تاريخ، فلسفو ۽ سياست

واقعاتِ عالم

محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
Title Cover of book واقعاتِ عالم

بني اسرائيل جي فرعون کان آزادي ۽ فلسطين ڏانهن روانگي

حضرت موسيٰ عليھالسلام الله تعاليٰ جو بيحد پيارو نبي سڳورو ۽ مصر ۾ بني اسرائيل جو عظيم اڳواڻ هو. تنهن سن 1440ق.م. ڌاري بني اسرائيل کي مصر جي حاڪم فرعون جي ظلم ۽ استحصال کان نجات ڏياري کين مصر مان لڏائي فلسطين جي سرزمين تي پهچايو. طورسينا جبل جي اوٽ ۾ ٿيل مخصوص عبادت جي نتيجي طور الله پاڪ طرفان ڏهن حڪمن ۽ هدايتن تي مشتمل صحيفي تورات جي روشنيءَ ۾ بني اسرائيل نالي هڪڙي مخصوص مذهبي قوم جو قيام عمل ۾آندو ويو. جنهن جو مذهبي طور رسول ۽ سماجي طور اڳواڻ حضرت موسيٰ عليھ السلام هو.انهيءَ طويل ۽ سخت جدوجهد ۾ سندس ڀاءُ حضرت هارون عليھ السلام جو کيس مڪمل تعاون هو. جنهن کي ڌڻيءَ تعاليٰ جلشانھ سندس ئي استدعا موجب سندس ٻانهن ٻيلي مقرر ڪيو هو. اسرائيلي روايات مطابق حضرت موسيٰ عليھ السلام بني اسرائيل جو سڀني کان وڌيڪ عالي مرتبت ۽ برگزيد و رسول ۽ سماجي اڳواڻ هو. حضرت موسيٰ عليھ السلام حقيقت ۾ اصل خدائي دين يعني اسلام جي تبليغ ٿي ڪئي. پر اهل مغرب ان کي موسويت سڏڻ لڳا. بعد ۾ قائم ٿيندڙ مغربي تهذيب تي موسوي شريعت توڙي ثقافت جا گهرا اثرات مسلسل برقرار رهيا جيڪي موسيٰ عليھ السلام جي عظمت جا واضح ۽معروضي ثبوت آهن. البت چند تاريخدانن موسيٰ عليھ السلام جي سمجهاڻي کان هٽي ڪري تورات جي نامناسب تشريح ڪئي آهي. ڪي رجعت پرست گروهه ته اڃا تائين تورات کي حضرت موسيٰ عليھ السلام جي پنهنجي تصنيف ڪري ڄاڻائين ٿا. جرمن عالم مارٽن ناٿ Martin Nath بني اسرائيل جي مصر مان روانگي، موسيٰ عليھ السلام جي ڪنعان کي فتح ڪرڻ واري نصب العين جي حصول جي سلسلي ۾ اختيار ڪيل حڪمت عملي ڄاڻائي ٿو. تورات ۾ ڄاڻايل ماڳن ۽ آثارن جو ماهر ۽ تاريخدان وليئم فاڪسويل البرائيٽ William Foxwell Albright تورات جي خروج واري باب ۾ ڄاڻايل ڪهاڻي کي حقيقي ڄاڻائي ٿو ۽ بيان ڪري ٿو ته ڪئين صدين دوران اول بياني ۽ بعد ۾ لکيل دستاويزن جي مختلف ادوار ۾ اجراء سبب حقيت ۾ مبالغي ۽ ترميم واري روايت ڪارفرما رهي آهي. حضرت موسيٰ عليھ السلام حضرت يوسف عليھالسلام ۽ حضرت يعقوب عليھ السلام جي نسل مان هو. سندس والد جو نالو عمران ۽ والده جو نالو ”يوڪابد“ هو. حضرت هارون عليھ السلام سندس سڳو ۽ وڏو ڀاءُ هو.
فرعون مصر جي قديم بادشاهن جو لقب هو. قديم مصر تي ڪل ٽيهن حڪمران گهراڻن حڪومت ڪئي. موسيٰ عليھ السلام جي پيدائش وقت رعميسس ثاني Rameses II مصر جو فرعون هو. جنهن جو تعلق اوڻيهين خاندان سان هو. هن فرعون خواب جي تَعبِيرَ جي نتيجي ۾ بني اسرائيل جي پٽاڻي اولاد کي ڄمندي ئي قتل ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو، ڇوته نجومين کيس سندس خواب جي تعبير طور ٻڌايو ته تنهنجي حڪومت جو زوال ۽انت هڪڙي اسرائيلي مَردَ هٿان ٿيندو. حضرت موسيٰ عليھ السلام ڄائو ته ٽن مهينن تائين کيس لڪائي رکيو ويو، پر نيٺ سندس ماءُ هڪڙي قدرتي اشاري موجب ٻڏڻ کان محفوظ هڪڙي تابوت ۾ رکي کيس نيل نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو.جيڪو تابوت ڪجهه مفاصلو لڙهي اڳتي وڃڻ سان جڏهن فرعون جي محل جي سامهون پهتو ته اهو فرعون جي ڌيءَ ڏٺو، جيڪا ان وقت اُتي وهنجي رهي هئي. تنهن اهو تابوت ٻاهر ڪڍايو ۽ گهر کڻائي وئي. اتي تابوت کي کولي ڏٺائون ته ان ۾ هڪڙو نهايت خوبصورت ڇوڪرو آرام سان پيو آهي، اهو لقاء ڏسي فرعون کيس مارڻ لاءِ چيو، پر فرعون جي گهرواري ڏاڍي خوش ٿي ۽ معصوم کي بچائڻ ۽ تاتڻ لاءِ فرعون کي راضي ڪيو. اهڙي طرح حضرت موسيٰ جي پرورش خود فرعون جي گهر ۾ ٿيڻ لڳي. جتي سندس حقيقي ماءُ ئي دائي جي حيثيت ۾ کيس کير پيارڻ ۽ پالڻ لاءِ مقرر ٿي. جڏهن ڇوڪرو جوان ٿيو ته مٿس اسرائيلي هئڻ جو راز افشان ٿيو ۽ ڏٺائين ته مصري حڪمران بني اسرائيل تي سخت ظلم ۽ ستم ڪري رهيا آهن. تڏهن هن جي دل ۾ بني اسرائيل لاءِ همدردي ۽ پنهنجائپ جو جذبو پيدا ٿيو. حڪمران جي گهر ۾ پلجندي کيس عاليشان تعليم ۽ تربيت حاصل ٿي.
