مائوزيتُنگ جي قيادت ۾ ٿيندڙ لانگ مارچ
چين ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ حڪمران ڪومنتانگ پارٽيءَ جي وچ ۾ گهرو لڙائي سن 1927ع ۾ چالو ٿي وئي. انهيءَ دوران، ڪميونسٽ پارٽيءَ سن 1931ع ۾ ڏکڻ اوڀر چين جي جيانگرزي صوبي ۾ ”سوويت ريپبلڪ آف چائنا“ نالي ڪميونسٽ جمهوريه قائم ڪئي، تنهن جو اڳواڻ، چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي چيئرمين، مائوزيتنگ کي چونڊيو ويو. انهيءَ ڪميونسٽ رياست ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ، صدر چيانگ ڪائي شيڪ جي اڳواڻي ۾ چيني سرڪار سن 1930ع ۽ 1934ع درميان چيني سوويت رياست کي سِلسِليوار پنج فوجي گهيرا ڪيا. مائوزيتُنگ جي اڳواڻي ۾ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڳاڙهي فوج، گوريلا جنگ وسيلي لڳاتار چئين گهيرن کي ٽوڙي، چيني سرڪاري فو ج کي پٺتي ڌڪي چيني سويت ريپبلڪ کي بچائي ورتو. تنهن ڪري چيني سرڪار، پاڻ تان ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان ڏنل شڪست جو داغ ميسارڻ خاطر چيني سوويت ريپبلڪ خلاف پنجون ۽ آخري گهيرو تمام گهڻي فوج، تمام گهڻي اسلحه ۽ بارود ۽ خوراڪ ۽ پوشاڪ سميت، بلڪل فيصله ڪُن انداز سان ڪيو ۽ ڪميونسٽ علائقي جي چوڌاري مضبوط مورچابندي قائم ڪئي ۽ ٻئي طرف ڪميونسٽ پارٽي ۾ پنهنجا ڇاڙتا ڀرتي ڪرائي مائوزيتُنگ جي خلاف مسلسل اهڙو ته خطرناڪ پرچار چالو ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ مائوزيتنگ کان پارٽيءَ اڳواڻي ئي کسي وئي. نه فقط ايترو پر ڳاڙهي فوج طرفان ٿيندڙ گوريلا جنگ بند ڪري، ڳاڙهي فوج کي به ٽوڙي ڇڏيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نئين قيادت جنگ جا رواجي طريقا اختيار ڪيا. اهڙي صورتحال ۾ سرڪاري فوج طرفان ٿيل گهيرو وڌيڪ مضبوطيءَ سان برقرار رهيو ۽ ڪميونسٽ رياست توڙي پارٽي لاءِ خطرا ڏينهون ڏينهن وڌندا رهيا. تنهن ڪري سِرَ تي چڙهي آيل شڪست ۽ تباهيءَ کان بچڻ لاءِ ڳاڙهي فوج جي قيادت ۾ ڪيونسٽ پارٽيءَ نيٺ چين جي سرڪاري فوج جو گهيرو، ڪمزور هنڌن وٽان ٽوڙي، تاريخ 16 آڪٽوبر سن 1934ع ۾ لانگ مارچ جي صورت ۾ اتر چين ڏانهن سفر ڪيو. انهيءَ عمل بابت سرڪاري فوجي قيادت کي ڪيترن ئي هفتن تائين ڪا به حقيقي خبر چار ملي نه سگهي ته ڪا گوريلا ڳاڙهي فوج گهڻو وقت اڳ گهيري مان نڪري اَلُوپ ٿي وئي آهي! ان وقت ڳاڙهي فوج جو تعداد 85 هزارن کان به وڌيڪ هو ۽ 25 هزارن کان ڪجهه وڌيڪ غير هٿيار بند پارٽي ڪارڪن به مارچ ۾ ساڻس شامل هئا. هٿيار، بارود خوراڪ،پوشاڪ ۽ٻيو ضروري سامان، گهوڙي گاڏين گڏهه گاڏين ۽ هن قافلي ۾ شامل تقريباً هر ماڻهوءَ جي پُٺيءَ تي رکيل هو. ڪيمونسٽن جو، سرڪاري فوج جي هن سڀ کان وڌيڪ مضبوط گهيري کي ٽوڙي مڪمل سلامتيءَ سان نڪري الوپ ٿي وڃڻ، چيني فوج ۽ سرڪار کي تمام وڏو صدمو رسايو، ڇو ته ڪميونسٽ ڳاڙهي فوج عموماً رات جو سفر ڪندي هئي ۽ اهو سفر پڻ سرڪاري فوج کان لِڪي ۽ اُنهيءَ کان گهڻو مفاصلو پري رکي ڪندي هئي. تڏهن، ڪڏهن ڪڏهن اها پهاڙي وادين ۾ نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندي، اڳتي