تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

شهادت حضرت امام حسين عليھ السلام

سختي شهادت جي نسورو ئي ناز. رِندَ پروڙين راز قضئي ڪربلا جو

امير معاويه حضرت امام حسن عليھ السلام سان ڪيل عهدنامي جي خلاف ڳجهي چال چلندي حضرت حسن عليھ السلام کي زهر وسيلي شهيد ڪرائڻ کانپو پنهنجي پٽ يزيد کي خلافت جو ولي عهد مقرر ڪري پنهنجي لشڪري سردارن کان ساڻس وفاداريءَ جو حلف کڻائي ڇڏيو. معاويه جي فوت ٿيڻ تي يزيد پنهنجي خليفي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ امام حسين عليھ السلام سميت ڪيترين ئي برگزيده شخصيتن کان بيعت جي گهر ڪئي، پر حضرت امام حسين عليھ السلام يزيد جي خليفي هجڻ واري دعويٰ کي قبول ڪو نه ڪيو. جڏهن ڪوفي شهر جي باشندن کيس خطن ۽ قاصدن ذريعي سنجيدگي سان گذارش ڪئي ته هو کين ابن معاويه جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو ڏياري ته امام صاحب انهيءَ صورتحال موجب ڪوفين جي ترت مدد ڪرڻ پنهنجو فرض ڀانئيندي، تيزيءَ سان گهربل تياري ڪرڻ لڳو ۽ ڪوفين طرفان انهيءَ وچن موجب ته امام صاحبن جي ڪوفي پهچڻ تي ڪوفي ۽ پوري عراق جا ماڻهو، ابن معاويه کي تخت تان لاهڻ لاءِ توهان جي اڳواڻي قبولڻ جو عملي ثبوت پيش ڪندا. تنهن ڪري پاڻ عراق روانو ٿيڻ وارو هو. اها ڳالهه امام حسين عليھ السلام جي گهڻن عزيزن ۽ قريبن لاءِ نهايت حيراني ۽ پريشانيءَ جو باعث بڻي. اهي اهل ڪوفه جي بيوفائي ۽ مفاد پرستيءَ وارين چالن کان اڳي ئي واقف ۽ بيزار هئا.
انهيءَ سان گڏ کين بني اميه جي ظلم ۽ جبر جي سفاڪانه ڪارستانين جو پڻ ڀليءَ ڀت علم هو. تنهنڪري انهن امام صاحب جي مجوزه سفر جي مخالفت ڪئي. حضرت عبدالله بن عباس، حضرت امام حسين عليھ السلام وٽ اچي کيس ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو توهانجي عراق ڏانهن سفر ڪرڻ واري فيصلي تي سخت حيران ۽ پريشان آهن. خدارا، حقيقت حال کان واقف ڪريو. امام صاحب طرفان انهيءَ خبر جي تصديق تي حضرت عبدالله بي اختيار دانهن ڪري چوڻ لڳو ته توهان کي الله پاڪ پناهه ڏئي! ڇا توهان کي اها خاطري آهي ته جن ماڻهن ڏانهن توهان وڃڻ لاءِ تيار آهيو، انهن ماڻهن پنهنجي ظالم حاڪمن کي گهيري ڪمزور ڪري، کين مُلڪ مان تڙي ڪڍي ملڪ ۾ غلبو حاصل ڪري ورتو آهي. بس فقط توهان جي تشريف آوريءَ جا منتظر آهن. ته جيئن اهي تخت ۽ تاج توهان جي حوالي ڪن. اهڙي صورتحال ۾ توهان جي روانگي مناسب رهندي، پر جيڪڏهن ظالم حڪمران بدستور رَعِيَت جو گلو گهٽيو ويٺو آهي ۽ سندس سفاڪ گماشتا مسلسل ڪارستانين ۾ مشغول آهن. ته پوءِ انهن ماڻهن طرفان توهان کي گهرائڻ جو مقصد حقيقت ۾ جنگ ۾ ڦاسائڻ ۽ دوکي بازيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. ماضيءَ جي حقائق مان معلوم ٿئي ٿو ته حڪمران کي وڌيڪ طاقتور ڏسي توهان کي مدد لاءِ پڪاريندڙ ڪوفي ماڻهو اٽلو پاڻ توهان سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. تنهنڪري مهرباني ڪري عراق وڃڻ جو ارادو ختم ڪرڻ گهرجي. مٿين ڳالهين امام صاحب جي ارادي ۾ ذرو به لچڪ پيدا ڪا نه ڪئي. اٽلو پنهنجي ترت روانگيءَ لاءِ آتو هو ۽ جڏهن اهو وقت ويجهو آيو، تڏهن وري به ابن عباس ڊوڙي وٽس آيو ۽ کيس منٿون ڪندي چيائين ته توهان جي روانگيءَ جو سور سهي نٿو سگهان ۽ ماٺ نٿي اچي ڇو ته عراق روانگيءَ ۾مون کي توهان جو سراسر موت ۽ بربادي محسوس ٿئي ٿي. تنهنڪري آئون بيحد منٿ ٿو ڪريان ته خدا جي واسطي وڃڻ جو خيال ترڪ ڪري هتي رهي پئو. ڪوفين کي چوائي موڪليو ته اهي پهرين اسان جي مخالفن کي عراق مان ڀڄائي ڪڍن، بعد ۾ اسان کي گهرائين. هتي حجاز ۾ توهان کان وڌيڪ هستي ۽ شخصيت وارو ڪو به ڪونهي ۽ توهان امن امان ۾ گذاريندا، پر جيڪڏهن هر طرح حجاز ڇڏڻو ئي اٿوَ. تڏهن به عراق جي بدران يمن ۾ وڃي رهو. جتي ڏکيا پهاڙي سلسلا به آهن ته ڪافي قلعا ۽ ڪوٽ به اٿس ۽ اهو ملڪ ڪشادو پڻ آهي. تنهن سان گڏ يمن جا ماڻهو عموماً توهان جي والد حضرت علي عليھ السلام ۽ سندس والد جا خيرخواهه آهن. اتي دشمن جي پهچ کان پري توهان وڌيڪ آسوده رهي ۽ تبليغ وسيلي يقيناً ڪامياب ٿي سگهو ٿا. حضرت عبدالله بن عباس جي مٿين مِنَٿُن ۽ آزين جو ڪو به اثرنه ٿيو. حضرت حسين عليھ السلام کيس وراڻيو ته اي ابن عم! مون کي پڪ آهي ته تون منهنجو خيرخواهه آهين، پر ڀاءُ آئون عراق وڃڻ جو پهه بلڪل پڪو ڪري چڪو آهيان.“ انهيءَ تي ابن عباس کيس چيو ته جيڪڏهن توهان اسان جو چوڻ نٿا ڪريو ته ٺهيو، پر عورتن ۽ ٻارن کي پاڻ سان گڏ هرگز وٺي نه وڃو. آئون ڀانيان ٿو ته شل نه توهانکي به پنهنجي گهر ڀاتين جي اڳيان قتل ڪن، جيئن عثمان بن عفان سندس اهل خانه اڳيان قتل ڪيو ويو هو.