هڪ ڏينهن شهر جي گشت دوران هن هڪڙو اسرائيلي هڪڙي مصري هٿان گهيليندي ڏٺو ته ان کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مصري اسرائيلي کي ڇڏڻ لاءِ اصل تيار نه هو. ان تي حضرت موسيٰ عليھ السلام سخت ڪاوڙ ۾ اچي مصري کي اهڙي ته مُڪَ هنئي جو هو پڙ تي مري پيو، هن اوچتي خون سرزد ٿيڻ تي حضرت موسيٰ کي سخت افسوس ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي حضور ۾سر بسجود ٿي معافي لاءِ ٻاڏائڻ لڳو ۽ رب رحيم کيس مغفرت عطا ڪئي. هوڏانهن مصري جي قتل جي خبر عام ٿي وئي، پر قاتل جي ڪا به خبر ڪانه پئي.اتفاقاً ٻئي ڏينهن به شهر ۾ گهمندي حضرت موسيٰ ڪلهوڪي ساڳي اسرائيلي کي هڪڙي قبطي هٿان ڪٽجندي ڏٺو ته کيس ڇڏايو، پر ملامت ڪندي چيائينس ته تون به وڏو فسادي آهين. جنهن تنهن سان اصل وڙهيو پيو آهين. اسرائيلي اهي لفظ ٻڌندي ۽ حضرت موسيٰ جو هٿ پاڻ ڏانهن کڄندي ڏٺو ته ڊپ ۾ وڪوڙجي ويو ۽ جواب ۾ چيائين ته تون ڪالهوڪي مصريءَ وانگر مون کي به مارڻ ٿو چاهين ڇا؟ اها ڳالهه ٻڌڻ شرط مصريءَ وڃي حقيقت فرعون تائين پهچائي ته ڪالهوڪو خون حضرت موسيٰ ڪيو هو. ان خبر جي تصديق کانپوءِ فرعون حضرت موسيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو.ان ميڙ ۾ موجود حضرت موسيٰ کي دلي طور ڀانئيندڙ هڪڙي معزز مصري شخص جڏهن اهو حڪم ٻڌو ته هڪدم سڀني ماڻهن کان اڳ دربار مان نڪري وڃي حضرت موسيٰ کي سارو احوال ٻڌايو ۽ صلاح ڏني ته في الحال مصرين کان پاڻ بچائي ڪنهن محفوظ هنڌ تي وڃي گذار. حضرت موسيٰ عليھ السلام سندس صلاح قبولي مدين جي علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو. جيڪو مصر کان اٺن منزلن جي مفاصلي تي هو. هتي جا رهاڪو حضرت اسحاق عليھ السلام جي پٽ مدين جو اولاد هئا. خوف ۽ حراس ۾ فرار ٿيندي حضرت موسيٰ عليھ السلام جا پير اگهاڙا هئا جيڪي هن اڙانگي سفر ڪري پٿون ٿي پيا. هن علائقي ۾ پهچڻ سان کيس هڪ کوهه وٽ ڪافي ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا جيڪي پنهنجي مال کي پاڻي پياري رهياهئا. ڪجهه پرڀروٻه ڇوڪريون پنهنجي ڌڻ سان بيٺيون هيون. حضرت موسيٰ عليھ السلام جي پُڇڻ تي ٻنهي ڀينرن ٻڌايو ته اسين ڪمزور ۽ مجبور آهيون. تنهنڪري هي ڏاڍا ۽ ظالم ماڻهو پهرين پنهنجي جانورن کي پاڻي پياريندا آهن. اسان کي سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ وارو ملندو آهي. اسان جو پيءُ نهايت ڪراڙو ۽ ضعيف آهي. جيڪو هنن جابر ماڻهن سان مقابلو نٿو ڪري سگهي. هيءَ حقيقت ٻڌڻ شرط موسيٰ عليھ السلام کي ڇوڪرين تي ڏاڍي ڪهل آئي ۽ همٿ ڪري ماڻهن کان زوريءَ وارو وٺي حوض پاڻيءَ سان ڀري سندن رڍن کي پاڻي پياري کين اطمينان سان روانو ڪيو. ڇوڪرين جو سوير گهر پهچڻ تي سندن پيءُ کانئن سبب پڇيو ته هنن مذڪوره حقيقت کان کيس واقف ڪيو. جنهن تي پرئي مڙس پنهنجي وڏيءَ ڌيءَ کي کيس گهر وٺي اچڻ لاءِ موڪليو. هوڏانهن حضرت موسيٰ عليھ السلام غريب الوطني ۽ ڪسمپرسيءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ الله تعاليٰ کان دعا گهري بس ڪئي ته ترت مذڪور ڇوڪري اچي وٽس پهتي ۽ گهر هلڻ لاءِ پڻس جو نياپو ڏنائين. ان کي رب جي رضا سمجهي پاڻ ساڻس گڏجي سندن گهر ويو ۽ ان بزرگ سان ملاقات ڪئي. پير مرد کيس خوش ٿي کيڪاري ماني کارائي پوءِ کانئس