محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
هيءَ تحريڪ پڻ هندستان کي انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل مختلف تحريڪن مان هڪڙي تحريڪ هئي. جنهن جو نصب العين هٿيار بند جدوجهد وسيلي هندستان جي آزادي حاصل ڪرڻ هو. هيءَ تحريڪ هندستان جي جڳ مشهور اسلامي تعليمات جي اداري، دارالعلوم ديوبند سان وابسته علماء ڪرام، مولانا محمود الحسن، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندن ساٿي علمائن، سن 1913ع ۾ هندستان جي آزاديءَ جي هڪ زير زمين تحريڪ طور وجود ۾ آندي. هن تحريڪ جي اڳواڻن، انهيءَ سلسلي ۾ انگريز مخالف يورپي ۽ ايشيائي ملڪن کان مدد وٺڻ خاطر گهربل رابطي جو سلسلو شروع ڪيو، پر انهيءَ وقت افغانستان ۾ رهندڙ هن تحريڪ جي مکيه رهنما، مولانا عبيدالله سنڌيءَ طرفان سندس ساٿي رهنما، مولانا محمود الحسن ڏانهن هڪ ريشمي رومال تي لکيل ڳجهو خط پنجاب حڪومت جي سي آءِ ڊي کاتي کي هٿ اچڻ سبب، هن تحريڪ جي جدوجهد وارو راز کلي پيو. انهيءَ وقت مولانا محمود الحسن هن تحريڪ جي حوالي سان ايران ۾ ترسيل هو. مولانا محمود الحسن سان گڏ، مولانا محمد ميان منصور انصاري، سيپٽمبر 1915ع ۾ حجاز مُقدس ويو هو ۽ ريشمي رومال تي غالب پاشا جي دستخط وارو لکيل خط کڻي اپريل 1916ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ اهو خط هندستان جي آزاديءَ واري جنگ وڙهندڙ، قبائلي علائقن وارن مجاهدن کي ڏيکاريو. پوءِ اهو خط کڻي مولانا منصور انصاري جون 1916ع ۾ ڪابل پهتو. پهرين عالمي لڙائيءَ دؤران، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ دارالعلوم ديوبند جو منتطم اعليٰ مولانا محمود حسن، هندستان جي اتر اولهه واري قبائلي علائقي ۾ انگريزي حڪومت جي خلاف آزاديءَ واري جدوجهد چالو ڪرڻ جي منصوبي تحت، آڪٽوبر 1915ع ۾ ڪابل روانو ٿيو. انهيءَ نصب العين جي حصول خاطر مولانا عبيد الله سنڌي افغانستان جي حاڪم کي هندستان ۾ انگريزي حڪومت جي خلاف جنگ ڪرڻ جي ترغيب ڏني ۽ مولانا محمود الحسن جرمني ۽ ترڪيءَ جي حڪمرانن کان انگريزن جي حڪومت خلاف مدد حاصل ڪرڻ لاءِ حجاز روانو ٿيو. افغانستان ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گڏ ڪجهه ديوبند وارا شاگرد به ساڻ هئا، جيڪي انگريزن خلاف ترڪيءَ جي خليفي طرفان هلندڙ جهاد ۾ شامل ٿيڻ واسطي ترڪي وڃڻ لاءِ تيار هئا پر مولانا سنڌيءَ فيصلو ڪري ڇڏيو ته عالم اسلام جي سڀ کان وڌيڪ صحيح خدمت، هندستان جي آزادي واري تحريڪ جي ڪاميابيءَ تي دارومدار رکندڙ آهي. هن تحريڪ جي ترت مقصدن ۾ افغان حاڪم کي هندستان ۾ انگريز حڪومت جي