ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

امهاڳ: مختصر ڪهاڻي جو سفر

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي1965ع کان ادبي سفر جي شروعات ڪئي، سندس چواڻي ته هن پنهنجي هڪ مائٽ ملازم حسين ۽ سائين رحيم بخش نثار فاروقي جي صحبت ۾ رهي نظم ۽ ڪهاڻيون لکيون، مسلسل تخليقي سفر ڪندي لکڻ ۾ رواني به آئي ته سندس لکڻين ڇپجڻ جو سلسلو به شروع ٿيو، 1970ع ۾ سندس پهرئين ڪهاڻي “آخري سهارو” اديون مئگزين ۾ شايع ٿي، هن جي شروعاتي لکيل ڪهاڻين مان “آئون مهمان آهيان”، “ههڙا هاڃا!”، “هڪ خط”، “آزاديءَ جا ڪرڻا”، “پلئه جا پيرا”، “آس نراس”، “خوشبوءِ”، “آجپو” ۽ “وراثت نامو” شامل آهن.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ڪهاڻي “پلئه جا پيرا” جو ترجمو اردو ۽ براهوي ٻولين ۾ ڪيو ويو، اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻي ڊاڪٽر عبدالحق ڪاسگنجوي جي مرتب ڪيل مجموعي ۾ شايع ٿي، جڏهن ته براهوي ۾ ترجمو ڪيل جوهر بروهي جي مرتب ڪيل رسالي ڪپوت ۾ ڇپي.
اهڙي ريت سندس ادبي سفر اڳتي وڌيو. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو لاتعداد ڪهاڻيون لکي ويو. ڊاڪٽر صاحب نين ۽ پراڻين ڪهاڻين مان مختصر ڪهاڻيون، (جنهن کي شارٽ اسٽوري چيو وڃي ٿو) گڏ ڪيون، جن کي ترتيب ڏنو ويو، انهن ڪهاڻين ۾ ڪيترائي خوبصورت رنگ نظر آيا، تنهن ڪري ان ڪهاڻي ڪتاب تي نالو به “ڪَلجُڳَ جا رنگ” پئجي ويو.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي ڪهاڻي ڪتاب “ڪَلجُڳَ جا رنگ” ۾ ڪُل پنجاهه ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان هڪ ٻن ڪهاڻين کي ڇڏي باقي سڀ مختصر مختصر ڪهاڻين جي زمري ۾ اچن ٿيون، آئون سمجهان ٿو ته هن ڪتاب کي فليش فڪشن (Flash fiction )جي حوالي سان هڪ بهتر ۽ ابتدائي ڪوشش ڳڻي سگهجي ٿو.
ان حوالي سان ڪيترائي رايا لکڪن ۽ نقادن پيش ڪيا آهن، مثال طور: نامياري ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار ڪتاب “ڀونئرن جي انتظار ۾” جي 16هين صفحي تي لکيو آهي ته: “انگريزي اصطلاح فليش فڪشن، گهٽ ۾ گهٽ لفظن واري ڪهاڻي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، سنڌي ادب ۾ هن صنف کي مختصر ڪهاڻي چيو وڃي ٿو. شروعاتي دور جون فارسي حڪايتون، پالي ادب ۾ جٽاڪا آکاڻيون ۽ سنڌي ۾ ايسپ جون آکاڻيون به فليش فڪشن جي دائري ۾ آڻي سگهجن ٿيون.”
هن وقت فليش فڪشن صنف جا ست قسم ٻڌايا ويا آهن:
1- مختصر_ مختصر ڪهاڻي: ( هزار لفظن تي مشتمل هجي ٿي)
2- تمام مختصر ڪهاڻي: (هزار لفظن کان گهٽ واري ڪهاڻي )
3- سڊن فڪشن (Sudden ) ، (750 لفظن تي مشتمل ڪهاڻي)
4- مائڪرو اسٽوري: (ٽي سَو يا ان کان گهٽ لفظن واري ڪهاڻي)
5- نينو اسٽوري : (250 لفظن کان گهٽ واري ڪهاڻي)
6- ڊرئبل (Drabble) : (100لفظن واري ڪهاڻي )
7- ڊرائيبل (Dribble ) : (50 لفظن واري ڪهاڻي)
فليش فڪشن جو مقصد آهي اختصار، انهي مقصد لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ضميري پڇاڙيون اهڙو ذريعو آهن، جيڪي جملي کي گهڻي حد تائين مختصر بڻائڻ ۾ معاون ثابت ٿين ٿيون، سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي ضميري پڇاڙيون اسم يا حرف جر جي اضافي صورت ڏيکارڻ لاءِ ملايون وينديون آهن: انهن مان ڪجهه هي آهن: “کاڌم، کاريومانس، ماڻهس، پڻهس، پٽم، کين، وٽس، سندس وغيره.