مٿين منٿ ميڙ جو امام صاحب جي عزم تي ڪو به اثر ڪو نه ٿيو. انهيءَ وچ ۾ سندس ٻئي عزيز عبدالله بن جعفر مديني مان کيس خط وسيلي عراق وڃڻ کان منع ڪندي لکيو ته ”خدا جي واسطي هن خط پهچڻ شرط عراق وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏجو، ڇو ته انهيءَ راهه ۾ توهان جي هلاڪت ۽ توهان جي لياقت جي بربادي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن وقت فقط توهان جي ذات ئي هدايت جي نشاني ايمان وارن جي اميدن ۽ آسرن جو مرڪز آهي. خدا نه ڪري توهان جي قتل سان اها معروضي نور جي تجلي گل ٿي ويندي. تنهنڪري خدا ۽ رسول خدا صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي واسطي سفر لاءِ هرگز تڪڙ نه ڪجو.“
ابن جرير کان منقول آهي ته عبدالله بن جعفر مديني منوره جي حاڪم سعيد بن عمرو بن العاص کي وڃي منٿ ڪئي ته هو حضرت امام حسين عليھ السلام کي عراق وڃڻ کان منع ڪري ۽ خط وسيلي کيس هتي رهڻ دوران سندس حفاظت ۽ آسودگيءَ بنسبت هر طرح سان مطمئن ڪري. سعيد بن عمرو کيس چيو ته اهڙو خط تون پاڻ لکي اچ ته آئون ان تي صحيح وجهي ۽ مهر هڻي روانو ڪريان.
تنهن تي عبدالله بن جعفر هيٺيون خط لکي آڻي ڏنو. ”آئون ڌڻيءَ جي در دعا ٿو گهران ته جنهن راهه ۾ توهان جي هلاڪت ٿئي تنهن کان پري رهو ۽ الله تعاليٰ توهانکي انهيءَ راهه تي هلائي جنهن ۾ توهانجي سلامتي هجي. معلوم ٿيو اٿم ته توهان عراق ڏانهن اسهو ٿا. مون کي توهان جي هلاڪت جو خوف ٿي پيو آهي. عبدالله بن جعفر کي توهان ڏانهن موڪليان ٿو ته توهان ساڻس گڏ واپس هتي اچو، مون وٽ توهان جي سلامتيءَ، امن، نيڪي ۽ سٺي سلوڪ جو سمورو بندوبست آهي. انهيءَ حقيقت جو شاهداول ته واحد خدا تعاليٰ آهي، جيڪو اسان جو ڪفيل، وڪيل ۽ نگهبان آهي“.
مذڪوره منٿن ميڙين جي باوجود امام حسين عليھ السلام پنهنجي عزم تي قائم رهندي. مڪي کان عراق ڏانهن روانو ٿي ويو. سندس قافلي کي رستي ۾ صفاح نالي ماڳ وٽ اهلبيت سان والهانه عقيدت رکندڙ مشهور شاعر فرزوق گڏيو. تنهن کان اهل ڪوفه جو احوال پڇيو ويو. هن کين ٻڌايو ته اهل ڪوفه جون دليون اهلبيت سان گڏ آهن، پر سندن تلوارون بني اميه ساڻ شامل آهن. اهو ٻڌي امام صاحب فرمايو ته تون واقع سچو آهين. هاڻي سمورو معاملو الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي. اهو جيڪي گهرندو سو ئي ٿيندو. پروردگار هر گهڙي حڪم صادر ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن سندس مرضي اسان جي خواهش موجب هوندي ته اسين گهڻو خوش ٿينداسين، پر جيڪڏهن اها اسان جي اميد جي خلاف هوندي تڏهن به نيڪ نيتيءَ پرهيزگاريءَ جو ثواب ته ڪيڏانهن به وڃڻو ڪونهي. ائين چوندي حضرت حسين عليھ السلام پنهنجو قافلو اڳيان وڌايو.
قادسيھ نالي ڳوٺ کان ٿورو اڳيان وڌڻ شرط عراقي گورنر عبيدالله بن زياد جي جنگي صلاحڪار حصين تميمي طرفان موڪليل هڪ هزار فوج جو جٿو اهلبيت جي قافلي اڳيان نمودار ٿيو. انهيءَ جو اڳواڻ حُر بن يزيد هو. هن فوج کي حڪم مليل هو ته امام صاحب جي قافلي جو تعاقب ڪندي ساڻن تيستائين گڏ رهي جيستائين اهو قافلو عبيدالله بن زياد جي اڳيان پيش نٿو ڪيو وڃي. انهيءَ وقت نماز ظهر جو وقت ٿي ويو ته حضرت امام حسين عليھ السلام پنهنجي قافلي توڙي حُر جي فوجين جي اڳيان آيو ۽ حمد و ثنا بعد تقرير ڪندي فرمايو ”اي انسانو! الله پاڪ ۽ توهان جي اڳيان پنهنجو مقصد بيان ٿو ڪريان ته آئون هتي پنهنجي ذاتي مرضيءَ سان هتي ڪو نه آيو آهيان. مون وٽ توهان جا ڪيترائي قاصد ۽ خط پهتا جن موجب مون کي بار بار دعوت ڏني وئي ته آئون اوهان وٽ اچان ته جيئن اوهان کي الله تعاليٰ منهنجي رهنمائي ۾ متحد ۽ منظم ڪري انهي مقصد پٽاندر آئون هتي آيو آهيان ۽ توهان جي اها ئي خواهش آهي ته آئون توهان سان توهان جي شهر هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر جيڪڏهن توهان منهنجي هيڏانهن اچڻ تي ناراض ٿيا هجو ته پوءِ آئون جتان آيو هوس اوڏانهن موٽي ٿو وڃان.