خلاف جنگ ڪرڻ ۽ هن تحريڪ جي مجاهدن کي افغانستان مان لنگهي وڃڻ جي اجازت جو حصول هو. برلن اِنڊيئن ڪميٽي جيڪا 1915ع کان پوءِ هندستان جي آزاديءَ واري ڪميٽي سڏجڻ لڳي، اها اِنڊو جرمن تُرڪش مشن جي صورت ۾ هندستان جي ايران سان لڳندڙ سرحد تي برطانوي سامراج جي خلاف هلندڙ جدوجهد جي همٿ افزائي ڪرڻ لڳي. اهو انڊو جرمن تُرڪش مشن ديوبندي مجاهدن سان ڊسمبر 1915ع ۾ ڪابل ۾ وڃي گڏيو، اهو مشن مجاهدن سان گڏ ترڪ خليفي انور پاشا ۽ مصر مان معزول ڪيل شاهه عباس حلمي جا انگريز سامراج خلاف جدوجهد جي حمايت ۽ افغان حاڪم کي انگريز مخالف جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ وارا پيغام کڻي آيو هن انڊوجرمن تُرڪش مشن جو ترت مقصد هن ريشمي رومال تحريڪ وارو ساڳيو افغان حڪمران کي انگريز مخالف جدوجهد ۾ شامل ڪرڻ ۽ انگريز مخالف جنگ ڪندڙ مجاهدن کي افغانستان مان لنگهي جنگ جي محاذ ڏانهن وڃڻ جي اجازت جو حصول هو، پر هن تحريڪ جو راز کلڻ کان پوءِ هن تحريڪ جا ديوبندي عالم رهنما، جهڙوڪ مولانا محمود الحسن، مڪي شريف مان گرفتار ڪيو ويو ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ سان گڏ مالٽا ۾ جلا وطن ڪري رکيو ويو. جتان کيس سِلهه جي موذي مرض ۾ آخري ڏاڪي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ سن 1920ع ۾ آزاد ڪيو ويو. انهن کان سواءِ تحريڪ جا ٻيا به اهم رهنما گرفتار ٿي ويا. هن تحريڪ جي مکيه رهنمائن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي مولانا محمود الحسن، مولانا حسين احمد مدني، مولانا شاهه رحيم راء پوري، مولانا محمد صادق کڏو ڪراچي وارو ۽ مولانا محمد ميان منصور انصاري شامل هئا. هيءَ هڪڙي انگريز مخالف هٿيار بند تحريڪ هجڻ سبب، کيس هٿيارن ۽ گولي بارود جي سخت ضرورت هئي. تنهن ڪري هن تحريڪ جي رهنمائن هندستان کان ٻاهر انگريز مخالف قومن ۽ ملڪن، جهڙوڪ افغانستان ترڪي روس ۽ جرمني کان گهربل جوڳي مدد لاءِ رابطا شروع ڪيا. هن تحريڪ جي خط و ڪتابت ريشمي رومالن تي ڳجهي خطاطيءَ وسيلي ڪئي ويندي هئي. تنهن نسبت سان آزاديءَ واري هن تحريڪ تي ”ريشمي رومال تحريڪ“ نالو پئجي ويو. هيءَ تحريڪ پنهنجي وجود جي شروعاتي عرصي دؤران ئي مشڪلات جو شڪار ٿي وئي. انهيءَ دؤر ۾ پنجاب جي گورنر، سر مائيڪل ڊوائر سندس يادگيرين جي اردو ترجمي نالي ”غير منقسم برصغير ميري نظر مين“ تان مولانا زاهد الراشدي مواد اخذ ڪري، تحريڪ ريشمي رومال اور انگريز گورنر پنجاب کي ياداشت جي عنوان تحت تحرير ڪيل مضمون ۾ ڄاڻايو ته ”سر مائيڪل او ڊوائر لکي ٿو ته ”ريشمي رومال (تحريڪ) منصوبي جو اطلاع اسان کي