تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

دنيا ۾ آيل وڏي ۾ وڏو زِلزلو

ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ملڪ چِليءَ جي شهر والڊِيويا جي ويجهو، سن 1960ع ۾ 22 مئي تي برپا ٿيندڙ زِلزلو، اڃا تائين رڪارڊ ٿيندڙ زلزلن ۾ سڀني کان وڌيڪ زور وارو زلزلو بيان ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا جي جيالاجيڪل سروي واري اداري انهيءَ زلزلي جي ماپ 9.05 ميگنيٽيوڊ ڄاڻائي. انهيءَ کي چلي وارو وڏو زلزلو ۽ سن 1960ع ۾ برپا ٿيندڙ والڊِيويا واور وڏو زلزلو به ڪوٺيو وڃي ٿو. هي زلزلو چلي جي ساحل کان ڪجهه پرڀرو پيسفڪ سمنڊ اندر پيدا ٿيو. انهيءَ زلزلي سان پيدا ٿيندڙ زمين ۾ لرزش جي نتيجي ۾ هزارن جي تعداد ۾ جايون جڳهيون ڀڄي، ٽٽي، ڀور ٿي، تباه ٿي ويون. چِلي ملڪ جي حڪومت جي تخميني موجب اٽڪل ويهه لک ماڻهو بيگهر ٿي ويا. اهو به شڪر ٿيو ته اهو زلزلو ڏينهن جو اڳيئن مهل آيو هو ۽ انهيءَ کان اڳ ۾ به زمين لرزش ۾ آئي هئي. جنهن سبب مانهو جاڳندڙ هئا ۽ ترت گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. انهيءَ زلزلي سبب پيسفڪ سمنڊ ۾ تمام اوچيون لهرون ۽ طوفان پيدا ٿيڻ ڪري تمام گهڻي ڀڃ ڊاهه ٿي ۽ ماڻهو مُئا. اهو طوفان ۽ لهرون زلزلو پيدا ٿيڻ شرط چالو ٿي ويون ۽ سمنڊ جي ڪنارن ڏانهن وڌنديون ۽ تباهي مچائينديون رهيون، جنهن ڪري سمنڊ جي ڪنارن تي ٺهيل عمارتن کي بنيادن کان اکوڙي ڪيرائي وڌو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري پاڻيءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. هڪ هنڌ 490 ماڻهو ٻڏي مئا ته ٻئي هند مرندڙ ماڻهن جو تعداد ڇهن هزارن تائين به پهچي ويو. سڀني کان وڌيڪ تعداد ۾ ماڻهو چلي ۾ ۽ زلزلي جي لوڏن ۽ لرزش سبب مُئا. هن زلزلي سبب پيدا ٿيندڙ ساموندي طوفان. سڄي پيسفڪ سمنڊ ۾ پکڙجي ويو ۽ انهيءَ سبب پيسفڪ سمنڊ جي دنگ وٽ موجود ملڪ فلپائين ۾ به ماڻهو ڪجهه تعداد ۾ مري ويا هئا. زلزلي سبب نقصان جو ڪاٿو انهيءَ وقت 400 کان 800 ملين آمريڪي ڊالر لڳايو ويو هو. جيڪو اڄ وارن ٽن کان ڇهن ارب ڊالرن جي برابر هو. هي انهن چند زلزلن مان هڪڙو هو جنهن تمام ڏورانهن علائقن ۾ به نقصان رسايو ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهو ماريا هئا. انهي زلزلي سبب پيدا ٿيندڙ طوفان 200 ميل في ڪلاڪ رفتار سان تقريباً سڄي پيسفڪ سمنڊ ۾ پکڙجي ويو ۽ انهيءَ طوفان جي رفتار ۽ پيدا ٿيندڙ لهرن جي اوچائيءَ ۾ مختلف هنڌن وٽ فرق ڏسڻ ۾ آيو. زلزلو برپا ٿيڻ کان پندرهن ڪلاڪ پوءِ سامونڊي طوفان 35 فوٽ اوچين لهرن سان هوائي ٻيٽن کي جهڙوڪر ٻهاري ڇڏيو. چند گهڙين اندر 61 ماڻهو لهرن جي نذر ٿي ويا، سي ته فقط هڪ پوائنٽ ”هِلو“ ۾ موت جو کاڄ ٿيا هئا. ڪيليفورنيا رياست ۾ ننڍن بندرگاهن ۾ بيٺل ننڍين ٻيڙين کي اتي رسندڙ لهرن سبب سخت نقصان رسيو. ڪِريسينٽ سِٽي ۾ ساحل تي پندرهن فوٽ اوچيون لهرون لڳڻ سان ساحل تي ٿيل اڏاوتن ۽ اتي موجود ٻيڙين کي سخت نقصان رسيو. هن ڀيانڪ زلزلي جي پيدا ٿيڻ کان تقريباً 22 ڪلاڪ پوءِ به زلزلي سبب پيدا ٿيل طوفان ۽ 18 فوٽ اوچين لهرن، جپان جي هونسو ٻيٽ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، جتي سورنهن سؤ کان به گهڻا گهر تباه ٿي ويا ۽ 185 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. زلزلي اچڻ کان اٽڪل 24 ڪلاڪ پوءِ به، زلزلي سبب پيدا ٿيندڙ طوفان ۽ اوچين لهرن، فلپائن ۾ پڻ 32 ماڻهو ماري وڌا. انهي سامونڊي طوفان ايسِٽر ۽ ساموئا ٻيٽن ۾ به گهڻي ڀڃ ڊاه ڪئي. آمريڪا واري جيالاجيڪل سروي رپورٽ ۾ ڄانايو ويو ته چِلي ملڪ جي ارائڪو اپٻيٽ کان وٺي چِلو ٻيٽ جي قيولن ماڳ تائين ساحل جو سطح پنج فوٽ کن آٺرجي هيٺ ٿي ويو، جنهن سبب ڪيتري ئي تعداد ۾ ساحل تي تعمير ٿيل عمارتون اوچيءَ وير دؤران پاڻيءَ هيٺ هليون ويون يعني ٻُڏي ويون. ان جي ابتڙ اِسلا گُئافو ماڳ وٽ ڏهاڪو کن فوٽ سطح ساحل مٿي ٿي وئي. هي نهايت طاقتور ڌماڪو ڪندڙ زلزلو، سطح سمنڊ کان ويهه ميل اونهي گهري هنڌ پيدا ٿيو جتي ڏکڻ آمريڪي ڌرتيءَ واري پليٽ جي هيٺان موجود نازڪا پليٽ پري ۽ ڇڊي ٿيندي وئي، جنهن سبب چِلي جي ٽالڪا نالي ماڳ کان وٺي چِليءَ جي جزيرن واري ميڙ تائين 500 ميل ڊگهو ۽ تمام اونهون کڏو يا کاهي ٺهي پئي آهي. هن علائقي ۾ هن 22 مئي 1960ع واري زلزلي کان اڳ توڙي پوءِ به ڪيترائي ٻيا طاقتور زلزلا به آيا آهن. هن زلزلي جي برپا ٿيڻ کان اڳ چار زلزلا انهيءَ علائقي ۾ ٿيا هئا، جن جي طاقت ريڪٽر اسڪيل جي ستن درجن کان وڌيڪ هئي. انهن زلزلن مان سڀني کان وڌيڪ طاقتور زلزلو 7.9 درجن وارو هو، جيڪو هن ڀيانڪ زلزلي کان فقط هڪ ڏينهن اڳ برپا ٿيو هو. هي تباهي مچائيندڙ زلزلو 9.05 ميگنيٽيوڊ يعني طاقت جي درجي وارو زلزلو چليءَ جي ڏاکڻي ساحل کان ڪجهه پر ڀرو سمنڊ اندر پيدا ٿيو، پر اهو ايترو ته گهڻو طاقتور زلزلو هو، جو ان جو اثر سموري پيسفڪ وڏي سمنڊ ۾ پيدا ٿيو. عمومي طور هوائي ٻيٽن جي ڪنارن تي زلزلي سبب سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ سامونڊي طوفان ۽ لهرون قدراً خاموش هيون ۽ وير وانگر محسوس ٿي ٿيون. اتي 61 ماڻهو مري ويا ۽ 43 سخت زخمي ٿيا. هِلو اپسمنڊ ۾ هن ساموندي طوفان سان پيدا ٿيل ٽِئين لهر، هِلو بندرگاهه کي پنهنجي ڇهه ميٽر اوچائيءَ سان ٻوڙي ڇڏيو، جنهن ڪري اٽڪل ڇهه سؤ ايڪڙ بندر واري ايراضي ٻوڏ هيٺ آئي. انساني موتن کان سواءِ زبون ٿيل بندر جي