ٽوپلي وارو صاحب
امتحانن جي تپاس ۽ انسپيڪشن لاءِ فيلڊ انسپيڪٽر، سپروائيزر ۽ ٻيا وجيلنس سورس استعمال ڪيا وڃن ٿا، يونيورسٽي جي پنهنجي بلڊنگ نه هجڻ ڪري مختلف تعليمي ادارن ۾ هلندڙ اهي امتحان گهر ويٺي تياري کان پوءِ ڏيڻا پون ٿا ۽ نصابي ڪتاب يونيورسٽي پاران ڇپائي شاگردن کي مهيا ڪيا وڃن ٿا.
ٽي سال اڳ مان انٽر جو امتحان ڪنهن سرڪاري بورڊ مان پاس ڪري چڪي هيس، شوق ۽ هوشيار هوندي به ڪن گهرو مجبورين سبب اڳتي پڙهي ڪو نه سگهيس، چاهيم ته اوپن يونيورسٽي جي سرشتي مطابق بي اي جي ڊگري حاصل ڪريان. داخلا وٺي ڪتابن جو مطالعو شروع ڪري ڏنم.
امتحان جو ٽائيم ٽيبل اچي چڪو هو مقرر وقت تي امتحاني سينٽر ۾ اچي ڇوڪرين جي بلاڪ ۾ ويٺيس.
مونکي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي جو بلاڪ ۾ ڪل ٻه ڇوڪريون ويٺيون هيون سي. ڪجهه سوچيندي مان سپرنٽينڊنٽ کان پڇيو.
“سر! بي- اي جي ڪلاس ۾ ڪل ٻه ڇوڪريون اپيئر ٿي رهيون آهن ڇا؟”
هن وراڻيو:
“ها ڌيءَ... تون چپ ڪري ويهي لک.” ٿوري دير کانپوءِ هڪ ٽوپلي وارو صاحب اسان جي بلاڪ ۾ داخل ٿيو، هن سان گڏ سپرنيٽينڊنٽ، فئڪٽوٽم، انويجليٽر ۽ ٻيو عملو به ساڻ هو.
هن صاحب پڇيو:
“بي- اي جي اڄوڪي امتحان ۾ ڪل ڪيتراڪئنڊيڊيٽ اپيئر ٿيا آهن؟”
فئڪ ٽوٽم هٿ ۾ کنيل رجسٽر تي نگاه وجهندي وراڻيو:
“اٽڪل پنجاهه ڇوڪرا ۽ ويهه ڇوڪريون.”
“ڀلا ٻيون ڇوڪريون اڃا ناهن آيون؟”
صاحب مٿس سواليه نگاهه وجهندي پڇيو.
انهي سوال تي سينٽر سپر نٽينڊنٽ مسڪرائيندي صاحب کي چيو. “ها سائين، پهچي وينديون.”
صاحب وري پڇيو:
“ڪئنڊيڊيٽ لسٽ ڪٿي آهي، اها ڏيکايو.”
موٽ ۾ سپرنٽينڊنٽ ڏاڍي احترام سان کيس چيو:
“سر! آفيس هلي ويهو- سڀ ڪجهه اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو.”
۽ پوءِ بلاڪ مان نڪري سامهون واري ڪمري ۾ هليا ويا جيڪو موجوده امتحانن ۾ آفيس طور استعمال ڪيو پئي ويو.