آگسٽ 1916ع ۾ مليو ۽ اسين انهي کي شروعات ۾ ئي ڪُچلي ڇڏڻ جا لائق ٿي وياسين. انهيءَ منصوبي جو بنياد 16 1915ع ۾ ڪابل شهر ۾ رکيو ويو، جتي فيصلو ٿيو ته هڪ طرف تُرڪ ۽ عرب پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪن ۽ ٻئي طرف افغان، سرحدي قبيلا ۽ هندستان جا مسلمان پاڻ ۾ ٻڌي ڪن. اهڙيءَ ريت اسلام جون سموريون ڌُريون برطانوي حڪومت جي خلاف آزاديءَ جي هڪ نقطي تي پاڻ ۾ گڏجي وڃن. انهيءَ منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ سولو خيال ڪيو ويو. اهو هينئن ته سرحدي قبيلا هندستاني عالمن جي اُڪسائڻ تي انگريز سرڪار جي خلاف جنگ چالو ڪري ڏيندا کين هندستاني باغي مسلمانن جي حمايت به حاصل هوندي. اها اميد به ڪئي پئي وئي ته انقلاب پسند هندو ۽ آمريڪا مان موٽي آيل سِک به انهي آزاديءَ جي مجاهدن سان ملي جدوجهد ڪندا. هي تحريڪ وڏي مهارت سان تيار ڪئي وئي هئي. انهيءَ تحريڪ کي هندستان، وچ ايشيا، حجاز ۽ ميسوپوٽيميا تائين پهچايو ويو ۽ انهيءَ تحريڪ جي منصوبي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سمورا روايتي طريقا ڪم آندا ويا. مختلف ملڪن ۾ ايلچي ۽ سفير موڪليا ويا. انهن وٽان ڳجها خط ۽ پيغام هٿ ڪيا ويا. انهيءَ مرحلي تي هن پر اسرار معاملي جي ڪُنجي يعني ڳُجهن خطن ۽ پيغامن وارا ريشمي رومال مون کي هٿ آيا. ڪابل ويل باغي نوجوانن ۾ هڪڙي سٺي مسلمان فوجي جو پٽ به شامل هو. اهو فوجي مسلمان منهنجو پراڻو دوست هو. انهيءَ مسلمان فوجي جي زور ڀرڻ تي مون ڪابل جي امير کي هڪ پيغام موڪليو ته ڪابل آيل نوجوانن کي واپس هندستان اچڻ جي موڪل ڏني وڃي. انهن کان ڪا به پڇا ڳاڇا ڪا نه ٿيندي ۽ کين معافي ڏني ويندي. اهو گُر ناڪام ٿيو. منهنجي مسلمان فوجي سنگتي جو هڪ خانداني ملازم به انهن باغي نوجوانن سان گڏ ڪابل ۾ هو. منهنجي سنگتي فوجيءَ جي پٽ، انهيءَ ملازم کي پنهنجي پيءَ لاءِ هڪ پيغام ڏئي هندستان موڪليو. انهيءَ ملازم جي اچ وڃ ڏسي منهنجي سنگتي فوجي کي ڪجهه شڪ پيدا ٿيو ۽ انهيءَ ملازم تي سختي ڪئي ته انهيءَ ملازم قبول ڪيو ته مون هن پيغام سان گڏ ڪجهه ٻيو مواد به آندو هو. اهي ساڳيا مشهور ريشمي رومالن تي فارسي ٻوليءَ ۾ زرد ريشمي ڪپڙي تي لکيل خط هئا. لکڻ واري جا اکر سٺا هئا. انهيءَ ڪپڙي کي ڪوٽ جي اندروني ڏندين سان گڏي ٽانڪيو ويو هو. اهو ڪوٽ حفاظت جي لحاظ کان هڪ مقامي رياست ۾ رکيو ويو هو. منهنجي سنگتي پٺاڻ فوجيءَ جون ڌمڪيون ڪارگر ثابت ٿيون ۽ اهو ڪوٽ کيس اچي مليو، تنهن ريشمي رومال تي لکيل خط ڪٽي ڇڏيا، ڇو ته کيس فارسي زبان گهڻي ڪا نه ايندي هئي، تنهن ڪري هن انهيءَ جو مطلب ڪو نه سمجهيو، پر ڀانئيائين ته انهيءَ ۾ ڪا نه ڪا ڳجهي ڳالهه ضرور موجود هوندي. هن اهو ڪوٽ ۽ ريشمي ڪپڙو ڪمشنر کي ڏنو. جنهن اهو مون کي ڏياري موڪليو ۽ ائين به چوائي موڪليائين ته ڪپڙي تي لکيل اکر بلڪل بي معنيٰ ۽ سمجهه کان ٻاهر آهن. شروعات ۾ مون انهن جو پورو مطلب ڪو نه سمجهيو، پر ايترو سمجهيم ته اهي ڪنهن وڏي منصوبي جي باري ۾ لکيل آهن. مون اهي ڪپڙا سي آءِ ڊي کاتي وارن ڏانهن اماڻي ڇڏيا، جتي موجود سر چارلس ڪليو لينڊ اهو ڳجهه جلد پڌرو ڪيو. اهي خط مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا منصور انصاري طرفان لکايل هئا، جن جو تعلق ديوبند جي مڪتب فڪر سان هو. انهن اهي خط جهاد جي تبليغ لاءِ لکايا هئا. سن 1915ع ۾ ڪابل ويندي انهن علمائن هندستاني مجاهدن سان ملاقات به ڪئي هئي. قابل ۾ سندن پرجوش خير مقدم ڪيو ويو. اتي ترڪي ۽ جرمنيءَ جي وفدن سان سندن رابطو ٿيو. تنهن کان سواءِ هندستاني انقلاب پسندن يعني مهندرا پرتاب ۽ برڪت الله سان به کين ملاقات ڪرائي وئي. اهڙيءَ ريت هنن رهنمائن پنهنجن رابطن ۽ واسطن کي ڪمائتو بنايو. مولانا منصور انصاري عربستان جو دؤرو اڳئي ڪري ڪابل موٽي آيو هو. هت آيل ريشمي رومال وارن خطن ۾ 9 جولاءِ 1916ع تاريخ لکيل هئي. انهن مخفي خطن کي مقرر ماڳن تي حفاظت سان مهل سر رسائڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪڙو ڀروسي جوڳو ماڻهو موجود هو، تنهن کي تاڪيد ڪيو ويو ته تون خود اهي مخفي خط کڻي وڃي تحريڪ جي رهنما، مولانا محمود الحسن کي ڏي يا ڪنهن ٻئي اعتماد واري شخص هٿان اهي خط شيخ الهند کي باسلامت رسائي. شيخ الهند، مولانا محمود الحسن انهيءَ وقت ديوبند کان مڪي ويل هو. ڪابل ۽ هندستان ۾ تحريڪ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، جرمني ۽ ترڪيءَ جي وفدن جي آمد، جرمني وفد جي روانگي، عبوري حڪومت جي تشڪيل ۽ جهادي شاگردن جي سرگرمين بابت احوال انهن هٿ آيل خطن ۾ تفصيل سان موجود هئا. هڪ خدائي لشڪر جي بناوت جو تفصيل به انهن خطن ۾ درج هو. خطن ۾ بيان ڪيل هو ته سمورا مسلمان حڪمران اتحاد قائم ڪري برطانوي سامراج کي مسلمانن جي ملڪن مان ڀڄائي ڪڍندا. انهيءَ کان اڳ هن تحريڪ جي قائم ڪيل هنگامي حڪومت ترڪستان جي روسي گورنر ڏانهن پنهنجو وفد موڪليو جنهن هندستان جي انقلابي اڳواڻ مهندرا پرتاب جي صحيح وارو خط کيس پيش ڪيو. هن هنگامي حڪومت سوني پٽيءَ تي اڪريل خط روسي شهنشاه زار جي خدمت ۾ به پيش ڪيو هو. انهيءَ خط ۾ التهجا ڪئي وئي ته روس برطانية سان ٿيل اتحاد کي ختم ڪري هندستان ۾ برطانوي سرڪار خلاف اسان جي جدوجهد ۾ مدد ڪري زار شاهي