽ ميگالينگ ۾ موڪليل برطانوي فوج سان عوامي انقلابي فوج طرفان شديد مزاحمت ڪئي وئي، تنهن ڪري برطانوي فوج کي بچائڻ خاطر برطانيه انڊونيشيا جي آزاديءَ واري انقلابي فوج تي هوائي حملا چالو ڪرايا تنهن ڪري انقلابي اڳواڻ سوئڪارنو، جنگ بندي جو 2 نومبر تي اعلان ڪيو، پر نومبر جي پڇاڙيءَ ۾ ويڙهه وري چالو ٿي وئي ۽ برطانوي فوج اندرون ملڪ جنگ تان دستبردار ٿي پاڻ کي سامونڊي ڪنارن تائين محدود رکيو. ريپبليڪن انقلابي فوج جا، اتحادي سامراجي فوجن ۽ ڊچ سامراجين جي حامي ۽ ڇاڙتن شهرين جي خلاف حملا تيز ٿي نومبر جي آخر ۽ ڊسيمبر ۾ چوٽ چڙهي ويا، جنهن دؤران بينڊُنگ شھر ۾ 1200 دشمن فوجين کي ماري انقلابي فوج پيش قدمي شروع ڪئي. برطانوي فوج طرفان، بينڊنگ شهر خالي ڪرڻ لاءِ ڏنل چتاء جي رد عمل طور ريپبليڪن انقلابي فوج، برطانوي فوج جي قبضي واري شهر جي حصي کي باهه لڳائي ڇڏي. نَومبر 1946ع ۾ نيدر لينڊس جي 55 هزار تازه دم ڊچ فوج جاوا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، برطانيه جي سموري فوج انڊونيشيا مان نڪري وئي. سُورابايا واري لڙائي، سموري انقلابي جدوجهد ۾ سڀني کان وڌيڪ ڳنڀير ۽ ڪٺن جنگ هئي ۽ اها انڊونيشيا جي انقلابي جدوجهد ۾ مزاحمت جي قومي علامت ٿي پئي. انڊونيشيا جي ٻِـيو نمبر سڀني کان وڏي شھر، سُورابا يا ۾ موجود ريپبليڪن انقلابي فوج جي گروپن، جپاني فوجين کان سمورو اسلحو ۽ بارود وغيره کسي ورتو ۽ حڪومت جي ڪارگذاريءَ جي ڏِس ۾ ٻه انتهائي اهم ادارا، 1. انڊونيشيا نيشنل ڪميٽي ۽ 2. پيپلس سيڪيورٽي ڪائونسل تشڪيل ڪيا. سورابايا شهر ۾ انهيءَ وقت انقلابي ريپبليڪن فوج جو ڳڙهه هو. اتي خطرناڪ جنگين سبب شهر بدامني ۽ افراتفري جي ور چڙهيل هو، شهر جي هر گهٽيءَ ۽ گهيڙ وٽ لاش پيل هئا. ريپبليڪن انقلابي فوج کي ناس ڪرڻ لاءِ برطانيه پنهنجي ڇهه هزار هندستاني فوج گُهرائي، جنهن اچڻ شرط رڻ ٻاري ڏنو. تنهنڪري سوئڪارنو جنگ بندي لاءِ ڳالهيون ڪيون، پر 30 آڪٽوبر تي برطانوي فوج جي ڪمانڊر، برگيڊيئر ماليبي جي قتل ٿيڻ کان پوءِ 10 نومبر تي برطانيه انقلابي فوج کي تباهه ڪرڻ لاءِ شهر ۾ وڌيڪ فوج آندي ۽ انقلابي فوج تي زميني جنگ ۾ برطانوي فوج جي ڪاميابيءَ لاءِ برطانيه انقلابي فوج تي هوائي فوج جا حملا به چالو ڪرايا، جنهن سبب انقلابي فوج جو تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ۽ شهر جي گهڻي علائقي تي ٽن ڏينهن جي مسلسل بمباريءَ سبب برطانوي فوج قبضو ڪري ورتو. برطانيه ۽ نيدرلينڊس جي ڊچ فوجن جي هنن وحشيانا ڪاروائين، انڊونيشيا جي عوام ۾ آزاديءَ جو نئون جزبو پيدا ڪيو ۽ انقلابي فوج جي هر طرح جي امداد ٿيڻ لڳي ۽ انڊونيشيا ۾ سامراجين جي ارهه زورائين ڏانهن دنيا جو ڌيان ڇڪايو. هوڏانهن برطانيه جي مدد سان نيدرلينڊس جڪارتا ۾ پنهنجي تازه دم فوج آندي ۽ ٻين به مکيه شھرن ۾ پنهنجي فوج پهچائي، هر هنڌ انقلابي ريپبليڪن فوج تي ڀرپور حملا جاري رکيا ۽ ريپبليڪن انقلابي فوج جا اٺ هزار مجاهد قتل ڪري، انهن کي شهر مان بيدخل ڪري ڊچ سامراجي فوج جڪارتا شهر تي قبضو ڪري ورتو. تڏهن انقلابي فوج، انڊونيشيا جي نئين سلطان، هامينگ ڪُوبُو وونو جي مَهلَ سِر مناسب معاونت سان يوگيا ڪاترا شهر ۾ پنهنجو مرڪز بنايو، جنهن انقلابي عمل ۾ فيصله ڪُن ڪردار اد ڪيو. ڊچ سامراجي فوج، ريپبليڪسن سرڪاري ڪامورن کي، جڪارتا جي ويجهو بوگور ۾، بالِڪپَپَنِ ۾ ۽ ڪالِيمنتان ۾ قيد ڪري رکيو. سوماترا تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڊچ سامراجين انهيءَ مکيه جزيري جي ٻن سڀني کان وڏن شهرن، پالمبينگ ۽ ميدان تي هوائي حملا ۽ بمباري ڪئي. ڊسمبر 1946ع ۾ سامراج مخالف بغاوت کي ڪُچلڻ جي ماهر، ڪيپٽن ريمونڊ تُرڪ ويسٽرلنگ جي ڪمانڊ تحت، اِسپيشل ڊچ فورس، مصالحت آميز مڪاريءَ تي مبني دهشتگرديءَ جي ڪاروائين سان، چند هفتن اندر انقلابي فوج جا ٽن هزارن کان به گهڻا مجاهد قتل ڪيا. اهڙيءَ ريت ڊچ سامراجي فوج جاوا ۽ سوماترا جي وڏن شهرن ۽ واپاري مرڪزن تي قابض ٿيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پر ملڪ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۽ ڳوٺن تي قبضو ڪري ۽ پنهنجو ضابطو لڳائڻ جي قابل نه رهيا. ٻئي طرف بالي سميت ڏورانهن جزيرن ۾ عام راءِ انقلابي ريپبلڪن پارٽيءَ جي حمايت ۾ هئي، پر اتي جو صاحب ثروت، شاھوڪار طبقو انهيءَ کان پاسيرو رهيو. تنهن ڪري، جاوا ۽ سوماترا جي ڀيٽ ۾ انهن ڏورانهن جزيرن تي ڊچ سامراجين کي وري قبضي ڪرڻ ۾ گَهڻِي جفاڪشيءَ جي ضرورت ڪانه ٿي ۽ اتي هنن پنهنجي تسلط تحت آزاد رياستون قائم ڪيون. انهن ۾ سڀني کان وڏي رياست، ايسٽ انڊونيشيا، ڊسمبر 1946ع ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جي گاديءَ جو شهر ”مڪاسر“ شهر کي بنايو ويو. برطانيه جي آندل هندستاني فوج انڊونيشيا ۾ هلندڙ آزاديءَ واري انقلابي تحريڪ جي خلاف ويڙهه ڪئي. انهيءَ جنگ ۾ انڊونيشيا جي انقلابي فوج طرفان لڳندڙ جنگي نعري، ”الله اڪبر“ کان مُتاثر ٿي هندستاني فوج ۾ موجود مسلمان سپاهين مان ڇهه سؤ ڄڻا، هٿيارن سميت ڀڄي وڃي انقلابي فوج سان مليا ۽ انهيءَ انقلابي فوج سان گڏجي سامراجي فوجن جي خلاف وڙهندا رهيا ۽ جنگ ختم ٿيڻ تائين، انهن مان فقط 75 ڄڻا باقي بچيا. انڊونيشيا جي آزاديءَ کان پوءِ انهن مان گهڻا ته اتي ئي رهي پيا، باقي چند سپاهي هندستان ۽ پاڪستان موٽي ويا. نومبر 1946ع ۾ برطانيه جي ثالثيءَ ۾ نيدرلينڊ ۽ انڊونيشيا جي آزاديءَ واري انقلابي تحريڪ هلائيندڙ سياسي پارٽي ريپبليڪن پارٽي جي وچ ۾ هڪڙو معاهدو ٿيو، تنهن کي ”لنگاد جاتي سمجهوتو“ سڏيو ويو. انهيءَ موجب ٻنهي ڌرين، پهرين جنوري، 1949ع ۾ هڪ نيم خود مختيار وفاقي رياست جي قيام کي قبول ڪيو، جنهن جو مملڪتي اڳواڻ / سربراه نيدرلينڊس جو ڊچ بادشاه هوندو. انهي رياست جو نالو ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف انڊونيشيا تجويز ڪيو ويو. انڊونيشيا جي انقلابي ريپبليڪن پارٽيءَ جي اختيار تحت جاوا ۽ سوماترا جزيرا به انهن گڏيل نيم خود مختيار رياستن مان هڪڙي رياست هوندي. جاوا ۽ سوماترا کان سواءِ باقي تقريباً سڀني جزيرن تي مشتمل رياستن تي نيدرلينڊس جي ڊچ فوج جو قبضو ۽ اختيار هوندو. انهن ۾ ڪاليمنتان وارا ڏاکڻي جزيرا ۽ گريٽ ايسٽ رياست ۾ سُولاويسي، مالُوڪُو، ليسر سُندا جزيرا ۽ الهندو نيوگُنيا وارا جزيرا شامل ڪيا ويا. فيبروري 1947ع تائين سينترل نيشنل ڪميٽي آف انڊونيشيا، انهيءَ معاهدي کي منظور ڪو نه ڪيو ۽ ريپبليڪن پارٽي توڙي ڊچ سامراجي به انهيءَ معاهدي مان مُطمَعِن ڪو نه هئا. 25 مارچ 1947ع ۾ ڊچ پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان انهيءَ معاهدي جي ترميم ڪيل نسخي جي تصديق ڪئي. پر تنهن کي انڊونيشيا جي حڪومت تسليم ڪو نه ڪيو ۽ ٻئي معاملي مدامي ڌريون، انهيءَ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو هڪٻئي تي الزام هڻنديون رهيون. نتيجي طور عبوري حڪومت اندروني طور عُير منظم ۽ ڪمزور ٿي وئي. تنظيمي اڳواڻ هڪٻئي سان وڙهڻ لڳا، حڪومت ڊهنبدي ۽ ٺهندي رهي، هٿيار بند گروهه مقامي ۽ علاقائي تڪرارن ۾ ڦاٿل رهيا ۽ ڪيترن ئي علائقن جي انتظاميه جو مرڪزي سرڪار سان رابطو به نه ٿي سگهيو هو. ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورت حال انتشار ۽ خلفشار جو شڪار ٿي وئي. انهيءَ صورتحال مان ناجائز مقصد جي حصول خاطر، ويهه جولاءِ 1947ع ۾ ڊچ سامِراجِي فوج حڪومت ۽ ملڪ کي مڪمل طور فتح ڪرڻ ۽ ان تي دائمي قبضو برقرار رکڻ واسطي، ريپبليڪن پارٽيءَ تي لنگاجاتي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري الزام کي بهانو بنائي انقلابي فوج ۽ عبوري حڪومت توڙي ريپبليڪن پارٽيءَ کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ تمام خطرناڪ حملو ڪيو. انهيءَ ناجائز حملي کي، ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ پوليس جو مناسب ڪردار ڄاڻايو. اهو حملو رات جو عين آڌيءَ مهل ڪيو ويو هو. انهيءَ وقت انڊونيشيا ۾ موجود ڊچ فوج جِي واضح اڪثريت نيدرلينڊس جي شاهي فوج تي مشتمل هئي. ٻي عالمي لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ نيدرلينڊس جي سامراجي سرڪار، تُرت ئي پنج هزار بحري فوج سميت پنجويهه هزار فوج انڊونيشيا موڪلي تنهن کان پوءِ اڃا به گهڻي تعداد ۾ زوري ڀرتي ڪيل فوج انڊونيشيا تي وري قبضو ڪرڻ خاطر اُماڻيندي رهي. ڊچ سامراجي فوج ڀرپور حملا ڪري، انڊونيشيا جي آزاديءَ واري انقلابي فوج کي سوماترا