انهيءَ تقرير جو ڪنهن به جواب ڪو نه ڏنو سمورا فوجي خاموش رهيا. البت ڪجهه دير جي ماٺ کانپوءِ ماڻهن ٻانگي کي ٻانگ ڏيڻ لاءِ چيو. حضرت امام حسين عليھ السلام حُر بن يزيد کان پُڇيو ته توهان اسان کان الڳ ٿي نماز پڙهندا ڇا؟ هن وراڻيو ته نه سائين، توهان امامت ڪريو اسين توهان جي پويان ئي نماز پڙهنداسين. اهڙيءَ طرح عصر جي نماز پڻ امام صاحب جي پويان پڙهي ويئي. تنهن بعد امام صاحب جن وري به خطبو ڏنو. ”اي انسانو! جيڪڏهن توهان پرهيزگار آهيو ۽ حقدار جو حق سڃاڻو ٿا ته اها ڳالهه الله تعاليٰ جي خوشنودي جو باعث ٿيندي. موجود حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ حڪومت جا حقيقي حقدار اسين اهليبت آهيون، پر جيڪڏهن توهان اسان کي پسند نٿا ڪريو ته پوءِ آئون خوشيءَ سان واپس وڃڻ لاءِ تيار آهيان.“ تقرير جي اختتام تي حُر بن يزيد چيو ته ”توهان جن خطن ۽ قاصدن جو ذڪر ڪيو، انهن بابت اسان کي ڪا به خبر ڪانهي ۽ نه ئي اسين انهن ماڻهن کي سڃاڻون ٿا، بيشڪ اسين اهي ماڻهو ڪو نه آهيون. اسان کي انهيءَ حڪم موجب هتي موڪليو ويو آهي. ته اسين توهان جي قافلي کي وٺي عراق جي حاڪم عبيدالله بن زياد اڳيان پيش ڪريون. امام صاحب عبيدالله جي اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته حر کيس چيو ته پوءِ توهان اهو رستو اختيار ڪريو. جيڪو ڪوفي توڙي مديني ڏانهن ويندڙ نه هجي ۽ مون سان گڏ توهان به يزيد يا عبيدالله کي پنهنجي مقصد ۽ صورتحال کان آگاهه ڪريو، جيئن مون تان جوابداري گهٽجي. امام صاحب سندس اها صلاح قبول ڪندي پنهنجو قافلو اڳيان هلايو.
رستي ۾ عذيب الهجانات نالي ماڳ وٽ ڪوفي کان چار سوار قافلي ڏانهن ايندي ڏسڻ ۾ آيا. سندن پهچڻ تي امام صاحب کانئن پڇيو ته ڪوفي ڪهڙي حال ۾آهن؟ انهن جواب ڏنو ته ڪوفي جي سردارن کي حاڪمن رشوتون ڏيئي پاڻ سان ملائي ۽ عام ماڻهن کي سخت ڊيڄاري ڇڏيو آهي. سندن دليون ته توهان سان آهن پر سندن تلوارون ڪُلي طور توهان جي خلاف مياڻين مان نڪرنديون. امام صاحب طرفان عبيدالله ڏانهن موڪليل قاصد قيس بن مسهر کي به عبيدالله مارائي ڇڏيو، جنهن جي خبر حضرت حسين عليھ السلام جن کي ڪا نه پهتي هئي. تنهن بابت به انهن سوارن کين حقيقت ڏني. جنهن تي امام صاحب جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ فرمايو ته ”انهن مان ڪجهه مري ويا ۽ باقي موت جا منتظر آهن. پر حق تي ثابت قدم آهن. جنهن جي ڪا به تبديلي ڪا نه ٿي آهي يا الله انهن لاءِ ۽ اسان لاءِ جنت جي راهه کولي ڇڏ ۽ اسان ۽ انهن کي پنهنجي رحمت ۽ ثواب واري دارالقرار ۾ گڏ ڪر.“
قصر بني مقاتل نالي ماڳ وٽان روانگيءَ وقت کين ننڊ جو جهوٽو اچي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڇرڪ ڀري امام صاحب جن وڏي آواز سان هيٺيان لفظ ٽي ڀيرا چيا.
انا لله و انا اليھ راجعون. الحمد لله رب اللعالمين.

جنهن تي سندن پٽ علي عرض ڪيو ته توهان انا لله ۽ الحمد لله ڇو فرمايو؟ پاڻ امام عليھ السلام وراڻيو ته ”پٽ! مون هينئر ننڊ جي جهوٽي ۾ خواب دوران هڪ سوار کي چوندي ٻڌو ته ”هي ماڻهو هلن پيا، تن سان گڏ موت پڻ هلي پيو، آئون سمجهي ويو آهيان ته اهو اسان جي موت جو اطلاع آهي. جيڪو اسان کي ڏنو ويو آهي. انهيءَ تي پٽ علي چيو ته بابا ڇا اسين حق تي ناهيون؟ امام صاحب جواب ڏنو ته پٽ! اسين بلڪل حق تي آهيون.“
انهيءَ تي علي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اسين حق تي آهيون ته پوءِ موت جي ڪا به پرواهه ڪانهي. هي اهو ساڳيو ابن حسين هو، جيڪو علي اڪبرجي نالي سان ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ٿيو هو.
ڪربلا جي ميدان ۾ پهچڻ کان اڳ ڪوفي کان واليءَ عراق جو خط هڪ سوار آڻي حُر بن يزيد کي ڏنو جنهن ۾ حُر کي حڪم ڪيو ويو هو ته حسين عليھ السلام جي قافلي کي ڪنهن موزون ۽ چڱي ماڳ تي پڙاءُ وجهڻ نه ڏنو وڃي. کيس وڌ ۾ وڌ کلي ميدان ۾ رهڻ ڏنو وڃي. هي قاصد توهان وٽ رهي ڏسندو ته توهان منهنجي حڪم جي ڪيتري تعميل ڪريو ٿا. حُر بن يزيد سربستو احوال امام صاحب سان ڪيو ۽ پنهنجي مجبوري ڄاڻائي ته آئون چوڪيءَ جي صورت ۾ اوهان کي ڪنهن سولي ۽ گاهه ۽ پاڻيءَ واري جاءِ تي رهائي نٿو سگهان.
