انسان کي چنڊ تي رسائيندڙ خلائي جهاز
16 جولاءِ 1969ع ۾، آمريڪا جي فلورڊا رياست ۾ موجود ميرٽ جزيري ۾ جوڙيل ڪينيڊي اسپيس سينٽر مان ”سيٽرن فائيو“ نالي خلائي جهاز کي اُڏائيندڙ راڪيٽ وسيلي، چنڊ ڏانهن سفر ڪندڙ خلائي جهاز، اپولو يارهن، آمريڪا جي خلائي سائنس بابت اعليٰ تحقيقي اداري ”ناسا“ طرفان تيار ڪيل، اپولو پروگرام سان وابسته، انسان کي کڻي ويندڙ، پنجون خلائي جهاز هو، سو ٽن مکيه ڀاڱن تي مشتمل خلاباز کڻي ويندڙ خلائي جهاز هو. ان جو مکيه ڀاڱو، ”ڪمانڊ ماڊيول“، جنهن ۾ ٽن خلابازن جي ويهڻ ۽ مقرر ڪم ڪرڻ واسطي هڪ مخصوص ڪيبن ٺهيل هئي، اهو ئي ڀاڱو، خلابازن کي موٽائي زمين تي کڻي آيو. هن خلائي جهاز جو ٻيو ڀاڱو ”سَٽروس ماڊيول“ هو، جيڪو خلائي جهاز جي مکيه ڀاڱي، ڪمانڊ ماڊيول کي اڳتي هلڻ لاءِ ڌِڪڻ، بجلي، پاڻي ۽ آڪسيجن گيس جو گهربل مقدار مُهيا ڪرڻ وارا اهم ڪم ڪندو رهيو. هن خلائي جهاز جو ٽيو ڀاڱو ”لُونَر ماڊيول“ جيڪو خود ٻن حصن تي مُشتمل هو. انهيءَ کي عام طرح چنڊ گاڏي ۽ سائينسدانن طرفان ”ايگل“ نالو ڏنو ويو. ايگل جي هڪڙي ڀاڱي چنڊ تي لهڻ جو ڪم سر انجام ڏنو. چنڊ تي لهڻ کان پوءِ چنڊ گاڏي جي مٿئين ڀاڱي، خلا بازن کي چنڊ تان کڻي اچي، خلائي جهاز جي مکيه ڀاڱي، ڪمانڊ ماڊيول ۾ پهچايو.
سَيٽَرن فائيو نالي خلائي جهازن کي خلا ۾ روانو ڪندڙ راڪيٽ ذريعي، ڌرتيءَ تان اُڏام چالو ڪرڻ کان پوءِ، خلا ۾ لڳاتار ٽي ڏينهن سفر ڪرڻ بعد، اپولو يارهن چنڊ جي مدار ۾ وَڃِي رسيو. تنهن کان پوءِ چنڊ ڏانهن وڃڻ وارا خلاباز، نِيل آرمسٽرانگ ۽ بُز الڊرن، خلائي جهاز جي چنڊ ڏانهن روانو ٿيندر ڀاڱي، لونَر ماڊيول، يعني چنڊ گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺا ۽ چنڊ گاڏي چنڊ جي مدار مان نڪرڻ ۽ چنڊ ڏانهن وڃڻ لاءِ اپولو يارهن جي ڪمانڊ ماڊيول کان جدا ٿي اڏامي، اچي چنڊ تي لٿي. تڏهن منجهس سوار خلابازن ڀانئيو ته ڄڻ اهي هڪ پرسڪون ۽ سانتيڪي خلائي سمنڊ ۾ اچي سهڙيا آهن. چَنڊَ خلاباز چند جي زمين تي مجموعي طور، ساڍا ايڪيهه ڪلاڪ رهيا، جنهن دؤران، هنن اتي کين سونپيل مختلف ڪم ڪيا. تنهن کان پوءِ اهي موٽي چنڊ گاڏيءَ جي انهيءَ ڀاڱي ۾ اچي سوار ٿيا، جيڪو چنڊ تان اڏامي، موٽي اچي، چنڊ جي مدار ۾ گردش ڪندڙ ۽ سندن اچڻ جي اوسيئڙي ۾ رهندڙ ڪمانڊ ماڊيول، ڪولمبيا سان ڳنڍيو ۽ خلابازن کي ميڙي آندل سمورين شين ساڻ انهيءَ ۾ داخل ڪيو. تنهن کان پوءِ خلابازن کي واپس آڻي پهچائيندڙ چنڊ گاڏيءَ جي انهيءَ حصي کي به ڪمانڊ ماڊيول کان جُدا ڪري چنڊ جي مدار ۾ ڇڏي ڏنو ويو ۽ خلابازن ڪمانڊ ماڊيول ڪولمبيا ۾ ڌرتيءَ ڏانهن واپسي سفر شروع ڪيو ۽ 24 جولاءِ 1969ع ۾ ڪولمبيا کي پيسفڪ سمنڊ ۾ اچي لاٿو. چنڊ تي سڀني کان پهرين لهندڙ انسان، خلاباز نيل آرمسٽرانگ کي، آمريڪا جي ٽيلي ويزن واري براه راست پروگرام تحت، چنڊ جي زمين تي قدم رکندي ۽ پنهنجو تاثر بيان ڪندي ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ چيائين ته: ”مون جهڙي هڪ فرد لاءِ اڳتي وڌڻ خاطر، وڌايل، هي ته هڪ ننڍو قدم آهي، پر مجموعي طور انسان ذات جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ اهو هڪ تمام وڏو ڇلانگ آهي اهڙي ريت خلائي جهاز اپولو يارهن جي چنڊ تي انسان کي پهچائڻ واري مهم، خوش اسلوبيءَ سان ڪاميابي سان همڪنار ٿي، پڄاڻيءَ تي پهتي! جنهن جي نتيجي طور، سن 1963ع ۾ آمريڪي صدر، جان ڪينيڊي طرفان، ڪانگريس کي خطاب دؤران تجويز ڪيل، انسان کي چنڊ تي ڪاميابيءَ سان پهچائي ۽ سلامتيءَ سان واپس ڌرتيءَ تي آڻڻ وارو قومي مقصد، ڪاميابيءَ سان حاصل ٿيو. اپولو يارهن، تاريخي طور تي انسان کي کڻي ويندڙ ٻيو خلائي جهاز هو. تنهن کان اڳ، اپولو ڏهه به خلابازن کي کڻي ويو هو. اهي ٻئي خلائي جهاز آمريڪا جي خلائي اداري ”ناسا“ طرفان موڪليل هئا. انهيءَ کان گهڻو اڳي سوويت يونين جي خلائي سائينسدانن طرفان سن 1967ع ۾ خلا ۾ روانو ڪيل ”سويُوز“ نالي خلائي جهاز ۾ سوويت خلاباز ولاديمير ڪوماروف به خلائي سفر ڪيو هو.