جي ڪن ڀاڱن ۽ اوڀر ۽ اولهه جاوا جي مکيه علائقن مان ماري ڊوڙائي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ريپبليڪن انقلابي فوج سندس يوگياڪترا واري مرڪز تائين محدود رهجي وئي. جڏهن ته هڪ لک فوج جي زور تي ڊچ سامراجي سوماترا جي بهترين زرعي فارمن، تيل ۽ ڪوئلي جي ذخيرن تي ۽ جاوا جي سڀني گهري پاڻيءَ وارن بندرن تي قابض ۽ مختيار ٿي ويا. نيدرلينڊس جي ڊچ سامراجين طرفان انڊونيشيا جي عوام جي سراسر خلاف کنيل ناجائز ۽ ظالمانه اقدام جي خلاف عالمي رد عمل پڻ منفي رهيو. پاڙيسري مُلڪ آسٽريليا ۽ تازو آزاد ٿيل ملڪ هندستان، سوويٽ يونين ۽ سڀ کان وڌيڪ اَثرائِـتي ملڪ آمريڪا اقوام متحده ۾ انڊونيشيا جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ريپبليڪن انقلابي پارٽي جي حمايت ڪئي. آسٽريليا جي مزدور طبقي ڊچ جهازن ۾ مال چاڙهڻ ۽ لاهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڊچ سامراجي جهازراني ٺِپ ٿي وئي. ٻئي طرف اقوام متحده انڊونيشيا جي تڪرار جي نبيري لاءِ وڌيڪ مذاڪرات بابت هڪڙي گُڊ آفيسرز ڪميٽي جي سلامتي ڪائونسل هٿان تشڪيل ڪرائي، تنهن ڊچ سامراجيءَ کي وڌيڪ مشڪلات ۾ ڦاسايو. سلامتي ڪائونسل جي انڊونيشيا ۾ جنگ بندي متعلق پاس ٿيل قرارداد نمبر 27 تي عمل ڪرائڻ واسطي انڊونيشيا ۾ ڊچ قابض سامراج ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ريپبليڪن انقلابي پارٽيءَ جي سربراه سوئڪارنو 4 آگسٽ 1947ع ۾ واسطيدار ڌر کي جنگ بند ڪرڻ جو حڪم ڪيو. 9 ڊسمبر 1947ع ۾ هڪڙي فوجي عمل دؤران قابض ڊچ سامراجي فوج اولهه جاوا جي هڪڙي ڳوٺ ”رواگدي“ ۾ ڪيترائي عام شهري قتل ڪري ڇڏيا. انهيءَ ڳوٺ کي هاڻي ”بالونگسري“ سڏيندا آهن. اقوام متحده جي سلامتي ڪائنسل ٽياڪڙي ڪندي هڪڙو معاهدو ڪرايو، جنهن کي ”رينوِلي معاهدو“ سڏيو ويو. اهو معاهدو اڳوڻي رد ڪيل معاھدي کي بحال ڪرڻ لاءِ عمل ۾ آندو ويو. انهيءَ تحت سامراجي ڌر طرفان قائم ڪيل حد بندي واري ليڪ، ”وان موڪ لائين“ موجب جنگ بندي تسليم ڪرائي وئي. اُنهي ليڪ موجب انقلابي فوج جي ڪنٽرول وارا ڪافي مورچا، ڊچ فوج جي حوالي ٿيل علائقي ۾ اچي ويا هئا. انهيءَ نئين معاهدي موجب، ڊچ فوج جي قبضي هيٺ سمورن علائقن ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ريپبليڪن انقلابي پارٽيءَ جي معقوليت ۽ مناسبت واري ڪردار، آمريڪا کي ريپبليڪن پارٽيءَ جي حق ۾ نيڪ نيتي اختيار ڪرڻ ڏانهن آماده ڪيو. سن 1948ع ۽ 1949ع دؤران ڊچ اختيارين ۽ ريپبليڪن انقلابي پارٽي جي وچ ۾ سفارتي سرگرميون جاري رهيون، پر جولاءِ 1948ع ۾ اهي تعطيل جو شڪار ٿي ويون ۽ ڊچ اختياريءَ، وان موڪ معاهدي تي زور ڀريندي ڏکڻ سوماترا ۽ اوڀر جاوا نالي ٻه وفاقي رياستون جوڙيون پر انهن کي ڪا به مڃتا يا حمايت حاصل ڪا نه ٿي. ڊچ حڪومت پنهنجي مرضيءَ سان