ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

پارانڀو

آشا، انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ پاسا وارئي رهي هئي اڀ ۾ اکيون وجهي چمڪندڙ تارن کي ڏسي سوچڻ لڳي:
“ڪتيءَ به لهي چڪي آهي، ٽيڙو به اجهو اجهامڻ وار ا آهن، ماڻهو ۽ مرون هر ڪو ساري ڏينهن جي ڇڪتاڻ کان آجو ٿي سنسار جي سورن کان جان ڇڏائي، رات جي ٻاٽ اونداهي ۾ ننڊ جي نعمت مان لطف وٺي رهيو آهي، پر منهنجي نيڻن کي ننڊ ڪٿي ايندي، اهي ڪيئن پوربا ساٿيءَ کان سواءِ جنهن جي اڪير جي آسري جي رهي آهيان. آخر جانب اڃا تائين ڇو نه آيو، هن جي نه اچڻ جو ڪهڙو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، ڪٿي نياپو نه مليس ڇا؟ ندروي سفوران چيو هو ته وڃڻ سان کيس پارانڀو پهچائينديس، پوءِ به هو اڃا تائين ڇو نه آيو؟ ڪالهه جڏهن کوهه کان پاڻي جو مٽ مٿي تي کنيو ٿي آيس ته پريان پاڻ پيروءَ واري ٻنيءَ جو چارو وٺيو ٿي آيو، آئون کيس رات اچڻ لاءِ مٽ کان ٻئي هٿ ڇڏي اشارو ڪيو. هن به ته پڳ جو ور ورائيندي هائوڪار ڪئي هئي، پوءِ به هو اڃا تائين ڇو نه آيو ؟ مڙسن جا لک دشمن، متان ڪنهن جي ور چڙهيو هجي، رب شل پناهه ۾ رکيس.”
کٽ تي پاسو ورائي هوءَ وري سوچڻ لڳي، مڙس به ته ڪونڌر ۽ ناليرو آهي، جُوءِ جا مڙيئي مرد پيا کانئس ڇرڪن، آهي وڏو دلير، جهڙو درياءُ. يارن جو سچو يار ۽ دشمن لاءِ تکي تلوار، تنهن ڪري يار دوست سڀ ساراهه ۾ ڊاپندا ئي نه اٿس، سندس مرداني روب ۽ تاب جي ڪهڙي واکاڻ ڪيان؟ کيس ڏسندي“ڀيڻيون ئي ڀلجيو وڃن.” مطلب ته جانب، سڄو سون آهي.
ويڪري ڇاتي، ڀريل بدن، ڪاريءَ چاپئين سونهاري ۽ پورا شهپر، مڙس جي منهن تي ڏاڍاسونهن ٿا، منهنجي پرينءَ جا اندريان اوصاف به اگرا نه آهن پوري تر ۾ ويچار آهي ته جانب جهڙو ڀلو مڙس ڳوٺ ۾ ڳوليو لڀندو، مجال آهي ڪنهن چور چنگار جي ڪنهن ڳوٺاڻي جو لوڙهو لتاڙي، پر جي ڪنهن ويل اهڙو ڪڌو ڪم ٿيو به ته هو پنهنجي جوان مردي ۽ نيڪ دلي سان سڀ سامان سئي سڳي سميت واپس ڪرايو وٺي، تنهن ڪري ڳوٺ جا ننڍا توڙي وڏا کيس دعائون پيا ڪن.”
ايئن سوچيندي آشا کي، جانب سان ٿيل پهرين ملاقات دل تي تري آئي، خيال اچڻ سان هن جي بدن کي نه ڏيکامندڙ ڏينڀوءَ ڏنگڻ لڳا ۽ سندس جسم ۾ واسينگ جيان ور وڪڙ پوڻ لڳا، پورو بدن پگهر ۾ شل ٿي ويس، زبان خشڪ ۽ اکيون آليون ڪنهن سان ڳالهائڻ ۽ ڪنهن کي پسڻ لا ءِ آتيون هيون، هن ٻئي ٻانهون زور سان سيني ۾ ڀڪوڙي خشڪ زبان چپن تي ڦيري دل ئي دل ۾ چيو.
“جنهن ڏينهن اسين ملنگي جي شادي کان واپس پئي ورياسين، تنهن ڏينهن جنهن اٺ تي آئون سوار هيس تنهن جو ڪجائو ڪري پيو اها نوازش ٿي جانب جي جنهن وقت تي مون کي جهٽي ورتو، نه ته جيڪر منهنجو هڏ سنئون نه هجي ها، هن مونکي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي آهستگي سان زمين تي بيهاريو تڏهن منهنجي دل ۾ هڪ عجيب هلچل مچي چڪي هئي، تنهن کي بيان ته نه ٿي ڪري سگهان، صرف ان راحت جي گهڙي تي سوچي سگهان ٿي، مون الائي ڪهڙي نئين دنيا ۾ پهچي چڪي هيس، هن جيتوڻيڪ مونکي پنهنجي مضبوط ٻانهن ۾ جڪڙي سوڙهو ڪيو هو پر تڏهن به مون پنهنجي دل جي درياءُ ۾ نامعلوم طوفان جو شور ٿيندي ٻڌو .
منهنجي انگ انگ کان سيسراٽ نڪري ويا_ ان شرم ۽ ڊپ وچان مان سندس ٿورا به مڃي نه سگهيس_ پر ابا، هن جي انهيءَ ڪم ڪري کيس شاباش ڏني.”