اطيمنان سان احوال ورتو. حضرت موسيٰ کيس پنهنجي مڪمل ڪهاڻي ٻڌائي. جنهن متاثر ٿيندي کيس آٿت ڏني ۽ چيو ته هتي تون ظالم مصرين جي چنبي کان بلڪل آزاد آهين. تنهن لاءِ رب تعاليٰ جو شڪرانو ادا ڪر. هنن جي گفتگو دوران وڏي ڇوڪريءَ پيءُ کي چيو ته پنهنجي مهمان کي پنهنجي مال چارڻ ۽ پاڻي پيارڻ لاءِ مقرر ڪريو، ڇو ته هي پهلوان ۽ ايماندار آهي. پير مرد ڌيءَ جي صلاح موجب اٺن سالن تائين مال چارڻ جي عيوض موسيٰ عليھ اسلام سان پرڻائي ڇڏيو. انهيءَ ڇوڪري جو نالو صفوره هو. سندس والد يعني حضرت موسيٰ عليھ السلام جي سهري جو نالو يثرون يا يثرو هو. مدين جي واديءَ ۾ سندس سهري وٽ حضرت موسيٰ عليھ السلام ويهارو کن سالن تائين رهيو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي ڪٽنب سميت مال چاريندو.مدين کان ڪافي پري تائين ڀٽڪي ويو ۽ رات پئجي وئي ته سينا جبل جي ويجهو ترسي پيو جت ٿڌ هئڻ سبب کيس باهه جي ضرورت ٿي ته چقمق سان باهه ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيو. انهي وقت کيس سامهون واري واديءَ ۾ ڪجهه روشني ڏسڻ ۾ آئي. جنهن تي پنهنجي گهر واريءَ کي مال وٽ ويهاري پاڻ باهه جي انتظام ۽ ڏَسِ وٺڻ لاءِ انهي روشنيءَ ڏانهن ويو. ويجهو اچڻ سان ڏٺائين ته آهي ته يقيناً باهه پر عجب آهي ته وڻ کي ڇو نه ٿي ساڙي! حقيقت ڄاڻڻ لاءِ اڃا به ڪجهه ويجهو ويو ته انهيءَ باهه واري ٻوٽي مان آواز آيو ته خبردار ويجهو نه اچ. پنهنجي جُتي لاهي ڇڏ. ڇو ته تون طويٰ جي مقدس واديءَ ۾ بيٺو آهين. هيءَ باهه نه پر آئون آهيان يعني الله، ٻنهي جهانن جو خالق ۽ مالڪ. ڏس مون توکي پنهنجي رسالت لاءِ چونڊيو آهي. هاڻي جيڪي ڪجهه وَڃِي ڪيو وڃي تون ان کي ڌيان سان ٻُڌ. الله پاڪ جو اهو ڪلام ٻڌي هو حيرت ۽ بي انتها خوشيءَ سبب خاموش ٿي بيهي رهيو ته الله تعاليٰ کانئس پڇيو ته تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته هيءَ منهنجي لٺ آهي. الله تعاليٰ فرمايو ته اي! موسيٰ پنهنجي لٺ زمين تي اڇلاءِ . موسيٰٰ عليھ السلام ائين ڪيو ته لٺ نانگ بنجي ڊوڙڻ لڳي. حضرت موسيٰ عليھ السلام هي لقاء ڏسي گهٻرائجي پوئتي هٽڻ لڳو. ته الله پاڪ فرمايو ته خوف نه ڪر ان کي پڪڙي وٺ. اسان ان کي ساڳئي اصل حالت ۾ آڻينداسين. الله پاڪ طرفان ڏڍ ڏيڻ تي همٿ ڪري هن نانگ پڪڙيو ته اهو اصلوڪي لٺ ۾ تبديل ٿي ويو. الله سبحان و تعاليٰ هٿ بغل ۾ رکي ٻاهر ڪڍڻ سان اهو روشن تاري وانگر چمڪڻ وارو ٻيو معجزو به موسيٰ عليھ السلام کي عطا ڪيو ۽ کيس حڪم ڪيائين ته تون مصر وڃي فرعون ۽ ان جي قوم کي هدايت واري راهه ڏيکار. جن غرور ۽ جبر سان بني اسرائيلين کي غلام بنائي رکيو آهي. تن کي نجات ڏيار. حضرت موسيٰ عليھ السلام الله پاڪ کي عرض ڪيو ته يا رب مون هڪڙي مصري کي قتل ڪيو هو. جنهن جي سزا طور مون کي مارڻ گهريائون پر آئون اتان فرار ٿي اچي هتي رهڻ لڳس. هاڻي اوڏانهن واپس وڃڻ تي شايد هو مون کي ماري ڇڏين. ٻيو ته منهنجي زبان گفتگوءَ ۾ اٽڪي ٿي، انهيءَ لاءِ منهنجي ڀاءُ هارون کي پڻ مون کي سونيپل ڪم ۾ شريڪ ڪر، ڇو ته هو مون کان وڌيڪ فصيح بيان آهي. رب پاڪ کيس ڏڍ ڏئي فرمايو ته تنهنجو عرض قبول ڪندي تنهنجي ڀاءُ هارون کي به تنهنجو ساٿي ۽ مددگار مقرر ڪجي ٿو، فرعون ۽ سندس قوم کي حق جي دعوت ڏيڻ وقت نَرَم ۽ شائسته گفتگو ڪجو.