فيڊرل ڪنسلٽيٽوِ اسيمبلي جوڙي، ان کي ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف انڊونيشيا“ جي تشڪيل ڪري 1948ع جي آخر ۾ انهن رياسَتِن ۾ هڪ عبوري حڪومت جوڙڻ جو ڪم سونپيو ويو. ڊچ اختياري انڊونيشيا کي آزادي ڏيڻ هرگز نٿي چاهيو. تنهن ڪري هي اتي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ۽ برقرار بنائڻ لاءِ سمورا حربا اختيار ڪرڻ لڳي. ڳالهين ۾ مُنجهائيندڙ معاملو ڊچ اختياريءَ ۽ ريپبليڪن انقلابي پارٽيءَ درميان اقتدار ۾ اختيار جي توازن بابت هو. فيبروري 1948ع ۾ ريپبليڪسن انقلابي فوج جي 35000 سپاهين تي مشتمل سِلِيوانگي ڊويزن، اولهه جاوا کان وچ جاوا ڏانهن ڪوچ ڪيو، ته ساڻس مائونٽ سلامت وٽان لنگهڻ دؤران ڊچ فوج ٽڪر کاڌو، جنهن ريپبليڪن فوج جي چرپر کي سندس خلاف سمجهيو، ڇو ته ڊچ سامراج طرفان قائم ڪيل پيسُندان رياست جي وجود کي به انهيءَ چرپر مان خطرو پي بکيو. ريپبليڪن انقلابي پارٽيءَ سان مذاڪرات ۾ نه ٺهڻ ۽ انقلابي ڌرين سان ٽڪراء ۾ مايوس ٿيڻ سبب ڊچ سامراجي فوج 19 ڊسمبر 1948ع ۾ ريپبليڪن انقلابي فوج ۽ ٻين هٿياربند مجاهد گروپن تي جارهانه حملا چالو ڪري ڇڏيا.انهيءَ جارحانه ڪارروائيءَ کي ”آپريشن ڪِرو“ سڏيو ويو. ٻئي ڏينهن ڊچ فوج، ريپبليڪن انقلابي فوج جي اڏي عوامي حڪومت جي گاديءَ واري شهر يوگياڪارٿا شهر فتح ڪري ورتو ۽ ڊسمبر جي آخر تائين ريپبليڪن فوج جي قبضي هيٺ جاوا ۽ سوماترا جا سڀئي شهر ڊچ سامراجي فوج جي قبضي هيٺ اچي ويا ۽ انڊونيشيا جي جمهوري حڪومت جي صدر، نائب صدر ۽ سندن پنجن وزيرن کي ڊچ سامراجي فوج گرفتار ڪري سوماترا جي اوڀر طرف موجود، هڪ ڏورانهين جزيري ”بانگڪا“ ۾ جلاوطن ڪري رکيو. جڏهن ته يوگياڪارتا ۽ سُورا ڪارتا شهرن جي آسپاس موجود ريپبليڪن انقلابي فوج هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي سالار جي قيادت ۾ گوريلا جنگ جاري رکي ۽ اولهه سوماترا ۾ ايمرجنسي ريپبليڪن گورنمينٽ تشڪيل ڪئي. جاوا ۽ سوماترا جي سمورن شهرن تي سامراجي فوج قبضو ڪري وئي، پر سموري ٻهراڙيءَ ۾ ان جو قبضو ۽ اختيار مور ڪو نه هو. ليفٽيننٽ ڪرنل سوهارتو جي قيادت ۾ پهرين مارچ 1949ع ۾ فجر مهل ريپبليڪن انقلابي فوج، يوگياڪارتا شهر ۾ ڊچ فوجي مورچن ۽ ڪَميِـپُن تي حملو ڪري سامراجي فوج کي شهر مان ڀڄائي ڪڍيو، پر ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ بيدخل فوج گهربل مدد ملڻ کان پوءِ شهر ۾ موٽي آئي ۽ انقلابي فوج کي پسپا ڪري ڇڏيو. ساڳئي سال انقلابي فوج سُوراڪارتا شهر ۾ به 7 آگسٽ تي ڊچ سامراجي فوج جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو هو. انهي حملي جي قيادت ڪرنل سلامت ريادِيءَ ڪئي هئي. وري به هڪ ڀيرو اقوام متحده توڙي آمريڪا ۾ ڊچ سامراجي فوجن طرفان انڊونيشيا ۾ ناجائز ۽ ظالمانه ڪردار ۽ ڪاروائين تي سخت تنقيد ٿيڻ لڳي ۽ جنوري 1949ع ۾ سلامتي ڪائونسل، انڊونيشيا ۾ ريپبليڪن انقلابي پارٽي جي حڪومت کي بحال ڪري انڊونيشيا کي آزاد ڪرڻ لاءِ هڪڙي قرارداد منظور ڪئي ۽ آمريڪا اها امدداد هڪدم منسوخ ڪري ڇڏي جيڪا هن، انڊونيشيا تي وري قبضو ڪرڻ لاءِ ڊچ سامراجي نيدرلينڊس کي ڏيڻي ڪئي هئي. تنهن کان سواءِ ٻِي عالمي لڙائيءَ ۾ ڪمزور ۽ هارائيل يورپي ملڪن کي مالي امداد ڏيڻ بابت آمريڪا طرفان جوڙيل مارشل پلان تحت نيدرلينڊس کي ملڻ واري هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي روڪڙي رقم پڻ منسوخ ڪرڻ لاءِ ڪانگرس تي آئيني دٻاء وڌو ويو. ڊچ سامراجي انهي امداد جي اڌ جيتري رقم انڊونيشيا تي وري قبضو ڪرڻ خاطر سامراجي فوج تي کپائي چڪو هو. انهيءَ صورتحال دؤران، آمريڪا جي حڪومت، ڪانگريس، ريپبليڪن پارٽي آمريڪا جون غير سرڪاري سماجي ڀلائيءَ واريون تنظيمون توڙي آمريڪا جو عوام انڊونيشيا جي آزاديءَ جي حق جي حمايت ڪرڻ لڳو ۽ ڊچ سامراجي فوج جي ڪرتوتن تي سخت تنقيد ڪرڻ لڳو. ٻئي طرف انڊونيشيا جو عوام روايتي امير طبقي ۽ ڳوٺن ۽ قبيلن جي وڏيري طبقي جي ظلمن ۽ غدارين کان سخت مُتَنِفر ۽ انهن جي جاگيرداريءَ ۽ زمينداريءَ واري هاري پورهيت طبقي جو اِستحصال ڪندڙ نظام ختم ڪري انهيءَ ظالم طبقي جي قبضي هيٺ سموري زرعي زمين کسي اها زمين آباد ڪندڙ هاري ۽ زرعي پورهيت طبقي ۾ انصاف سان ورهائي ڏيڻ خاطر تحريڪ چالو ڪئي. 18 سيپٽمبر 1948ع ۾ يوگياڪارتا شهر جي اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي واقع شهر ”ميديئُن“ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊونيشيا ۽ سوشلسٽ پارٽي آف انڊونيشيا جي طرفان ”سوويت ريپبلڪ آف انڊونيشيا“ جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. انهن پارٽين ريپبليڪن انقلابي پارٽيءَ جي سربراهن سوئڪارنو ۽ هتا کي جپان ۽ آمريڪا جا ڇاڙتا هئڻ جو الزام لڳايو، چند هفتن اندر ريپبليڪن فوج ميديئُن شهر تي قبضو ڪري سوويت ريپبلڪ وارن حاڪمن کي ڊوڙائي ڪڍيو ۽ سندن سربراه موسو قتل ڪيو ويو. ريپبليڪن فوج ۾ شمال حزب الله نالي مذهبي تنظيم جي ڪارڪن فوجين کي ريپبليڪن انقلابي پارٽي واري حڪومت جو طريقو ۽ رويو ڪو نه وڻيو، تنهنڪري انهن پارٽيءَ کان ڌار ٿي انڊونيشيا جي اسلامي رياست جي قيام جو اعلان ڪيو. انهيءَ گروهه جي اڳواڻي هڪ مذهبي پيشوا، سڪارمدجي، مرديان ڪارٿو سُورجو ڪري رهيو هو. جڏهن ريپبليڪن پارٽي ملڪ جي سمورن جزيرن ۽ علائقن تي حڪومت ڪرڻ لڳي تنهن کان پوءِ 1962ع ۾ اهو فتنو به ختم ڪري ڇڏيو. ريپبليڪن انقلابي پارٽيءَ جي ڊچ سامراج ۽ انڊونيشيا ۾ ٻين مخالف تنظيمن ۽ گروهن جي خلاف مسلسل ۽ لچڪدار حڪمت عمليءَ تي مبني جديد مزاحمت ۽ عالمي سطح تي وقت سِر درست سفارت ڪاريءَ سبب عالمي سياسي اڳواڻن جي راءِ ڊچ سامراج جي انڊونيشيا تي وري به ناجائز قبضو ڪرڻ واري ناجائز خواهش جي بلڪل خلاف مرتب ٿي ۽ انڊونيشيا کي آزاد ڪرڻ لاءِ نيدرلينڊس تي روس ۽ آمريڪا، ٻن عالمي طاقتن جي حقيقي دٻاء ۽ اقوام متحده جي قراردادن ۽ آمريڪا طرفان امداد بند ٿيڻ واري فيصله ڪن اهم عمل نيدرلينڊس کي انڊونيشيا جي آزاديءَ بابت حقيقي طور سنجيده مذاڪرات ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو آمريڪا جي نئين وزير خارجه، ڊِينِ ايچيسن جي جفاڪشي سان نيدرلينڊس جي حڪومت ۽ انڊونيشيا جي آزادي واري هٿياربند جدوجهد ڪندڙ ريپبليڪن انقلابي پارٽي جي وچ ۾ گول ميز ڪانفرنس، 23 آگسٽ 1949ع ۾ هيگ شهر ۾ منعقد ٿي ۽ 2 نومبر 1949ع ۾ ختم ٿي، تنهن ڪانفرنس ۾ انڊونيشيا جي ريپبليڪن انقلابي پارٽي، نيدرلينڊس جي ڊچ سرڪار ۽ ڊچ سامراج جي جوڙيل وفاقي رياستن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، انهي ڪانفرنس تحت ٿيل معاهدي موجب نيدرلينڊس، ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف انڊونيشيا“ جي نالي سان آزاد ٿيندڙ ملڪ انڊونيشيا کي سندس اقتدار اعليٰ يعني حڪومت ڪرڻ جي اختيار موافق تسليم ڪرڻ جو دستاويزي اقرار ڪيو. نيو گُنيا جزيري کان سواءِ، نيدَرلَينڊِس جي سامراجي حڪومت جي قبضي هيٺ انڊونيشيا جا سمورا جزيرا ۽ علائقا هن آزاد ٿيندڙ انڊونيشيا رياست ۾ شامل هوندا. انڊونيشيا سان، اڃا هڪ ڀيرو وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ تائين نيوگُنيا جزيري تي نيدرلينڊس جو قبضو برقرار رهندو. انڊونيشيا جي ريپبليڪن انقلابي حڪومت، انڊونيشيا ۾ آزادي ۽ انقلاب لاءِ هلندڙ تحريڪن کي ناس ڪرڻ خاطر نيدرلينڊس جو کنيل 4.3 ارب پائونڊ قرض ڀرڻ جو اقرار ڪيو. آزاد رياست انڊونيشيا ۾ قائم ٿيندڙ ريپبليڪن انقلابي پارٽي جي حڪومت ڏانهن نيدرلينڊس جي حڪومت طرفان رسمي طور رياست جو اقتدار اعليٰ تاريخ 27 ڊسمبر، 1949ع تي منتقل ڪيو ويو ۽ آمريڪا ترت ئي نئين سر آزادي حاصل ڪندڙ ملڪ انڊونيشيا کي تسليم ڪري ورتو. ريپبليڪن انقلابي پارٽيءَ جي اختيار تحت انڊونيشيا جا ٻه مکيه جزيرا سياسي ۽ انتظامي طور ملائي انڊونيشيا نالي سان هڪڙي رياست بنائي وئي، جيڪا ڊچ سامراج طرفان سن 1945ع ۾ انڊونيشيا جي ٻين ٻيٽن تي مشتمل ٺاهيل سورهن رياستن مان هڪڙي هئي. اهي رياستون سن 1950ع جي پهرئين اڌ دؤران انڊونيشيا جي جمهوري رياست ۾ تحليل يعني ضِم ڪيون ويون. جمهوري رياست جي خلاف هڪڙي ناڪام سازش ويسٽرلنگ واري راتُوعادل جي فوج هٿان 23 جنوري 1950ع ۾ جڪارتا ۽ بينڊُنگ شهرن ۾ تيار ڪئي وئي هئي. جاوا جي الهندي ڀاڱي ۾ واقع گنجان آباديءَ واري پاسُندان رياست جي تحليل جي صورت ۾ ختم ٿي. نوآباديءَ واري فوج جا سپاهي، جن جو تعلق ايمبرن واري علائقي سان هو، اپريل سن 1950ع ۾ مڪاسار ۾ پيدا ٿيل