اپولو اٺ جي خلائي سفر دوران، انهيءَ جي ڪمانڊ ماڊيول کي هلائڻ لاءِ، اصل ۾ خلاباز مائيڪل ڪولنس کي مقرر ڪيو ويو هو. پر جڏهن کيس پُٺيءَ ۾ تڪيلف ۽ سرجريءَ جي ضرورت ٿي پئي، تڏهن سندس جاءِ تي جِم لوويل کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو اپولو اٺ لاءِ زمين تي ڪم ڪندڙ سائينسدانن جي ٽيم جو ميمبر هو. جڏهن ڪولنس صحت ياب ٿيو، ته کيس لوويل جي جاءِ تي، اپولو يارهن جي ڪمانڊ ماڊيول جو پائلٽ مقرر ڪيو ويو. اپولو اٺ جي تجربه گار پائلٽ جي حيثيت ۾، لوويل کي اپولو يارهن جي نگراني ڪندڙ پائلٽن جي ٽيم ۾ شامل ڪري، کيس ترقي ڏئي، انهيءَ ٽيم جو ڪمانڊر بنايو ويو ۽ فريڊ ڊيليو هائيز جونيئر کي، انهيءَ ٽيم ۾ لونر ماڊيول جو پائلٽ مقرر ڪيو ويو. سن 1969ع جي شروعات ۾ وِليئم اينڊرس، نيشنل اسپيس ڪائونسل ۾ هڪڙي آساميءَ تي ڪم ڪرڻ قبول ڪيو، جتي آگسٽ ۾ دخلڪار ٿيڻو هو ۽ اعلان ڪيائين ته پاڻ انهيءَ تاريخ تي خلاباز واري عهدي تان رٽائر ٿيندو. انهيءَ صورتحال موجب، ڪين ميٽنگلي کي، سپورٽ ڪريو ٽيم مان ڪڍي، وليئم اينڊرس سان گڏ، بيڪ اپ ڪمانڊ ماڊيول پائلٽ واري سکيا ڏياري وئي. اپولو يارهن جي سپورٽ ڪريوٽيم ۾ هيٺيان اهلڪار شامل هئا.
1. چارلي ڊيوڪ ڪيپسول ڪميونيڪيٽر
2. رونالد ايوانس ڪيپسول ڪميونيڪيٽر
3. اووين ڪي گاريئَٽ ڪيپسول ڪميونيڪيٽر
4. ڊون ايل لِنڊ ڪيپسول ڪميونيڪيٽر
5. ڪين ماٽنگلي ڪيپسول ڪميونيڪيٽر
6. هيريسن شمِٽ ڪيپسول ڪميونيڪيٽر
7. بِل پاگ ڪيپسول ڪميونيڪيٽر
8. جَيڪِ سِوِيگرٽِ ڪيپسول ڪميونيڪيٽر
هيٺيان اهلڪار ڊائريڪٽر هئا:
1. ڪِلفِ چارلس ورٿِ (گِرين ٽيم) لانچ اينڊ اِي وِي اي.
2. جَينِي ڪِرانز (وائيٽ ٽيم) لُوٿر لِينڊنگ.
3. گِلين لُوٽي (بِليڪِ ٽيم) لُونَر اَسينِٽ.
خلائي جهاز اپولو ڏهه جي خلابازن، سندن خلائي جهاز تي ”چارلي بِرائون“ ۽ سِنُوپي نالا رکيا. تنهن کان پوءِ پَبلِڪ افيئرس شعبي جي اسسٽنٽ مينيجر، جوليئن شيئر، مينڊ اسپيس ڪرافٽ سينٽر جي ڊائريڪٽر، جارج ايم لو کي لکيو ته هو اپولو يارهن جي خلابازن واري ٽيم جي ميمبرن کي هدايت ڪري ته اهي سندن خلائي جهاز تي، پنهنجي طرفان نالا رکڻ ۾ اُٻهرائي کي گهٽ ڪن. اپولو يارهن جي مهم متعلق شروعاتي منصوبي دؤران، خلابازن ٻِن نالن: 1. ”سِنو ڪونِ“ ۽ 2. ”هي اسنڀڪِ“ کي نيوز رليز وسيلي پڌرو ڪيو هو، پر پوءِ انهن نالن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح اپولو يارهن جي ڪمانڊ ماڊيول تي ”ڪولمبيا“ نالو رکيو ويو. اهو نالو فِلورڊا جي ناول نگار جيولس ورني جي 1865ع ۾ لکيل ناول ۾ تمام وڏي توپ وسيلي، ”ڪولمبياڊ“ نالي توپ جي هڪڙي تمام وڏي گولي کي اُڏائڻ واري تصور تان اخذ ڪيو ويو. انهيءَ ناول جو عنوان “From the earth to the moon” يعني ”ڌرتيءَ کان چنڊ ڏانهن سفر“ هو.
اپولو يارهن جي چنڊ ڏانهن وڃڻ واري ڀاڱي، لونر ماڊيول، يعني چنڊ گاڏيءَ جو نالو، آمريڪا جي قومي پکي ”باز“ تان اخذ ڪري ”ايگل“ رکيو ويو. باز جي تصوير، اپولو يارهن مهم جي علامت طور پڻ استعمال ٿي، سا مائيڪل ڪولنس تيار ڪئي هئي. ڪولنس باز جي چُهنب ۾ زيتون جي ٽاري ڏني ۽ ڌرتيءَ جي پس منظر ۾ چنڊ ڏيکاريل هو. خلائي تحقيقي اداري ”ناسا“ جي اهلڪارن باز جي چنبن کي خون خوار ڀانئيندي، زيتون جي ٽاري باز جي چنبن ۾ جهليل ڏيکاري.
هن خلائي جهاز جي پائلٽ خلابازن فيصلو ڪيو ته چنڊ تي رکجندڙ بينر تي سندن نالا نه لکيا وڃن ته جيئن اپولو يارهن جي مهم ۾ سمورن ڪم ڪندڙ ماڻهن جي نمائندگي ۽ شموليت ڳڻي سگهجي. انهن اهو به فيصلو ڪيو ته دنيا جي ڪيترين ئي قومن جي ماڻهن کي رومن انگ سڃاڻڻ ڪو نه اچن، اپولو يارهن ۾ يارهن لاءِ انگريزي انگ لکيو وڃي. انهيءَ بينر جي ڏندِ، نيري ۽ سونهري رنگ جي ٺاهي وئي. آمريڪا جي سابق صدر، آئزن هاور جي نالي ۽ تصوير سان آمريڪا جي ڊالر جو جيڪو سڪو ٺاهيو ويو هو، ان جي اُبتي پاسي تي انهيءَ بينر تي ٺهيل باز جي تصوير گهڙيل هئي. اپولو يارهن مهم کان ڏهه سال پوءِ ٺهندڙ، ننڍڙي سوسن بي اينٿوني ڊالر تي به باز واري اها شڪل اُڪريل هئي.
نِيل آرمسٽرانگ جي ذاتي سامان ۾، هوائي جهاز ايجاد ڪندڙ رائيٽ ڀائرن جي ٺاهي اُڏايل هوائي جهاز جي پک مان هٿ آيل، ڪپڙي جي ٽُڪري ۽ ڪاٺ جو ننڍڙو ٽڪر به شامل هو. ان کان سواءِ هڪڙي پِنَ به شامل هئي، جيڪا اپولو هڪ جي خلابازن جي بيواهه عورتن، اپولو يارهن مهم ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ڪارڪن، ڊيڪ سِليٽن کي ڏني ته اها چنڊ تي ويندڙ خلابازن کي ڏني وڃي، ڇو ته اها پڻ اپولو هڪ وارن خلابازن وٽ هئي ۽ خلا ۾ کڄي وڃڻي هئي. پر اپولو هڪ خلائي جهاز کي اڏامڻ شرط اوچتو باه لڳي وئي، جنهن سبب ان جا خلاباز به مري ويا. ۽ اها پِن خلابازن جي بيواهن جي ڏني وئي. سا پِنَ جڏهن شليٽن کي ملي، ته هُن اها آرمسٽرانگ کي ڏني، سو ٻئي سامان سان گڏ اها پِنَ به چنڊ تي کڻي ويو هو.
