شهادت بينظير ڀٽو
۽ هو وري ڪتاب جي 114 صفحي تي لکي ٿو ته شهيد ڀٽي ۽ بينظير جي آخري ملاقات جڏهن جيل ۾ ٿي ته بينظير پٽ تي ويٺل هئي ۽ سندن وچان لوهي سيخون لڳل هيون.
شهيد بينظير صاحبه جي باري ۾ ٻه نهايت دلچسپ احوال هڪ سندس لکيل۽ ٻيو هيلري ڪلنٽن جو لکيل. آئون هت توهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان.
پاڻ لکي ٿي ته آئون هت ڇو آهيان ۽ مون کي ڪي به سمجهه ۾ نٿو اچي. وري قيد خانو سنڌ جي صحرا ۾ هڪ پرانهون جيل، ڏاڍي ٿڌ، قيد خاني جي گهڙيال مان ٺڪاءُ ٿين ٿا. رات جو آئون هڪ منٽ به سمهي نٿي سگهان. منهنجي ڪوٺڙيءَ جون چار ئي ڀتيون سيخن جون آهن. جن جي وچ مان صحرا جي برفاني هوا اندر ڌوڪيندي پئي اچي. اها ڪوٺڙي هڪ وڏي پڃري مثل ۽ تمام گهڻي ڪشادي نه آهي. جنهن ۾ رڳو هڪ واڻيل کٽ آهي. آئون کٽ تي ڪرونڊڙي ٿيان ٿي ۽ پاسا ورايان ٿي. منهنجا ڏنڊ پيا کڙڪن. مون وٽ نه سوئيٽر آهي نه بلينڪيٽ، ڪي به ڪونهي. مون کي رڳو اها شلوار قميص پيل آهي جيڪا پنج ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ مهل مونکي پاتل هئي. وري صفحي 338 تي سکر جي گرميءَ بابت لکي ٿي ته مئي مهيني ۾ سکر ۾ گرمي شروع ٿي. خشڪ ۽ ساڙيندڙ گرمي، جنهن ڪري منهنجي ڪوٺي کورو ٿي پئي. ان جي پاسن کان گرم هوا لاڳيتي اندر پئي آئي. ريگستان جي ويجهو هئڻ ڪري اهي گرم هوائون 110 کان 120 ڊگرين تائين ٿي پهتيون. منهنجي ڪوٺيءَ ۾ مٽيءَ جا لاڳيتا واچوڙا پيا لڳندا هئا. پگهر نڪرڻ ڪري مون تي مٽيءَ جا ذرڙا چهٽي ويندا هئا. منهنجي چمڙي خشڪ ٿي ڦاٽي پئي ۽ هٿن تان ان جا تهه لهڻ لڳا هئا. منهنجي مُنهن تي وڌيڪ داڻا نڪري آيا. انهن ۾ پگهر پوندو هو ته اهي تيزاب وانگر سڙندا هئا. منهنجا وار جيڪي هميشه گهاٽا هوندا هئا. اهي هاڻ مُٺين جون مُٺيون ٿي ڇڻڻ لڳا هئا. مون وٽ آرسي ڪين هئي، پر آئون مٿي جي کل کي پنهنجي آڱرين سان محسوس ڪري پئي سگهيس، گهميل، ميري ۽ اگهاڙي! هر روز صبح جو مونکي منهنجي وهاڻي تي وارن جا ڇڳا نظر ايندا هئا. ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيترائي جيت حملو ڪندڙ فوجين وانگر ڪاهي آيا هئا. تِڏيون، مڇر، زهريليون مکيون، ماکيءَ جون مکيون، اهي هميشه منهنجي منهن تي پيون ڀون ڀوُن ڪنديون هيون. يا منهنجي لڱن تي پيون سُرنديون هيون. آئون هٿن سان انهن کي پري ڪندي هُيس، پر اهي جيت ايترا ته گهڻا هوندا هئا جو اها ڪوشش اجائي ثابت ٿيندي هئي. اهي جيت فرش جي ڦاٽل حصن ۽ اڱڻ مان اندر ايندا هئا. وڏا ڪارا ماڪوڙا، تِڏا،ننڍڙيون ڳاڙهيون ڪيوليون ۽ ڪوريئڙا رات جو پاڻ کي انهن جي چڪن کان بچائڻ لاءِ آئون مٿي تائين چادر ويڙهي ڇڏيندي هيس، پر جڏهن ٻُوسٽ ٿيندي هئي ته لاهي ڦٽي ڪندي هيس، جيل ۾ منهنجو معمول هوندو هو ته آئون اتي هر روز 250 ڀيرا ڊوڙڻ، چاليهه ڀيرا جهڪڻ، ٻانهون لوڏڻ، ويهه ڀيرا گهرا ساهه کڻڻ جي مشق ڪندي هيس.
