تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

ايراني انقلاب

سن 1977ع جي پڇاڙيءَ ۾ ايران جو مظلوم عوام تهران ۾ ايران جي سمورن وڏن ننڍن شهرن جي رستن تي نڪري آيو ۽ شاهه ايران مُرده باد ۽ آمريڪا مُرده باد جي نعرن سان سڄي ايراني حڪومت کي لوڏي ڇڏيو. ايران جي وِچئين طبقي، کاٻي ڌُرسان تعلق رکندڙ، يونيورسٽين جي اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ طبقي، مظلوم هاري ۽ پورهيت طبقي ۽ آيت الله خُميني جي پوئلڳ شيعه مُلان طبقي گڏجي شهنشاهه ايران، محمد رضا شاهه پهلويءَ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، پر شهنشاهي نظام حڪومت جي بدران ملڪ ۾ ڪهڙو نظام حڪومت قائم ڪجي، تنهن جو حتمي فيصلو اڃا ڪو نه ڪري سگهيا هئا. دراصل ايران ۾ جمهوري اصولن تحت چونڊيل وزيراعظم ۽ سندس حڪومت جو تختو، آمريڪا جي عالمي جاسوس اداري، سي آءِ اي جي مدد سان اونڌو ڪري، شهنشاه محمد رضا شاهه پهلوي کي سن 1953ع ۾ سندس اقتدار بحال ڪري ڏنو ويو. تڏهن هن ايراني سماج ۾ اولهه جي ترقي يافته ملڪن جو نقل ڪندي هڪ نرالي جَدِيدِيَت پيدا ڪئي. هن ايران ۾ نئين معاشي نظام جي اوسر ۾ واڌارو ڪيو، هڪ نئون وچيون يعني بورزواري طبقو پيدا ڪيو ۽ عورتن جي حقن کي اُجاگر ڪيو. هن پردي، چادر ۽ حجاب جي استعمال کي غير قانوني قرار ڏنو، عورتن جي تعليم جي همٿ افزائي ڪئي ۽ سندن روزگار جو بندوبست ڪيو. انهن ڀلائيءَ جي ڪمن کان سواءِ شاه ايران پنهنجي مخالف ڌرين کي پنهنجي ظلم، ستم ۽ انتقام جو نشانو بنائيندي، کين قيد ۽ مٿن طرح طرح جو تشدد روا رکيو. انهيءَ ظلم ۽ تشدد کي برقرار رکڻ واسطي هڪڙي سفاڪ ڳُجهي پوليس قائم ڪئي، جنهن کي ساواڪ سڏيندا هئا. شاهه ايران جي آندل سُڌارن، خصوصاً عورتن جي حقن وارن قانونن جي نفاذ شيعه مُسلڪ جي مُلن کي سخت ڪاوڙ ڏياري. ايران ۾ ناموافق حالتن سبب سندن اڳواڻ آيت الله خميني ملڪ ڇڏي پهرين عراق ۾، تنهن کان پوءِ سن 1964ع کان وٺي فرانس ۾ جلاوطن ٿي رهڻ لڳو. انهيءَ دؤر ۾ آمريڪا پنهنجي خواهش موجب ايران ۾ شهنشاهه پهلويءَ جي حڪومت کي برقرار ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ گهربل جتن ڪندو رهيو، ڇو ته سوويٽ يونين طرفان ٿيندڙ توسيع کي روڪڻ لاءِ آمريڪا ايران ۾ شهنشاهه پهلوي جي اقتدار جي موجودگي کي ڪميونسٽ توسيع کي روڪيندڙ بچاءَ واري مضبوط ديوار طور ضروري ٿي ڄاتو. جيئن ته اُنهيءَ دؤر ۾ سوويٽ يونين جي هڪڙي رياست، تُرڪمينِستان جي سرحد ايران سان ملندڙ هئي، جِتان ڪميونسٽ نظام جي ايران ۾ آسانيءَ سان داخلا جو امڪان موجود هو. مذڪور صورتحال دؤران آمريڪا جو ايران سان اهڙو ڳٺجوڙ هجڻ سبب، ايراني حزب اختلاف شاهه ايران کي آمريڪي پَٺو گردانڻ لڳو. وِيهَئين عيسوي صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي دؤران ايران تيل جي پيدا وار مان گهڻو نفعو ڪمايو، تنهن ڪري شاهوڪار، طبقي، جنهن ۾ واضح اڪثريت شهنشاهه جي عزيزن ۽ قريبن جي شامل هئي، ۽ ايران جي غريب ۽ مظلوم طبقي جي وچ ۾ تمام گهڻي ڇيٽي ٿي وئي. نادار ۽ لاچار غريب پورهيت ۽ هاري طبقي ۾ سن 1975ع ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي زوال سبب ايراني سماج جي مختلف طبقن ۾ حيراني، پريشاني ۽ ڇڪتاڻ وڌندي رهي. سڄي ايران ۾ اڻ ڌريا ۽ عير جانبدار احتجاج، جلوس، تنظيمون ۽ سندن ڪارگذاريون ۽ شاهه مخالف انقلابي گيت گائجڻ ۽ گونجڻ لڳا. آڪٽوبر، سن 1977ع ۾ آيت الله خمينيءَ جو 47 ساله جوان پٽ، مصطفيٰ جي اوچتي وفات متعلق خبر پئي ته کيس ايران جي ظالم جاسوسي پوليس ساواڪ شهيد ڪيو آهي، ته يڪدم ايران جي مڙني وڏن شهرن ۾ ايراني عوام سخت احتجاج، غم ۽ غصي جو اظاهر ڪيو. اهي شاهه جي خلاف جلسا ۽ جلوس شهنشاهه لاءِ نهايت نازڪ وقت جا مرتڪب ٿيا. تڏهن هو ڪينسر جي موذي مرض ۾ مُبتلا هو، تنهن سبب عوام آڏو اچڻ کان لاچار هو. جنوري 1978ع ۾ شاهه جي وزير اطلاعات، ايران جي هڪڙي مکيه اخبار ۾ هڪڙو ليک شايع ڪرايو، تنهن ۾ آيت الله خمينيءَ تي سخت تنقيد ڪئي ۽ کيس برطانيه جي جديد بيٺڪي راڄ جي مفادن جو پرچارڪ ۽ بلڪل بي وفا ۽ بي ڀروسو شخص قرار ڏنو. ٻئي ڏينهن قم شهر جي شيعه فرقي جي مدرسن جي شاگردن سخت احتجاج ڪندي سرڪاري املاڪ کي ٽوڙي ڦوڙي نقصان رسايو، انهيءَ کي روڪڻ لاءِ سرڪاري فوج شاگردن تي ڪڙڪي پئي ۽ ٻن ڏينهن اندر گهٽ ۾ گهٽ ستر شاگردن کي گوليون هڻي شهيد ڪري وڌو. انهيءَ وقت تائين سرڪار جي خلاف احتجاج ڪندڙ عوام ۾ مذهبي ڌر ۽ غير مذهبي ڌُريون گڏيل اڳواڻي ۾ سياسي سرگرمين ۾ شامل هيون، پر قم ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن جي قتلام واري واقعي کان پوءِ شاهه جي خلاف انقلابي تحريڪ جي اڳواڻي مذهبي تنظيمن، خصوصاً آيت الله خمينيءَ واري شيعه تنظيم ڪرڻ لڳي. فيبروريءَ جي مهيني ۾ تبريز جي شاگردن ۽ نوجوان طبقي قم ۾ شهيد ٿيل شاگردن جي ياد ۾ هڪڙو زبردست جلوس ڪڍيو ۽ بينڪن سميت سرڪاري عمارتن کي ڀڃي سخت نقصان رسايو، ايندڙ ڪيترن ئي مهينن دؤران اهڙن جلوسن ۽ جلسن جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ پکڙندو رهيو، جنهن ۾ سرڪاري املاڪ کي ڀڃي ڀور ڪيو پئي ويو ته انهيءَ کي روڪڻ لاءِ سرڪاري هٿياربند ادارن پڻ احتجاج ڪندڙ عوام تي سخت تشدد ۽ خون ريزي روا رکي. سرڪار پاران تشدد جي خلاف احتجاجي عوام، سئنيمائن، ٿيٽرن، نائيٽ ڪلبن ۽ پوليس ٿاڻن تي زوردار حملا شروع ڪري ڏنا. سرڪاري فوج جيڪا انهن ڀڃ ڊاهه وارين ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ اماڻي هئي، سا به هاڻي عوام جو طرف وٺن لڳي ۽ عوام تي تشدد ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لڳي. سرڪار مخالف احتجاجي تحريڪن جي اڳواڻي ڪٽر شيعه طبقي پنهنجي رهبر آيت الله خمينيءَ جي حق ۾ نعرا هڻڻ شروع ڪيا ۽ کيس وطن موٽي اچڻ جي گهُر ڪرڻ لڳا، جيڪو فرانس ۾ جلاوطن ٿي ويٺو هو. آيت الله خميني شهنشاهه جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ عوام کي تلقين ڪندو رهيو ۽ انهيءَ وقت ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ جي گهُرَ ڪئي، پر پوءِ انهيءَ کي رد ڪري ڇڏيائين. آگسٽ جي مهيني ۾ آبادان شهر ۾ ريڪس سائنيما کي مڇريل ماڻهن باهه لڳائي، جنهن سبب اها سئنيما ته سڙي رک ٿي وئي، پر منجهس موجود چار سئو کن ماڻهو به سڙي مري ويا. انهيءَ سئنيما کي باه لڳائڻ جو بهتان حزب اختلاف ايران جي بدنام زمانه جاسوس پوليس ساواڪ تي مڙهيو. تنهن کان پوءِ ته سرڪار جي خلاف تحريڪ بلڪل زور وٺي وئي. سيپٽمبر مهيني ۾ سياه جمع واري واقعي سبب ملڪ ۾ وڳوڙ ۽ انتشار وڌي ويو. شهنشاه ايران طرفان مُلڪ ۾ مارشل لا جي نفاذ جي خلاف احتجاج ڪرڻ واسطي سرڪار مخالف عوام تهران جي مشهور ميدان تي اچي 8 سيپٽمبر تي نهايت پرامن طور تي گڏ ٿيو، ته شاهه انهن کي سيکت ڏيڻ ڪاڻ مٿن فوج جو حملو ڪرايو، جنهن دوران ٽينڪون ۽ هيليڪاپر گن شپ پڻ استعمال ڪيا ويا. انهيءَ فوجي حملي سبب، سرڪاري پڌرائيءَ موجب 88 کان 300 کن احتجاج ڪندڙ پر امن شهري فوج هٿان شهيد ٿي ويا. حزب اختلاف شهيدن جو انگ هزارن ۾ ڄاڻايو. تنهن کان پوءِ هنگاما، اسٽرائيڪون، ۽ جلسا جلوس سڄي ملڪ ۾ وڏي پيماني تي منعقد ٿيندا رهيا، جنهن ڪري تيل جي ڪارخانن سميت نجي توڙي سرڪاري ڪارخانا ۽ سمورو ڪاروبار بند ٿي ويو، پنجين نومبر 1978ع ۾ شهنشاهه موجود اعتدال پسند وزير اعظم کي معزول ڪري مُلڪ ۾ فوجي جنرل، غلام رضا اظهريءَ جي اڳواڻيءَ تخت فوجي حڪومت برپا ڪئي. جنهن هڪڙي تقريب ۾ خطاب ڪندي عوام کي دلاسو ڏيندي چيو ته مون لکين عوام جو پيغام ٻڌو آهي. آئون هڪ هزار سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيان ٿو ۽ 132 بدعنوان ڪامورن کي گرفتار ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏيان ٿو جن ۾ سابق ساواڪ سربراهه به شامل آهي. شاهه جي مٿين حڪمن تي عمل ٿيڻ ڪري احتجاجي تحريڪ ڪجهه ماٺي ٿي پر چند هفتن اندر اها وري به چالو ٿي وئي. يارهن ڊسمبر 1978ع تي ڏهن لکن کان به گهڻي تعداد ۾ پر امن عوام تهران ۽ سڄي ملڪ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ محرم شريف جي عاشوري ملهائڻ خاطر رستن تي نِڪِرِي آيا ۽ آيت الله خمينيءَ کي وطن موٽي اچڻ جي گهر ڪئي ته جيئن اهو انقلاب جي قيادت سنڀالي. سراپ ۾ ورتل شاهه ترت هڪڙو نئون وزير اعظم مقرر ڪيو. جيڪو اعتدال وارو ۽ حزب اختلاف سان واسطو رکندڙ هو، پر هن ساواڪ پوليس کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪيو. تنهن ڪري انقلابي عوام شاهه جي ڳالهين ۾ نه آيو. ۽ شاهه جا آمريڪي ساٿي به سهي ڪري ويا ته شاهه جي اقتدار جا ڏينهن اچي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آهن. 16 جنوري 1979ع ۾ شاهه محمد رضا پهلوي اعلان ڪيو ته پاڻ ۽ سندس زال مختصر دؤري تي ولائت وڃي رهيا آهن. شهنشاه ايران جو هوائي جهاز کين کڻي جيئن ئي اڏامي پرڏيهه روانو ٿي ويو، تيئن ئي ايران جو انقلابي عوام شهنشاهه کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍڻ جي ڪاميابي تي خوش ٿيندي ملڪ جي مڙني شهرن جي رستن تي نڪري آيو ۽ شهنشاهه ۽ سنس خاندان جا نصب ٿيل مجسما ڪيرائڻ ۽ ڀڃڻ لڳو ۽ سندن تصويرون به ڦاڙي چٽ ڪرڻ لڳو. ڪجهه هفتا اڳ مقرر ٿيل وزيراعظم شاپور بختيار، سمورا سياسي قيدي آزاد ڪري ڇڏيا، بدنام زمانه جاسوسي پوليس ”ساواڪ“ کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ فوج کي هدايت ڪئي ته احتجاج ڪندڙ عوام تي ڪنهن به قسم جو تشدد نه ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي. وزير اعظم بختيار شاپور آيت الله خمينيءَ کي ايران موٽي اچڻ جي اجازت ڏني ۽ آزاد ۽ غير جانبدار چونڊون ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو. پهرين فيبروري 1979ع ۾ آيت الله خميني پيرس کان هوائي جهاز وسيلي تهران پهتو، جتي سندس والهانه استقبال ڪيو ويو. تهران پهچڻ شرط آيت الله خميني شاهه پور بختيار جي حڪومت جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ نئين وزيراعظم ۽ نئين وزارت تي مشتمل ايران ۾ اسلامي انقلابي حڪومت جي قيام جو پڻ اعلان ڪيو. نائين ۽ ڏهين فيبروريءَ تي شهنشاه جي حمايتي فوجي گارڊن ۽ خميني جي حمايتي ايراني هوائي فوج جي دستن ۾ جهيڙو ٿي پيو، انهيءَ جو انت شهنشاهه جي حمايتي دستن جي خمينيءَ جي حمايتي هوائي فوجي دستن هٿان يارهين فيبروريءَ تي تباهيءَ جي صورت ۾ ٿيو ۽ سرڪاري پڌرائيءَ ۾ ايران ۾ پهلوي گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو ۽ اتي اسلامي انقلاب جي ڪاميابي ۽ اسلامي انقلابي حڪومت جي آيت الله خميني جي قيادت ۾ قيام جو اعلان ڪيو ويو.