وڌندي نظر ايندي هئي. جنوري سن 1935ع ۾ ڳاڙهي فوج Zunyi زُنِيي شهر واري علائقي کي قبضي هيٺ آندو. اتي پارٽيءَ جي اڳواڻن جي اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مائوزيتُنگ کي وري پارٽيءَ جو چيئرمين ۽ ڳاڙهي فوج جو سالار چونديو ويو. تنهن کان اڳ ئي مائوزيتُنگ پنهنجي سياسي ۽ فوجي حڪمت عمليءَ ۾ فيصله ڪن تبديلي آڻي ڳاڙهي فوج کي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ ورهائي، مختلف واٽون وٺائي مقرر منزل ڏانهن روانو ڪيو.مائوزيتُنگ جي سياسي ۽ فوجي هدايتن موجب، ڳاڙهي فوج مختلف واٽن تان هلندي، گوريلا جنگ ڪندي اڳتي وڌندي پنهنجي قول ۽ فعل وسيلي ڪميونسٽ پارٽي جي نصب العين جو ڪامياب پرچار ڪندي، گوهي ڏيندي دشمن کي مُنجهائي بتال ڪندي، اڳتي وڌڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ اتر چين جي شانگزي پهاڙي علائقي ۾ پهچڻ جي پروگرام تي عمل شروع ڪيو. اتي پهچي جاپاني سامراجين سان جنگ ڪري چيني عوام جي همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ خاطر سڄو سال تقريباً هر روز سرڪاري فوج سان هٿياربند مقابلا ڪندي، هوائي فوج جي بمباريءَ جو نشانو ٿيندي، فاقاڪشي ڪندي، مرندي جهُرندي، ۽ هر وقت موت سان مقابلا ڪندي آخرڪار، ڳاڙهي فوج مائوزيتُنگ جي اڳوڻيءَ ۾، تاريخ 20 آڪٽوبر 1935ع ۾ شانگزي واري پهاڙي علائقي ۾ پهچي وئي، جتي سندس ساٿي فوج جا ڪجهه جٿا سندن انتظار ۾ اڳ ئي موجود هئا. ڏکڻ اوڀر چين جي جيانگزي علائقي مان سرڪاري فوج جو گهيرو ٽوڙي لانگ مارچ شروع ڪرڻ وقت، ڳاڙهي فوج جو غير فوجي ڪميونسٽ ساٿين سميت تعداد، هڪ لک ڏهه هزار کن هو. اهو قافلو جڏهن سڄو سال جنگ ڪندي، چار هزار ميلن کان به وڌيڪ مفاصلو پنڌ ڪندي، چوويهه درياهه ۽ نديون اُڪرندي ۽ ارڙهن جبلن جون قطارون لنگهندي اچي شانگزي علائقي جي انقلابي مرڪز ۾ پهتي، تڏهن انهيءَ عظيم ڳاڙهي فوج جا فقط اٺ هزار کن مجاهد ساٿي بچيا هئا! باقي ٻيا سمورا ساٿي جنگ ۾ وڙهندي، بمباريءَ جو بک بنجندي، درياهن ۽ ڌُٻڻين ۾ ڦاسي غرق ٿيندي، بُکن، فاقن، بدحاليءَ ۽ بمباريءَ جو شڪار ٿيندي، چيني عوام جي ڇوٽڪاري خاطر پنهنجون حياتيون قربان ڪري، هڪ لک کان به وڌيڪ تعداد ۾ سورما شهيد ٿي ويا. لانگ مارچ دوران ڳاڙهي فوج جي هن عظيم جدوجهد ۽ قربانيءَ کان متاثر ٿي، چيني عوام جو نوجوان طبقو هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ ڳاڙهي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ شانگزي انقلابي مرڪز ڏانهن ويندو رهيو. تڏهن کان وٺي چين جي سرڪاري فوج ۽ جاپان جي سامراجي فوج سان لڳاتار چوڏهن سال وڙهندي، انهن سامراجي ۽ عوام دشمن فوجن کي عبرتناڪ شِڪست ڏيئي مُلڪ مان ڊوڙائي ڪڍيو ۽ سن 1949ع ۾ مائوزيتُنگ جي اڳواڻيءَ ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ چين ۾ عوامي جمهوري حڪومت قائم ڪئي. مسلسل سياسي ۽ معاشي جدوجهد سبب، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قيادت ۾ اڄ ايڪيهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ چين سياسي ۽ معاشي طور وري دنيا تي ڇانئجي ويو آهي.