رنگ ڀري پچڪاري
ڏهن ورهين جو نريش جلوس جي هڪ پاسي بند دوڪان جي دِڪيءَ تي بيهي ڊاڪٽرن جي ڦٽي ڪيل بنا نيڊل واري سرنج کي پچڪاري بڻائي، ٻين ٻارن جيان رنگ هڻندي ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيو هو، ڪنهن کي خبر ڪونه هئي ته ننڍڙو سڀني کان ڌار دِڪيءَ تي ڇو بيٺو آهي؟ جلوس ۾ شريڪ ننڍاوڏا رنگا رنگ هوليءَ جي ڌماچوڪڙي ۾ ناچ نچي ۽ هڪ ٻئي کي مٺايون کارائي رهيا هئا.
ٻين ٻارن جي هٿن ۾ سهڻيون رنگا رنگي نفيس پچڪاريون ڏسي، نريش دل ئي دل ۾ سوچيو:
“جيڪر اهڙي پچڪاري وٽس هجي ته رنگ لڳائڻ ۾ ڏاڍو مزو اچي.” اهو سوچي جلوس ۾ هليو ويو ۽ هڪڙي پاڻ جيڏي کي چيائين:
“يار! ڪجهه دير لاءِ پنهنجي پچڪاري مونکي ڏيندين؟”
ڇوڪري انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، پر نريش ڪو نه مڙيو، ايلاز ڪندي چيائين:
“صرف ٻن منٽن لاءِ اها مونکي ڏي ۽ منهنجي پچڪاري تون هلاءِ.”
ڇوڪري ڌڪار مان ڏسندي چيو:
“هل پري ٿي، ايڏا غريب آهيو جو هوليءَ تي به پچڪاري نئين نٿا وٺو!!”
اهو مهڻو ٻڌي نريش ڏاڍو نراس ٿي پيو.
ڪنهن کي ڪهڙي ڪل ته هو هڪ غريب ودوا جو پٽ ۽ گئوشالا جي هڪ ڪنڊ ۾ ٺهيل جهوپڙيءَ ۾ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندوهو.
ڪجهه دير کان پوءِ جلوس ۾ گوڙ ٿي ويو، ننڍڙو نريش پاڻ جيڏن جون پچڪاريون ڦريندو زمين تي ڦٽي ڪندو ويو، ڇوڪرا پڪڙيندا رهيا پر هو ڏاڍي تيزي سان ايئن ڪري رهيو هو.
ڪجهه وقت کانپوءِ هو سڀني کان پاڻ ڇڏائي، هڪ خوبصورت رنگ ڀري پچڪاري کنيو هجوم مان هليو ويو.