حضرت موسيٰ عليھ السلام رب پاڪ سان هم ڪلام ٿي نبوت جي اعليٰ منصب سان نوازجي فرعون ۽ سندس قوم کي الله تعاليٰ جو حق وارو پيغام پهچائڻ ۽ بني اسرائيل کي فرعون کان آزاد ڪرائي واعدو ڪيل سرزمين ۾ پهچائڻ لاءِ هڪ عظيم نصب العين سان معمور ٿي مقدس واديءَ کان ٻاهر اچي پنهنجي گهر واريءَ کي ساڻ ڪري پنهنجي سهري وٽ آيو ۽ پنهنجي مائٽن سان ملڻ لاءِ مصر وڃڻ جي اجازت گهري، جيڪا هن کيس خوشيءَ سان ڏني. اهڙي ريت هو منزلون ڪندو اچي مصر پهتو. ان وقت رات ٿي چڪي هئي، هو هڪ مسافر جي حيثيت ۾ پنهنجي گهر پهتو. سندس ماءُ سندس خاطر تواضع ڪئي. انهيءَ کان پوءِ حضرت هارون به اچي پهتو جنهن کي الله تعاليٰ هتي پهچڻ کان اڳي وحي زريعي نبوت سان نوازيو ۽ پنهنجي ڀاءُ حضرت موسيٰ عليھ السلام جو ساٿي ۽ مددگار ڪري موڪليو. ٻئي ڀائر ڏاڍي اُڪير سان مليا ۽ ماءُ کي سربستو احوال ٻڌايو. جنهن پنهنجي مامتا سبب کين ظالم حاڪم ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ته مبادا هو کين مارائي ڇڏي. پر هو ٻئي ڀائر الله تعاليٰٰ جي حڪم جي پيروي ڪندي فرعون جي درٻار ۾پهچي، فرعون سان مخاطب ٿيا ۽ فرمايائون ته اي! فرعون اسان کي الله پاڪ پنهنجا پيغمبر بنائي توڏانهن ٻن ڳالهين جي نسبت موڪليو آهي. اول هيءَ تون الله تعاليٰ تي ايمان آڻ ۽ ٻئي ڪنهن به هستيءَ کي ان سان شريڪ نه ڪر. ٻيو هي ته تون پنهنجي رعيت تي ظلم ڪرڻ ختم ڪر ۽ بني اسرائيل کي پنهنجي غلاميءَ کان آزاد ڪر. اسان جي سچائي پرکڻ لاءِ الله تعاليٰ اسان کي ٻه معجزا پڻ عطا ڪيا آهن. ان ڪري تنهنجي لاءِ بهتر آهي ته تون رب پاڪ جو هي توحيد ۽ حق وارو پيغام قبول ڪندي بني اسرائيل کي آزادي ڏي.اسين کين پيغمبرن واري مقدس سرزمين تي پهچايون جتي هو واحد خدا جي عبادت ڪن، جيڪو سندن ورثو آهي.
فرعون هي بيان ٻڌڻ کان پوءِ ڊيڄاريندي چيو ته اي موسيٰ عليھ السلام اڄ تون پيغمبر بنجي مون کان بني اسرائيل جي آزاديءَ جو مطالبو ٿو ڪرين، تون منهنجي گهر ۾ پليو هئين۽ هڪڙي مصريءَ کي ماري هتان ڀڄي وئين. اهي ڳالهيون تو وساري ڇڏيون ڇا. موسيٰ عليھ السلام فرمايو ته تون صحيح ٿو چوين، پراهو رب العالمين جو ڪرشمو هو ته منهنجي پرورش تنهنجي گهراڻي ۾ ٿي. پوءِ سڀ کان وڏي نعمت يعني نبوت سان نوازيو ويس. پر اهو ته انصاف ڪونهي ته هڪڙي اسرائيلي جي پالنا عيوض تون سڀني اسرائيلين کي غلام ڪري رکين. فرعون پڇيو ته جهانن جو پالڻهار ڇاکي چئبو آهي ۽ حضرت موسيٰ عليھ السلام جواب ڏنو ته اهو ئي جيڪو آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي تنهنجو پالڻهار آهي. توهان جو ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جو به پاليندڙ اهو ئي هڪڙو خدا تعاليٰ آهي. حضرت موسيٰ عليھ السلام چيو ته عبادت جي لائق فقط الله پاڪ جي ذات اقدس آهي. جيڪو جهانن جو خالق ۽ مالڪ آهي. ڪنهن به انسان جي خدائي جي دعويٰ سنگين شرڪ آهي. اي فرعون تون ان کان باز اچ. اسان تي وحي نازل ڪري توهان وٽ حق جو پيغام پهچائڻ لاءِ حڪم ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان مُنهن موڙيندڙ ۽ ان جي ابتڙ عمل ڪندڙ قدرتي عذاب جو مستحق ٿيندو.