اپولو يارهن جي اُڏام جو نظارو، اڏام واري مرڪز جي چوڌاريءَ موجود رستن ۽ سامونڊي ڪناري تي موجود هزارين ماڻهن ته روبرو ڏٺو، پر ٽيلي ويزن ذريعي اها اُڏام ڪروڙين ماڻهن ڏِٺي. انهيءَ اڏام جو اکين ڏٺو احوال، ناسا جي چيف آف پبلڪ انفارميشن، جيڪ ڪنگ، ٽي وي تي پيش ڪيو. صدر نڪسن اها اڏام وائيٽ هائوس ۾ ٽي وي تي پئي ڏٺي. اهو خلائي جهاز، ڪينيڊي اسپيس سينٽر مان، لانچ پيڊ نمبر 39 تان، سيٽرن فائيو، نالي خلائي جهاز اُڏائيندڙ راڪيٽ وسيلي، تاريخ 16 جولاءِ، 1969ع تي، مقامي وقت صبح جو نوَ لڳي، ٻٽيهن منٽن تي ۽ يُو ٽي سي معياري وقت موجب تيرهن لڳي ٻَٽيهن مِنٽن تي اڏايو ويو ۽ ٻارهن منٽن کان پوءِ اهو ڌرتيءَ جي مدار ۾ داخل ٿي ويو، جتان ڌرتيءَ جي مدار ۾ ڏيڍ چڪر لڳائڻ کان پوءِ، ايس فور بي ٿرڊ انجن وسيلي، يو ٽي سي وقت موجب سورهن لڳي ٻاويهن منٽن ۽ تيرهن سيڪنڊن تي ڌرتيءَ جي مدار مان نڪري، چنڊ ڏانهن روانو ٿيو. انهيءَ وقت اپولو يارهن ۾ فٽ ٿيل، چنڊ ڏانهن روانو ڪندڙ مشينن کي، سندن ڪم پورو ٿي وڃڻ کان پوءِ، اپولو يارهن کان جُدا ڪري خلا ۾ ڇڏي ڏنو ويو. اپولو يارهن اوڻيهه جولاءِ 1969ع ۾ يو ٽي سي وقت موجب، سترهن لڳي، ايڪيهن منٽن ۽ پنجاه سيڪنڊن تي چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيو. چنڊ جي مدار ۾ سانده ٽيهه چڪر لڳائڻ دؤران، خلابازن چنڊ جي مٿاڇري تي جانچي ڏٺو ته چنڊ گاڏيءَ کي چنڊ تي لاهڻ وارو ماڳ، چنڊ جي ڏکڻ اڌ گول ۾، مرڪز کان ٻارهن ميل پري، ڏکڻ اولهه ڪُنڊ تي، نسبتاً ڪُشادو ۽ لسو محسوس ٿيو. تاريخ ويهه جولاءِ تي، چنڊ تي لهي تجربا ڪرڻ وارن ٻن خلابازن 1. نيل آرمسٽرانگ ۽ 2. بُز الڊرن، اپولو يارهن جي چنڊ ڏانهن وڃڻ واري ڀاڱي، چنڊ گاڏيءَ ۾ چڙهي، ان کي ڪمانڊ ماڊيول کان جدا ڪري، چنڊ تي لاهڻ لاءِ چنڊ جي سطح کي ويجهو ٿيڻ لڳا. جڏهن ته خلائي جهاز جي مکيھ ڀاڱي ڪمانڊ ماڊيول، ڪولمبيا کي، ان جو پائلٽ خلاباز، مائيڪل ڪولنس چنڊ جي مدار ۾ ئي گردش ڪرائي رهيو هو. چنڊ گاڏيءَ ۾ سوار خلابازن، چنڊ ڏانهن نهاريندي محسوس ڪيو ته چنڊ تي لهڻ وارو مقرر هنڌ چند گهڙين اندر سندن نظرن اڳيان گذري ويو ۽ اهي مقرر ماڳ کان ڪيترائي ميل اولهه طرف پري لهندو پيا محسوس ڪن. چنڊ جي سطح کان ڇهه هزار فوٽ پري پهچڻ تي چنڊ گاڏيءَ جي رهبر مشينن، کين گهِنٽي وڄائي خبردار ڪيو. هوڏانهن ڌرتيءَ تي هوسٽن شهر ۾ قائم انسائيڊ مشين ڪنٽرول سينٽر جي ڪمپيوٽر انجنيئر، جيڪ گارمين، گائيڊنس آفيسر، اسٽيوبيلس کي ٻُڌايو ته اپولو يارهن مهم سلامتيءَ سان جاري آهي. اهو احوال اپولو يارهن جي خلابازن کي به ڏنو ويو. پروگرام وارين گهنٽين ذريعي خلابازن کي ٻڌايو ويو ته ڪمپيوٽر تي سهپ کان وڌيڪ ڪم مڙهيا ويا آهن، جيڪي سڀ ته ڪري نٿا سگهجن. تنهن ڪري انهن مان ڪجهه ڪم معطل ڪرڻا پوندا. چيڪ لسٽ مينيوئل ۾ غلطي ٿيڻ سبب، چنڊ تي لهڻ واري هنڌ جي نشاندهي ڪندڙ ريڊار جو سوچ غلط جاءِ تي لڳڻ ڪري، ڪمپيوٽر کي غلط اشارا مليا. نتيجتاً ڪمپيوٽر تي زور ڀريو ويو ته حسب معمول پروگرام موجب چنڊ تي لهڻ جا سانڀاها ڪيا وڃن. آرمسٽرانگ وري ٻاهر نهاري ڏٺو ته چنڊ گاڏيءَ کي لاهڻ واري ڀيڻي، ٽي سو کن ميٽر قطر واري کڏي جي اتر اوڀر طرف تي هڪ صاف بيضوي ميدان مثل هئي. هن چنڊ گاڏيءَ جي مشينن تي فني گرفت مستحڪم ڪندي، آچار جي ڏينهن، 20 جولاءِ، 1969ع ۾ يو ٽي سي وقت موجب، ويهه لڳي، سترهن مِنٽن ۽ چاليهن سيڪنڊن تي، چنڊ گاڏي چنڊ جي زمين تي لاٿي. انهيءَ وقت ڪمپيوٽر تيل گهٽ هئڻ جو اشارو ڏنو. چنڊ تي لهڻ دوران الڊرن، آرمسٽرانگ کي ڪمپيوٽر جا انگ اکر ٻڌائي رهيو هو. چنڊ جي سطح تي رسڻ کان ٻه ٽي سيڪنڊ اڳ الڊرن چنڊ جي سطح تي نهاريندي ڏٺو ته چنڊ گاڏيءَ جي ڏاڪڻ ۾ لڳل پروب چنڊ جي سطح تي وڃي لڳا هئا ۽ سيڪنڊ، ٻن اندر چنڊ گاڏي چنڊ تي لهي چُڪي هئي. هوسٽن واري اسپيس سينتر مان ڪيپسول ڪميونيڪيٽر، چارلس ڊيوڪ، چنڊ گاڏي، ايگل ۾ سوار خلابازن سان ڳالهائي چيو ته ”هيٺ، اسين توهان جي سرگرمين کي سهيڙي رهيا آهيون. آرمسٽرانگ کيس جواب ڏنو ته اسان چنڊ گاڏي کي چنڊ جي نهايت پرسڪون ميدان تي لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. چنڊ تي لهڻ کان اڍائي ڪلاڪ پوءِ الڊرن ريڊيو ذريعي، زمين تي اسپيس سينٽر وارن سان ڳالهائيندي، چيو ته ”آئون لونر ماڊيول جو پائلٽ آهيان. مون کي هينئر ٻڌندڙ هر شخص کي هيءَ گذارش ڪرڻ جي خواهش آهي ته هو مرد توڙي عورت، ڀلي ڪير ۽ ڪٿي به هجي، پر هو ڪا گهڙي پل ترسي، گذريل چند ڪلاڪن ۾ ٿيندڙ عملن بابت غور ڪري ۽ پنهنجي پنهنجي انداز موجب شڪر گذاريءَ جو فرض ادا ڪري.