جيستائين مان سمجهي سگهيو آهيان ته هن وقت تائين فليش فڪشن جي حوالي سان جيڪو سنڌي ادب ۾ ڪم ٿيو آهي، اهو سوچي سمجهي ڳاڻ ڳڻن اديبن ڪيو آهي، باقي پاڻ هرتائي واري عمل سان به انهي صنف تي ڪم ٿيل ملي ٿو، جيڪا پڻ سٺي علمي اڳڀرائي آهي.
ان حوالي سان علي رضا قاضي لکي ٿو ته: “هن وقت تائين ڏهاڪو کن سنڌي ڪتاب فليش فڪشن جي سِري هيٺ مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن پر جنهن ليکڪ سائنسي بنيادن تي ان موضوع کي ڪي قدر اجاگر ڪيو آهي، اُهو منظور ڪوهيار آهي” (سنڌي ٻولي: ص- 80)
هن ڪتاب کي فني فڪري لحاظ کان جاچبو ته اِها ڳالهه ڏاڍي عجيب ۽ اتساهيندڙ لڳندي جو ڪتاب جون گهڻيون ڪهاڻيون جديد علمي ادبي روين ۽ لاڙن مطابق سِرجيل آهن، ڪجهه ڪهاڻيون فليش فڪشن تي پوريون بيهن ٿيون ته ڪجهه وري جديديت پڄاڻان) Post (Modernism لاڙي موجب به پرکي سگهجن ٿيون. هتي اسين اڳ ۾ فليش فڪشن جي حوالي سان ڪجهه ڪهاڻين تي بحث ڪنداسين جنهن جون مختصر وصفون مٿي بيان ڪيون ويون آهن.
“ڪلجُڳ جا رنگ” ڪتاب جون ڪهاڻيون “ٽه ڦيٿي سائيڪل”، “مقدس گانئيون”، “ڀاڳيو”، “فقير”، “اوسيئڙو” وغيره سِري واريون مائيڪرو ڪهاڻيون ٽي سَو کان گهٽ لفظن تي مشتمل آهن! ٻيون ڪهاڻيون جيئن ته “بروڪر”، “ٽوپلي وارو صاحب” ۽ “ڀروسو” وغيره... نينو اسٽوري جي دائري ۾ اچن ٿيون. ڪجهه ڪهاڻيون جيئن “ٽرانسفر آرڊر”، “پيار ۽ مذهب”، “ممتا ۽ موبائل” ۽ حرام حلال“ ڊرئبل طريقي موجب آهن.
ڪهاڻي “پهرين چاهت” ۾ 554 لفظ ۽ 09 ضميري پڇاڙيون آهن، جيڪا سڊن فڪشن جي زمري ۾ اچي ٿي، ڪهاڻي “ٽرانسفر آرڊر” ۾ 110 لفظ ۽ 06 ضميري پڇاڙيون ڏنل آهن، پيار ۽ مذهب جي سري هيٺ ڪهاڻي ۾ 134 لفظ ۽ 04 ضميري پڇاڙيون آهن. جڏهن ته ڪهاڻي ممتا ۽ موبائل ۾ لفظ 142 ۽ ضميري پڇاڙيون 04 آهن، ڪهاڻي “پاڪ” ۾ لفظ 122 ۽ ضميري پڇاڙيون 02 آهن.
“اوسئيڙو” سِري هيٺ سرجيل ڪهاڻي ۾ 266 لفظ ۽ 10 ضميري پڇاڙيون آهن ۽ اها مائڪرو اسٽوري آهي، پوري مجموعي ۾ صرف هڪ ڪهاڻي پارانڀو، 1107 لفظن تي مشتمل ۽ طويل آهي.
انهي مختصر بحث کانپوءِ چٽو ٿئي ٿو ته فليش فڪشن جي حوالي سان مارڪيٽ ۾ آيل ڪتابن ۾ هي ڪتاب هڪ بهترين ۽ اهم اضافو آهي.