صورتحال جي پيش نظر امام صاحبن پنهنجو قافلو اچي هڪ ويران ميدان ۾ رهايو. جنهن جو نالو ڪربلا هو. درياء ۽ هن ميدان جي وچ ۾ هڪڙي ٽڪري حائل هئي ۽ هتي پاڻيءَ جو ٻيو ڪو به وسيلو موجود ڪو نه هو. امام صاحب جن جو ڪربلا ۾ قيام 2 محرم الحرام سن 61 هجري ۾ ٿيو. 3 محرم 61 هجري يعني ٻئي ڏينهن عمر بن سعد بن ابي وقاص چار هزار ڪوفي لشڪر جي سالار جي حيثيت ۾ هتي اچي پهتو، جنهن اچڻ شرط امام حسين عليھ السلام ڏانهن ماڻهو موڪليو. امام صاحبن جي هيڏانهن اچڻ جو احوال ورتو. امام صاحب کيس حر کي ڏنل ساڳيو جواب ڏياري موڪليو. انهيءَ تي عمر بن سعد والي عراق عبيدالله بن زياد کي خط وسيلي مذڪور منشاء امام کان واقف ڪيو پر هن ظالم کي اها ڳالهه ڪا نه وڻي ۽ جوابي خط ۾ حڪم موڪليائين ته حسين عليھ السلام کي چئو ته پهرين توهان سمورا ماڻهو يزيد بن معاويه جي هٿ تي بيعت ڪريو بعد ۾ وڌيڪ سوچيو ويندو. حسيني قافلي جو پاڻي مڪمل بند ڪيو وڃي ۽ جيئن کين پاڻيءَ جو هڪڙو ڦڙو به نصيب نه ٿي سگهي. انهيءَ ڏينهن کانپوءِ ايندڙ رات عمر بن سعد ۽ امام صاحب جي ملاقات ٿي جنهن ۾ امام صاحب ٽي شرط پيش ڪيا جيڪي هيٺين ريت هئا.
1. مون کي واپس وڃڻ ڏنو وڃي.
2. مونکي پاڻ يزيد سان پنهنجو معاملو حل ڪرڻ ڏنو وڃي.
3. مون کي مسلمان ملڪن مان ڪنهن جي به سرحد ڏانهن وڃڻ ڏنو وڃي.
عمر بن سعد اهي شرط پنهنجي سفارش سان عبيدالله بن زياد ڏانهن موڪليا. ابن زياد شرط منظور ڪيا، پر شمر جي مخالفت سبب شمر جي هٿان جوابي خط ۾ حڪم موڪليائين ته جيڪڏهن امام صاحب پنهنجي ساٿين سميت پاڻ کي اسان جي حوالي ڪن ته جنگ نه ڪئي وڃي، پر جيڪڏهن انهيءَ کان انڪار ڪن ته پوءِ جنگ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي. شمر کي پڻ هدايت ڪيائين ته جيڪڏهن عمر منهنجي حڪم جي تعميل ۾ ڪوتاهي ڪري ته کيس هٽائي فوج جي اڳواڻي تون پاڻ ڪج ۽ حسين عليھ السلام جو سرڪپي مون ڏانهن ڏياري موڪلج.
شمر ۽ خط پهچڻ بعد عمر بن سعد پنهنجو لشڪر اڳتي آڻي جڏهن امامن جي ڪيمپ جي ويجهو ٿيو ته حضرت عباس رضه ويهن سوارن ساڻ ساڻس مقابل ٿيو، عمر بن سعد حضرت عباس کي ابن زياد جي خط کان آگاهه ڪيو. جنهن واپس اچي حضرت حسين عليھ السلام کي اهو احوال ڏنو. ايندڙ رات جو حسين عليھ السلام پنهنجي ساٿين کي گڏ ڪري کين خطاب ڪندي فرمايو ته الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا پيش ڪريان ٿو ۽ هر حال ۾ شڪر گذار آهيان. وڌيڪ فرمايو ته اي انسانو! توهان سمورن کي منهنجي طرفان الله تعاليٰ جزاءِ خير عطا فرمائي، ڀانئيان ٿو ته مخالفن ۽ منهنجي وچ ۾ سڀاڻي فيصلو ٿي ويندو، غور ۽ فڪر بعد منهنجو رايو آهي ته هن رات جي وقت ۾ منهنجي اهلبيت جو هٿ جهليندي اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي هتان کان نڪري ڀڄي وڃو. آئون توهان سمورن ماڻهن کي رضا خوشيءَ سان وڃڻ جي اجازت ڏيان ٿو. هنن دشمنن کي فقط آئون گهربل آهيان. منهنجي ٻانهن هٿ ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ توهان جي غير موجودگي کين ياد نه رهندي.
اها ڳالهه ٻڌي اهلبيت توڙي ٻيا ساٿي ڏاڍا غمگين ٿيا، حضرت عباس رضه چيو ته ”ڇا اهو فقط انهيءَ لاءِ ته توهان کان پوءِ به اسين جيئرا رهون. الله پاڪ شل اسان کي اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري.“
حضرت علي زين العابدين کان روايت آهي ته ڏهين محرم الحرام جي رات دوران منهنجي پڦي زينب رضه منهنجي بيماريءَ دوران خدمت ۾ مشغول هئي.بابا اوچتو خيمي اندر پنهنجا ساٿي گهرايا ۽ ٽي چار ڀيرا هي شعر پڙهندو رهيو جنهن جو مطلب آهي ته ”اي وقت توکي حيف هجي، ڪيڏو نه بي وفا آهين. تنهنجي هٿان صبح توڙي شام ڪئين ماڻهو مارجن ٿا. وقت ڪنهن سان به رعايت نٿو ڪري ۽ ڪو به عيوض قبولي نٿو.“
هر ڳالهه ڌڻي جي وس آهي، هر زندگي موت جي راهه تي گامزن آهي. هر هر اهو شعر ٻڌي منهنجي دل ڀرجي آئي. اکين ۾ پاڻي آيو، پر اٿلي وهڻ کان روڪي ڇڏيم. سمجهيم ته مصيبت اڻٽر آهي. منهنجي پڦي اهو شعر ٻڌي آپي کان ٻاهر ٿي وئي. بي اختيار ٿي ۽ زاري ڪرڻ لڳي. اها حالت ڏسي حضرت امام حسين عليھ السلام فرمايوته: اي ادي! هي ڪهڙو حال ڪيو اٿئي. شل ائين نه ٿئي ته نفس ۽ شيطان واري بي صبري اسان کي وڪوڙي وڃي. بي بي صاحبه جواب ڏنو ته جنهن صورت توهان پنهنجي ئي هٿن سان قتل پيا ٿيو ته اسان کي صبر ڀلا ڪيئن ايندو! امام صاحب فرمايو ته الله تعاليٰ جي اها ئي مرضي آهي. اهو ٻڌي بي بي زينب اڃا وڌيڪ بي قرار ٿي وئي. اها حالت ڏسي حضرت حسين عليھ السلام جن صبر ۽ استقامت متعلق فرمايو ته اي ادي! الله پاڪ کان ڊڄ سندس واکاڻ سان تسلي حاصل ڪر. هرماڻهوءَ کي ضرور مرڻو آهي. هميشه لاءِ آسمان وارا پڻ ڪو نه جيئندا. هر شيءِ آخر فنا ٿي ويندي ته پوءِ موت جي خيال تي ايترو رنج ۽ بيقراري ڇو ٿيڻ گهرجي. اسان لاءِ ۽ هر مسلمان لاءِ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي زندگي مبارڪ ۾ خلق عظيم موجود آهي. اهو اسان کي صبر ۽ تحمل، توڪل۽ رضا جي تعليم ڏئي ٿو. اسانکي گهرجي ته ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ کان مُنهن نه موڙيون.
