ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

مهاڳ: ڪلجڳ جا رنگ_ ڪهاڻين جي روپ ۾

زندگي انيڪ واقعن جو نالو آهي۽ زندگيءَ جو وجود ۾ اچڻ خود به هڪ واقعو آهي.
زندگيءَ جي وجود ۾ اچڻ جو واقعو به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي، الست بربڪم جواقرار، آدم جو خلڪجڻ، ڏاڏيءَ حوا جو وجود ۾ اچڻ، سندن بهشت ۾ رهڻ، کين شيطان جي ورغلائڻ، منع ڪرڻ لاءِ هرکائڻ، ميوو چکڻ، جنت مان زمين تي نڪري اچڻ، اُتي نئين زندگي جي شروعات ۽ انساني نسل جو وڌڻ ويجهڻ ۽ ان ڪهاڻي ۾ڪردارن جي آمد_ اها ڪهاڻي، ڌرتيءَ تي انساني وجود وٺڻ جي ڪهاڻي آهي ۽ اها آدجڳاد کان ڪتابن ۽ صحيفن ۾ موجود آهي، ايئن زندگي جا مختلف واقعا صدين کان ڪهاڻي جي شڪل وٺندا رهيا آهن، ڪهاڻيڪار اهڙن واقعن کي ڏسي انهن جي منظر نگاري ڪري ٿو ۽ انهن واقعن اندر پيهي ڪردار گهڙي گفتگو جا رنگ ڀري ٿو.
ڪهاڻي مختلف مرحلن مان گذري ڪڏهن قصي ته ڪڏهن داستان ته ڪڏهن طويل ڪهاڻي جي روپ ۾ شڪل بدلائيندي رهي. دنيا جيئن جيئن سائنس ۽ ٽئڪنالاجي ڏانهن وڌندي رهي، تيئن تيئن مصروفيتن ۾ گهريل ماڻهو کي ترت معلومات Quick Commnication) ( پهچائڻ لاءِ، ميڊيا ۽ ميڊيم ۾ به اهڙيون تبديليون ڪيون ويون. ترت ابلاغ جي ذريعن ۾ جديد ڪهاڻي جو به اهم ڪردار رهيو آهي، اُها پنهنجي آرٽ ۽ ڪرافٽ ذريعي، فني گهرجن جو پورائو ڪندي سُڪڙجي سوڙهي ٿي هينئر فليش فڪشن (Flashfiction) جي صورت ۾ سرجي رهي آهي، ان ڪري ان جو ڊڪشن به بدليو آهي.
فليش فڪشن جي طريقي موجب سنڌي آڳاٽي ادب ۾ ايسپ جون آکاڻيون بهترين مثال آهن، موجوده دور ۾ اهڙي صنف کي مني (Mini) يا مختصر ڪهاڻي چئجي ٿو. سنڌي ادب ۾ عبدالقادر جوڻيجو ، صديق منڱيو، رفيق سومرو، منظور ڪوهيار، عباس ڪوريجو ۽ ٻيا انهي پيٽرن تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن.
اسان جي ساٿي ۽ هن ڪتاب “ڪَلجُڳ جا رنگ” جو تخليقڪار ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي به ساڳي طريقي موجب ڪهاڻيون سرجيون آهن، هو ستر واري ڏهاڪي کان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ڪهاڻي کيتر ۽ شاعري ۾ ان دور جي رسالن ۽ اخبارن اديون، برسات، ڪونج، عبرت ۽ ٻين پرچن ۾ ڇپجندو رهيو آهي.
سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد شاخ جو 1972ع ۾ جنرل سيڪريٽري رهندڙ سڌايي غلام نبي جي معاونت سان ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو “سنڌي ڪهاڻيون” ۽ 1975ع ۾ شاعريءَ جو گڏيل مجموعو “ٿا چنگ چُرن جِت چاهت جا” ڪتاب پڻ اشاعت هيٺ آيا. جيتوڻيڪ اسي واري ڏهاڪي کان تحقيق ۽ تنقيد جي شعبي سان ڳنڍجي، هن اهم ڪارناما سرانجام ڏنا پر ان هوندي به وقفي وقفي سان ڪهاڻيون به لکندو رهيو، هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ سواءِ هڪ ٻن ڪهاڻين جي باقي سڀ پونين ستن اٺن ورهين دوران سرجيل آهن.
مختصر ڪهاڻي اڄوڪي دور جي ضرورت آهي. هن ڀڄ ڊُڪ ۽ هڻ هڻان واري حياتي ۾ پڙهڻ لاءِ وقت ئي نه ٿو بچي ته پوءِ ڊگهيون ڪهاڻيون ۽ ناول ڪيئن پڙهي سگهبا؟ ان ڪري ٿوري وقت ۾ ڪلجڳ جا انيڪ رنگ پسائڻ لاءِ نينو ڪهاڻي (Nano Story) ذهني دلچسپي لاءِ مناسب طريقو آهي، ڊاڪٽر سڌايي زندگي جي انڊلٺي رنگن کي سماج جي اڻيل تار پيٽي ۾ سموهي، حيات جي پيچيدگين، اوڻاين توڙي شڪ شبهن، محرومين ۽ سماجي ۽ سياسي جبر بابت به اندر کي اوتيو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿئي ٿي ۽ ڪي گهڙيون معاشرتي هيٺ مٿاهين تي سوچڻو پوي ٿو.