ويهين صديءَ جي آخر ڌاري يورپ ۾ هڪ جديد ادبي ۽ تنقيدي نظريو منظر عام تي آيو جنهن کي “جديديت پڄاڻان” چيو ويو، يعني (Post Modernism) ان لاڙي جي وصف لاءِ اڃا تائين ڪا حمتي راءِ قائم ٿي نه سگهي آهي، بهرحال اهو طئي آهي ته هن نظريي يا لاڙي کي مڃڻ وارا ڪنهن به حقيقت، علم ۽ فلسفي کي قطعي ۽ آخري ڳالهه نٿا مڃين، انهي ڪري رد عمل ۾ هر شيءِ لاءِ شڪ جو اظهار ڪن ٿا.
جديديت پڄاڻان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هي ادب ۾ مصوري جي پرک جو هڪ جديد، سائنسي ۽ فلاسافيڪل طريقو آهي، جنهن ذريعي يورپ جهڙن ترقي يافته علائقن کان وڌيڪ، غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي سماجي مسئلن جهڙوڪ: رشوت خوري، انتها پسندي، بيروزگاري، تعليمي زوال ۽ ٻين اڪيچار مسئلن جي نشاندهي ڪري، انهن کي افسانوي ادب جو حصو بڻائي جديديت پڄاڻان جي تنقيدي دائري ۾ آڻي پرک ڪري سگهجي ٿي، هي نظريو جديديت جي ڪجهه رُخن کي به چئلينج ڪري ٿو ۽ جديديت پڄاڻان موجب پيغام پهچائڻ بدران لڳاتار فني سوال پيدا ڪري سگهجن ٿا، بهرحال هن نظريي کي متضاد مظهر رکندڙ، مخصوص رخن وارو ۽ ڇڙواڳ لاڙو يا نظريو چئي سگهجي ٿو.
سڌايي صاحب جون اڪثر مختصر ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ ثابت ٿئي ٿو ته اهي جديديت پڄاڻان جي زمري ۾ اچن ٿيون، اسان جو ادب اڃا تائين رومانيت قوم پرستي، ترقي پسند ۽ علائقائي عقيدي کان جند ناهي ڇڏائي سگهيو، اهو ئي سبب آهي جو جديد فني نظرين ۽ روين تي نگاهه گهٽ وڃي ٿي، ڊاڪٽر سڌايو فرانس جي جديد ادبي لاڙي علامت نگاري تي ڪم ڪري ڊگري حاصل ڪري چڪو آهي.
هن مجموعي ۾ سرجيل کوڙ ڪهاڻيون جديديت پڄاڻان جي اصولي لاڙي موجب آهن، جيئن ته سندس ڪهاڻين “پهرين چاهت”، “سانتيڪو انسان”، “25 ڊسمبر”، “پارانڀو” ۽ “پاچولو” ۾ زندگي سان واڳيل اهڙن خيالن کي اڀاريو ويو آهي، جنهن ۾ بيان ٿيل سماجي ۽ ثقافتي رويا، وهم ۽ وسوسا روحانيت ۽ پراسراريت ۾ جديديت پڄاڻان جي عڪاسي نظر اچي ٿي.
ڪهاڻي پاڇولو’ ۾ سڌايي صاحب جديديت پڄاڻان جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. هن ڪهاڻي جر مرڪزي ڪردار صابل آهي. صابل پنهنجي مئل ماءُ سان بي انتها پيار ڪري ٿي، جيڪا ننڍپڻ ۾ کيس بي درد دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي هميشه لاءِ هلي ويئي هئي، قبرستان سندس گهرجي ويجهو هجڻ سبب هوءَ روزانو ماءُ جي قبر تي وڃي ٿي، اُتي کيس ذهني سڪون ملي ٿو، کيس وڇڙيل ماءُ سان ايترو لڳاءُ ٿي وڃي ٿو جو سمهڻ مهل به ڪو درديلو ۽ پيار وارو پڙلاءُ سندس ڪن تي پوي ٿو، جيڪو ڪنائڻ سان کيس محسوس ٿئي ٿو ته اُهو قبرستان مان پڙلاءُ اچي پيو، هوءَ انهيءَ پڙلاءُ جي پرولي پرکڻ لاءِ هڪ رات ڪنهن تاثراتي عمل هيٺ قبرستان ڏانهن رخ ڪري ٿي.
هر پاسي سانت جا پهرا ۽ چپ جو راڄ هو، لهندڙ سج جي لام هن کي ڏياٽيءَ جو ڪم ڏنو، هوءَ بي ڊپي قبرن وچ مان رستو ٺاهيندي قبرستان جي ٻئي پاسي هڪ وڏي پٿرن سان ٻڌل قبر جي مٿي کان وڃي بيٺي هئي، ڀر ۾ ٻيون ڪچيون ۽ ننڍيون بُٺيون هيون، پر هي سڀ کان اوچي ۽ نرالي قبر هئي. چنڊ پنهنجي ٿڌڙي روشنيءَ جي لام لاهي اُلهي چڪو هو، اُماس رات جيان هرسُو ٻاٽ اوندهه ۾ کيس پنهنجو جسم به نظر نه پئي آيو. اوچتو هن محسوس ڪيو ته قبر جي پيراندي کان ڪو ڪفن ۾ ويڙهيل پاڇولو آهستي آهستي اٿي رهيو هو، سفيد ڪفن پهريل اُهو پاڇو اوندهه ۾ مَر مرَ جيان چمڪي رهيو هو- آلاپ وري گونجيو، صابل محسوس ڪيو ته، اهو ڪفن پوش جوئي وجودي آواز هو، بي تابيءَ ۾ هوءَ ڪفن پوش لاش جي سامهون وڃي بيٺي ۽ کيس ڀاڪر وجهندي چيائين: “امڙ آئون اچي ويئي آهيان!!”
جهٽ پل ۾ جيئرو ۽ مردو ٻئي جسم ملي هڪ ٿي ويا.!
جديديت پڄاڻان عالمي قدرن سان گڏوگڏ مقامي ثقافتن ۽ مئٿالاجي کي به سمجهڻ جو هڪ ذريعو آهي. هن ڪهاڻي ۾ هڪ اهڙي ئي سماج جي روحاني سچا ين، لاڳاپن ۽ وهمن توڙي ويساهن جي عڪاسي ٿيل آهي.
ڪهاڻي ‘25 ڊسمبر’۾ پڻ اهڙي قسم جي روحاني وارتا ڏسي سگهجي ٿي، يسوح مسيح جي ولادت وقت مقدس مريم کي آسمان مان آيل فرشتي پنهنجون ٻانهون ڊگهيري پينگهي ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
“هي توهان جي ڪُک مان ٿيل ٻار يسوح مسيح آهي ۽ خداوند خدا ان جو خلقيندڙ آهي ۽ هي ڀٽڪيل ماڻهن کي سنئون رستو ڏيکاريندو.”
هتي ليڪک جديديت پڄاڻان، لوڪ ڪٿائن، ثقافتي رسمن ۽ روحاني حقيقتن جي ڌار ڌار تهذيبي اصولن ۽ عقيدن جي عڪاسي ڪري ٿو- ان ڪري جيڪو ڪهاڻي ‘25- ڊسمبر’ ۾ تاثر حضرت عيسى ۽ بيبي مريم جي تقدس، پاڪائي ۽ مسيحي عقيدي جي صداقت بابت ڏنو ويو آهي، اهو جديديت پڄاڻان جي سوچ کي اڀاري ٿو.
هن ڪتاب ۾ اڪيچار خوبيون آهن، جن مان هڪ اهم خوبي مختصر ترين ڪهاڻيون هجڻ آهي، جديديت پڄاڻان تحريڪ پڻ وڏن داستانن بدران مختصر ترين ڪهاڻين کي اهميت ڏي ٿي، ڪتاب “ڪَلجُڳ جا رنگ” ۾ مختصر ڪهاڻيون اهڙي ته افسانوي ڏانءَ سان سرجيون ويون آهن جو انهن کي بنياد بڻائي ناول ۽ داستان لکي سگهجن ٿا.
گهڻيون ڪهاڻيون واقعاتي ۽ تاثراتي آهن، ڪجهه نفسياتي، علامتي ۽ تاريخي به آهن ۽ هر ڪهاڻي ۾ طنز ۽ ڀرپور پيغام سمايل آهي.
ڪهاڻين ۾ ڪيترن ئي موضوعن سان گڏ اسرندڙ سماجن خاص طورتي سنڌ جي مسئلن، ٺڳي، دولاب، لالچ ۽گلا جهڙن ٻين موضوعن تي به لکيو ويو آهي، اهڙين ڪهاڻين ۾ “ڪلب”، “ٽرانسفر آرڊر”، “ڪَلجُڳ جارنگ”، “بروڪر” ۽ “بودو” شامل آهن. هن مجموعي ۾اهڙيون ڪهاڻيون به آهن جن جي پڙهڻ کانپوءِ پيار جي هڪ وڻندڙ، پرلطف، رومانوي ۽ المياتي احساس به اجاگر ٿئي ٿو. اهڙين ڪهاڻين ۾ “ارٿي”، “رنگ ڀري پچڪاري”، “رشوت”، “منهنجي امڙ”، “ڀروسو“، “ويراڳي شاعري”، “بي رحم موت”، “اوسيئڙو“، “من جو مامرو”،“پيار ۽ مذهب”، “چونئري جو ڏيو” ۽ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون اچيو وڃن ٿيون. فني لحاظ کان ڏسبو ته اڪثر موضوع جديدت پڄاڻان ۾ موجود آهن، مثال:
“ محبت جو درد پر لطف تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڪو ان کي ماڻي ٿو- شيرين منهنجي پهرين چاهت، صبح جي پرنور چمڪندڙ سج جيان انگ انگ ۾ خواهشن ۽ لذتن جي لار اوتي ڇانورو بڻجي مون تي ايئن ڇانئجي ويئي هئي جو اڄ تائين ان خوبصورت، وڻندڙ پيار جي جهوٽي، نرم نازڪ ڇهاءَ سونهن ۽ سحر کان ٻاهر نڪري ناهيان سگهيو”
ڪهاڻين “پهرين چاهت” جي مٿين پئرا رومانوي آهي پر هيرو پيار جي آفاقي صداقت کان منهن موڙي، جواني جي هٺيلي گهوڙي تي سوار پوئتي ڪنڌ ورائي نٿو ڏسي، پنجاهه ورهيه گذرڻ کانپوءِ ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس تي پهچي، جڏهن هيرو جديديت پڄاڻان جي نتيجي موجب اوچتو هيروئن شيرين کي سندس اسپتال تي ڏسي کيس سڃاڻي ڏاڍي حيرانگي مان پڇي ٿو ته “مونکي سڃاڻو ٿا؟”تڏهن شيرين جو هي جواب: “پنهنجن کي ڪير نه سڃاڻندو، پريم آهين نه !!” اُهو ٻڌي سندس اندر پرزا پرزا ٿي پوي ٿو ۽ هو ڪرسي تي ويهي رهي ٿو.
ڪهاڻي “ورهاڱو” علامتي نوعيت جي آهي جنهن ۾ هن جرمني جي ورهاڱي کي علامتائي، (Symbolized)انداز ۾ چانسلر جي ڪيل پهرين تقرير جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
“ ورهاڱو فطرت جي اصول جي ابتڙ ڪجهه مطلبي ماڻهن جي ذهنن جو روڳ ۽ تڪڙو توڙي جذباتي فيصلو ٿئي ٿو، ماڻهن جي گهڻائي اهڙي فيصلي جي خلاف هوندي به طاقتور ڌرين جي هٿن ۾ رانديڪا بڻجي پنهنجو وَس ۽ وت وڃائي ويٺا ۽ پوءِ ديوار برلن جو ڊگهو ۽ ويڪرو پاڇولو ٻنهي پاسن جي ماڻهن جي جذبن سان کيڏندي، انهن تي ٺٺوليون ڪندو رهيو”
هتي پاڇولي مان مراد اهڙو گروهه آهي جيڪو انهيءَ غير فطري ورهاڱي تي اتان جي عوام جي جذبن سان کيڏي سدائين ٺٺوليون ڪندو رهي ٿو.
مجموعي ۾ ڪجهه فلاسافيڪل ۽ نفسياتي ڪهاڻيون به آهن، جيڪي فني توڙي فڪري لحاظ کان اتم پد واريون آهن، انهن مان “پاپي”، “ڪارونجهرجو ڪَر”، “گلا جو گهانگهو”، “خاڪي لفافو”، “حادث حويلي”، “پارانڀو”، “جذبن جو ملهه” ۾ پڻ جديديت پڄاڻان جا اشارا ۽ نشان ملن ٿا.
آئون سنڌي ادب جو ننڍڙو شاگرد آهيان، نه ڪو نقاد ۽ راءِ ڌڻي_ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جي هن ڪتاب “ڪلجُڳ جا رنگ” جون ڪهاڻيون پڙهي راءِ پيش ڪئي اٿم، منهنجي خواهش آهي ته سنڌي ادب جو ڪو قداور محقق ۽ نقاد هن ڪتاب تي ڀرپور ۽ معياري تنقيدي بحث ڪري نتيجا ظاهر ڪري. ته جيئن ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي صاحب سميت ٻيا به ڪهاڻيڪار لاڀ حاصل ڪن.


مرتضيٰ لغاري
16 نومبر 2017ع
ڪراچي