تنهن بعد پاڻ امام صاحب ۽ سندن سمورن ساٿين اها باقي رات نماز استغفار ۽ دعا ۾ گذاري. انهيءَ دوران ڪوفي لشڪر جا سپاهي امام صاحبن جي ڪيمپ جي چوڌاري چڪر هڻي رهيا هئا.
امام حسين عليھ السلام بلند آواز ۾ قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيو هو. 10 محرم الحرام جمع جي ڏينهن صبح جو يزيدي لشڪر جنگ لاءِ اچي ڪڙڪيو. حضرت حسين عليھ السلام به پنهنجي ساٿين جون صفون سڌيون ڪيون. اهي پاڻ ۾ فقط 32 سوار ۽ چاليهه پيدل ڪُل 72 مومن هئا. پنهنجي ساٿين جي ساڄي طرف جي اڳواڻي زهير ابن القين ۽ کاٻي طرف جي اڳواڻي حبيب بن مظاهر جي حوالي ۽ علم پاڪ حضرت عباس ابن علي جي هٿ ۾ ڏنو ويو. پنهنجي خيمن جي پويان خندق کوٽي ان ۾ باهه ٻاري ڇڏيائون ته جيئن دشمن پويان ڦري حملو ڪري نه سگهي. هاڻي دشمن جي فوج کي وڌندو ڏسي امام عليھ السلام دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ جڏهن دشمن جو لشڪر بلڪل ويجهو آيو تڏهن حضرت امام حسين عليھ السلام هڪ اٺڻ تي سوار ٿي هٿ ۾ قرآن کي کڻي دشمن فوج کي خطاب ڪيو ته ”انسانو! منهنجي ڳالهه ٻڌو، تڪڙ نه ڪريو، جيڪڏهن منهنجو موقف معقول آهي ته قبول ڪريو ۽ مون سان انصاف ڪريو ته اهو توهان جي خوشنصيبيءَ جو باعث ٿيندو، پر جيڪڏهن منهنجو عذر نٿا مڃيو ۽ مون سان انصاف نٿا ڪريو ته پوءِ توهان ڀلي مون تي حملو ڪريو ۽ اسانکي سنڀالڻ جي مهلت به نه ڏيو. منهنجو اعتماد هر حال ۾ پروردگار عالم تي آهي، جيڪو نيڪوڪارن جو حامي آهي.“
ابن جرير موافق انهيءَ وقت قيس بن الاشعت چيو ته ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته توهان پاڻ کي جنگ کانسواءِ ئي اسانجي حوالي ڪري ڇڏيو. اسين توهان سان توهان جي خواهش موجب ورتاءُ ڪنداسين. اها ذلت آميز ڳالهه ٻڌي امام صاحب سخت غصي ۾آيو ۽ چيائين ته ”رب پاڪ جو قسم آهي ته آئون اهڙي ذلت سان پاڻ کي دشمن جي حوالي هرگز نه ڪندس.“
انهيءَ وقت زهير بن القين پنهنجو گهوڙو اڳيان وڌائي وڃي دشمن جي لشڪر سامهون ٿي وڏي واڪي چوڻ لڳو ته ”اي اهل ڪوفه! خدا جي عذاب کان ڊڄو، نبيءَ جي اولاد بابت هتي اسان سمورن ماڻهن کي الله پاڪ امتحان۾ وڌو آهي. اسين توهان کي اهلبيت جي سوڀ لاءِ دعوت ڏيون ٿا ته سرڪش عبيدالله بن زياد جي اوهان به اسان سان گڏ مخالفت ڪريو، ڇو ته هو ظالم ۽ ظالم حاڪم جي حمايت پيو ڪري ۽ اوهان کي اهل بيت جي خلاف استعمال پيو ڪري. اوهان جا حاڪم هن کان پوءِ توهان تي پڻ ظلم ۽ ستم جي بازار گرم ڪندا.“ زهير جون مٿيون ڳالهيون ٻڌي کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا ۽ ابن زياد جي تعريف ڪيائون. چيائون ته خدا جو قسم اسين تيستائين جنگ به بند ڪو نه ڪنداسون. جيستائين حضرت حسين عليھ السلام ۽ سندس ساٿين کي قتل نه ڪريون يا کين امير جي روبرو پيش نه ڪريون.“
عدي بن حرمله کان روايت آهي ته ابن سعد جڏهن جنگ ڇيڙڻ خاطرلشڪر ۾ چرپر آندي تڏهن حُر بن يزيد کيس چيو ته اي ابن سعد! الله پاڪ توهان کي ساڃاهه ڏي! ڇا توهان امام صاحب سان واقع جنگ ڪندا؟ عمر بن سعد ورندي ڏني ته ها، سچ پچ جنگ، جنهن ۾ ڪنڌ ڪرندا ۽ بازو بدن کاڌار ٿي ويندا. حُر اهو جواب ٻڌي پنهنجي جاءِ تي موتي آيو ۽ سندس ڀر ۾ موجود سندس قبيلي جي سردار کان پڇيائين ته ڇا تو پنهنجي گهوڙي کي پاڻي پياريو آهي ۽ مون پنهنجي گهوڙي کي پاڻي ڪو نه پياريو آهي. تنهنڪري پاڻي پياري ٿو اچانس. اهو چئي پاڻيءَ جي بهاني ڪوفي لشڪر مان نڪري آهستي آهستي اهلبيت جي طرف وڌندو ويو. تڏهن هڪڙي ڪوفيءَ کانئس پڇيو ته تون حسين عليھ السلام تي حملو ڪرڻ لاءِ انهيءَ طرف اڪيلو پيو وڃين. تون بهادر ته بيشڪ آهين، پر هن نموني تنهنجو مخالف طرف وڃڻ مونکي شڪي پيو لڳي. انهيءَ شخص کي حُر بن يزيد سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو ته خدا جو قسم! هتي مونکي جنت ۽ دوزخ ٻنهي مان هڪڙي جي چونڊ ڪرڻي آهي، سومون جنت منتخب ڪئي آهي. پوءِ آئون ڀل ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃان. ائين چوندو پنهنجي گهوڙي کي اڙي هڻندو ترت وڃي امام حسين عليھ السلام جي لشڪر ۾داخل ٿيو ۽ امام صاحب جي اڳيان پيش ٿي چيائين ”اي ابن رسول الله! آئون ئي اهو بدبخت آهيان جنهن توهان کي موٽي وڃي کان روڪيو هو. خدا جو قسم منهنجي وهم و گمان ۾ به ڪو نه هو ته اهل ڪو فه توهان جا ڪي به شرط نه قبوليندا ۽ هيتري حد تي ايندا. آئون پنهنجو ڏوهه قبول ڪندي توهان وٽ توبه تاعب ٿيڻ ۽ توهان جي قدمن ۾ قربان ٿيڻ آيو آهيان. ڇا منهنجي توبه قبول پوندي؟