هوءَ اڃا خيالن ۾ گم هئي ته ڪڪڙن ۾ ڦڙ ڦوٽ پئجي ويو. آشا سمجهيو شايد جانب اچي ويو آهي، سو ساهه منجهائي سمهي رهي ته ڪڏهن ٿي ڪنڌيءَ مان ڪوٺ ٿئي، پر ڪو ظاهر ڪو نه ٿيو.
هن سوچيو: “صبح جو تارو به اڀري چڪو آهي، ڪڪڙن به آخري دس هنيو آهي، هو شايد نه آيو، شايد ننڊ کيس نهوڙي ويئي، هونءَ به مرد دل جا پڪا جهڙا پٿر ۽ پريت جي نازڪ ۽ نرمل پيچرن کان اڻڄاڻ، صرف مطلبي ۽ هوس جا پوڃاري، هنن کي دل جي درد جي ڪهڙي ڪل، جانب کي اهو لائق نه هو جو مان هت واٽ ڏسندي رهان ۽ پا ڻ ڪري سمهي ننڊون !!”
ايتري ۾ ڪتن جي ڀونڪاٽ تي آشا ڪن سرلا ڪيا، سمجهيائين هينئر اچي ويو، اجهو ٿو ڪنڌيءَ ۾ پٿر لڳي پر ڪجهه به ته نه ٿيو، ڪتا ڀونڪي چپ ٿي ويا پر مڙس پڌرو ڪو نه ٿيو، اتي آشا هڪ ڀيرو ٻيهر مردن جي بي پرواهي تي سوچڻ لڳي، هن جي اکين مان ننڊ ته اڳ ۾ ئي اڏامي چڪي هئي، ملامت ڪندي پاڻ کي چيائين:
“آئون به ڪيتري هلڪڙي ٿي ڏانهس سفوران هٿ نياپو موڪليو، آخر هو به ته مرد آهي، منهنجي نياپو سڻي ڦنڊي ويو هوندو، چيو هوندائين ته ڀل ته ڪجهه اوسيئڙي جي آگ ۾ جلي، پر هي مان ڇا پئي سوچيان ائين ٿي نٿو سگهي. منهنجو جانب ته اهڙو ٿي نٿو سگهي، هو ته مرد آهي پوءِ ڀلا هو واعدي تي ڪيئن نه ايندو_ ضرور ايندو.”
هن پنهنجي من کي تسلي ڏيندي سوچيو.
“هو ته مونتي پاڻ ڇڪن هو ويتر سڪ جو سنيهو سڻي ڪپڙن ۾ نه ماپيو هوندو. صبح ئي ته سفوران پئي چيو ته جانب چوي پيو، آشا جهڙي ڪومل ۽ سهڻي ننيگريءَ جي مونسان سڪ ٿيڻ ته وڏي غنيمت آهي. هن ته منهنجين ڪجلين اکين ۽ جاڙن ڀرون کي به ساراهيو هو.”
ايئن آشا پنهنجي ڀوري بدن ۽ رتن جهڙن ڳاڙهن سنهڙن چپن تي ڪنهن نامعلوم ڇهاءُ کي محسوس ڪندي اکيون پوري ڇڏيون.
ويرم مس گذري ته ملا بانگ ڏني، ماڻس اٿي چڪيءَ ٻڌي ۽ پڻس هر سانڀاهيو آشا، هارايل رانديگر جيان اکيون پوري سمهي رهي، سڀوهه جي ٿڌي هير ۽ پوري رات اوجاڳڻ ڪري سندس اک لڳي ويئي.
پڻس در کولي لوڙهو لاهي جيئن ئي ڪنڌيءَ کان چارو وٺي، جوڙي سميت ٻنيءَ ڏانهن روانو ٿيو ته ڏاند ڇرڪيس. هن واجهايو ڇا ڏسي، مار! ڪو مڙس ڪريو پيو آهي، هن جي سڏ تي ڳوٺاڻا اچي ڪٺا ٿيا ڪنهن چيو “اڙي هي ته جانب آهي! شايد ڪنهن شڪار تي پئي ويو ته سسيهر ساڙي رکيس، بلا به ڪا بلا هئي، ٻانڌي جهڙي مڙس کي پير به چُرڻ نه ڏنو اٿائين.”
ننڊ پيل آشا جي ڪن تي جيئن ئي جانب جو نانءُ پيو ته يڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ نڪري آئي ٻاهر، ڪنڌيءَ وٽ ڪريل جانب کي ڏسي بي اختيار رڙ نڪري ويس. هوءَ هجوم چيري اچي جانب مٿان بيٺي. اوڏي ويل ڳوٺ جون ٻيون عورتون ۽ جانب جا گهر ڀاتي به پهچي چڪاهئا.
آشا ڏٺو ته جانب جون کليل اکيون ڪنهن کي ڳولي رهيون آهن، ڪنهن جي جستجو اٿن، ڪنهن کي پسڻ لاءِ پيون واجهائين.
هوءَ ڪجهه به نه ڪري سگهي. کيس اندر ۾ جهير پئجي رهيا هئا. سوڙهي ساهه سان سوچائين:
‘جانب ته واعدو نڀائي ويو، هن جون اکيون آتيون ۽ من اڃان ماندو آهي مونکي ڏسڻ ۽ پائڻ لاءِ، هو هاڻ به مون ڏانهن تانگهي ۽ تڪي رهيو آهي ۽ پوءِ هوءَ مورڇا ٿي مٿان ڪري پيئي.’