موسيٰ عليھ السلام سندس ڀاءُ هارون عليھ السلام ۽ فرعون جي وچ۾مناظرن جو سلسلو چالو ٿي ويو. فرعون موسيٰ عليھ السلام کي چيو ته جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود سڏيو ته آئون توکي قيد ڪندس. حضرت موسيٰ وراڻيس ته انهيءَ خالق اڪبر جا ته مون وٽ پڪا ثبوت موجود آهن.فرعون چيو ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته اهي نشان ڏيکار. انهيءَ تي حضرت موسيٰ عليھ السلام ڀريل دربار جي وچ تي فرعون جي سامهون پنهنجي لٺ زمين تي اڇلائي ته اها نانگ ۾ بدلجي وئي. موسيٰ عليھ السلام جڏهن ان کي پُڇ مان جهليو ته اها اصل شڪل ۾ يعني لٺ ٿي پئي. پوءِ حضرت موسيٰ عليھ السلام پنهنجو هٿ بغل۾ رکي ٻاهر ڪڍيو ته اهو روشن ستاري جيان چمڪڻ لڳو.اهو بيو معجزو هو.
اهي معجزا ڏسي فرعون ۽ سندس درباري هراسجي ويا. فرعون چيو ته اي موسيٰ عليھ السلام ڇاتون پنهنجي جادوءَ سان اسان کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍڻ آيو آهين؟ توکي اسان جي جادوگرن سان مقابلو ڪرڻو پوندو. حضرت موسيٰ عليھ السلام اهو قبول ڪيو ۽ چيو ته اهو مقابلو ڀلي مصرين جي وفاء النيل واري عيد جي ڏينهن ٿئي. عيد جي ڏينهن جشن جي ميدان ۾ هي مقابلو ڏسڻ لاءِ درٻار لڳي، جتي سمورا خاص توڙي عام ماڻهو اچي گڏ ٿيا. فرعون جي گهرايل جادوگرن فرعون کان فتح جي صورت ۾ انعام جو وعدو وٺي حضرت موسيٰ عليھ السلام ڏانهن ڌيان ڏنو. انهيءَ وقت حضرت موسيٰ عليھ السلام سموري مجموعي کي حق جي تبليغ ڪندي فرمايو ته افسوس آهي.اوهان جي حال تي جو اوهان اسان کي جادوگر سمجهو ٿا ۽ الله پاڪ تي ڪوڙو الزام ٿا هڻو. بهتان مڙهيندڙن کي الله تعاليٰ نابود ڪري ڇڏيندو آهي. ماڻهن اها ڳالهه ٻڌي ته پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا. جادوگرن مقابلي لاءِ اسرار ڪيو ته موسيٰ عليھ السلام کين چيو ته شروعات توهان ڪريو. اهو ٻڌي هنن پنهنجون رسيون ۽ لٺيون زمين تي اڇلايون ته اهي نانگن جو ڏيک ڏيڻ لڳيون، انهن کي ڏسي موسيٰ عليھ السلام ڪجهه دلگير ٿيو، پر الله پاڪ کيس وحي وسيلي ڏڍ ڏنو ته گهٻراء نه تون ئي ڪامياب ٿيندين تڏهن پاڻ پنهنجي لٺ ميدان ۾ اڇلائي ته اها هڪ وڏي نانگَ جي صورت ۾ جادوگرن وارن نانگن کي ڳيهڻ لڳي ۽ سمورو ميدان صاف ڪري ڇڏيائين. هن لقاء کان سمورو مجموعو متاثر ٿيو ۽ جادوگرن مجلس جي اڳيان فرعون کي چيو ته موسيٰ عليھ السلام جو هي ڪم جادوء کان مٿي الله پاڪ جو ڏنل معجزو آهي ۽ فوراً سجدي ۾ ڪري پيا. ۽ چيو ته اسان موسيٰ عليھ السلام ۽ هارون عليھ السلام جي خدا تي ايمان آندو ڇو ته اهو ئي جهانن جو پاليندڙ آهي. انهيءَ تي فرعون جادوگرن کي دٻائيندي چيو ته توهان منهنجي اجازت کانسواءِ موسيٰ عليھ السلام ۽ هارون عليھ السلام جي خدا تي ايمان آندو. اها توهان جي سازش آهي. جنهن لاءِ توهان کي ضرور سزا ڏيندس. جادوگرن فرعون کي جواب ڏنو ته الله پاڪ جون ظاهر نشانيون اسان کي پهتيون. اسان کي اميد آهي ته هو اسان جا گناهه معاف ڪندو، ڇو ته اسين هتي پهريان ايمان آڻيندڙ آهيون. اهڙي طرح جڏهن ڪجهه ماڻهن حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ حضرت هارون عليھ السلام تي ايمان آندو ته فرعون ۽ درباري امير پريشان ٿيندي مومنن ۽ بني اسرائيلين تي وڌيڪ ظلم ڪرڻ لڳا ۽ سندن پٽاڻي اولاد کي وري مارڻ جو اعلان ڪيائون. هن صورتحال موجب حضرت موسيٰ عليھ السلام مومنن کي صبر ۽ شڪر ڪرڻ ۽ الله پاڪ تي پورو يقين ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ کين پنهنجي گهرن ۾ عبادت ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ کين تسلي ڏني ته گهٻرايو نه، الله پاڪ جو وعدو سچو آهي، نيٺ توهان ڪامياب ۽ توهان جا دشمن تباهه ٿي ويندا.
