اوشو جو آنند
اڄ مدر يونيورسٽي ۾ هن جو پهريون پيرڊ هو، سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪلاس ۾ جئين ئي گهڙيو ته شاگردن اٿي بيهي پر جوش انداز ۾ آجيان ڪئي، موٽ ۾ هن ڪنڌ نمائي نمستي چئي، روسٽرم تي هٿ رکندي مخاطب ٿيو.
“ٻارو! ڪهڙو موڊ آهي، ڇاتوهان کي جذبن جي ڪٿا ۽ ان جي ملهه بابت ڪجهه ٻڌايان؟”
شاگردن يڪ آواز ٿي وراڻيو:
“ها... بلڪل تيار آهيون سر!”
“ڳالهه اها آهي ته سڌريل سماجن ۾ انساني جذبن جو ملهه ۽ قدر ٿئي ٿو ۽ اهي جذبا سماج جي گڏيل موڙيءَ هوندا آهن. فن ۽ علم ذريعي حاصل ڪيل سڀ سندون ۽ ڊگريون قومي ملڪيت سمجهيون وينديون آهن. پر اسرندڙ ملڪن ۾ ايئن ناهي ٿيندو.”
ڪلاس مان هڪ شاگرد سوال ڪندي چيو:
“سر اسان وٽ ايئن ڇو نه ٿو سمجهيو وڃي؟”
هن وراڻيو:
“ان جا سبب گهڻا آهن پر هڪ اهم ڪارڻ اهوآهي ته اسرندڙ ملڪن جا ڪارندا هر ليول تي ماڻهن جي جذبن ۽ خواهشن کي ڇڙواڳي چئي، جان ڇڏائي ٿا وڃن، جڏهن ته سڌريل سماجن ۾ انهن تي تحقيق ٿي رهي آهي. ڪنهن سوچ، خيال ۽ عمل کي خاص اهميت ڏيڻ سان مثبت ۽ منفي ٻئي نتيجا نڪرندا آهن. درصل ان جي جاچڻ جو طريقو اهو آهي ته ڪنهن شيءَ سان جا ذبيت پيدا ٿئي ته نتيجو مثبت ايندو پر جي ان شيءَ سان نفرت ۽ بيزاريءَ ٿيندي ته نتيجو منفي ملندو، اسرندڙ ملڪن ۾ هاڪاري ۽ ناڪاري جذبن کي چڪاسيو ئي ناهي ويندو ۽ نه وري انهن جذبن جو ملهه ۽ قدر ڪٿيو ويندو آهي. ويتر اهڙن جذبن کي دٻائي ڌمڪائي، ماڻهو کي ذهني طور مجروح ۽ مفلوج بڻايو ويندو آهي، توهان ڏٺو هوندو ته اڪثر اسرندڙ ملڪن جون عورتون اهڙي ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿيون ۽ انهن کي آنر ڪلنگ هيٺ هيسائي هيڻو ڪيو وڃي ٿو.” هن ٿورو ترسي، بورڊ تي لکيو آنرڪلنگ ۽ وري مخاطب ٿيو:
“آئون جيڪا پي ايڇ ڊي ڊگري وٺي آيو آهيان، اسرندڙ ملڪن ۾ اها منهنجي ملڪيت (Asset) سمجهي ويندي پر سڌريل سماجن ۾ اها قومي ملڪيت ڳڻي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو انهي ڊگري جي ڪري فرد ۾ ڏاهپ ڏانءُ ۽ سچائي پيدا ٿئي ٿي ۽ سماج ۾ کيس هڪ لائق انسان جو درجو حاصل ٿئي ٿو، اهوئي سبب آهي جو اتي جذبن، ڄاڻ ۽ ڊگرين جي تونگرائي کي سماجي عطا ۽ قومي ملڪيت شمار ڪيو وڃي ٿو.” پرفيسر جئين ئي ٿورو خاموش ٿيو ته اڳيان ويٺل هڪ شاگرد خاص نڪتي بابت سوال ڪيو:
“سر! هن سوشل ميڊيا واري دور ۾ اسرندڙ ملڪن جا ماڻهو به، سڌريل سماج جو حصو بڻجي چڪا آهن، ڄاڻ جي مٽا سٽا بدران هاڻي اهي هڪ ٻئي سان انفرميشن شيئر ڪري رهيا آهن. ان هوندي به اسان ڇو اهڙا ذهن پيدا نه ڪري سگهيا آهيون؟”
پرفيسر خاموشي سان سوال ٻڌي ٿورو سوچيندي چوڻ لڳو:
“پٽ! اها ڳالهه ذهن تي پختي ڪري ڇڏيو ته جيسين اهڙن ملڪن جي ڪارندن جي ذهن ۾ هڪ فلاحي رياست جوڙڻ جو تصور ناهي اُڀريو ۽ ماڻهن جي بنيادي ضرورتن اٽي لٽي، اجهي سان گڏ تعليم صحت ۽ امن آڻڻ جي تڙپ دل ۾ پيدا ناهي ٿي، تيسين اهڙا ذهن پيدا ڪرڻ وارو خواب ايئن آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ .”
هن ٿورو سوچيندي وري ليڪچر شروع ڪيو.
“جذبن جي پيشڪش، خواهشن جو پورائو ۽ ٻين اڻ پوري ضرورتن جو مدافعتي رد عمل ته آخر ٿيڻو آهي، اهو ماڻهو جي رجحان، رويي ۽ طاقت تي منحصر آهي ته اهو ڪيئن ٿو ان جو اظهار ڪري، پر رياست جي اها جوابداري آهي ته ماڻهو کي ذهني دٻاءُ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪوطريقو ڳولي ۽ ان کي ذهني طور مطمئن ڪري، سڌريل سماجن ۾ ذهني دٻاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ خواهشن جي تڪميل لاءِ مناسب جايون ۽ ادارا جوڙيل آهن پر اسان اڃا انهي پاسي ڌيان ناهي ڏنو.” اٿاريل نڪتي جي وضاحت کانپوءِ هن شاگردن کان پڇيو:
“ڇا توهان منهنجي ڳالهه کي بخوبي سمجهي ويا؟”
گڏيل آواز آيو:
“جي سر.”
هن ڪرائي ۾ ٻڌل واچ ڏانهن ڏسندي چيو:
“ته پوءِ منهنجي آخري ڳالهه ڌيان سان ٻڌو انهي ڪري ئي اُسرندڙ ملڪن جا پڙهيل ۽ ڊگري يا فته فرد به ملڪي ڪارندن جي پرڪارن کان خائف ٿي پنهنجي جذبن جي موڙيءَ کي اڙٻنگ دل جي پڪار ڄاڻي، قوم ۽ انسانيت تي خرچڻ بدران ڪڏهن مئڪدي تي مٿو ٽيڪي اوشو جو آنند وٺن ٿا ته ڪڏهن وري عقيدي جي ور چڙهي سرڳ ساڀيان ڪن ٿا.”