“ امام صاحب وراڻيس ته ها، الله پاڪ تنهنجي توبه قبول ڪري توکي بخش ڪندو. تنهنجو نالو ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته حر بن يزيد. امام صاحب فرمايو ته حر يعني آزاد. جهڙو تنهنجي ماءُ توتي نالو رکيو آهي. انشاء الله تون دنيا توڙي آخرت ۾ حُر ئي آهين. انهيءَ کانپوءِ حُر ڪوفي لشڪر جي سامهون ٿي هڪ جوشيلي تقرير ڪري کين امام حسين عليھ السلام سان جنگ نه ڪرڻ لاءِ آخري جتن ڪيائين، پر هنن اٽلو مٿس تير اڇلائڻ شروع ڪري ڇڏيا ته مجبوراً پاڻ امام صاحب جن ڏانهن موٽي آيو.
انهيءَ تي ڪوفي لشڪر جي سالار عمر بن سعد ڪمان کڻي حسيني لشڪر ڏانهن تير اڇليندي پنهنجي لشڪر کي چيو ته اوهان شاهد آهيو ته جنگ ۾ سڀني کان پهرين تير مون اڇلايو آهي. اهڙي طرح تير اندازي سان جنگ جي شروعات ٿي. ٿوري دير کان کانپوءِ قديم جنگ، جنهن کي مبازرت چوندا آهن، موجب ٻنهي ڌرين کان هڪ هڪ ماڻهو هڪٻئي سان مقابلي لاءِ نڪرندا ۽ واري واري سان وڙهڻ لڳا. تنهن کان پوءِ ڪوفي لشڪر جي سوارن ساڄي طرف کان حملو ڪيو، پر حسين عليھ السلام جي لشڪر جي جانبازن نيزن جي نوڪن سان سوار حمله آورن کي پسپا ڪري ڇڏيو ۽ تيرن سان گهڻن کي ماري وڌو پوءِ ته ڪوفي سالار عام حملي جو حڪم ڏنو ۽ گهمسان جي لڙائي، لڳي پر ڪجهه دير کان پوءِ ٿڌي ٿي ته حسيني فوج جو بهادر سپاهي مسلم بن عوسجه زمين تي پيل نظر آيو. امام حسين عليھ السلام ڊوڙي ڏانهس ويو ۽ ڏسي ته آخري پساهه اٿس، سرد آهه ڀريندي امام صاحب فرمايو اي مسلم! توتي الله پاڪ جي رحمت هجي! مسلم بن عوسجه هن جنگ ۾ حسيني لشڪر جو پهريون شهيد هو. تنهن کانپوءِ ڪوفي لشڪر کاٻي طرف کان سخت حملو ڪيو، پر حسيني لشڪر ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيو، جيڪو فقط ٽيهن سوارن تي مشتمل هو. اها حالت ڏسي ڪوفي لشڪر پنج سئو ٻيا تير انداز ۽ ٻيا تمام گهڻا سپاهي مدد لاءِ گهرائي ورتا. انهن اچڻ شرط حسيني لشڪر جي سوارن تي تيرن جي برسات شروع ڪري ڏني. ڪجهه دير بعد اهلبيت جا سمورا گهوڙا جڏا ۽ بيڪار ٿي پيا. جنهنڪري سوار پيدل ٿي پيا. انهي دوران حُر بن يزيد پڻ گهوڙي تان لٿو ۽ تيرن سان سخت گهايل هجڻ باوجود دشمن جي لشڪر ۾ چوڌاري تلوار هلائيندو رهيو ۽ نيٺ شهادت جو جام پيتائين. ٻنپهرن تائين خطرناڪ جنگ جاري هئي، پر اڃا ڪا به ڌُر ڪامياب نه ٿي هئي. انهيءَ تي ڪوفي سالار پهرين حسيني خيمن کي اکوڙڻ ۽ پوءِ ساڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ سموري يزيدي لشڪر حملو ڪيو. جنهن سبب حسيني لشڪر جا گهڻا ساٿي شهيد ٿي ويا ۽ اها بيوس ٿي پئي. انهيءَ وقت امام حسين عليھ السلام ڪوفي سالار کان نماز جي مهلت گهري، پر نه ملي ۽ جنگ جاري رهي. جنهن دوران حسيني سالار حبيب بن مظاهر شهيد ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ حضرت حسين عليھ السلام ساٿين سميت صلوات الخوف پڙهي. جنهن کان پوءِ لڙائي اڃا به وڌيڪ سخت ٿي وئي. حسيني بهادر زهير بن القين ميدان ۾ ڪاهي پيو ۽ ڏاڍي بيباڪيءَ سان وِڙَهندو يزيدي لشڪر ماريندي، دشمن جون اڳيون صفون درهم برهم ڪري حضرت حسين عليھ السلام وٽ واپس آيو ۽ هي شعر پڙهائين جنهن جي معنيٰ آهي: ”اي امام اڳتي وڌ، خدا توکي هدايت ڏئي، اڄ تون پنهنجي ناني نبيءَ، علي مرتضيءَ ۽ حسن عليھ السلام سان ۽ بهادر جوان جعفر طيار سان ۽ زنده شهيد اسدالله حمزه رضي سان ملاقات ڪندين.“ اهو شعر پڙهڻ کان پوءِ هو واپس يزيدي لشڪر تي وڃي ڪڙڪيو ۽ ڪيترن ئي ڪوفين کي قتل ڪري پاڻ به شهيد ٿي ويو.