ٻئي طرف فرعون جي حڪم سان اسرائيلين جا پُٽ قتل ٿيڻ لڳا ۽ موسيٰ عليھ السلام جي خلاف پرچار ٿيڻ لڳو. تڏهن موسيٰ عليھ السلام الله پاڪ کي تدارڪ لاءِ عرض ڪيو اُنهيءَ تي ڌڻي تعاليٰ مختلف صورتن ۾ مصرين تي قهر نازل ڪيو. سڀ کان پهريائين الله تعاليٰ سندن ندين ۽ ڍنڍن توڙي چشمن جو پاڻي خراب ڪري ڇڏيو. جيڪو بيمارين جو باعث بڻيو. تڏهن فرعون وارن حضرت موسيٰ وٽ اچي عاجزي ڪئي ته پنهنجي پالڻهار کي چئي هي عذاب ٽار ته اسين سندس اطاعت ڪنداسين. حضرت موسيٰ عليھ السلام جي دعا گهرڻ سان پاڻي صاف ٿي ويو، پر مصرين سرڪشي ۽ ظلم برقرار رکيو. مثسيت ايزديءَ موجب پوءِ اهل مصر تي هڪٻئي پويان ڏڪار طوفان،جُونئيِنِ، ڏيڏرن ۽ مڪڙن جي طوفان وارا عذاب نازل ٿيندا رهيا. هر عذاب جي نزول سان حضرت موسيٰ عليھ السلام کي اچي منٿ ڪندا هئا ته اسين توبھ تائب ٿا ٿيون. هن کان پوءِ اسين ڪو به ظلم ڪو نه ڪنداسين. اسان تان هي عذاب ختم ڪراء، جڏهن اهو عذاب ختم ٿيندو هو ته اهي وري به ڦري ظلم ڪرڻ لڳندا هئا. تنهنڪري رب تعاليٰ سندن ۽ سندن چوپاين جانورن جي پهرين پٽاڻي اولاد ۾ موت برپا ڪيو. خود فرعون جو پٽ به مري پيو. تڏهن لاچار ٿي فرعون بني اسرائيل کي پنهنجي وطن وڃڻ جي موڪل ڏني پر جڏهن موسيٰ عليھ السلام ۽ هارون عليھ السلام پنهنجي ماڻهن کي وٺي روانا ٿيا تنهن کان پوءِ درٻارين کين واپس موٽائڻ لاءِ فرعون کي ڀڙڪائي سندس اڳواڻيءَ ۾ سندن پويان وڏو لشڪر چاڙهي موڪليو. حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ حضرت هارون عليھ السلام پنهنجي ماڻهن سان خشڪي جي رستي کي ڇڏي ڳاڙهي سمنڊ واري رستي ڏانهن روانا ٿيا هئا تڏهن توريت موجب سندن تعداد ڇهه لک کن هو. پر اڪثر محققين موجب اهو پندرهن هزارن کان مٿي ڪو نه هو. صبح جي وقت هنن ڏٺو ته فرعون جو لشڪر مٿان اچي ڪڙڪيو آهي ته هي گهٻرائجي ويا ۽ حضرت موسيٰ عليھ السلام سان ڪاوڙ ڪري شڪايت ڪرڻ لڳا ته رڻ ۾ مرڻ کان مصرين جي خدمت ڪرڻ بهتر هو. تون اسان کي اجايو رڻ ۾ رولي مارڻ وٺي آئين. انهيءَ تي حضرت موسيٰ عليھ السلام کين يقين ڏياريندي فرمايو ته توهان هرگز نه ڊڄو، الله تعاليٰ جل شانھ جو وعدو بلڪل سچو آهي. اهو توهان کي مصرين جي ظلم مان ضرور آجو ڪندو. پوءِ ڌڻيءَ جي خدمت ۾ مدد لاءِ دعا گهري. قادر ڪريم وحي وسيلي موسيٰ عليھ السلام کي حڪم ڪيو ته پنهنجي لٺ پاڻيءَ تي هڻ ته اهو پاسن تي هٽي وڃي ۽ وچ ۾ خشڪ رستو نڪري اچي.مالڪ مهربان جي حڪم موجب حضرت موسيٰ عليھ السلام سمنڊ جي پاڻي تي لٺ هنئي ته پاڻي جدا ٿي ٻنهي پاسن تي پهاڙن وانگر ٿي بيٺو ۽ وچ ۾ رستو ٺهي ويو. تڏهن حضرت موسيٰ عليھ السلام جي حڪم سان سمورا بني اسرائيلي پنهنجي جانورن سميت انهيءَ رستي تان هلندي سمنڊ جي پرئين اُڀرندي ڪناري تي باسلامت پهچي ويا. مصرين اهو لقاءُ ڏٺو ته اهي به بني اسرائيلين جي پويان سمنڊ ۾ لهي پيا، پر جڏهن اهي سمورا سمنڊ ۾ داخل ٿيا ته ڌڻيءَ جي قدرت سان ڀتين جيان بيٺل پاڻي پنهنجي اصلوڪي صورت اختيار ڪري فرعون سميت مصري لشڪر کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ انهن مان ڪو هڪ به زنده ڪو نه بچيو. اسرائيلين جڏهن الله پاڪ جو اهو عظيم ڪرشمو پنهنجي تجربي سان ڏٺو ته اهي الله پاڪ کان ڊنا ۽ انهيءَ جي هستيءَ ۾ سندس پيغمبر موسيٰٰ عليھ السلام ۽ حضرت هارون عليھ السلام تي ايمان آندو.
