ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

اگهيو ڪائو ڪچ

1962ع کان شاعري، ڪرڻ ڳائڻ، مائوٿ آرگن ۽ مورچنگ جي مشق ڪرڻ لڳس- بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر بڻجي ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪيم جيڪي ان وقت جي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿينديون رهيون- ڪي اڻ ڇپيل ۽ اڌوريون ڪهاڻيون گم ٿي ويون ۽ ڪي لکي پوريون ڪيم- 1973ع کانپوءِ تحقيق ۽ تنقيد جي شعبي سان سلهاڙجي ادبي تاريخ مضمون نويبي، نظم توڙي نثر جي تنقيدي مطالعي جو شغف اختيار ڪيم، انهي دوران ڪهاڻيون به سرجيندو رهيس، هن ڪتاب ۾ صرف هڪ شروعاتي ڪهاڻي “پارانڀو” کانسواءِ باقي سڀ ڪهاڻيون گذريل ستن اٺن سالن دوران لکيل آهن.
من جي مامرن کي واقعياتي تخيل ۾ سموهي جڏهن لفظن جو روپ ڏجي ٿو تڏهن ڪهاڻي سرجي ٿي. ڪهاڻين ۾ لفظ پاڻ ڳالهائيندا ۽ پنهنجو اثر ڇڏيندا آهن- هن ڪتاب ۾ اهڙيون ئي ڪهاڻيون آهن جيڪي واقعن ۽ حقيقتن تي ڳالهائين ۽ ڪٿائون بيان ڪن ٿيون.
تخيل ۽ تحت الشعور جي لڪل گوشن مان تصوراتي رويا ڇلانگ هڻي، جڏهن ڪهاڻيون بڻجي پنن تي اوتجي پيا تڏهن اهو احساس ٿيو ته اهي ڪهاڻيون نه سرجن ها ته پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ نفسياتي مونجهارن کي جيڪر ظاهر ئي نه ڪري سگهان ها.
ذهني ۽ جسماني ڀوڳنائن، نفسياتي گهٽ وڌاين ۽ سماجي اڏاوت جي ڪري، انسان ۾ پنهنجي ڪمزورين، لاچارين ۽ بيوسين کي بيان ڪرڻ جي قوت نٿي رهي ۽ نه وري اهڙين حالتن ۾ هو الٿڻ جي سگهه رکي ٿو- سرجيندڙ ۽ تخليقڪار به هڪ انسان آهي، نيٺ پنهنجين محرومين کي اورانگهي سڀ ڪجهه اوڳاڇي سچ ۽ روشني جي واٽ وٺي ٿو.
منهنجون ڪهاڻيون به اهڙين محرومين جو داستان آهن، جن ذريعي مون کوڙ سارن واقعن، سچاين، شڪ شبهن، سياسي، سماجي ڏيوالپڻي ۽ معاشي جبر بابت چند اشارا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهي سڀ مختصر ڪهاڻيون منهنجي اندروني تڙپ ۽ روڳ کي ظاهر ڪن ٿيون، انهن کي بنياد بڻائي طويل ڪهاڻيون ۽ ناول به لکي سگهجن ٿا.