“ ياد رهي ته انهن ڏينهن دؤران، خلائي سائنسي ادارو، ”ناسا“ آمريڪا جي هڪ لادين شخص، ميڊلن مُري اوهيئر طرفان ”ناسا“ جي خلاف داخل ڪيل مقدمو وڙهي رهيو هو. ميڊلن اپولو وَن خلائي جهاز جي پائلٽن طرفان خلائي جهاز ۾ سواري ڪرڻ دوران، مذهبي ڪتاب جي هڪ باب جا ڪجهه جملا پڙهڻ تي اعتراض ڪيو ۽ گهر ڪئي ته ”ناسا“ اداري جي خلابازن کي سندن مهمن دوران مذهبي ڪارگذاري نشر ڪرڻ کان روڪيو وڃي. تنهن ڪري الڊرن به پاڻ کي اهڙي عمل کان روڪيو، جيتوڻيڪ پاڻ به پريسبائيٽيريئن عيسائي فرقي سان وابسته هو ۽ سندس خانگي ڪِٽ، سندس مُرشد، ڊين وُدرف تيار ڪئي هئي. هن گائيڊ پوسٽس نالي مُخزن جي آڪٽوبر 1970ع واري اشاعت ۾ سندس مُرشد، ڪُليسا ۽ چنڊ تي مذهبي تصور بابت اظهار ڪيو هو. الڊرن سندس لکيل ڪتاب ”ڌرتيءَ ڏانهن واپسي“ ۾ به انهيءَ بابت ذڪر ڪيو آهي. پريسبائيٽيريئن چرچ ۾ الڊرن جو چنڊ تي استعمال ڪيل گلاس به رکيل آهي.
خلابازن کي چنڊ جي مٿاڇري تي مختلف ڪم ڪرڻ کان سواءِ، پنج ڪلاڪ سمهڻ جو پروگرام به ٺهيل هو، پر هنن ڀانئيو ته مقرر وقت ۾ سمورا مقرر ڪم شايد مڪمل ڪري نه سگهجن، تنهنڪري هنن اتي سمهڻ وارو پروگرام ترڪ ڪري ڇڏيو. خلابازن چنڊ گاڏيءَ جي درين مان سندن چنڊ جي سطح تي لهڻ وارو هنڌ جانچي ڏٺو ۽ 21 جولاءِ 1969ع سومر جي ڏينهن 2 لڳي 39 منٽن، يو ٽي سي وقت موجب آرمسٽرانگ چنڊ گاڏي مان نڪرڻ واري لنگهه جو ڍڪ کوليو ۽ ڏاڪڻ وسيلي هيٺ لهڻ شروع ڪيو. رموٽ ڪنٽرول اوزارن ۽ ٻئي سامان وارو ٿيلهو سندس سيني تي ٻڌل هئڻ سبب، هو سندس پير ڏسي نٿي سگهيو. نوَن ڏاڪن واري ڏاڪڻ تان چنڊ جي زمين تي لهڻ دوران، هن چنڊ گاڏيءَ جي ٻاهران لڳل ”ڊي رنگ“ نالي هڪ مشين کي ڇڪي سِڌو ڪيو ۽ يو ٽي سي وقت موجب 2 لڳي 56 منٽن ۽ 15 سيڪنڊن تي پنهنجو کاٻو پير چنڊ جي زمين تي رکيو. انهيءَ وقت ٽيلي ويزن تي صحيح تصويرون ڪو نه پئي آيون. چنڊ تان موڪليل سنگل آمريڪا ۾ پهچڻ کان سواءِ، اهي آسٽريليا جي هَنِي سَڪِل ڪِرِيڪِ ٽِريڪِنگ اسٽيشن تي پڻ پهچي رهيا هئا. ڪجهه مشيني ۽ موسمي خزابين جي باوجود، چنڊ جي زمين تي خلابازن جي مٿان ٿيندڙ مختلف عملن ۽ تجربن کي، ڌرتيءَ تي دنيا جي سٺ ڪروڙن کان به گهڻن ماڻهن، ٽي وي تي ڏٺو پئي. ناسا، خلائي مرڪز ۾ خلاف معمول مقناطيسي ٽيپ جي وري استعمال دوران اتفاق سان خلابازن جي شروعاتي عملن واريون تصويرون ضايع ٿي ويون. آرمسٽرانگ اڃا ڏاڪڻ تي ئي هو، ته هُن ڏاڪڻ جي ٻئي طرف هڪ تختي ڏٺي، جنهن تي ڌرتيءَ جي ٻنهي اڌ گولن، يعني اتر اڌ گول ۽ ڏکڻ اڌ گول جون ٻه جدا جدا تصويرون ٺهيل هيون. انهيءَ تي ٻه جملا ۽ صدر نِڪسن جي صحيح سان گڏ خِلابازن جا دستخط پڻ ٿيل هئا. تختيءَ تي لکيل جملي جي معنيٰ هئي. ”ڌرتي“ نالي هڪ سياري تي رهندڙ انسانن، سن 1969ع جي جولاءِ واري مهيني ۾ هتي چنڊ تي اچي، سڀني کان اڳ پنهنجا قدم رکيا. اسين هتي، سموري انسان ذات جي امن خاطر آياسين.
چنڊ گاڏيءَ کي چنڊ تي لاهڻ کان ساڍا ڇهه ڪلاڪ پوءِ، چنڊ گاڏيءَ جي ڏاڪڻ وسيلي چنڊ جي زمين تي لهي، ان جي مِٽيءَ کي جانچي، نِيل آرمسٽرانگ ٻڌايو ته اها اٽي يا پائوڊر جهڙي تمام سنهي، دز جهڙي آهي. پوءِ پنهنجو تاثر بيان ڪيائين ته انفرادي طور تي ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ اڳتي وڌڻ لاءِ ته هي هڪڙي کُهِي وِک آهي، پر سموري انسان ذات جي ترقيءَ لاءِ هِيءُ هڪڙو تمام وڏو ڇلانگ آهي! چنڊ جي سطح تي لهڻ کان ست منٽ پوءِ، هن چنڊ واري مِٽيءَ جو گهربل مقدار، هڪ تجرباتي ٿيلهي ۾ وجهي، چڱيءَ طرح ويڙهي، سندس سوٽ جي ساڄي ران تي ٺهيل کيسي منجهه وجهي رکيو. تنهن کان ٻارهن منٽ پوءِ، سندس ساٿي خلاباز، بُز الڊرن به چنڊ گاڏيءَ مان لهي اچي ساڻس گڏيو ۽ انهيءَ منظر کي نهايت ننڍڙي گفتي سان بيان ڪيائين ته: واهه! هيءَ ته سُڃ به عاليشان آهي!
صدر جان ڪينيڊي جي 1960ع واري ڏهاڪي جي خاتمي کان اڳ، انسان جي چنڊ تي پهچڻ واري آرزو کي پورو ڪرڻ خاطر، اپولو يارهن، اپولو سِسٽم جي ڪاريگريءَ جي تپاس يا تجربو هو، تنهن موجب آرمسٽرانگ، چنڊ تي لٿل چنڊ گاڏيءَ ۽ چنڊ جي مختلف منظرن ۽ طرفن جا ڪيترائي فوٽو ڇڪيا، جيئن ته سائنسدان انهن جو ڳوڙهو اڀياس ڪري سگهن. پوءِ هُن ٽي وي ڪيميرا کڻي چنڊ جي ٻيهر وڌيڪ تصوير ڪشي ڪئي ۽ ٽي وي ڪيميرا، چنڊ گاڏيءَ کان 68 فوٽ پري هڪڙي ٽن ٽنگن واري گهوڙيءَ تي رکي ڇڏي. آرمسٽرانگ ٻڌايو ته چنڊ جي ڪشش، ڌرتيءَ جي ڪشش جي ڇهين حصي جيتري آهي، تنهن ڪري هلڻ ۾ ڪا تڪليف نٿي ٿئي، پر سولائي ٿئي ٿي. الڊرن چنڊ جي مٿاڇري تي هلڻ لاءِ مختلف قسمن جا تجربا ڪيا، جنهن ۾ ڪينگرو وانگر ٻڌا ٽپ ڏيڻ به شامل هو، تنهن کي وڌيڪ ترجيح ڏني وئي، ڇو ته خلابازن وٽ، پُٺن تي ٻڌل وڏا ٿيلها، ٽپ ڏيڻ دؤران کين ڏکيا ڪو نه ٿي لڳا. خلابازن ٻڌايو ته کين سندن چُر پُر ڇهه ست وِکون اڳيان مقرر ڪرڻ جي ضوررت هئي. چنڊ واري اٽي جهڙي سنهي مٽي ڏاڍي ترڪڻي هئي. الڊرن ٻڌايو ته اُس مان نڪري چنڊ گاڏيءَ جي پاڇي ۾ بيهڻ سان منهنجي پوشاڪ جي گرمي جي درجي ۾ فرق نٿي آيو. البت لوهي ٽوپلو ڇانوَ ۾ اچڻ سان ڪجهه ٿڌو ٿي ٿيو.
خلابازن، خصوصي طور ٺاهيل آمريڪا جو جهنڊو چنڊ جي زمين تي، ٽي وي ڪيميرا جي صاف منظر مطابق کوڙيو. ٿوري دير کان پوءِ آمريڪا جي صدر، رچرڊ نِڪسن ٽيلي فون/ ريڊيو نشريات وسيلي، چنڊ تي پهتل خلابازن سان ڳالهايو. هُن چيو: ”هلو! نِيل ۽ بُز، آئون توهان سان ٽيلي فون وسيلي، وائيٽ هائوس جي بيضوي ڪمري مان ڳالهائي رهيو آهيان. يقيناً ٽيلي فون ذريعي توهان سان ٿيندڙ هي گفتگو، سڀني کان وڌيڪ تاريخي حيثيت جي حامل گفتگو آهي. توهان جي ادا ڪيل هن ڪمال جي ڪردار سبب اسين سمورا آمريڪي ايترا ته گهڻا خوش ٿيا آهيون، جو حقيقت ۾ انهيءَ جو مڪمل اظهار ٿي سگهي ئي نٿو! هر آمريڪي شهريءَ لاءِ اڄوڪو ڏينهن، وڌ ۾ وڌ خوشي ۽ فخر ڪرڻ جو ڏينهن آهي. توهان جي سر انجام ڏنل هن عظيم سائنسي ڪارنامي کي حقيقي طور تسليم ڪرڻ ۽ جس ڏيڻ ۾ سموري انسان ذات اڄ آمريڪي عوام سان مڪمل طرح گڏ آهي. توهان جو چنڊ تي ڪاميابيءَ سان پهچڻ سان، جهڙو ڪر جنت پڻ انسان ذات جي موجود رهائش گاهه ۾ شامل ٿي وئي آهي! سائنسي مفروضي موافق، توهان سِڪون ۽ سانت واري سمنڊ (چنڊ جي زمين) تان، جينئن جينئن اسان سان ڳالهائي رهيا آهيو، تيئن تِينئَن زمين تي امن ۽ سِڪون قائم ڪرڻ لاءِ اسان جو گهربل اُتساء ٻيڻو ٿيندو وڃي. انسان ذات جي سموري تاريخ ۾، توهان جي ڪاميابيءَ واري هڪڙي بيبها گهڙيءَ، حقيقي خيرسگاليءَ جي سچي جذبي تحت ڌرتيءَ تي موجود سمورين قومن ۽ نسلن کي هڪ ئي خاندان جي انساني برادريءَ واري لڙي ۾ پوئي ڇڏيو آهي. اهي سندن افتخار ۾ به گڏجي هڪ ٿي ويا آهن، ۽ توهان لاءِ دعائون گهرڻ ۾ به گڏجي هڪ ٿي ويا آهن، ته شل توهان خير سلامتيءَ سان ڌرتيءَ تي موتي اچو!
نيل آرمسٽرانگ وراڻي ۾ چيو: صدر محترم اسان کي آفرين ڏيڻ ۽ اسان جي عزت افزائي ڪرڻ لاءِ اسين توهان جا نهايت شڪرگذار آيهون. نه فقط آمريڪا، پر دنيا جي سڀني قومن جي امن امان جي طلبگار سڀني قومن ۽ نسلن جي نمائندگي ڪندي اسان جو هتي چنڊ تي، خير سان پهچي وڃڻ، اسان جي لاءِ تمام وڏي عزت، خوشي ۽ مراعات جو حامل عمل آهي. انهن سڀني ماڻهن جي دلچسپيءَ ۽ جستجو سميت، مستقبل لاءِ بهتر خواهشن جي تڪميل خاطر، هن ڪم ۾ اسان جي شرڪت ۽ هتي موجودگي اسان جي لاءِ هڪ وڏو حقيقي اعزاز آهي.“ چنڊ جي زمين تي مختلف ڪم ڪندي، چنڊ واري سنهي مِٽي، خلابازن کي پاتل سائنسي پوشاڪ تي چڙهندي وئي. خلابازن چنڊ جي سطح تي اي اي ايس اي پي نالي زلزله پيما مشين، گرمي ۽ روشنيءَ جي ماپ ڪندڙ ۽ گرمي ۽ روشنيءَ کي گهربل رُخ ۾ موٽائيندڙ مشينون نصب ڪيون. پوءِ آرمسٽرانگ چنڊ گاڏيءَ کان 194فوٽ اولهه طرف پري مفاصلي تي، هڪڙي کڏي جي ڪپ تي بيهندي، مختلف طرفن کان ڪيترن ئي منظرن جا فوٽو ڇڪيا. تنهن وقت دؤران، الڊرن ٻن ڪَوَرِٽِيُوبَن ۾ ڪي اهڙا سخت مادا وِڌا، جيڪي هٿوڙو ڪم آڻيندي ٽيوبن منجهه وِڌا ويا. تنهن کان پوءِ چمٽا ۽ بيلچا ڪم آڻيندي پٿر نما ڪجهه سخت مادا پڻ گڏ ڪري ٿيلهين ۾ بند ڪيا. چنڊ جي زمين تي مختلف ڪم ڪندي خلابازن کي توقع کان وڌيڪ وقت لڳي ويو. آمريڪا جي ارضيات جي سائنسدانن چنڊ تان آندل مِٽيءَ جي مختلف قسمن مان ٽي نوان ڪيميائي عنصر دريافت ڪيا ۽ کين هيٺ لکيل ڪيميائي نالا ڏنا. 1. ارملڪولائيٽ، 2. ٽِرابِڪوئيليٽائيٽ ۽ 3. پائروڪس فيرائيٽ. انهن دريافت ڪيل نوَن عنصرن تي پوءِ اپولو يارهن جي خلابازن وارا نالا رکيا ويا.