جائين جڳهين جي نقصان جو تخمينو 23.5 مِلين ڊالر لڳايو ويو. هوائي ٻيٽن جي سِوِل ڊفينس جي دفتر، وَٽِن نقصان جو انگ 24 مليئن ڄاڻايو. هن علائقي ۾ تقريباً اڌ ايراضي برباديءَ جو شڪار ٿي وئي. فولاد ۽ ڪنڪريٽ سان ٺهيل جايون به کوکليون ٿي ويون آهن. انهن ۾ ڪجهه ڪمزور جايون ته لُڙهي ويون. سَوَن جي تعداد ۾ موٽر گاڏيون ٽٽي ۽ ڦٽي ويون. ڏه ميٽرڪ ٽن وزني ٽريڪٽر به پنهنجي شوروم مان تمام گهڻو پري تائين لڙهي ويو. ڳري مشينري، مِلِن وارا رولر ۽ ڌاتن جون ٻيون سموريون شيون، لُڙهي ۽ ٽِڙي پکڙي ويون. ويهه ويهه ميٽرڪ ٽن ڳريون ڇِپون پڻ لُڙهي ڪناري کان سوا پنج سؤ فوٽ پري وڃي پهتيون. هن زلزلي مان پيدا ٿيل طوفان هوائي ٻيٽ جي ڏکڻ واري ساحل ۽ اولهه واري ساحل تي تباهي مچائي، جنهن ۾ فريم سان ٺهيل عمارتون ته بنيادن مان اُکڙي پٽجي، ڀڄي ڀُري تباه ٿي، هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويون. فقط ڪونا واري ساموندي ڪِناري تي به پنج لک ڊالرن جي برابر ڀڃ ڊاه سبب نقصان ٿيو. نيپوپو ٻيٽاريءَ تي به ٺهيل ڇهه گهر تباه ٿي ويا. مئوئي ٻيٽاريءَ جي اُترئين ساحل تي موجود ڪاهولوئي ۾ ٺهيل هڪ ويئر هائوس ۽ ڇهه گهر ڀڄي ڀُري چٽ ٿي ويا. تنهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي دڪان، اسٽور، دفتر ۽ گهر پڻ هن تباهيءَ جو شڪار ٿيا ۽ منجهن پيل سمورو سامان ۽ وڻج وارو وکر لهرن جي نذر ٿي ويو. هتي ٺهيل هڪڙو عيسائين جو عبادت گهر پڻ سندس پيڙه تان ويهارو کن فوٽ هٽي ويو. هن بندر جي اولهه طرف صفا ٿوري پنڌ تي موجود ماڳ پَؤُڪُو ڪالو ۾ ٺهيل ڪيتريون ئي عمارتون هن ناگهاني آفت جو شڪار ٿيون. ڪاهولوئي ماڳ جي اوڀر طرف، اِسپِريڪَلسِ ۽ پائِيا ماڳن ۾ پڻ هڪ هڪ گهر ڊٺو هو ۽ ٻين کي به ڪافي نقصان رسيو هو. هنن ماڳن جي ڏکڻ ۽ اولهه طرفن تي قائم ماڳ ڪيهيئي ۽ لاهائِني ۾ پڻ هن طوفان سبب ڪافي نقصان ٿيو هو. مولوڪائي ٻيٽ ۾ ڪجهه گهرن، مڇيءَ جي تلائن ۽ رستن کي ڳچ نقصان رسيو. لانائي ٻيٽ جي عين ڪِناري تي اڏيل هڪڙو بيچ هائوس به ٽُٽي ٽُڪرا ٿي تباه ٿي ويو. ڪائُئائي ۽ اوئاهو ٻيٽن ۾ البت ٿورو نقصان ٿيو. هونولُولُو جي اوڀر طرف، نزديڪ ئي ڪُلِيئُوئُو وسنديءَ کي طوفان ٻوڙي ڇڏيو، جنهن جا پنجاه گهر ڀڄي پيا ۽ اڍائي لکن ڊالرن جو نقصان پرايو. اوئاهو ٻيٽ به ٻُڏو هو. ڪيليفورنيا رياست ۾ ڪِرِيسينٽ سِٽي ۾ ويرن جي ماپ واري اسڪيل تي طوفاني لهرن جي اوچائي 1.7 ميٽر ڏِٺي وئي ۽ اسٽينسن ماڳ وٽ 1.5 ميٽر هئي. سانٽا مونيڪا ۾ لهرن جي اوچائي 1.4 ميٽرن کان به وڌيڪ هئي، پورٽ هيونيم ۾ 1.3 ميٽر ۽ پيسفيڪا ماڳ وٽ 1.2 ميٽر هئي. هن زلزلي سبب پيدا ٿيل طوفان پيسفڪ سمنڊ جي سموري ڪناري تي پنهنجو اثر ڏيکاريو.