سڌايي صاحب جون ڪهاڻيون آهن ته مختصر، پوءِ به هر ڪهاڻي موضوع جي لحاظ کان نه رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪهاڻي جي زمري ۾ به آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار به پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظهار جو خوبصورت نمونو آهي، جيئن سندس ڪهاڻي “رنگن ڀري پچڪاري”. اها آهي ته هڪ ننڍڙي ڪهاڻي پر ليکڪ هڪ معصوم ٻار جي من جي خواهش کي ٿورن لفظن ۾ ڏاڍو سهڻي نموني چٽيو آهي، جڏهن نريش ٻين ٻارڙن جي هٿن ۾ خوبصورت پچڪاريون ڏسي پنهنجي اندر جي اُڇل کان مجبور ٿي هڪ ڇوڪري کان فقط ٻن منٽن لاءِ پچڪاري گهُري ٿو ته ان ڇوڪري جا ڌڪار مان چيل لفظ “هل پري ٿي، ايڏا غريب آهيو جو هوليءَ تي به نئين پچڪاري نه ٿا وٺي سگهو؟” اهو مهڻو نريش جي اندر کي وڍي ٿو ڇڏي، کيس نراس ٿو ڪري ڇڏي، پوءِ هو رد عمل جو شڪار ٿي ڪاوڙ ۾ ٿو اچي وڃي. ڪجهه دير کان پوءِ هو سڀني کان پاڻ ڇڏائي، هڪ خوبصورت رنگ ڀري پچڪاري کنيو هجوم مان هليو ويو.
ڊاڪٽر سڌايي جي ٻي ڪهاڻي “ارٿي” هڪ اهڙي سماجي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي، جيڪا عام طور تي وڏ گهراڻن ۾ عام آهي ته اُهي پنهنجي ملڪيت بچائڻ لاءِ پنهنجي نياڻين جون زندگيون کين ويهاري برباد ڪري ڇڏيندا آهن، رڳو ان ڪري ته نياڻين يا ڀيڻين کي گهر _ ور وارو ڪرڻ سان سندن ڏاج يا ٻين مَدن ۾ جيڪو خرچ ٿيندو، اهو سندن ملڪيت گهٽائڻ جو سبب بڻجندو. ارٿي ڪهاڻي ۾ ان قسم جي ڪٿا ڏاڍي سهڻي نموني، بيان ڪئي ويئي آهي، جڏهن راجيش، سيٺ موهنداس جي پرچاڻي کان پوءِ پنهنجي دوست کي سيٺ موهنداس جي سڙندڙ مڙهه ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو:
“سيٺ موهنداس منهنجو پري جو مائٽ لڳي، سيٺ ڏاڍو ڪنجوس هو، ڏاج ڏيڻ جي ڊپ کان هن پنهنجي ٻن نياڻين پنهنجي ٻن ڌيئن کي وهاري مٿا اڇا ڪري ڇڏيا،
“پوءِ!؟”
پوءِ ڇا؟ اُهي عمريون وڃائي ويٺيون ۽ هي ڌن بچائي دوڙ ٿي ويو.”
انهن ٻن جملن ۾ جيڪي ڪهاڻي جو ڪالائمڪسس به آهن، سڄي ڪهاڻي بيان ڪئي ويئي آهي، ڪهاڻي جو آخري جملو “ڌن بچائي ڌوڙ ٿي ويو” پنهنجي اندر ۾ ڪيڏي نه وسعت ۽ معنيٰ رکي ٿو. اها ڪهاڻيڪار جي ڪاميابي آهي ته هو ننڍن جملن ۽ ٿورن لفظن ۾ پنهنجي ڳالهه به بيان ڪري ٿو وڃي ۽ پڙهندڙ جي من ۾ چهنڊڙي به وجهي ٿو ڇڏي.
ڪهاڻي به اظهار جو هڪ ذريعو آهي، جيئن ادب جون ٻيون صنفون_ البته ڊڪشن اختيار ڪرڻو پوندو آهي، جيئن ڪو شعر زباني پڙهي ڇڏجي تڏهن به ٺيڪ.... پر جي اهو شعر ڪو فنڪار ڳائي، سُر ۽ تال جي لئه تي، ان جا لفظ هوائن جي دوش تي سماعتن تائين پهچن ته ڪنڌ پيو ڌوڻبو آهي ۽ واهه واهه پئي ڪبي آهي.