چنڊ جي مٿاڇري تي ڪم ڪرڻ دوران آرمسٽرانگ جي جسماني ڪارڪردگي ۾ تيزي پيدا ٿي، تنهن کي زمين واري ڪنٽرول مرڪز وارن سائسنسدانن سندس چُر پُر جي رفتار گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته چنڊ تي موجود ٻنهي خلا بازن جي پنڌ ڪرڻ دوران، سندن جسماني ڪارڪردگي ۾ رواجي طرح توقع کان گهٽ تيزي هئڻ سبب، کين اُتي ڪم ڪرڻ لاءِ 15 منٽ وڌائي ڏنا. سن 2010ع ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾، چنڊ جي زمين تي وڌيڪ پنڌ ڪندڙ خلاباز، آرمسٽرانگ واضح ڪيو ته چنڊ تي خلابازن جي گرميءَ جي درجي کي مناسب پد تي برقرار رکڻ لاءِ، اڳ ۾ ڪو به تجرباتي ثبوت موجود نه هئڻ سبب، خلائي سائنسي اداري، خلابازن لاءِ چنڊ تي پنڌ ڪرڻ جو وقت ۽ مفاصلو گهٽ مقرر ڪيو هو. چنڊ جي مٿاڇري تي مختلف ڪم ڪرڻ کان پوءِ خلاباز مقرر وقت تي چنڊ گاڏيءَ ۾ وڃي چڙهي ويٺا. چنڊ گاڏيءَ جو اندر وڃڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وارو لنگهه، نِسبتاً ڪجهه سوڙهو هئڻ سبب، چنڊ گاڏيءَ مان ٻاهر نڪرندي ۽ موٽي منجهس گهڙندي، خلابازن کي ساڻن سندن ڪِٽ وارا وڏا ٿيلها به پٺن توڙي ڇاتيءَ تي ٻڌل هجڻ سبب، ڪجهه تڪليف برداشت ڪرڻي پئي. الڊِرن چنڊ گاڏيءَ ۾ پهرين داخل ٿيو. خلابازن ڪل 21.055 ڪلوگرام وزن وارا ٻه دٻا جن ۾ فلمون ۽ چنڊ جي مٿاڇري تان ميڙي، مختلف ٿيلهين ۾ بند ڪري سموريون شيون رکيل هيون، سامان / بار مٿي چنڊ گاڏيءَ ۾ پهچائڻ لاءِ ٺهيل مشين وسيلي چنڊ گاڏيءَ ۾ چاڙهي ۽ سنڀالي رکيا. تنهن کان پوءِ آرمسٽرانگ چنڊ گاڏيءَ ۾ چڙهي آيو ۽ زميني ڪنٽرول واري مرڪز کان مليل هدايت موجب، هاڻي وڌيڪ ڪم نه ايندڙ شيون، جهڙوڪ هلڻ ۽ ڪم ڪرڻ دوران، جسماني توازن برقرار رکڻ لاءِ ڪم ايندڙ بيڪ پيڪ ٿيلها، چنڊ تي پاتل اوور بوٽ، ڪيميرائون ۽ ڪجهه ٻيون نه گهربل شيون، ٻاهر چنڊ جي مٿاڇري تي اُڇلائي ڇڏيائون. سڀئي مقرر ڪم پورا ڪري، نيٺ چنڊ گاڏيءَ ۾ سمهڻ جو سعيو ڪيائون. چنڊ گاڏيءَ جي ڪيبن ۾ چُر پُر ڪندي، الڊرن کان اتفاق سان چنڊ گاڏيءَ کي اڏائڻ لاءِ مٿي کڻندڙ مشين جو سرڪٽ بريڪر ڦِٽِي پيو، جنهن سبب چنڊ تي ئي رڪجي ۽ رهجي وڃڻ جو انديشو پيدا ٿيو، پر خوش قسمتيءَ سان انهيءَ مشين جي سوچ کي چالو ڪرڻ لاءِ اتي ئي موجود هڪ فليٽ ٽِپ پين ئي ڪافي هئي. اٽڪل ست ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ کان پوءِ، زميني ڪنٽرول واري مرڪز طرفان، خلابازن کي واپسي واري اڏام جي تياري ڪرڻ واسطي، ننڊ مان سجاڳ ڪيو ويو. سُجاڳ ٿيڻ کان اڍائي ڪلاڪ پوءِ، واپس ڌرتي ڏانهن کڄي ايندڙ سموري سامان سميت، چنڊ گاڏي جي واپس اڏامڻ واري ڀاڱي ۾ سوار ٿي، خلاباز، يو ٽي سي وقت موجب 17 لڳي 54 منٽن تي ان کي اڏائيندا، چنڊ جي مدار ۾ گردش ڪندڙ ۽ سندن اچڻ جو انتظار ڪندڙ اپولو يارهن جي مکيه ڀاڱي، ڪمانڊ ماڊيول، ڪولمبيا ڏانهن روانا ٿيا، جنهن کي سندن ساٿي خلاباز مائيڪل ڪولنس هلائي رهيو هو. اڳ ڄاڻايل شَئِينِ کان سواءِ خلابازن، چنڊ تي اپولو هڪ جي هڪ يادگار پٽي، امن جي روايتي نشان، زيتون جي ٽاري واري هڪ يادگار سوني پٽي ۽ سِليڪان جي ٺهيل هڪ وڏي تختي به نسب ڪئي هئي. انهي وڏي تختي تي آمريڪا جي چئين صدرن، 1. آئزن هاور، 2. جان ڪينيڊي، 3. جانسن ۽ 4. رچرڊ نڪسن جا نالا، آمريڪي ڪانگريس جي اڳواڻن جا نالا، سائنسي اداري ”ناسا“ لاءِ قانون سازي ڪندڙ ڪانگريس ۽ سيٽيٽ جي چئين ڪميٽين جي ميمبرن جا نالا، خلائي اداري ”ناسا“ جي حال توڙي ماضي واري انتظاميه جا نالا ۽ دنيا جي 73 ملڪن جي اڳواڻن جا نالا ۽ نيڪ تمنائن وارا پيغام به لکيل هئا. ان سان گڏ سوويت يونين جي خلابازن، يوري گاگارين ۽ وِلاديمير ڪوماروف کي مليل اعزازي ميڊل پڻ يادگار طور چنڊ تي رکيا ويا هئا.