وڳوڙن دؤران مڪاسار ۾ انهن نوآباديءَ وارن سپاهين جو ريپبليڪن فوج سان ٽڪر ٿي پيو. ايمبرن شهر وارن عيسائين جو تعلق ڊچ سامراجين جي حامي علائقن مان هڪڙي علائقي سان هو. اهي مسلم آباديءَ جي بالادستيءَ واري جاوا جزيري کان بدزن هئا ۽ بدگمانيءَ سبب، جاوا جي مسلمانن کي لادين سمجهندا هئا. 25 اپريل 1950ع ۾ ايمبرن ۾ ڏکڻ مالُوڪُوجي آزاد جمهوريه جي دعويٰ ڪئي وئي، پر جولاءِ کان نومبر تائين هڪڙي مهم دؤران انهيءَ مالُوڪُوواري آزاد رياست کي ريپبليڪن انقلابي فوج ناس ڪري ڇڏيو. انڊونشيا ۾ هاڻي باقي فقط هڪڙي سوماترا واري رياست وڃي بچي هئي، جيڪا پاڻ کي وفاقي رياست سڏائيندي هئي، اها به پنهنجي وفاقي حيثيت وڃائي ويٺي. 17 آگسٽ، 1950ع ۾ انڊونيشيا جي آزاديءَ جي پنجين سالگره جي موقعي تي سوئڪارنو اعلان ڪيو ته انڊونيشيا جو ملڪ پنهنجن سمورن ننڍن وڏن جزيرن جي نظرياتي ۽ سياسي ميلاپ تي مشتمل، هڪڙو يڪو ملڪ آهي. هن آزادي واري جنگ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ تعداد ۾ انڊونيشيا جا مجاهد شهيد ٿي ويا. انهن جي ڀيٽ ۾ ڌارين حمله آور فوجن مان مري ويل ماڻهن جو تعداد صفا گهٽ هو. برطانوي فوج جا 1200 سپاهي مس مُئا. انهن ۾ به هزار کان مٿي هندستاني فوجي هئا. 1945ع ۽ 1949ع جي وچ ۾ ڊچ سامراجي فوج جا پنج هزار کن فوجي مئا هئا. جپان جي فوج جي اطلاع موجب انڊونيشيا ۾ سندن 1057 ماڻهو مئا هئا. جڏهن ته آزاديءَ واري جنگ ۾ انڊونيشيا جا لک کان به گهڻا عام شهري آزادي جي نذر ٿيا. تنهن کان سواءِ ستر لک انڊونيشيا جا عوام بي گهر ۽ دربدر ٿيا. انڊونيشيا جي انقلاب ملڪ جي هڪ نئين ۽ نِرالي تاريخ مرتب ڪئي ۽ آزاديءَ ۽ انقلاب واري تحريڪ، انهيءَ دؤر ۾ عالمي سطح تي سياست ۽ حڪومت جي مڙني ڌارائن جو اثر قبول ڪيو ۽ معروضي حالتن تحت اِشتراڪي عسڪري قوم پرستي، جمهوريت، اسلامي نظام حڪومت انڊونيشيا جي انقلابي فوج، مُلڪ جي آئيني انتظام، توڙي انڊونيشيا جي حڪومت ۾ طاقت جو سرچشمو مرڪزي حڪومت کي تَـفوِيض ڪرڻ وارن سمورن خيالن نظرين ۽ حڪمت عملين تي طبع آزمائي ڪري، انڊونيشيا جي عوام جي سياسي، معاشي ۽ ثـَقافَتِي تقاضائن موجب تقريباً سمورين سامراجي قومن سان اصولي جنگ ڪري وطن کي آزادي عطا ڪئي، حڪومت جو جمهوري نظام قائم ڪيو، هاري / پورهيت طبقي کي استحصالي طبقن کان آجو ڪيو ۽ دنيا جي اڳيان سياست، معيشت ۽ ثقافت جو هڪڙو نرالو مثال پيش ڪيو. جهڙوڪ ملڪ کي سامراجي غلاميءَ کان نجات ملي، راجائن، نوابن، جاگيردارن جي ناجائز حڪمراني ۽ قدرتي وسيلن جهڙوڪ زمين تي مالڪي ختم ڪئي وئي. سامراجي نظام جي پيدا ڪيل نسلي ۽ فرقيوار مت ڀيد ختم ڪري ڇڏيو. جمهوري نظام حڪومت قائم ٿيو. تعليمي نظام ۾ گهربل سڌارا آندا ويا. علم ادب ۾ عوام دوست تخليقي عمل جاري ٿيو ۽ عوام جي عزت ۽ وقار بحال ٿيو.