حڪومت انهيءَ وفد کي بي مراد موٽائي ڇڏيو، پر سن 1917ع ۾ جڏهن روس ۾ بالشويڪن جي انقلابي حڪومت قائم ٿي، ته کين هنگامي حڪومت جي وفد واري التجا جو احساس ٿيو. انهيءَ کان اڳ ۾ پڻ هندستان جي ماهر ۽ محنتي اهلڪارن جي تعاون سان هن تحريڪ جي قائم ڪيل هنگامي حڪومت، سٺي ۽ خوبصورت اردو ۾ سفارتي خط لکايا ۽ سٺن لفافن ۾ بند ڪري هندستان ۾ موجود رياستن جي نوابن، شهزادن ۽ رئيسن توڙي اميرن ڏانهن جرمن چانسلر وارن هالويڪ جي دستخط سان موڪليا، جن ۾ لکيو ويو ته جيڪڏهن توهان انگريزن جي غلاميءَ وارو طوق پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍڻ واسطي اسان جي جدوجهد ۾ شامل ٿيا ۽ ڪامياب ٿيا ته توهان کي پنهنجون سموريون مراعات شاندار انداز سان نيبهه هونديون. اهڙي قسم جا خط کڻي ويندڙ جرمن مِشن کي اسان (انگريزي فوج) اتر ايران ۾ پڪڙي خط کسي ورتا. اهي خط اڄ به لندن ۾ موجود انڊيئن فارين آفيس ۾ دلچسپ تاريخي دستاويزن جي صورت ۾ محفوظ آهن. انهن عملن مان پتو پوي ٿو ته ڪابل ۾ موجود هنگامي حڪومت ۽ سندس اتحادين خدائي لشڪر جي راهه هموار ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر سر ٽوڙ ڪاوشون ڪيون! مڪي شريف ۾ موجود جنهن مولانا محمود الحسن ڏانهن اهي ريشمي رومال تي لکيل خط اماڻيا ويا هئا، تنهن حجاز ۾ موجود ترڪ جنرل غالب پاشا سان رابطو قائم ڪري ورتو هو. جنرل پاشا جڏهن مصر ۾ اسان جو جنگي قيدي ٿي پيو، تڏهن باسيائين ته مولانا محمود الحسن مون کان انگريزن جي خلاف اعلان جهاد واري دستاويز تي صحيح ورتي هئي. غالب نامه جي عنوان سان انهيءَ دستاويز جا نقل سڄي هندستان ۽ سرحد جي قبائلي علائن ۾ ورهايا ويا هئا. انهن ريشمي رومال وارن خطن مولانا محمود الحسن کي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جي قابل بنائي ڇڏيو. هن جي خواهش هئي ته ترڪيءَ جي حڪومت ۽ مڪي شريف جي حاڪم جو سندس تحريڪ لاءِ فعال تعاون حاصل ٿئي. ڇو ته انهن خطن لکڻ وقت مڪي شريف جي حاڪم ترڪن جي خلاف اڃا بغاوت ڪا نه ڪئي هئي. هن تحريڪ جو منصوبو خوب ذهانت سان تيار ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ دؤر جي حالتن پٽاندر انهيءَ منصوبي کي عملي جامون پهرائڻ ڪنهن به صورت ۾ ناممڪن نظر نٿي آيو. خطن ۾ خدائي لشڪر بابت ڏنل تفصيل غير حقيقي ۽ تخيلاتي هئا. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته خدائي لشڪر جو مکيه دفتر مديني پاڪ ۾ هوندو ۽ انهيءَ جو سپهسالار مولانا محمود الحسن هوندو. قسطنطنيه تهران ۽ ڪابل ۾ الڳ الڳ پر ماتحت ڪمانون موجود هونديون ڪابل واري لشڪر جي ڪمان مولانا عبيدالله سنڌي وٽ هوندي. خطن ۾ ٽن سرپرستن ۽ ٻارهن فيلڊ مارشلن جا نالا لکيل هئا، جن مان هڪڙو مڪي شريف جي حاڪم جو نالو به درج ٿيل هو. تنهن کان سواءِ ڪجهه ڪمانڊرن جا نالا به لکيل هئا. لاهور مان فرار ٿي ڪابل پهتل شاگردن کي به فراموش نه ڪيو ويو. انهن مان هڪڙي کي ميجر جنرل، هڪ کي ڪرنل ۽ ڇهن ٻين کي ليفٽيننٽ ڪرنل وارا عهدا ڏنا ويا هئا. هن اسڪيم جو هي سمورو ڀاڱو صرف ڪاغذ تي موجود، پر انهيءَ مواد ذريعي اسان کي هدنستان ۾ سندن همدردن جي باري ۾ ڪافي معلومات حاصل ٿي ۽ اسين انهن جي خلاف گهربل قدم کڻڻ جي لائق ٿي واسين. پنجاب ۾ سندن تُرڪ نواز معتبر ساٿين مان اڌ ڊزن کن ماڻهن جي جلاوطنيءَ کان سواءِ سندن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪا نه ڪئي وئي. هيءَ ڳالهه بيان ڪرڻ مناسب ٿيندي ته پنجاب ۾ مسلمانن طرفان برپا ڪيل سياسي تحريڪن جي نوعيت، هندن ۽ سکن جي انقلابي تحريڪن کان بلڪل مختلف هئي. البت ڪابل ۾ صورتحال مستحڪم هُين، ڇو ته اتي مسلمانن جا هندو انقلابين سان رابطا گهرا هئا، جيڪي هندستان توڙي برلِن يعني جرمنيءَ سان پڻ مربوط ۽ متاثر هئا. اهڙيءَ ريت سوين ماڻهو انگريز مخالف آزاديءَ جي تحريڪن ۾ شامل هئا، انهن مان گهڻن کي سزائون به ڏنيون ويون. البت سزا يافته ڪارڪنن ۾ مسلمان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مس هئا. جنگ هلندي والي افغانستان، امير حبيب الله اسان سان ڪيل معاهدي جي جيڪا پاسداري ڪئي، اها اسان جي لاءِ تمام گهڻو ثمر ثابت ٿي. جيڪي سندس سردار ۽ اهلڪار کيس جرمني ۽ ترڪيءَ سان ڪُلهو ڪُلهي سان گڏي بيهارڻ پيا چاهين، تن جي کُلي مخالفت ڪري نٿي سگهيو. انهن سردارن جا گماشتا گاديءَ واري شهر يعني ڪابل ۾ موجود هئا، جيڪي جهاد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ جي قابل هئا ۽ سرحد جي جنگجو قبيلن ۽ هندستان جي ننڍن پر مضبوط باغي مسلمان جٿن کي افغانستان ۾ گهرائي سگهيا ٿي. امير حبيب الله وقت جي صورتحال مطابق زمانه سازيءَ کان ڪم ورتو ۽ وڏي ڏاهپ سان ترڪي ۽ جرمنيءَ جي وفدن کي چيو ته اهي يعني ترڪي ۽ جرمني جنهن ڏينهن هرات شهر ۾ هڪ لک لشڪر آڻي ڏيکاريندا، تڏهن سمجهبو ته توهان واقعي ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿا. انهيءَ صورتحال کان مايوس ٿيندي ترڪ ۽ جرمن مِشن ڪابل ڇڏي ويا. جيڪڏهن انگريزن کي هن تحريڪ جي باري ۾ تُرت خبر نه پوي ها، ته انهيءَ تحريڪ جي ڪامياب ٿيڻ جو وڏو امڪان هو. انگريزن خود تسليم ڪيو ته کين هن تحريڪ بابت ترت ۽ مڪمل معلومات حاصل ٿيڻ ڪري ئي انهيءَ تحريڪ کي ناڪام بنائڻ جي قابل ٿي سگهيا.