چنڊ گاڏيءَ جي واپس اڏامندڙ ڀاڱي مان ڀريل فلم ۾ آمريڪا جو چنڊ تي کوڙيل جهنڊو، چنڊ گاڏي جي اتي ڇڏي ڏنل حصي کان 25 کن فوٽ پري نصب ٿيل ۽ چنڊ گاڏيءَ جي واپس اڏامندڙ حصي مان نڪرندڙ دونهن لڳڻ سبب، تمام زور سان پئي لُڏيو. تنهن وقت الڊرن ان کي غور سان ڏٺو، ته اهو دونهن جي زور سبب نيٺ اکڙي ڪري پيو. هن لکيو ته چنڊ گاڏيءَ وارو وري واپس اڏامڻ وارو حصو، جنهن ۾ اسين واپسي سفر ڪري رهيا هئاسين، چنڊ گاڏيءَ واري اتي ڇڏيل حصي کان جدا ٿي مٿي اڏامڻ لڳو ته مون ڪمپيوٽرن ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ نيل انڊيڪيٽرن جي روش جو جائزو وٺڻ لڳو. مون انهيءَ وقت ٻاهر هيٺ جهنڊي ڏانهن به نهاريو، ته اهو دونهن جي زور سان ڪري پيو. پوءِ وارين اپولو مهمن دؤران، آمريڪي جهنڊا، چنڊگاڏيءَ کان گهٽ ۾ گهٽ سو فوٽ پري کوڙيا ويا، جيئن دونهن جي زور کان بچن. اپولو يارهن جي ڪمانڊ ماڊيول سان ڳنڍجڻ ۽ خلابازن جي ڪولمبيا ۾ آندل سامان سميت داخل ٿيڻ کان پوءِ چنڊگاڏيءَ وارو موٽي ڪولمبيا سان واپس اچي ملندڙ حصو، 21 جولاءِ 1969ع ۾ يو ٽي سي وقت موجب، 23 لڳي 41 منٽن تي ڪمانڊ ماڊيول ڪولمبيا کان جدا ڪري، چنڊ جي مدار ۾ لاٿو ويو ۽ اپولو ٻارهن جي اڏام کان ڪجهه وقت اڳ ناسا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو، ته ممڪن آهي، اهو اڃا تائين چنڊ جي مدار ۾ ڦرندو هجي، پر پوءِ پڌرو ڪيو ويو ته اهو چنڊ جي مدار مان نڪري، چنڊ جي ڪنهن غير حتمي هنڌ وڃي ڪريو هوندو. سمنڊ ۾ لهڻ کان هڪ رات اڳ، 23 جولاءِ 1969ع ۾ ٽنهي خلابازن ٽيلي ويزن تي ڳالهايو، جنهن دوران ماِئيڪل ڪولنس جو تاثر هو: ”اسان جي خلائي جهاز کي خلا ۾ موڪليندڙ راڪيٽ، سيٽرن پنج، ڪيترين ئي مشينن جو هڪڙو پيچيده مجموعو آهي، جيڪي ڪنهن به غلطي ڪرڻ کان سواءِ پنهنجو پنهنجو سونپيل ڪم نهايت خوش اسلوبيءَ سان ڪري رهيون هيون، تنهنڪري اسان کي انهن تي مڪمل اعتماد رهي ٿو. اها سموري حاصلات، هزارين ماڻهن جي رت کجائيندر، پگهر وهائيندڙ ۽ ڳوڙها ڳاڙيندڙ جفاڪشيءَ جو نتيجو آهي. آئون انهن سمورن جفاڪش ڪارڪنن جو تهه دل شڪر گذار آهيان.“ الڊرن چيو: ”چنڊ ڏانهن وڃڻ واري ڳوڙهي مهم، فقط ٽن خلابازن جي محنت جو نتيجو نه، پر ناسا جي سڀني اڳوڻن توڙي هاڻوڪن اهلڪارن جي گڏيل پورهئي، سرڪار جي مڪمل تعاون، سموري آمريڪي قوم، توڙي سموري انسان ذات جي اڻڄاڻائيءَ کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ ۽ انهيءَ کي انسان ذات جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ ڪم آڻڻ واري نه ختم ٿيندڙ خواهش جي سلسلي ۾ اڻٿڪ جستجو جو ثمر آهي! هن مهم جي گذريل ڏينهن کي ساريندي، ذهن تي زبور مقدس جي هِيءَ مناجات تري آئي آهي: ”اي رب سائين! تنهنجي هٿن جي ڪاريگريءَ سان تخليق ڪيل جنت، چنڊ ۽ تارن بابت سوچيندي، مُنجهي ٿو پوان ته جنهن جي خوشيءَ ۽ خوش نوديءَ لاءِ تون ايترو گهڻو فڪرمند آهين، سا مخلوق، يعني انسان، اصل ۾ ڇا آهي؟“! آرمسٽرانگ هيٺئين تاثر سان گفتگو ختم ڪئي. ”هن خلائي سفر جي ذميواري ته اول انساني تاريخ تي عائد ٿئي ٿي، تنهن کان پوءِ انهيءَ جي ڪارگذاري ۽ ڪاميابيءَ جو سهرو آمريڪا جي خلائي سائينسدانن جي سر تي سونهي ٿو، انهيءَ کان پوءِ آمريڪا جي عوام جي خواهش به انهيءَ عمل لاءِ مثبت رهي. تنهن کان سواءِ، ڪانگريس جي چئين ڪميٽين خلائي سائنسي ادارن، راڪيٽ، خلائي جهاز ۽ گهربل ٻيون ضروري شيون جهڙوڪ لباس، بوٽ، ٽوپ وغيره تيار ڪندڙ ڪارخانن جي ڪارڪردگي به ڪارفرما رهي. اڄ رات اسان کي ٽي وي تي ڏسندڙ ۽ ريڊيو تي ٻُڌندڙ سڀني ماڻهن کي اسين نيڪ تمنائون آڇيون ٿا، سندن خصوصي شڪريو ادا ڪريون ٿا ۽ اپولو يارهن مان شب خير چئون ٿا!“