بني اسرائيلي ڳاڙهو سمنڊ پار ڪري جنهن علائقي ۾ اچي پهتا هئا اهو رڻپٽ هو جت سخت گرمي ٿيندي هئي ۽ ڪا ساوڪ ۽ پاڻي عدم موجود هو. هن صورتحال تي سخت پريشان ٿي اهي شڪايت ڪرڻ لڳا ته اسان هتي اڄ ئي تڙپي مري وينداسين. انهيءَ لاءِ حضرت موسيٰ عليھ السلام پٿر کي لٺ هنئي ته انهيءَ مان ٻارهن چشما پيدا ٿيا، جيڪي هنن ٻارهن قبيلن جي تصرف ۾ اچڻ لڳا. هاڻي وري هنن کاڌي جي اڻاٺ جي شڪايت ڪئي ته حضرت موسيٰ عليھ السلام جي دعا گهرڻ سان الله پاڪ آسمان مان برسات جي صورت ۾ کين ”من“ يعني مِٺو حَلِوو مهيا ڪيو. ڏينهن جو تيز هوا سبب ٻٽير پکين جا ڪئين ولر اچي هنن اڳيان زمين تي لهندا هئا، جن کي جهلي رڌي کائڻ لڳا. سلويٰ انهن پکين کي سڏيو ويو.
هن کان پوءِ بني اسرائيلي گرميءَ ۽ گهر نه هئڻ جي شڪايت ڪرڻ لڳا. حضرت موسيٰ عليھ السلام الله پاڪ کان وري دعا گهري ته اها به الله پاڪ قبول ڪئي ۽ بني اسرائيلين تي ڪڪرن جي ڇانوَ ڪري ڇڏي. اهي جيڏانهن به ويندا هئا ته انهن جي مٿان ڪڪر موجود هوندا هئا. نبين جي اولاد هجڻ جي باوجود ڪئين صدين جي غلاميءَ اسرائيلي قوم کي سُست، بزدل ۽ ناشڪر بنائي ڇڏيو. الله تعاليٰ جي طرفان هيترن احسانن ۽نعمتن نازل ڪرڻ جي باوجود هيءَ قوم نهايت ناشڪر، بي صبر ۽ بي ايمان ٿي رهي.
اعتڪاف لاءِ وڃڻ کان اڳ حضرت موسيٰ عليھ السلام پنهنجي ڀاءُ حضرت هارون عليھ السلام کي سندس قوم جو منتظم مقرر ڪري ويو. پاڻ ”طور“ جبل تي وڃي چاليهن ڏينهن جو اعتڪاف مڪمل ڪيو، جنهن دوران هن روزا رکيا، چلو پورو ٿيڻ تي الله پاڪ کيس گفتگو جو شرف بخشيو ته هي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته اي مهربان مالڪ مونکي پنهنجي ديدار سان نواز. الله پاڪ فرمايو ته اي موسيٰ عليھ السلام تون منهنجي مشاهدي کي برداشت ڪري نه سگهندين. چڱو آئون پنهنجي تجلي پهاڙ تي ظاهر ڪريان ٿو. اهو جيڪڏهن تجلي برداشت ڪري ويو ته پوءِ توکي مشاهدو ڪرائيندس. ائين رب پاڪ پنهنجي تجلي جبل تي ظاهر ڪئي ته جبل جو اهو سمورو ڀاڱو سڙي ذرا ذرا ٿي ويو. حضرت موسيٰ عليھ السلام هن لقاءُ جو تاب نه سهي بيهوش ٿي ڪري پيو. جڏهن هوش ۾ آيو ته الله پاڪ جي حمد ۽ ثنا ڪئي ۽ چيائين ته مان مڃان ٿو ته موليٰ سائين تون پاڪ آهين. آئون عجز ۽ انڪساري ڪريان ٿو. انهيءَ کان پوءِ موسيٰ عليھ السلام کي توريت جو صحيفو عطا ڪيو ويو ۽ الله پاڪ فرمايو ته هن ڪتاب ۾ توهان جي ديني توڙي دنياوي عملن ۽ مقصدن جو تفصيل موجود آهي. اها ئي منهنجي شريعت آهي. جنهن وقت حضرت موسيٰ عليھ السلام ”طور“ جبل تي اعتڪاف ۾ مشغول هو. انهيءَ وقت بني اسرائيلين ۾ موجود هڪ شخص سامري، ماڻهن کي ڀنڀلائي کانئن سون چاندي وٺي کين گابي جو بت ٺاهي ڏنو ۽ چيو ته حضرت موسيٰ جي طورسينا واري خدا کان اوهان کي هي خدا وڌيڪ ويجهو آهي. حضرت هارون عليھ السلام جي سخت مخالفت جي باوجود بني اسرائيلي انهيءَ جي پوڄا ڪرڻ لڳا. جڏهن حضرت موسيٰ موٽي اچي کين گابي جي پوڄا ڪندو ڏِٺو ته سخت ڪاوڙ ڪئي ۽ حضرت هارون عليھ السلام تي سخت تنقيد ڪئي ته هن ڪفر جي ڪم ڪرڻ کان هنن کي ڇو نه روڪيو؟ حضرت هارون حقيقت بيان ڪئي ته سامري هنن کي ڀنڀلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. منهنجي مخالفت سبب مون کي قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ان ڪري تنهنجي واپسيءَ تائين آئون مجبوراً خاموش رهيس. بني اسرائيلين عذر پيش ڪيو ته اسان وٽ ڪافرن جو مال هو. جيڪو سامريءَ کي ڏنوسين. تنهن انهيءَ مان معبود تيار ڪيو. حضرت موسيٰ عليھ السلام کي سامري ٻڌايو ته ڳاڙهو سمنڊ اڪرڻ دوران بني اسرائيلين ۽ مصرين جي وچ ۾ حضرت جبرائيل هلي رهيو هو. جيئن ته مصري بني اسرائيلين کي رَسي نه سگهن. اُن وقت مون انهيءَ جي پيرن واري مِٽي کنئي هئي، جنهن سان هي معبود تيار ڪيم. حضرت موسيٰ کيس چيو ته بيشڪ تو لاءِ جيئري هيءَ سزا آهي ته تون هميشه چوندو رهندين ته مون کي هٿ نه لڳايو. بني اسرائيلين کي سخت ملامت ڪندي چيائين ته الله تعاليٰ جي هيترين سارين نعمتن کي وساري انهيءَ جي خلاف گابي جي پوڄا ڪرڻ ۾ اوهان کي ڇا حاصل ٿيو؟ حضرت موسيٰ عليھ السلام کين سخت تنبيهه ڪندي چيو ته توهان جو ۽ ساري جهان جو معبود فقط الله پاڪ آهي. ان کانسواءِ ٻي ڪا به شئي يا هستي عبادت جي لائق ڪانهي. حضرت موسيٰ عليھ السلام جڏهن الله تعاليٰ جي حضور ۾ هيءَ حقيقت عرض ڪئي ته رب العالمين فرمايو ته گابي جي پوڄا ڪندڙن لاءِ سزا آهي ته اهي پاڻ کي ڪُهن. مجبوراً هزارين اسرائيلين سزا طور هڪ ٻئي کي ڪُٺو تنهن تي حضرت موسيٰ عليھ السلام ڌڻي تعاليٰ جي خدمت ۾ معافي لاءِ عرض ڪيو، جيڪو قبول ڪري باقي ماڻهن کي معافي ڏني وئي.
حضرت موسيٰ کي عطا ڪيل صحيفي تورات جو پهريون فرمان توحيد تي ايمان ۽ بت ٺاهڻ ۽ پوڄڻ تي بندش بابت هو. سحر يا جادو ۽ ٻين غير اخلاقي ۽ غير ديني مقصدن لاءِ الله تعاليٰ جو نالو استعمال ڪرڻ تي پڻ بندش لڳائي وئي. قتل،زنا، چوري، ڪوڙ، لالچ ۽ لوڀ معاشري کي خراب ۽ تباهه ڪندڙ اعمال هئڻ سبب حرام قرار ڏنا ويا. تورات ۾ يتيمن، بيواهن، مسافرن ۽ مسڪينن سان انصاف ۽ حق رسائي لاءِ پڻ احڪام موجود هئا.
مذڪور شريعت موجب معاشري جي جوڙجڪ ڪئي وئي ۽ خلاف ورزيءَ جي تدارڪ لاءِ عدالتي نظام وضح ڪيو ويو. حضرت موسيٰ عليھ السلام بني اسرائيلين جي نهايت نافرمان قوم کي هدايت ۽ نصيحت ۾ گذاريندي جڏهن هڪ سئوويهه سالن جي عمر کي رسيو ته حضرت عزرائيل عليھ السلام انساني روپ ۾ حاضر ٿي حضرت موسيٰ عليھ السلام کي چيو ته ڌڻيءَ طرفان- اَجَلَ جو حڪم قبول ڪيو. حضرت موسيٰ عليھ السلام ٺٺولي ڀائيندي کيس چماٽ هنئي. فرشتي الله پاڪ وٽ حقيقت بيان ڪئي جنهن کيس ٻيهر چوائي موڪليو ته تنهنجي عمر ڪئين سال وڌائي سگهجي ٿي، پر نيٺ موت جو مزو چکڻو پوندو. ان احوال موجب حضرت موسيٰ عليھ السلام موت کي لبيڪ چئي پنهنجا پساهه پرور کي سپرد ڪيا، سندس قبر ريجا جي ڳوٺ ۾ واقع هئي، جيڪو مقدس واديءَ ۾ موجود آهي.