ڪِريسينٽ سٽي ۾ ٽيهه هزارن جي قيمت واريون ٻه ٻيڙيون وڃائجي ويون لاس اينجلس ۽ لانگ بيچ وارن بندرگاهن ۾ هن طوفان جي ڪري گهڻي نقصان ٿيڻ جي خبر پئي. هنن بندرگاهن تي بيٺل ننڍيون ٻيڙيون ٽي سؤ کن جي تعداد ۾ لُڙهي ويون. ٽِيههَ ٻيڙيون ٻُڏي ويون. هڪ 75 فوٽ ڊگهي ياچ ٻيڙي هڪڙي پُل جي ٿنڀن سان ٽڪرائجي ٽُڪر ٿي پئي ۽ پل کي به ڪجهه نقصان ٿيو. ياچ ٻيڙين جي سينٽر مان ٻيڙين مان زمين تي پهچڻ واسطي ٺاهيل لاهيءَ واريون ٿلهيون 235 جي تعداد ۾ ڀڄي ڀور ٿي ويون. تنهن کان سواءِ ڪالونيئل ياچ اينڪريج ۽ سيريٽوس ياچ اينڪريج ۾ 110 ٻيون به اهڙيون ٿلهيون تباه ٿي ويون، جنهن سبب ٽي لک ڊالرن جو وڌيڪ نقصان ٿيو. ريمونڊ اسٽوئرٽ نالي هڪ ٽوٻو گم ٿي ويو، شايد ٻُڏي ويو. بندرگاهه ۾ طوفان سبب پاڻيءَ جو وهڪرو 22 ڪلويمٽر في ڪلاڪ هئڻ سبب بندر جون ڪافي جايون جڳهيون ٽُٽيون ۽ ڦِٽي ويون. هتي ٻيڙيون اُٿلي اونڌيون ٿيڻ سبب انهن مان ٻارڻ وارو تيل هزارين لِٽرن ۾ هارجي ويو ۽ باه لڳڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو. ٻُڏندڙ ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچائڻ واسطي مخصوص سمورو سامان لُڙهي ويو. وِير پيما سميت ڪافي شيون ساڍا پنج ڪلوميٽر سمنڊ ڏانهن لُڙهي ويون پر انهن مان ڪجهه شين کي باهر ڪڍي ورتو ويو. طوفان دؤران پهرئين بحري جهاز جي پُل تان، جهاز جي ميس جو بيرو 6 ميٽر اوچائي تان ڪِري پيو. تنهن ڪري اهو جهاز واپس بندرگاه ۾ آيو ته جيئن انهي بيري جو اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهجي. انهيءَ حادثي جو بهتان سمنڊ جي خطرناڪ صورتحال تي لڳايو ويو. انهيءَ دؤران ڪوروناڊو جي بندرگاهه ۾ هڪ پتڻ واري ٻيڙي طوفان جي زور تي اندر هلي آئي، جنهن جي ٽڪراءَ سان مسافرن کي زمين تي لاهڻ لاءِ ڪناري تي ٺهيل 8 لهواريون ٿلهيون ڊهي ويون. هڪڙي ٻي پاتڻي ٻيڙي پنهنجي دڳ کان ٽيهه ڪلوميٽر کن هٽي وئي ۽ اتي لنگر انداز جهازن سان وڃي ٽڪرائي. هن بندرگاه جو تقريباً 80 سيڪڙو تباه ۽ برباد ٿي ويو. هتي هڪ سؤ ٽن وزني هڪ کانٽي واري مشين سيمنٽ ۽ ڪنڪريٽ جي ٺهيل دِڪِينِ کي اُکوڙي مِشن جي پل جو 21 ميٽر کن حصو ٽوڙي ڇڏيو. هڪ تفريحي ٻيڙي، اٺ لهواريون ٿلهيون ٽوڙڻ سان پاڻ به ٽُٽي غرق ٿي وئي. سمنڊ جي تيز وهڪري سين ڊيگو بندر گاهه جي ماسٽرس پيئر تان 30 ميٽر ڊگهيون ٻارهن ٻيڙيون لوڙهي ڇڏيون ۽ بندرگاهه جي ٻن ٿلهين کي به لوڙهي ڇڏيو. سانٽا مونيڪا وٽ طوفان جي داٻ سبب پاڻيءَ جو سطح ايترو هيٺ ٿي ويو، جو ذري گهٽ ترو ظاهر پئي ٿيو. اٺن ننڍين ٻيڙين جي پڳهه وارن رَسَنِ ۾ ٽڙڪاٽ پئجي ويا، پر انهن کي ترت سِرَهي ڇِڪي واپس لنگهرانداز ڪيو ويو. هڪڙي وڏي لهر ڪناري کان 91 ميٽر مٿي چڙهي آئي ۽ پيسفڪ ڪوسٽ هاءِ وي تي گاڏيون بيهارڻ واري جاءِ کي ٻوڙي ڇڏيو. سانتا باربرا ۾ تيل دريافت ڪرڻ واري هڪڙي ٻيڙي، هڪ نئين کانٽيءَ واري مشين سان هر هر ٽڪرائجڻ سان، گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار ڊالرن جو نقصان ٿيو، تنهن کان سواءِ لڙهي ويل 40 ننڍين ٻيڙين کي به اولجڻ ۽ ڌڪجڻ ڪري ڏهن هزارن ڊالرن جو نقصان ٿيو.