24 جولاءِ 1969ع ۾، مقامي وقت، پره ڦُٽيءَ کان ٿورڙو وقت اڳ ۽ يو ٽي سي وقت موجب 14 لڳي 51 منٽن تي، اپولو يارهن جو مکيه ڀاڱو، ڪمانڊ ماڊيول، يعني ڪولمبيا، خلابازن ۽ سندن آندل سموري سامان سميت، 13 ڊگريون ۽ 19 فوٽ اُتر ۽ 149 ڊگريون ۽ 9 فوٽ اولهه طرف، پيسفڪ وڏي سمنڊ ۾، 2660 ڪلو ميٽر ويڪ لينڊ جي اوڀر طرف، 380 ڪلوميٽر جانسٽن ابول جي ڏکڻ ۾ ۽ 24 ڪلو ميٽر بحاليءَ لاءِ مخصوص ڪيل بحري جهاز يو ايس ايس هارنيٽ کان پري اچي لٿو ته پاڻي ۾ وڏو سٽڪو ٿيو ۽ ڪولمبيا اونڌو ٿي پيو، تنهن کي ترندڙ ٿيلهن کي ڪم آڻيندي، خلابازن، ڏهن منٽن اندر سَئُون سِڌو ڪري ورتو. اُن وقت آرمسٽرانگ، سرڪاري طرح ڪولمبيا مان آخري ڀيرو ڳالهائيندي چيو ته: ”ڪولمبيا جي هر شيءِ بلڪل ٺيڪ ۽ صحيح آهي ۽ اسان جي هيءَ مهم مڪمل ۽ پوري ٿي.“ انهيءَ وقت، ڪولمبيا جي نگراني ڪندي، ڪولمبيا جي مٿان اُڏامندڙ، آمريڪا جي بحري فوج جي هيلي ڪاپٽر مان لهي ايندڙ ٽوٻن مان هڪڙي جوان لُڙهي وڃڻ کان بچائڻ لاءِ، ڪولمبيا کي هڪڙي ناتاريءَ سان ٻڌي ڇڏيو. ٻين ٽوٻن ترڻ ۾ سَوَلائي پيدا ڪرڻ لاءِ، ان ۾ تارڻ وارا خاص اوزار لڳايا ۽ خلابازن کي ٻاهر آڻڻ لاءِ، ان ۾ گهربل هڪ ترهو يا تختو به لڳائي ورتو. پوءِ ٽوٻن، خلابازن کي، طبي طور تيار ڪيل پوشاڪون آڻي ڏنيون ته اُهي پائين ڇو ته سائنسدانن کي گمان هو ته خلا ۾ توڙي چنڊ تي نامعلوم بيمارين جا جيوڙا موجود هجن ۽ خلابازن جي ڪپڙن ۽ سندن جسم تي پهچي ويا هجن. اهي هنن طبي طور تيار ڪيل پوشاڪُن پائڻ سان فنا ٿي ويندا. تنهن کان اڳ خلابازن جي جسم کي هائپو ڪلورائيٽ ڳار سان مالش ڪئي وئي ۽ ڪولمبيا کي پڻ بيٽاڊين دوا سان صاف ڪيو ويو. پوءِ خلابازن کي طبي ڪپڙا پهرائي، هيلي ڪاپٽر وسيلي بحاليءَ واري بحري جهاز، هارنيٽ تي رسايو، جتي فلائيٽ سرجن ڊاڪٽر سندن طبي معائنو ڪيو. پوءِ کين هينگر بي 2 وٽ پهچائي، گشتي طبي ضابطي واري ڪمري ۾ داخل ڪرڻ واسطي 30 فوٽ پنڌ ڪرايو ويو. انهي طبي ضابطي واري گشتي ڪمري ۾ کين سانده 21 ڏينهن ترسايو ويو. اهو گشتي طبي ڪمرو بحري جهاز، هارنيٽ تي رکيل هو. ان وقت آمريڪا جو صدر، رچرڊ نِڪسَن پاڻ، هارنيٽ تي چڙهي اچي، زمين تي موٽي اچڻ تي خلابازن جي آجيان ڪئي ۽ کين مُبارڪون ڏيندي چيو ته: ”توهان جي هن عظيم سائنسي ڪارنامي سر انجام ڏيڻ جي نتيجي ۾ پنهنجي هي دنيا، عملي طور جيترو هڪٻئي سان اڄ ويجهي ٿي آهي، اها اڄ کان اڳ ايتري ويجهي ڪڏهن به ڪانه هئي! صدر نڪسن جي اُتان واپسيءَ بعد، هارنيٽ کي، لنگرانداز ڪولمبيا وٽ آڻي، هارنيٽ جي ڪِرين وسيلي، ڪولمبيا کي کڻي، ڪولمبيا جي گشتي ٽِراليءَ تي رکيو ويو ۽ ان کي ٽراليءَ تي کڻي آڻي، طبي ضابطي واري ڪمري وٽ رکيائون، جنهن ۾ خلاباز ترسيل هئا. پوءِ هارنيٽ کي پرل بندر آندو ويو، جتان، ڪولمبيا ۽ طبي ضابطي وارو ڪمرو، هوائي لِفٽ وسيلي مينڊِ اسپيس ڪرافٽ سينٽر ۾ آندا ويا. چنڊ تي بيمارين جي موجودگيءَ جي خدشي سبب، ”ايڪسٽرا ٽيريسٽريئل ايڪسپوزر لا“ موجب خلابازن کي ٽن هفتن تائين، طبي ضابطي واري ڪمري ۾ رکڻ کان پوءِ، سڀني بيمارين جي جيوڙن کان مڪمل طرح پاڪ ۽ مڪمل طور صحتمند هئڻ جي تصديق ڪئي وئي ۽ 10 آگسٽ تي انهن، سندن اعزاز ۾ نڪرندڙ جلوسن ۽ جلسن دوران، نيويارڪ، شِڪاگو ۽ لاس اينجلس شهرن جو سفر ڪيو. انهيءَ ڏينهن شام جو، ڪيليفورنيا رياست جي طرفان، لاس اينجلس شهر جي سينچري پلازا هوٽل ۾ اپولو يارهن جي خلابازن جي مان ۾ سرڪاري طور تي اسٽيٽ ڊنر منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آمريڪا جي صدر، نائب صدر، آمريڪا جي چيف جسٽس، آمريڪا جي 44 رياستن جي گورنرن، ڪانگريس جي ميمبرن ۽ 83 مُلڪن جي سفيرن شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي، صدر نِڪسَن ۽ نائب صدر ايگنيو هر خلاباز کي ”پريزيڊينشل ميڊل آف فريڊَم“ وارا تمغا عطا ڪيا. اهو جشن، خلابازن جي مان ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن جي 45 ڏينهن تي مشتمل سلسلي جي شروعات هئي، جنهن دوران انهن 25 پرڏيهي ملڪن جو سفر ڪيو ۽ دنيا جي سياسي اڳواڻن، جهڙوڪ برطانيه جي مهاراڻي، ايلزبيٿ ۽ ٻين سان مُلا قاتون ڪيون.
دنيا جي اڪثر ملڪن جي اخبارن ۽ رسالن ۾ اپولو يارهن جي مهم بابت ڪيترائي مضمون ۽ ليک لکيا ويا. ڪن ملڪن، اپولو يارهن جون يادگار ٽڪليون شايع ڪيون. آمريڪا ۾ اپولو يارهن بابت يادگار سِڪا به ٺاهيا ويا. 16 سيپٽمبر 1969ع ۾ ٽنهي خلابازن، آمريڪا جي ڪانگريس ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو ۽ ٻنهي ايوانن ۾ نصب ڪرڻ لاءِ آمريڪا جا ٻه اهي جهنڊا ڏنا، جيڪي اُهي چنڊ تي کڻي ويا هئا. اپولو يارهن جو ڪمانڊ ماڊيول، ڪولمبيا، واشنگٽن شهر جي نيشنل ايئر اينڊ اسپيس ميوزم ۾ نمائش لاءِ رکيل آهي. آرمسٽرانگ ۽ الڊرن جون خلائي پوشاڪون به انهيءَ ميوزم ۾ رکيل آهن. ڪُئارنٽائين يعني طبي ضابطي وارو ڪمرو، فلوٽيشن ڪالر ۽ ٻيون شيون، واشنگٽن شهر جي ويجهو اُدوار هيزي سينٽر ۾ رکيل آهن.