مجيب جي گهرواريءَ مونکي ڀرت ڀرڻ جو جيڪو سامان موڪليو، اُن ۾ ڪپڙو، ڌاڳا ۽ خاڪن جو ڪتاب هو. مون هينئر ٽراليءَ جو ڪپڙو ۽ چار رومال ڀرت سان ڀري پورا ڪيا آهن. سُئي سڳي جي ڪم ۾ جنهن ڌيان جي ضرورت ٿئي ٿي. ان جي ڪري خيال ٻين ڳالهين ڏانهن ڪو نه ٿو وڃي. ٻيو ته اڪيلائيءَ جي قيد جي ان پولار ۾ ان ڪم تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو ٿو پوي. ڏکن پويان سُک! هنن تڪليفن جي پٺيان وڏي مان مرتبي، وقار ۽ عزت جي به انتها ٿي وئي. سڄي دنيا جي حاڪم،امير ۽ طاقت جي ڌڻي ملڪ آمريڪا جي خاتون اول، اڳوڻي وزير خارجه ۽ سينيٽر هيلري ڪلنٽن پنهنجي آتم ڪٿا ”زنده تاريخ“ جنهن جي رائلٽي کيس اسي لک آمريڪي ڊالر ملي. ان جي اردو ترجمي واري ڪتاب جي صفحي 121 تي لکيل آهي ته ”بينظير دنيا جي اها ممتاز شخصيت ۽ ليڊر آهي جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ مون کي قطار ۾ بيهي ڪافي انتظار ڪرڻو پيو. هيءَ 1989ع جي ڳالهه آهي. جڏهن بحيثيت وزيراعظم پاڪستان، هوءَ لنڊن جي دوري تي آيل هئي. آئون ۽ منهنجي ڌيءَ چيلسي لنڊن ۾ گهمي رهيون هيون سين. ته اسان انٽر هوٽل جي اڳيان ماڻهن جا هجوم ڏٺا. اسان اتي هڪ شخص کان پڇيو ته هتي هيڏي رش ڇو آهي؟ ته هن اسان کي ٻڌايو ته بينظير ڀٽو هن هوٽل۾ ٽڪيل آهي. ۽ ٿوري دير ۾ پاڻ هت پهچڻ واري آهي. اهو ٻڌي اسان به هڪ قطار ۾ بيهي رهيون سين. اسان هن کي تمام ويجهڙائيءَ کان هلندي ڏٺو. هوءَ ليموزين ڪار مان لٿي ۽ تمام وقار سان هلندي وڃي هوٽل جي لابيءَ ۾ داخل ٿي. هن کي هيڊي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ۽ ڏاڍي سمارٽ لڳي رهي هئي“.
اهڙي عظيم پيءُ جي شهادت ۽ شاهنواز جي موت کان پوءِ هڪ طويل جلاوطني جيلن ۽ جدوجهد کان پوءِ آخر هڪ سمجهوتي تحت ته هوءَ اڳوڻي افغان پاليسي برقرار رکندي، صدر طور غلام اسحاق جي مدد ڪندي ۽ ضياءَ وارو ساڳيو وزير خارجه ۽ خزاني جي ائڊوائيزر طور وي اي جعفري کي مقرر ڪندي ۽ ائين هن 6 نومبر 1988ع تي سڄي اسلامي دنيا ۾ پهرين عورت وزيراعظم طور قسم کنيو، پر اصل حاڪمن کيس سندس ويهن مهينن جي دور اقتدار ۾ هڪ ڏينهن به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. پهريائين اهڙا اعلان ۽ فتوائون جاري ڪيون ويون ته هڪ عورت ملڪ جي سربراهه نٿي ٿي سگهي. ۽ انهن ساڳوڻن ماڻهن جن ايوب جي سامهون اليڪشن ۾ صدر طور مس فاطمھ جناح جي حمايت ڪئي هئي، تن لاءِ به اڄ عورت بينظير وزيراعظم طور قابل قبول نه هئي. جڏهن فتوائن جو عوام تي ڪو به اثر نه ٿيو ته جلد بلوچستان جي اسيمبلي ٽوڙي وئي، چي اهو سڀ ڪجهه بينظير ڪيو آهي ۽ بي نظير جي حڪومت کي اڃان هڪ سال مس گذريو ته سندس حڪومت خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ آندي وئي. جنهن ۾ MQM جا سڀ ميمبر ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف اسلم بيگ جي چوڻ تي ڦري ويا ۽ سندس حڪومت دوران کيس هڪ ڏينهن به سک جو ساهه کڻڻ ڪو نه ڏنو ويو.