اڄوڪي دنيا ۾ ڊگهين ڪهاڻين ۽ داستانن بدران ننڍيون ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن- اسرندڙ ملڪن ۾ فليش فڪشن گهڻو پيو لکجي، ڇو ته مصروفيتن ڪري ماڻهو ٿوري وقت ۾ زندگي جي مشغلن مان فارغ ٿيڻ چاهي ٿو- جڏهن ته اُسريل ملڪن، رشيا، فرانس ۽ انگلينڊ ۾ ناول وڌيڪ پيا لکجن ۽ پڙهجن-
هن وقت اسان وٽ ننڍي ڪهاڻي فني لحاظ کان اتم پڌ تي پهتل آهي ڇو ته ان ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ ٻئي آهن. اسان جو ڪهاڻيڪار فني گهرجن جو مطالعو ڪندڙ ۽ ڄاڻو ڪار آهي، ڪهاڻي ۾ واقعا ۽ منظر اهڙي ترتيب سان ڏي ٿو جو اهي نه صرف پڙهندڙ جي ذهن ۾ هلچل پيدا ڪن ٿا پرڪشش ۽ اثر به ڇڏين ٿا نه صرف اهو پر ڪهاڻي ۾ انوکو ۽ حيرت ۾ وجهندڙ سسپينس به آخري جملي تائين قائم رهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه مختصر ڪهاڻيون گهڻيون پڙهيون وڃن ٿيون.
هن ڪتاب جي هر ڪهاڻي اک ڇنڀ ۾ پڙهي سگهجي ٿي يعني گهڻيون پنهنجي ڪارج ۽ تاثر جي لحاظ کان( Communicate) ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن- ڪوشش ڪري ڪهاڻي کي گهٽ ۾ گهٽ لفظن ۾ سموهيو آهي. هرڪا ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ، اهو تاثر شدت سان اڀري ٿو ته: اُجهو ٿو سنسار جي ڪنهن لڪل سچ تان پردو کڄي، منهنجون ڪجهه ڪهاڻيون شارٽ شارٽ ڪهاڻي جي زمري ۾ اچن ٿيون، ڪجهه تمام مختصر، ڪجهه سڊن (Sudden) فڪشن ۽ ڪي مائڪرو ۽ نينواسٽوري آهن.
مختصر ڪهاڻين جي هن مجموعي “ڪَلجُڳ جا رنگ”، ۾ ٻوليءَ جي سونهن، گم ٿيل يا گهٽ استعمال ٿيندڙ لفظن سان گڏ موضوع جي نواڻ به آهي. جهڙي ريت ڪهاڻيون “رنگن ڀري پچڪاري”، “ڪَلجُڳ جا رنگ”، “پيار ۽ مذهب”، “پاپي”، “راکي”، “ايڪتا”، “منهنجي امڙ” ۽ “ارٿي” پڙهڻ کانپوءِ ڪردارن جي عوامي ٻولي ۽ نفسياتي رد عمل ڏسي، چئي سگهجي ٿو ته سڀ جو سڀ پنهنجي ڌرتيءَ سان واڳيل ۽ حقيقت تي مشتمل آهن.
اڪثر ڪهاڻين ۾ فني ۽ تاثيري ترتيب توڙي نفسياتي ۽ سماجي گهٽ وڌايون اهڙي ته ڇڀندڙ انداز ۾ ڏنيون ويون آهن، جو انهن جا ڪرادار پنهنجي جزئيات جي لحاظ کان جيئرا جاڳندا ۽ ڏٺل وائٺل لڳي رهيا آهن- ڪهاڻيون فيوڊل ۽ زرعي سماج ۽ روحانيت کان هٽي جديد فڪشن ۽ جديديت پڄاڻان جي اصولن کي سامهون رکي لکيون ويو آهن؛ انڪري انساني نفسيات کي ڇهندڙ، جديد معيار کي ويجهو ۽ سوچ توڙي پروڙجي دعوت ڏيئي رهيون آهن- انهي حوالي سان طارق عالم ابڙي، عبدالقادر جوڻيجي، صديق مڱئي، بادل جمالي، رفيق سومري، رسول ميمڻ، منظور ڪوهيار، اخلاق انصاري، اسحاق انصاري، عبيد راشدي، عباس ڪوريجي ۽ ٻين ڀرپور لکيو آهي ۽ واهه جو لکيو آهي-
ڪهاڻي کيتر ۾ هي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي- اميد ته ننڍين وڏين ڪا ڪوتاهين جي نشاندهي ڪري، رهجي ويل گهرجن کي سمجهائيندي، سڀ وڏا ڪهاڻيڪار هڪ بهترين رهنما جيان راءِ ڏيئي، رهنمائي ڪندا.
مون زندگي جي دردن ۽ احساسن کي ڪهاڻين ۾ سموهي سنڌي سماج ۽ مڙني پڙهندڙن کي هڪ پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن اهي پڙهي موٽ ڏيندا ته منهنجي من کي سڪون ۽ ساهس ملندو ۽ سوچون مهانتا ماڻينديون.

آخر ۾ انهن مهربانن ۽ سرتُ جي صاحبن جا ٿورا مڃڻ ضروري ٿو سمجهان جن زندگي جي ڪنهن موڙ تي همٿايو، سمجهايو، سُرت ساڃهه ۽ پيار ۽ پنهنجائپ جي پوتر، ڪومل ۽ سڳند ۽ سُرهاڻ سان ڀريل گلن جهڙن لفظن سان مونکي آسيس ۽ پيار ڏنو. انهن مانائتن شخصن جي لڙهي طويل آهي پر ڪجهه ڳاڻ ڳڻيا ساٿي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، تنوير عباسي، عبدالڪريم گدائي، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، پروفيسر حافظ محمد علي سانگي، ڊاڪٽر محبوب شيخ، نصير مرزا، ڊاڪٽر يوسف خشڪ، اختر جانوري، ڊاڪٽر علم الدين بلو، سائين عبدالرشيد مڱڻيجو، محترم ساجد جمال ابڙو، ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ملڪ اسرار حسين، گهنشام ڊوڊيجا، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر نجمه نور، پروفيسر فرزانه شاهين مڱڻيجو، ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر ادل سومرو، اياز گل، پروفيسر لياقت خان، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، پروفيسر ساجد سومرو، سائين استاد امبر تراءِ، اسحاق شيخ، فتاح عابد، ايڊووڪيٽ محمد بخش سومرو، پروفيسر حاجي روشن علي ڀٽو، اسد الله ڀٽو، پرفيسر عبدالرحمان لغاري، نظير لغاري علي اڪبر ڍڪڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ايڊووڪيٽ اي بي صدا لاشاري، خان محمد جروار، اڪبر اديب، محمد بخش جي- سومرو، استاد محمد هاشم ڏيئو ۽ مرتضى لغاري منهنجي هنيانءَ ۽ هردي ۾ سدائين واسو ڪيو ويٺل آهن، يوسف سنڌي صاحب جا وڏا وڙ جنهن هن ڪهاڻي ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو، اڻ ڳڻيا احسان پياري دوست بيدل مسرور صاحب جا جنهن پڻ مضمون لکي ڏنو، مان سندن محبتون وساري نه ٿو سگهان.
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئهءُ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
...............


ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو