اوسيئڙو
“ڌيءَ! عامر اڄ ڏاڍي دير ڪري ڇڏي آهي.”
“بابا! ايتري دير ته ڪانه ٿي آهي، مونسان هاڻي هاڻي فون تي رابطو ٿيو هوس، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هو، توهان گهٻرايو نه اجهو پهچڻ وارو آهي.” سهري کي دلجاءِ ڏيندي هن چيو.
ڪلاڪ کن گذري چڪو هو- پر عامر جو اڃا ڪو اتو پتو ڪو نه هو، پڻنس گهر جي لائبريري ۾ ويٺي ڪتاب پڙهيو، وال ڪلاڪ ڏانهن ڏسندي هو اٿيو ۽ ٻاهرين گيٽ وٽ نڪري آيو، سامهون عامر جي ڪار ايندي ڏسي کيس ساهه ۾ ساهه پيو.
گاڏي نزديڪ ٿيڻ سان عامر بريڪ لڳائي ۽ هيٺ لهي والد سان مليو پڻنس گاڏيءَ جو اندروني منظر ڏسي اچرج ۾ وٺجي ويو، پڇيائين:
“پٽ! تون ته حيدرآباد کان پيو اچين، گاڏي ۾ ٻار توسان ڪئين؟”
پيءُ جي پريشاني محسوس ڪندي عامر وراڻيو:
“بابا! مان ٿوري دير اڳ گهر پهچي ويو هوس- توهان جي ڪمري ۾ گهڙيس ته توهان کي ڪتاب جي مطالعي ۾ مشغول ڏسي ڊسٽرب نه ڪيم.”
“پوءِ ڪيڏانهن وئين پٽ!”
“بابا مسز ٻڌايو ته ٻار انتظار ڪري هاڻي هاڻي ناناڻي ويا آهن. ٻارن جي ڏاڍي سڪ لڳي هئي، ان ڪري تتي تاءُ گاڏي جو رُخ اوڏانهن کڻي ڪيم.”
پڻنس چپن تي هلڪي مرڪ آڻيندي آهستي چيو.
“پٽ! مان به تنهنجي اوسيئڙي ۾ هوس- مونکي به تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي هئي.”