پنجاب ۾ مسلم ليگ ۽ نواز شريف جي حڪومت به کيس هيٺ ڏيکارڻ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪا نه ڪئي. ڳالهه اُت وڃي، پهتي جو هڪ دفعي کانسواءِ ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم بينظير جڏهن به پنجاب آئي ته پنجاب جي وزير اعلي نواز شريف سندس ڪڏهن به استقبال نه ڪيو. يعني بينظير جي حڪومت دوران سڄي ملڪ صرف هڪ ڪم ٿي ڪيو ته بينظير جي حڪومت ختم ڪيئن ڪجي. ۽ سنڌ جي هن ”سپر وومين“ جي خلاف جڏهن سندن دال نه ڳري ته نيٺ سڀني گڏجي سندس حڪومت کي ئي ختم ڪري ڇڏيو. نه صرف ايترو پر ان کان پوءِ به ايندڙ اليڪشن لاءِ چيف آف آرمي اسٽاف اسلم بيگ مهراڻ بئنڪ کان ڪروڙين روپيا زوريءَ وٺي پيپلز پارٽي جي مخالف پارٽين ۾ ورهايا ۽ باقي ست ڪروڙ پنهنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.
ڀاڳن وارو آهي زرداري جنهن کي واڳ ڌڻين پنج سال حڪومت جا پورا ڪرڻ ڏنا. پر شهيد راڻيءَ بينظير کي ته ٻئي ٽرم ۽ شهيد ڀٽي کي ٻيو دور حڪومت مڪمل ڪرڻ ڪو نه ڏنو.
بينظير، پنڪي، ”مشرق ڪي بيٽي“ 21 جون 1953ع ۾ پيدا ٿي 1987ع ۾ سندس شادي ٿي، 2 ڊسمبر 1988ع ۾ پهريون دفعو وزيراعظم ٿي. 15 اگسٽ 1989ع ۾ شهيد راڻي بينظير جي حڪومت ختم ڪئي وئي. 1993ع ۾ ٻيهر پاڻ وزيراعظم ٿي ۽ 5 نومبر 1996ع تي سندس حڪومت کي ٻيهر وقت کان اڳ سندس پارٽيءَ جي چونڊيل صدر فاروق احمد لغاريءَ حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ وري ٻيهر طويل جلاوطني کان پوءِ جڏهن پاڻ واپس 18 آڪٽوبر 2007ع ۾ ڪراچيءَ پهتي ته مٿس خوني حملو ڪيو.جنهن ۾ پاڻ ته بچي وئي پر 197 پارٽي ڪارڪن شهيد ٿي ويا ۽ وري ٻيهر 27 ڊسمبر 2007ع ۾ راولپنڊيءَ ۾ کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ کيس ڳڙهي خدابخش ڀٽي جي اباڻي قبرستان ۾ شهيد ڀٽي ۽ ٻن شهيد ڀائرن شاهنواز ۽ مير مرتضي ڀٽو سان گڏ دفن ڪيو ويو. تاريخ ۾ شايد اهڙا ٿورا ماڻهو هوندا جن جي سڄي خاندان شهادت ماڻي.
اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي. ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي
۽ سندس دشمنن ڏٺو ته ڪيس هلائي قتل ڪرڻ کان هي رستو وڌيڪ آسان ۽ خواريءَ کان آجو آهي.