انهيءَ کان پوءِ ٻه غفاري ڀائر ۽ ٻه جابري ڇوڪرا اهلبيت جي بچاءُ ۾ وڙهندي شهيد ٿيا. اهڙي طرح حسيني ساٿي هڪ هڪ ٿي وڙهندا ۽ شهيد ٿيندا رهيا. خنطله ابن اسعد به انهن مان هڪڙو هو ۽ اهڙي ريت اهليبت جا سمورا ساٿي شهيد ٿي چڪا، هاڻي باقي اهل بيت بچيا جن پڻ هڪٻئي پويان وڙهندي شهادت ماڻي.انهن ۾ شهيد اول امام حسين عليھ السلام جو فرزند علي اڪبر ميدان۾ لٿو ۽ گهڻن ئي يزيدين کي مارڻ کان پوءِ شهادت ماڻيائين. انهيءَ وقت سندس پڦي بي بي زينب رضه خيمي مان آهه و پڪار ڪندي ميدان ڏانهن ڊوڙندي آئي. جنهن کي امام حسين عليھ السلام هٿ کان جهلي واپس خيمي ۾ ڇڏي آيو ۽ پوءِ علي اڪبرجو لاش کڻي اچي خيمي اڳيان رکيائين.
تنهن کان پوءِ امام صاحب جو ڀائٽيو قاسم بن حسن عه ميدان ۾ لٿو. ته مٿس عمرو بن سعد تلوار ڪشي ڪئي. گهائجڻ سان ڳڀرو دانهن سان پٽ تي ڪري پيو. دانهن ٻڌڻ شرط حضرت حسين عليھ السلام قاتل تي وار ڪيو. جنهن زخمي ٿيڻ کان بچڻ خاطر وڏيون رڙيون ڪيون. جنهن تي سندس ساٿي ڊوڙي آيا پر حوصلا خطا هئڻ سبب ڀُل ۾ بچائڻ بدران اٽلو کيس ماري وڌائون. انهيءَ دوران حضرت حسين سندس ڀائيٽي جي سري وٽ بيٺو هو. ڇوڪري ڇڙيون پئي هنيون ۽ ترت ئي دم ڏنائين ته پاڻ کيس گود ۾ کنيائين، سينو سيني سان مليل هو ۽ لاش جون ٽنگون گِرجي رهيون هيون، تان جو اهو لاش به آڻي علي اڪبر جي لاش جي ڀر ۾ رکيو.حضرت حسين عليھ السلام وري پنهنجي اصل ڀيڻيءَ تي بيهي رهيو. عين انهيءَ وقت خيمي۾ سندس پٽ ڄائو ۽ کيس آڻي ڏنائون. جنهن کي ڪن ۾ ٻانگ ڏيڻ لڳو ته اوچتو انهيءَ معصوم جي گلي ۾ هڪڙو تير اچي لڳو. جنهن ڪري سندس روح بروقت پرواز ڪري ويو. اهڙي طرح بني هاشم ۽ اهلبيت هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيندا رهيا. انهن جا نالا هيٺيان درج ٿيل آهن.
1. محمد بن ابي سعيد بن عقيل.
2. عبدالله بن مسلم بن عقيل.
3. عبدالله بن عقيل.
4. محمد بن عبدالله بن جعفر.
5. جعفر بن عقيل.
6. عبدالرحمان بن عقيل.
7. عون بن عبدالله بن جعفر.
8. عبا س علي.
9. عبدالله بن علي.
10. عثمان بن علي.
11. محمد بن علي.
12. ابو بڪر بن علي.
13. ابو بڪر بن حسن.
14. عبدالله بن الحسن.
15. قاسم بن الحسن.
16. علي بن حسين.
17. عبدالله بن حسين.
هنن سمورن شهيدن کان پوءِ حضرت حسين عليھ السلام پاڻ اڪيلو وڃي بچيو. جنهن تي دشمن هلان ڪئي پئي، پر وار ڪرڻ جي همٿ ڪنهن ۾ نه پئي ٿي. انهيءَ صورتحال کي محسوس ڪندي شمر بن ذي الجوشن ماڻهن کي حملي ڪرڻ لاءِ هشڪارڻ شروع ڪيو. ته انهن امام صاحب کي چوڌاريءَ گهيري ورتو. اهو لقاءُ ڏسي هڪڙو معصوم ٻار حسيني خيمي مان جوش وچان هڪڙي لٺ هٿ ۾کڻي امام صاحب ڏانهن ڊوڙندو رڙيون ڪندو آيو. جنهن تي بيبي زينب کيس ڊوڙي اچي جهليو.امام صاحب کيس چيو ته ڇوڪرو موٽائي وڃو ۽ هيڏانهن اچڻ کان روڪيوس. پر ڇوڪرو ڇڏائي نيٺ حضرت حسين عليھ السلام وٽ پهچي ويو. انهيءَ وقت هڪڙي ڪوفي حمله آور امام صاحب تي تلوار اُلاري ته هن معصوم کيس هڪل ڪري ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. نتيجي طور انهيءَ سفاڪ حمله آور هن معصوم کي ئي تلوار جو نشانو بنايو ۽ اهو شيهد ٿي ويو.
هاڻي امام حسين عليھ السلام تن تنها دشمن جي گهيري ۾ هئڻ ڪري تلوار هلائڻ لڳو ۽ جنهن طرف رخ هوس انهيءَ طرف جي فوجين کي ڀڄائي ٿي ڇڏيائين. اهڙي طرح ڪيترن ئي يزيدين کي قتل ڪيائين. انهيءَ وقت کيس ڪُڙتو پهريل ۽ عمامه ٻڌل هو. انهيءَ وقت عمر بن سعيد اچي کيس تمام ويجهو ٿيو هو. انهيءَ وقت بي بي زينب رضه به هنن وٽ اچي پهتي هئي. لڙائي ۾ امام صاحب کي اڃ گهڻو تنگ ڪيو ته پاڻ درياء ڏانهن پاڻي پيئڻ خاطر وڃڻ لڳو. پر دشمنن کيس وڃڻ ڪو نه ڏنو، اٽلو هڪڙو تير اچي کيس گلي ۾ لڳو. جيڪو ڇڪي ڪڍي زخم ڏانهن هٿ ڪيائين ته ٻڪ رت سان ڀرجي ويو. پاڻ رت آسمان ڏانهن اڇلائي الله پاڪ جو شڪرادا ڪيو ۽ وڌيڪ چيائين ته ”الاهي آئون شڪوه ٿو ڪريان ته تون پاڻ ڏس ته تنهنجي رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي ڏهٽي سان ڪهڙو ورتاءُ پيو ٿئي.“ پوءِ حضرت حسين عليھ السلام خيمن ڏانهن وڃڻ لڳو ته شمر ۽ سندس ساٿين به سندس پيڇو ڪيو. سندن نيت ۾ رولو ڏسي کين تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن توهان بي دين آهيو ۽ آخرت کان نٿا ڊڄو تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ دنياوي شرافت تي قائم رهو ۽ منهنجي خيمي کي اوباشن ۽ جاهلن کان محفوظ رکو. شمر جواب ڏنو ته ها توهان جو خيمو محفوظ رکنداسين.