هي ڪهاڻي ڪتاب “ڪَلجُڳ جا رنگ” ۾ ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي ڪهاڻين جي روپ ۾ ڪلجڳ جا رنگ جا ڪئين روپ پسايا آهن، انهن ۾ هڪ رنگ ته ڌرمي پرمپرائن (روايتن) جو به آهي، جيئن ڪهاڻي “پرشاد” ۾ اظهاريو ويو آهي، اها سنڌ جي ثقافتي ۽ تهذيبي روايت آهي ۽ ڏاڍي سُٺي روايت آهي ته اسين جيڪڏهن ڪو پاڙي وارو ڪجهه کڻي ايندو آهي ته ٿانوَ خالي نه موٽائيندا آهيون، اها ڳالهه بدتميزي ۽ بدسوڻ سمجهي ويندي آهي.
“ڪَلجُڳ جا رنگ” جو ٻيو رنگ “ايڪتا” ڪهاڻي جو آهي، جنهن ۾ هوتو ۽ تڳيل درزي جا جنازا گڏ ٿا کڄن، هڪ ئي قوم، هڪ ئي رنگ ۽ نسل، هڪ ئي ٻولي جا وارث_ هڪ جسم ٻه جانيون، هڪ ٻئي جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪري ڇڏيندڙ...!
“ڪَلجُڳ جا رنگ” جو ٽيون رنگ ڪهاڻي “ٽوپلي وارو صاحب” ۾ به پسايل آهي، جنهن کي امتحاني سينٽر ۾ امتحان ڏيندڙ ستر اميدوارن جي لسٽ ٻڌي ۽ ٽن اميدوارن کي امتحان ڏيندي ڏسي به ضمير چهنڊڙي نه ٿو وجهي، ڇو ته سندس ڪوٽ جا کيسا اڳ۾ ئي گرم ٿي چڪا هئا، سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي ۽ آڱوٺي ڇاپ ڊگري هولڊرن جي لوڌ جي ڪهاڻي “ٽوپلي وارو صاحب” ۾ وڏي فنڪاري سان نشاندهي ڪئي وئي آهي.
ڪلجڳ جو اهڙو ئي هڪ رنگ ڪهاڻي “ٽرانسفر آرڊر” ۾ ڏسيل آهي، جڏهن ڪردار جي ٻٽونءَ مان نڪتل ٻه نوٽ آفيسر جي چاٻي ڀري ٿا ڇڏين.
ڪهاڻي “اوسيئڙو” ۾ جيڪو رنگ ڀريل آهي، اهو انهي لاءِ آهي جيڪي پنهنجي والدين کي نظر انداز ڪندا آهن، پر جڏهن کين پنهنجي اولاد جي سڪ لڳندي آهي ته کين اندازو نه هوندو آهي ته سندن مائٽ به ايئن اوسيئڙو ڪندا هوندا.
ڪَلجُڳ جي ڪهاڻين مان هڪ رنگ ڪهاڻي “مذهب” ۾ به آڏو اچي ٿو، جڏهن دائي شرمان، عمري ڪرڻ کان پوءِ پاڪ ٿي موٽي ۽ هاڻ غير مذهب ماڻهن جي هٿن جو ڇهيل کاڌو کائڻ حرام ٿي سمجهي پر کيس خبر ئي ڪونهي ته مذهب ته انسانيت ٿو سيکاري ۽ بُک جو ڪو به مذهب ناهي هوندو.
“ڪَلجُڳ جا رنگ” ۾ شامل ڪهاڻيون آهن ته مختصر پر اهي اندر جي احساسن کي ڇهن ٿيون، ڳالهه کي ڳاٽي کان جهلين ٿيون، اهي ڪهاڻيون ذهن ۾ جيڪو مقصد رکي لکيون ويون آهن، ليکڪ انهن ڪهاڻين ذريعي پڙهندڙن کي جيڪو پيغام ڏيڻ گهري ٿو، انهي ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي.
هڪ ليکڪ جيڪو لکي ٿو انهن جا ڪردار سندس اکين اڳيان هوندا آهن. انهن جي اٿڻي ويهڻي سندس مشاهدي جو مرڪز هوندي آهي، رونما ٿيل واقعا سندس اکين اڳيان پيش ڪندو آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون هي ڪهاڻيون پنهنجي جوهر ۾ سندس مشاهدي ۽ احساسن جا عڪس آهن، تصويرون آهن ۽ ڊاڪٽڙ سڌايي هنن ڪهاڻين ۾ هڪ لحاظ کان انهن واقعن جي فوٽوگرافي ڪئي آهي، جيڪي سندس اکين جي ماڻڪين ۾ محفوظ ٿي ويل هئا، ڊاڪٽر سڌايي جو هي ڪهاڻي ڪتاب سندس مختصر ڪهاڻي کيتر ۾ اهم اضافو آهي، هي ڪهاڻيون هڪ تخليقڪار، صوفي ۽ محقق جي قلم مان لکيل آهن، ڪيترين ڪهاڻين ۾ تخليقي جوهر ۽ صوفياڻي فڪر بابت چٽا اشارا موجود آهن. اميد ته پڙهندڙن جي دلچسپي تي پوريون لهنديون.

يوسف سنڌي
حيدرآباد
14 آڪٽومبر 2017ع