هاڻي ڪافي دير ٿي وئي هئي ۽ حضرت حسين عليھ السلام زخمن سان بلڪل چور هو. انهيءَ وقت شمر لشڪر کي اڪسايو ته جلدي ڪريو، کيس ترت قتل ڪريو جنهن تي زرعه بن شريڪ تميمي امام صاحب جو هٿ زخمي ڪيو ۽ تلوار ڪلهي تي پڻ هنئي. جنهنڪري حضرت امام صاحب ٿڙڻ لڳو ته کيس ويجها ماڻهودهلجي پويان هٽيا،پر سنان بن انس وڌي اچي کيس نيزو هنيو ته امام صاحب زمين تي ڪري پيو. سنان ڪنهن ٻئي شخص کي چيو ته جلدي ڪنڌ ڪپي وٺ، پر ان کي همٿ ڪانه ٿي ته انهيءَ شخص کي پٽيندي سنان خود جوش وچان اچي امام صاحب جو سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ڪيو.
جعفر بن علي بن محمد کان روايت آهي، ته قتل ڪرڻ کان پوءِ جانچي ڏٺائون ته حضرت امام حسين عليھ السلام جي جسم مبارڪ تي نيزن ۽ تيرن جا 33 زخم ۽ تلوارن جا 34 گهاوَ موجود هئا. امام صاحب جي شهادت کان پوءِ سندس قاتل سنان اصل ڇتو ٿي پيو. جيڪو امام صاحب جي لاش ڏانهن آيو ٿي، تنهن تي حملو ٿي ڪيائين ۽ انهيءَ کانئس ڀڄي جان ٿي ڇڏائي، ڳچ دير کان پوءِ قاتل امام صاحب جي سِري خولي ابن يزيد اصبحي جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ ڊوڙي عمر بن سعد ڏانهن وڃي کيس رڙيون ڪندي چيائين ته مون کي سون ۽ چانديءَ سان اڏي ڇڏيو، ڇو ته مون وڏي بادشاهه کي قتل ڪيو آهي ۽ جنهن جا ماءُ پيءُ سڀني کان افضل آهن. ابن جرير موجب عمر بن سعد کيس پنهنجي خيمي ۾ گهرائي ڪجهه چهبڪ هنيا ۽ جُٺ ڪئي. چيائينس ته ”تون چريو ٿي اهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين، سي جيڪڏهن عبيدالله بن زياد ٻڌي ته توکي مارائي ڇڏي.“
قتل کان پوءِ ڪوفين امام صاحب جي جسم مبارڪ تي ڪپڙا رهڻ به نه ڏنا، بعد ۾ خيمن ڏانهن جُلهه ڪيائون. جتي علي معروف زين العابدين بستري تي بيمار پيل هو.شمر چيو ته هن کي پڻ ڇو نه قتل ڪيو وڃي، پر ٻين ماڻهن مخالفت ڪئي۽ انهيءَ وچ ۾ عمر بن سعد پُڻ خيمي ۾ آيو، حڪم ڏنائين ته عورتن جي خيمن ۾ ڪير به نه گهڙي ۽ کين نه ڇيڙي، جنهن به ماڻهوءَ خيمي مان جيڪا به شيءِ کنئي آهي. اها واپس ڪئي وڃي.
زين العابدين عمر جو اهو حڪم ٻڌي کيس دعا ڪئي ته ”اي عمر توکي خدا اجر ڏي، جو تنهنجي زبان اسان کي بچايو،“ ميدان جنگ ۾ واپس اچي ڪوفي لشڪر جي سالار عمر بن سعد امام حسين عليھ السلام جي لاش کي گهوڙن جي سُنبن سان ليٿڙايو،انهيءَ ڪڌي ڪم ۾ ڏهه گهوڙي سوار شامل هئا. انهيءَ جنگ ڪربلا ۾ حضرت حسين عليھ السلام جن جا ڪل 72 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ڪوفي فوج جا 88 ماڻهو مئا.
ٻئي ڏينهن يعني يارهن محرم الحرام سن 61 هجري عمر بن سعد ڪربلا مان ڪوچ ڪيو ۽ اهلبيت جي خواتين ۽ ٻارن سميت ڪوفي روانو ٿي ويو. قره بن قيس کان روايت آهي ته اهلبيت جي عورتن جڏهن حضرت حسين عليھ السلام ۽ سندن اولاد، عزيزن ۽ ساٿين جا لاش سقيم حالت ۾ ڏٺا ته صبر ختم ٿي وين. آهه وبڪا جو عالم برپا ٿي ويو.
بي بي زينب رضي الله عنها آهه ۽ فرياد ڪندي پڪاريو ته ”اي محمدﷺتوتي آسماني فرشتن جا درود ۽ سلام آهن. تون ئي ڏس ته حسين عليھ السلام واريءَ ۾ پيو آهي. خاڪ ۽ خون سان آلود آهي. سندس سمورو بدن وڍيو ۽ چچريو پيو آهي. تنهنجون نياڻيون قيد آهن. تنهنجو اولاد قتل ڪيو ويو آهي. هوا انهن لاشن تي مٽي پئي چاڙهي.“ ابن جرير راوي آهي ته بيبين جي انهيءَ آهه و زاري کي ٻڌي حاضرين مڪان مان ڪو به اهڙو شخص ڪو نه هو جيڪو ڪو نه رُنو.
امام صاحب واري قافلي جي ڪُل ٻاهتر شهيدن جا سر مبارڪ ڪپي، شمر بن ذي الجوشن، ابن ال اشعت عمرو بن الحجاج ۽ عزمره بن قيس، عبيدالله بن زياد ڏانهن کڻائي ويا.
خلقي فغان کنند که اين داد خواه کيست.